سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :22

”گڏي جا هاروسڪوپ ۾ اهو به لکيل آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪڏهن ڏيڏر جي اکين ڏانهن نهارين ته ان کي به خوبصورت بڻائي ڇڏيندا آهن. اوچتو هن جي منهن تي خوشي جي ليڪ ظاهر ٿي ۽ هو چوڻ لڳو: هاروسڪوپ ۾ اهو به لکيل آ ته ان سائن جون ڇوڪريون جنهن گهر ۾ هونديون آهن اتي ڪڏهن به صاف سٿرن ڌوتل جواربن جي ڪمي ناهي هوندي. ٿاڻيدار صاحب! مون کي خبر هئي ته هو اهي ڳالهيون مون کي ڇو ٻڌائي رهيو هو. هن کي خوبصورت جوتن ۽ سٺن جورابن جو تمام گهڻو شوق هو. پر وري هو بيحد اڪيلو ٿي ويو ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ سگريٽ دکائيندي چوڻ لڳو ته ڪاش مون کي خبر هجي ها ته مان ان گڏيءَ کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مڪمل ڪريان هان، جيئن هن جو هاروسڪوپ بدلجي ها. ڪا ٻي سائن هجي ها هن جي.“

”اهو ڇو“ ، مون پڇيو.

سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي چوڻ لڳو.

”ان جي لاءِ هت هيءَ گڏي مون کي تمام گهڻي عزيز آ.“ اِهائي اُها گڏي آ جا ڪيترن سالن کان منهنجي دل ۾ هئي. مون هن کي وڏيءَ محنت سان مڪمل ڪيو آ، پر خبر اٿئي ته هن جي هاروسڪوپ ۾ ٻيو ڇا لکيل آ؟“

”ڇا لکيل آ؟“ مون پڇيو.

”لکيل آ ته هن سائن جا ماڻهو جلاد به هوندا آهن ۽ هاڻي مان سوچان ٿو ته هوءَ مون کي ڪيئن قتل ڪندي. هن جي دل ۾ جڏهن مون کي قتل ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيندي ته هوءَ ان کي ڪيئن پورو ڪندي.“ گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست نئون سگريٽ دکايو ۽ اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چوڻ لڳو: ”مون کي ڪهڙي خبر هئي ٿاڻيدار صاحب! مون هن جي ڳالهه کل ۾ ٽاري ڇڏي ۽ ڪلهه رات ان گڏيءَ جي خواهش جي احترام ۾ هن خودڪشي ڪري ڇڏي.“

ٿاڻيدار ڪاوڙ ڀرين نظرن سان گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست ڏانهن گهوري ڏٺو ۽ چيو ته هي بڪواس آ. يقين نٿو اچي ته ڪو شخص هڪ گڏيءَ جو زائچو مڪمل ڪرڻ لاءِ خودڪشي ڪري سگهي ٿو. گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست اکين جا ڳوڙها سُڪايا ۽ ڀريل آواز ۾ چيو ته ’مان بلڪل سچ ٿو چوان.‘ يقين ته ان گڏي کي به نه ايندو جنهن جو زائچو مڪمل ڪرڻ لاءِ هن خودڪشي ڪري ڇڏي.“

هينري ڊي ويري اسٽيڪپول

ترجمو: قربان جعفري

نيري ڍنڍ

 

The Blue lagoon

نوٽ: هينري ڊي ويري اسٽيڪپول (Henery de vere Stacpoole) برطانيه جو ناول نويس 1865ع ۾ ڄائو. سندس ڪيئي نهايت ڪامياب ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن. جن ۾ ’نيري ڍنڍ‘ (The Blue Lagoon) پڻ شامل آهي. هي ڏاکڻي سمنڊ جي ٻيٽ تي حياتيءَ جي پُر لطف پيار ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي جي آڌار تي ٻه ڀيرا هالي ووڊ ۾ ساڳئي نالي ’نيري ڍنڍ‘ سان ۽ هڪ ڀيرو هندوستان ۾. ’تيري باهون مين‘ جي نالي سان فلم ٺهي چڪي آهي.

مسٽر بٽن

مسٽر پيٽرڪ بٽن هڪڙي پيتيءَ تي ويهي پنهنجو سُرندو وڄائي رهيو هو. وڄائيندي ائين ٿي لڳو ڄڻ موسيقي ٻڌندو هجي، ڄڻ هن کي ان ۾ پنهنجي وطن آئرلينڊ جون عجيب ڪهاڻيون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. ٻيا ماڻهو کيس ’کاٻيڙو پيٽ‘ سڏيندا هئا ڇاڪاڻ ته هو هر شيءِ غلط ڪندو هو. جيڪڏهن ڪا غلطي ٿيڻ کان رهجي ويندي هئي ته هو اُها ڪري ڇڏيندو هو.

سامونڊي جهاز جو نالو ’نارٿمبرلينڊ‘ هو. هي هڪڙو جهونو، سڙهن وارو جهاز هو ۽ ان ۾ سوار ماڻهو يورپ جي هرهڪ ملڪ کان آيا هئا. نيواورلينس کان سان فرانسسڪو ڏانهن پنهنجو رستو وٺي ويندي، جڏهن هن ڪيپ هارن جو چڪر ڪاٽيو ته هڪڙي خوفناڪ طوفان کيس وڪوڙي ڇڏيو هو. ٽيهن ڏينهن تائين ماڻهن هوائن ۽ لهرن خلاف جنگ جوٽي هئي، پر هاڻي جهاز ڏکڻ پيسفڪ ۾ شيشي جهڙي لسي بي واءُ سمنڊ ۾ پيو هو.

مسٽر بٽن پنهنجو سرندو هيٺ رکيو، پوءِ هن پنهنجو پائيپ ڀريو.

”پيٽرڪ“ سندس مٿي کان ڪجهه مٿيان، لوڏ مان هڪڙو آواز آيو. ”اها ڪهڙي ڪهاڻي هئي جيڪا تو گذريل رات پئي ٻڌائي جنهن ۾ ڪنهن چماٽ هٿڙي جو ذڪر هو؟“

”ڇاهو؟“ مسٽر بٽن پڇيو، جيئن هن پنهنجو پائيپ دکايو.

”اها ڪنهن سائي ماڻهوءَ بابت هئي،“ هڪڙي ٻئي آواز چيو.

”اوهه! گراٺ مٺڙو، منهنجي ماءُ جي ڀيڻ ماسيءَ وٽ آئرلينڊ ۾ هڪڙو هو.“

”سو ڪيئن هو؟“

”اهو هڪڙو ننڍڙو ماڻهو هو، تنهنجي آڱر کان وڏو ڪين ٿيندو. تون ان کي پنهنجي کيسي ۾ رکي سگهين ها. هوءَ کيس هڪڙي دَٻي ۾ رکندي هئي، جڏهن هو نڪري ويندو هو ته ڪڪڙين پٺيان ڊوڙندو (وتندو) هو، بيدن کي خراب ڪري ڇڏيندو هو، ٿانو اونڌا ڪري باهه ۾ وجهندو هو، پر جيڪڏهن ڪو هن ڏانهن هٿ وڌائي ته هو ڪڏهن ڪڏهن ان تي هڪڙو سونو سڪو رکي ڇڏيندو هو.“

”پيٽرڪ،“ ٻئي ماڻهوءَ چيو. ”تون ڇا ڪرين جيڪڏهن تو وٽ پنهنجي کيسي ۾ ويهه پائونڊ هجن ته جيڪر تون ڇا ڪرين؟“

”جهاز ۾ ويهن پائونڊن جو ڪهڙو ڪم آهي؟“ مسٽر بٽن چيو.

”جيڪڏهن تون خشڪيءَ تي هجين ته تون سڌو ويجهي کان ويجهي شراب خاني ڏانهن ڊوڙ پائين.“

”آءٌ ڪين ڪيان!“ مسٽر بٽن چيو.

”اهو چوڻ سولو آهي، جڏهن ته تون سمنڊ تي آهين پر خڪشيءَ تي....“

”آهه چڱو،“ مسٽر بٽن چيو. ”تون صحيح ٿي سگهين ٿو. منهنجي امڙ مونکي چوندي هئي: ”پٽ تون طوفانن کان بچي سگهي ٿو ۽ تون عورتن کان ڀڄي سگهين ٿو پر شراب توکي ٻوڙيندو، مئا! اها چاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي.“

”خير،“ ٻئي چيو. ”هن اڃا تائين ته توکي ڪين ٻوڙيو آهي!“

”نه،“ مسٽر بٽن چيو. ”پر نيٺ ٻوڙيندو.“

بيٺڪ ۾

جهاز جي بيٺڪ ۾ ٽي مسافر موجود هئا. آرٿر لسيٽرينج ميز وٽ ويهي ڪتاب پڙهي رهيو هو. هو ڏاڍو بيمار هو هن جو منهن ميرانجهڙو ۽ اهڙو سنهڙو هو جو هڏيون چمڙيءَ مان ٻاهر اڀري بيٺيون هيون. هو هن سامونڊي سفر تي ان ڪري نڪتو هو جيئن پنهنجي تندرستي ٻيهر ماڻي سگهي.

ايميلائين جي عمر اٺ سال هئي، هوءَ سندس هڪڙي دوست جي ڌيءَ هئي جيڪو جنگ ۾ مارجي ويو هو، پر مسٽر ليسٽرينج سندس پرگهور ڪئي هئي ۽ کيس پنهنجو نالو ڏنو هو ۽ هر طرح سان پنهنجي ڌيءَ جيان نپايو هو. هوءَ هڪڙي گڏيءَ کي هنج ۾ ڀيڪوڙي ڪنڊ ۾ وٺي سانت سان جهونگاري رهي هئي ڄڻ پنهنجي گڏيءَ کي لولي ڏئي سمهاري رهي هجي.

ڊڪ، ليسٽرينج جو پٽ، نون سالن جو هو. هو پنهنجي عمر کان وڌيڪ جانٺو ۽ وڏو ٿي لڳو. هو ميز جي هيٺان هو پر جيئن ئي دروازو کليو ۽ بيگم اسٽينارڊ اندر آئي، هن منهن ڪڍي نهاريو. هوءَ جهاز تي ٻارن جي سار سنڀال ڪندي هئي.

مسٽر ليسٽرينج پنهنجو ڪتاب بند ڪيو. پوءِ هن ميز هيٺان نهاريو. ”ڊڪي،“ هن چيو. ”سمڻ جو وقت!“

”اوهه، نه! اڃا نه،“ ڊڪ چيو. ”آءٌ سمهڻ نٿو چاهيان.“

پر بيگم اسٽينارڊ سندس پير پڪڙيو ۽ کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. ايميلائين اٿي بيٺي ۽ گڏيءَ کي ٽنگ کان جهلي هوءَ مسٽر ليسٽرينج وٽ وئي ۽ پنهنجي رات جي مٺيءَ لاءِ پنهنجو منهن وڌايائين. ڊڪ پٺيان آيو، پوءِ هو ٻاهر ويا.

مسٽر ليسٽرينج پنهنجو ڪتاب ٻيهر کوليو. هن اڃا گهڻو ڪين پڙهيو هو ته دروازو کليو ۽ ايميلائين اندر آئي.

”بابا، ڏس! منهنجي پيتي!“ هن چيو ۽ اها مٿي کڻي وڌائي، اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هن ان کي سنڀالي رکيو هو. هوءَ مسٽر ليسٽرينج کي ’بابا‘ سڏيندي هئي. هن پنهنجو اصلي پيءُ ڪڏهن نه ڏٺو هو. ”رات سلامت، بابا“ هن چيو. پوءِ هوءَ ٻاهر هلي وئي.

ايميلائين کي اها پيتي هڪڙي خاتون بوسٽن ۾ ڏني هئي جڏهن هو جهاز ۾ سوار ٿيا هئا. سوائي ان خاتون ۽ ايميلائين جي ٻئي ڪنهن کي خبر ڪين هئي ته ان ۾ ڇا آهي. اهو هڪڙو راز هو! هوءَ انکي هرهنڌ پاڻ سان کڻي ويندي هئي پر اڪثر وڃائجي ويندي هئي. هوءَ سموري جهاز ۾ ڀٽڪندي هئي. هرهنڌ ان کي ڳوليندي هئي. هرڪو پيتيءَ جي ڳولها ۾ شامل ٿيندو هو پر اهو گهڻو ڪري پيڊي بٽن هوندو هو جنهن کي اها لڀجندي هئي.

مسٽر ليسٽرينج پنهنجو ڪتاب بند ڪيو. هو آهستي هلي ڊيڪ تي ويو ۽ تارن سان ڀريل آسمان کي بيهي ڏسڻ لڳو. ڪيپٽن (ڪيپٽن فارج) هن سان شامل ٿيو.

”مونکي خبر نٿي پئي ته واءِ ڪيڏانهن هلي وئي آهي،“ ڪيپٽن چيو. ”اسانکي سان فرانسسڪو پهچڻ کان اڳ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو.“

”آءٌ سوچيان ٿو، ڪيپٽن،“ ليسٽرينج چيو. “ته شايد آءٌ اتي ڪڏهن پهچندس. جيڪڏهن آءٌ اتي پهچڻ کان اڳ ۾ مري وڃان ته مونکي سمنڊ ۾ دفن ڪجو جيئن ٻارن کي ڪنهن شيءِ جي خبر نه پئي. کين موت جي ڪا خبر ناهي. مون هنن سان موت جو ذڪر ڪڏهن ڪين ڪيو آهي ۽ هنن ڪا مئل شيءِ ڪڏهن ڪين ڏٺي آهي.“

”پر کين ان بابت سکيا ضرور ملڻ گهرجي، ڪڏهن نه ڪڏهن،“ ڪيپٽن چيو.

”جيڪڏهن آءٌ مري وڃان ته کين هن خاتون وٽ واپس بوسٽن وٺي وڃجو،“ هن ڪيپٽن کي هڪڙو ڪاغذ جو پرزو ڏنو. ”هوءَ سندن سار سنڀال لهندي.“

جيئن هو اتي ئي بيٺا هئا ته هنن قدمن جو هلڪو گهڪو ٻڌو. ايميلائين ڊيڪ تي چڙهي آئي هئي. هوءَ ننڊ ۾ پئي هلي. ”منهنجي پيتي،“ هوءَ چئي رهي هئي. منهنجي پيتي مونکان وڃائجي وئي آهي.“

مسٽر ليسٽرينج نهايت نرميءَ سان هن کي پنهنجي هنج ۾ کنيو. ”سڀ ٺيڪ آهي،“ هن چيو. ”مونکي خبر آهي ته اها ڪٿي آهي.“ هن پنهنجو مٿو لاڙي سندس ٻانهن سان ٽيڪيو.

”ها، بابا، اسان ان کي ڳولهي وٺنداسين.“

باهه!

چئن ڏينهن کان جهاز اتي ئي بيٺو هو. هوا ڪين هئي جو کيس سوري، سج ساڙيندڙ تابش هو. ليسٽرينج ڊيڪ تي ويٺي پڙهيو. ايميلائين جي گڏي سندس ويجهو پئي هئي. بي ڌياني سان کانئس پنهنجي پيتي پڻ ذري گهٽ وسري وئي هئي. ڊڪ بيٺو هيٺ سمنڊ ۾ نهاري رهيو هو.

ان وقت سانجهي لڙي چڪي هئي. بيگم اسٽينارڊ ٻارن کي سندن ماني تي هيٺ وٺي وڃڻ لاءِ آئي هئي. ڪيپٽن فارج ڊيڪ تي آيو ۽ ليسٽرينج جي ڪرسيءَ ڀرسان اچي بيٺو. هن سمنڊ مٿان نگاهه وڌي. هڪڙو گهاٽو ڪوهيڙو ڏٺو آهي؟“

”نه،“ ليسٽرينج چيو.

”چڱو، اوهان ٻيو ڀيرو ڏسڻ ڪين چاهيندا. اهو اهڙو گهاٽو ڪوهيڙو ٿيندو آهي جو اوهان کي هڪ وال تائين نظر ڪين ايندو. اوهان کي اکين اڳيان پنهنجو هٿ به نظر ڪين ايندو.“

هو اوچتو رڪجي ويو.“ اهو ڇا آهي؟“ هن چيو. ڪا شيءِ پئي سڙي. شايد ڪو ماڻهو اڳڙيون پيو ساڙي يا ٿي سگهي ٿو ڪا بتي هيٺ ڪري پئي آهي.“

ڪيپٽن هيٺ هيٺين ماڻهن کي هڪل ڪئي.

”هيٺيان هتي! توهان ڇا پيا ساڙيو؟“

”مان ڪا شيءِ ڪين پيو ساڙيان، سائين.“

”مونکي ڌپ ٿي اچي!“

”هتي ڪا شيءِ ڪين ٿي سڙي، سائين.“

”ڪيپٽن!“ ليسٽرينج چيو. ”هيڏانهن اچو، مهرباني ڪري…… مون کي خبر ناهي ته مورڳو منهنجيون اکيون غلط آهن پر هن سڙهه ۾ ڪجهه عجيب ٿو ڏسجي.“

ڪيپٽن ڏٺو. سڙهه چرندو پئي لڳو پر ان جو سبب هيٺان کان مٿي ايندڙ گرم هوا ۽ دونهون هو.

”منهنجا مالڪ!“ ڪيپٽن اڳتي ڊوڙندي رڙ ڪئي. ليسٽرينج آهستي سندس پٺيان ويو. هن مک ملاح کي ماڻهن کي ڪم لاءِ سڏيندي ٻڌو. هو ڊيڪ تي چڙهي آيا ۽ گودام جي ڍڪ جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا. اهو ڍڪ ڊيڪ جي کليل حصي مٿان ٿيندو آهي جنهن مان مال جهاز جي اندر رکيو ويندو آهي. ڍڪ کوليو ويو ۽ هڪڙو ڪارو دونهين جو ڪڪر ان مان اڀريو.

”ڍڪڻ بند ڪيو!، ڪيپٽن رڙ ڪئي. ”سڀئي ڄڻا پمپن ڏانهن وڌو!“

ليسٽرينج هيٺ بيٺڪ ڏانهن ڀڳو. بيگم اسٽينارڊ تنهن مهل ٻارن جي ڪمري مان ٻاهر پئي نڪتي.

”ٻارن کي مٿي ڊيڪ تي کڻي اچ- هڪدم!“ هن چيو. جهاز کي باهه لڳي آهي!“

ان کان اڳ جو بيگم اسٽينارڊ کي جواب جو وقت ملي ڪيپٽن بيٺڪ ۾ گهڙي آيو هن جو منهن اڇو هو ۽ سندس اکيون ڊپ سان ڀريل هيون.

هنن ٻارن کي تيار ڪري وٺ.“ هن رڙ ڪئي. ”اوهان سڀئي تيار ٿي وٺو، ٻيڙيون هيٺ لاٿيون پيون وڃن.“ هو تڪڙو نڪري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com