سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :23

ملاح سخت محنت سان ڪم ڪري رهيا هئا. هنن کي خبر ڪين هئي ته هيٺ جهاز ۾ ڪجهه آهي سواءِ عام رواجي شين جي جيڪي هو کڻندو هو. ٻيڙن تان پردا لاٿا ويا هئا، پاڻي ۽ کاڌو انهن ۾ رکيو ويو هو. ننڍڙي ٻيڙي اڳئي پاسي کان پئي لٽڪي ۽ پيڊي بٽن ڀرسان بيٺو هو. ڪيپٽن فارج ڊيڪ تي چڙهي آيو، پٺيان بيگم اسٽينارڊ ايميلائين کي کنيو پئي آئي ۽ مسٽر ليسٽرينج ڊڪ کي اڳيان ڪري پهتو.

”ٻيڙيءَ ۾ چڙهه،“ ڪيپٽن پيڊيءَ کي چيو. ”ٻارن ۽ مسٽر ليسٽرينج کي کڻ ۽ جيترو تڪڙو ٿي سگهي جهاز کان پري هليو وڃ.“

”ڪيپٽن؛ مان پنهنجو سرندو ڇڏي....“

”چڙهه!“

پيڊي ٻيڙي ۾ چڙهيو. ايميلائين هن جي حوالي ڪئي وئي، اکيون ڦاٽل ۽ پنهنجي ڪوٽ هيٺان ڪا شيءِ سنڀالي جهليل هيس، پوءِ ڊڪ آيو.

”چڙهيو، مسٽر ليسٽرينج.“ ڪيپٽن چيو. ”ٻيڙي اوهان سڀني لاءِ ڪافي وڏي آهي.“

”هو جيئن آهن تيئن وڌيڪ محفوظ آهن،“ هن جواب ڏنو. ”۽ مسٽر بٽن منهنجي وزن کانسواءِ وڌيڪ تکو ويندو. آءٌ وڏي ٻيڙيءَ ۾ پٺيان ويندس. هنن کي وڃڻ ڏيو – ترت!“

جيئن ئي ٻيڙيءَ کي هيٺ ڪري پاڻيءَ تي لاٿو ويو، مسٽر بٽن مٿي منهن ڪري ٻن ملاحن کي رڙ ڪئي. ”ڇوڪرو! مون کي اجهو هنيئر ياد آيو! اسان بوسٽن ۾ بمن جؤن ڪجهه پيتيون چاڙهيون هيون، پري ڀڄي وڃي جيترو جلد ٿي سگهي!“

پيڊيءَ ونجهه کنيا ۽ ڦڙتيءَ سان هٿ هلائڻ شروع ڪيا. ٻي ٻيڙي اڳيئي لاٿي پئي وئي ۽ ڪجهه ماڻهو جهاز جي پاسي کان مٿان سمنڊ ۾ پئي ٽپيا. گودام مان ڪارو دونهون مٿي پئي چڙهيو، ان جي هيٺان باهه جو ڳاڙهو ٽمڪو دکي چڪو هو. نارٿمبرلينڊ جي پٺيان ڪوهيڙي جي ڀت بيٺي هئي، اها اڳتي چرندي ٿي لڳي.

پيڊي ٻيڙي ڌڪيندو رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هن چيو، ”آءٌ ٿوري ساهي پٽي وٺان.“

”جهاز ائين دونهون ڇو پيو ڪري؟“ ڊڪ چيو.

”آءٌ ڊڄان ٿي!“ ايميلائين چيو.

”تون ڊڄجانءِ ڪين، منهنجي مٺي.“ پيڊي چيو. ”اسين هتي سلامت آهيون، ڪافي پري آهيون. ڪوهيڙي ڏانهن ڏسو، ڪيئن پيو اچي. اسين هتي ترسي ٻين ٻيڙين جو انتظار ڪنداسين.“

ڪوهيڙو کين ويڙهي ويو. هاڻي هو جهاز کي مشڪل سان ڏسي ٿي سگهيا.

هڪڙي وڏي ڌڌڪي سمنڊ ۽ آسمان کي لوڏي ڇڏيو.

”اجهو هو ويو،“ مسٽر بٽن چيو. ”۽ منهنجو سرندو به ويو. ڊڄو ڪين، ٻارو. اها رڳو توب هئي. هاڻي اچو ته سڀ گڏجي ٻين کي سڏ ڪيون، ائين متان توهان جو پيءٌ اچي.... هيلو! هيلو!“

”هيلو! هيلو!“ ، ڊڪ ۽ ايميلائين رڙ ڪئي.

”هيلو!“ تمام پريان کان هڪڙو جواب آيو. هو چئي نٿي سگهيا ته اهو ڪوهيڙي مان ڪٿان آيو هو. پوءِ هنن جي چوڌاري سانت پئجي وئي.

”هيلو! هيلو!“ هنن ٻيهر سڏ ڪيو، پر ڪو جواب ڪين مليو.

پيڊيءَ ونجهه کنيا ۽ ٻيڙيءَ کي اوڏانهن وٺي هليو، جتان شايد پهريون سڏ آيو هو ۽ ٻيهر سڏ ڪيو، ”هيلو! هيلوٰ هيلو!“

اتي سانت هئي. ٻيهر – اڃان جواب ڪين.

رات مٿان پئي آئي.

پيڊي ونجهه هڻندو رهيو، وقت بوقت واڪا پئي ڪيائين.

روشني پئي وئي: هوا وڌيڪ ٿڌي هئي.

”مسٽر بٽن“ ايميلائين چيو.

ڇاهي، پياري؟“

”مان ڊڄان ٿي… ۽ مونکي سيءُ ٿو ٿئي.“

”هي وٺ، منهنجو ڪوٽ پاڻ کي ويڙهه.“

هن ڪجهه کٿا ٻاهر ڪڍيا.

”هاڻي هي ڏس! آءٌ هي کٿو توکي چوڌاري ويڙهيندس ۽ آءٌ وري پنهنجو پراڻو بدبودار ڪوٽ ٻيهر پائيندس.“

”مان تنهنجي ڪوٽ ۾ ايترو گهڻو نٿي ڊڄان.“

”ڏاڍو چڱو، ڀلي رک. هاڻي، ڊڪ، ڇا توکي سيءُ ٿئي ٿو؟“

”بابا مونکي پنهنجو ڪوٽ ڏنو هو.“

”پوءِ آءٌ کٿو ٿو کڻان. ڇا توکي بک لڳي آهي.“

”نه،“ ڊڪ چيو. ”پر مونکي ڏاڍي ننڊ لڳي آهي.“

”ٻيڙيءَ جي تري ۾ سمهي رهه ۽ هي ٻيو کٿو کڻي پنهنجي مٿي هيٺان رک.“

هن ايميلائين کي پنهنجي هنج ۾ کنيو.

”پنهنجيون اکيون بند ڪر.“

”سانت لولي، ڪاڪي

وڻ مٿان ماکي…“

”ٻئي سمهي پيا،“ مسٽر بٽن آخرڪار چيو. هن ايميلائين کي ڊڪ جي پاسي ۾ ٻيڙيءَ جي تري ۾ سمهاريو. پوءِ هو ساندهه ونجهه هڻندو ويو ۽ جيئن هن ونجهه ٿي هنيا، تيئن سندس ونجهه کيس ٻين ٻيڙين کان پري اڃان پري کنيو پئي ويا جن کي هو ٻيهر ڪڏهن ڪين ڏسي سگهندو.

سوجهرو

”آءٌ ستو پيو هئس!“ مسٽر بٽن اوچتو جاڳندي چيو.

هن هڪ منٽ آرام لاءِ ونجهه ڇڪي رکيا هئا پر هو ڪيئي ڪلاڪن تائين ستو پيو هو. ڪوهيڙو لهي ويو هو. هلڪي هوا پئي هلي ۽ چنڊ ٿي چمڪيو.

”مسٽر بٽن،“ هڪڙو ننڍڙو آواز آيو. ايميلائين ٻيڙيءَ جي تري ۾ اُٿي ويٺي هئي.

”ڇاهي، پياري؟“

”اسين ڪٿي آهيون هاڻي؟“

”هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ سمنڊ تي. ٻيو اسين ڪٿي هونداسين؟“

”بابا ڪٿي آهي؟“

”هو هوڏانهن آهي وڏي ٻيڙيءَ ۾. هو هڪڙي منٽ ۾ هتي ايندو.“

”مونکي پاڻي کپي.“

هن پاڻيءَ جي پيپي مان هڪ ڪوپ ڀريو ۽ اهو کيس ڏنو. پوءِ هن پنهنجو پائيپ ٻاهر ڪڍيو ۽ ان کي دکايو. هوءَ ٻيهر ڊڪ جي پاسي ۾ سمهي پئي جيڪو چُريو ڪين هو. مسٽر بٽن سمنڊ تي نگاهه وڌي. اتي ڪو سڙهه يا ٻيڙي نظر ڪين ٿي آئي.

هو ونجهه هلائيندو رهيو.

چنڊ هيٺ لهي ويو.

باهه جي هڪڙي سنهڙي ليڪ آسمان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ظاهر ٿي. اڀرندو آسمان اونهاري جي گلاب جيان هو. سج جي ڪَني سمنڊ جي ڪَنيءَ مٿان نظر ٿي آئي. آسمان نيرو جواهر ٿي پيو ۽ ڇولين جي چوٽين تي روشنيءَ جو ڇهاؤ هو.

”بابا!“ اوچتو ڊڪ رڙ ڪئي ۽ پنهنجيون اکيون مهٽيندو اُٿي ويٺو.

”سڀ ٺيڪ آهي، منهنجا من،“ پوڙهي ملاح چيو. مسٽر بٽن اتي بيٺل هو ۽ ٻين ٻيڙين جي نشان لاءِ واجهائي رهيو هو؛ پر اتي ڪجهه ڪين هو. ”تنهنجو بابا بلڪل سلامت آهي. هو هتي هڪڙي منٽ ۾ پڄندو. اوهه، سو تون به جاڳي پئينءَ، ايميلائين؟ هاڻي آءٌ اجهو توهانجا منهن سمنڊ جي پاڻيءَ سان ڌوئاريان ۽ توهان کي سج ۾ سڪائڻ لاءِ ڇڏيان.“

”مان نٿو ڌوئڻ چاهيان!“ ڊڪ چيو.

”تون ميري منهن سان ته گهمڻ ڦرڻ ڪين چاهيندي، هائو نه؟“ پيڊيءَ چيو.

”پهريان پنهنجو منهن ڌو.“

”مان ضرور ڪندس،“ پيڊيءَ چيو. هن هڪڙي ٿانو ۾، جيڪو ٻيڙيءَ مان پاڻي خالي ڪرڻ جي ڪم ايندو هو، ڪجهه پاڻي کنيو. هن پنهنجو منهن ان ۾ اندر وڌو ۽ هوا ٻاهر ڦوڪي، پاڻيءَ ۾ ”بڙپ بڙپ“ جهڙو آواز ڪڍيو.

”مان پنهنجو منهن ٽين ۾ وجهي ۽ تو جهڙو آواز ڪڍڻ ٿو چاهيان.“ ڊڪ چيو.

اهڙيءَ ريت هنن ٻنهي پنهنجا منهن ڌوتا.

ٻيڙيءَ ۾ هڪڙو وڏو ٿيلهو بسڪٽن جو ۽ هڪڙو ڊٻو مڇيءَ جو هو. پيڊيءَ ڊٻو کوليو ۽ ٻارن کي سندن ناشتو ڏنو. جڏهن هنن پورو ڪيو ته هنن پنهنجا هٿ ڌوتا پوءِ هنن کوهر کڙو ڪيو ۽ سڙهه مٿي ڇڪيو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ مٿان تڪڙو چُرڻ لڳي.

”تون ڇاکي پيو ڳولين، پيڊي؟“ ڊڪ پڇيو.

”پکين کي. ڪوبه نٿو پسجي! آءٌ ڪهڙي پاسي وڃان اتر؟ ڏکڻ؟ اوڀر اولهه. جيڪڏهن آءٌ اوڀر وڃان ته ٿي سگهي ٿو هو اولهه ۾ هجن، ۽ آءٌ اولهه وڃي ڪين ٿو سگهان ڇاڪاڻ ته هوا اتان کان پئي اچي. آءٌ هوا کي پٺي ڏئي ٿو هلان ۽ خشڪيءَ جي اميد ٿو ڪيان.“

ايميلائين پنهنجي گڏي جهلي بيٺي هئي. سندس پيتي تختي جي هيٺان هئي. هن ڪڏهن ڪڏهن ان کي پئي ڇهيو، ڄڻ پڪ ڪندي هجي ته اها سلامت هئي.

هنن اٽڪل يارهين بجي ماني کاڌي. منجهند جو پيڊيءَ ٻن پهرن جي گرم سج کان ٻارن کي بچائڻ لاءِ، سڙهه مان تنبو ٺاهيو. پوءِ هو ٻيڙيءَ جي تري ۾ هيٺ ليٽيو ۽ سمهي پيو.

ويڳاڻو جهاز

پيڊي اٽڪل هڪ ڪلاڪ ستو هوندو ته ڊڪ جي رڙ تي جاڳي پيو، ”ڏس! پيڊي، ڏس!“

مسٽر بٽن اٿي بيٺو. اٽڪل ٽي ميل پري هو هڪڙي جهاز جا سڙهه ڏسي ٿي سگهيو.

”واهه وا!“ هن رڙ ڪئي. ”جهاز! هو بس اتيئي بيٺو آهي، انتي سڙهه ناهي.هتي، منهنجي مدد ڪر، ڊڪ سڙهه مٿي چاڙهيان.“

”ڇا هو بابا جو جهاز آهي؟“

ايميلائين چيو. ايمپلائين پيتي کنئي ۽ ان کي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيو.

جيئن هو ويجهو آيا ته جهاز هنن کي چٽو نظر آيو.

مونکي  خبر ناهي.... اسان ان ڏانهن هلون ٿا.

”مونکي جهاز تي ڪو ماڻهو نظر نٿو اچي،“ ڊڪ چيو ”بابا هتي ڪونهي.“

”اهو ويڳاڻو جهاز آهي،“ پيڊيءَ پنهنجو پاڻ کي چيو. ”ويڳاڻو جهاز! اهو مدد ڪين ڪندو!“

جهاز پاڻيءَ ۾ گهڻو هيٺاهون هو. اهو ظاهر هو ته ڇا ٿيو هوندو. ان ۾ ڪاٺ چڙهيل هو ۽ ان ۾ سوراخ هو پر ڪاٺ جي سببان هن هيٺ ترو ڪين ورتو هو.

مسٽر بٽن ٻيڙيءَ کي ڊيڪ جي هڪڙي ٿنڀ سان ٻڌو جيڪو پاڻيءَ کي تمام ويجهو هو. پوءِ هو مٿي چڙهيو. هن پاسي کان پنهنجيون ٻانهون هيٺ ڪيون ۽ ايميلائين کي مٿي کڻي ورتو.

هاڻي، مونکي بسڪوٽن جو ٿيلهو ڏي، ڊڪ - ۽ پاڻيءَ جو پيپو مٿي ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪر. هاڻي کاڌي جا ڊٻا.“

ڊڪ جهاز جي پاسي مٿان مٿي چڙهيو ۽ مسٽر بٽن هر هٿ ۾ هڪ ٻار جهلي، اڳتي هلندو ڊيڪ گهر ڏانهن ويو.

ڊيڪ گهر جو دروازو کليل هو. هنن اندر ڏٺو. وچ ۾ هڪڙي ميز پئي هئي ۽ هڪڙي ڪرسي پٺتي ڌڪيل هئي ڄڻ ڪو تڪڙ ۾ هو. ميز تي بچيل ماني پئي هئي. هڪڙي ڪيتلي، ٻه ڪوپ، ٻه ٿالهيون. هڪڙي ٿالهيءَ تي گوشت جو ٽڪر پيو هو، جيڪو ڪنهن کاڌو پئي جڏهن ..... ڪجهه ٿيو. هڪڙي ڪوپ ۾ چانهه پئي هئي ۽ کير جو دٻو رکيو هو. ڪوئي پنهنجي چانهه ۾ کير وجهڻ وارو هو جڏهن ڪجهه ٿيو. اهو ظاهر هو ته جهاز کي ماڻهن جي ڇڏڻ کانپوءِ سٺي هوا ملندي رهي هئي ڇاڪاڻ ته ڊيڪ گهر ۾ هر شيءِ سٺي حالت ۾ هئي.

ٻه دروازا ڪيپٽن ۽ مک عملدار جي ننڍڙن سمهڻ جي ڪمرن ڏانهن ٿي ويا. اتي مسٽر بٽن گهڻيون ڪم جون شيون لڌيون ڪجهه -------- ڪپڙو، هڪڙي ڪارائي، هڪڙو هٿوڙو، ڪجهه مڇيءَ جون ڪنڍيون، هڪڙو ڪهاڙو ۽ (سندس لاءِ وڏي خوشي) هڪڙو ڊڳ تکو ڪارو تماڪ. عملدار جي ڪمري ۾ کيس ڪجهه ڪپڙو ۽ هڪڙي دٻو لڌو جنهن ۾ سُيون، ڍاڳو ۽ قينچي هئي.

مسٽر بٽن هي سڀ شيون کڻي ٻاهر ڊيڪ تي ويو. پوءِ هو هيٺ ذخيري ۾ اهو ڏسڻ لاءِ لٿو ته متان کيس ڪو کاڌو لڀجي پئي. اهو اڌ پاڻيءَ سان ڀريل هو. هن کي رڳو هڪڙو ٿيلهو پٽاٽن جو مليو. ملاح سمورو لوڻاٺو گوشت کڻي ويا هئا جڏهن هنن جهازن کي ڇڏيو هو.

سج پئي لٿو. مسٽر بٽن ٻارن کي ڪجهه کاڌو ڏنو.... بسڪوٽ ۽ مڇيءَ جو هڪڙو ڊٻو؛ پوءِ هنن سان ڊيڪ گهر جي ٻاهران ويٺو ۽ پنهنجو پائيپ ڇڪڻ لڳو.

چنڊ مٿي چڙهيو. اهو چوڏينهن جو چنڊ هو. ذري گهٽ ڏينهن جهڙو چمڪندڙ ۽ سندن پاڇا سندس اڳيان ڪارا ٿيا پيا هئا. ايميلائين پنهنجي گڏي ان جو پاڇو ڏسڻ لاءِ مٿي کنئي ۽ ڊڪ نچيو.

مسٽر بٽن پنهنجو پائيپ پورو ڪيو. ”اچو هاڻي،“ هن چيو. ”هي بستري جو وقت آهي.“ ايميلائين اٿي بيٺي ۽ ڊيڪ تي اڳتيان وڌي وئي. هوءَ مسٽر بٽن جي پائيپ جي دونهين کان پرتي نڪري وئي هئي. هن پنهنجو نڪ مٿي جهليو هو، کيس ڪا بوءِ پئي آئي جيڪا مسٽر بٽن پنهنجي پائيپ سان ۽ ڊڪ ان جي دونهين ۾ محسوس ڪين ڪئي هئي.

”مسٽر بٽن!“ هن چيو.

”ڇاهي، پياري؟“

”مونکي ڪا بوءِ ٿي اچي.“

مسٽر بٽن مٿي ٽپ ڏنو. باهه ڪين؟ پڪ ٻيهر باهه ڪين هوندي!

”اها ڇا آهي؟“ ڊڪ چيو. ”مونکي ڪا بوءِ نٿي اچي.“

”گل. مان گل ٿي سگهان،“ هن چيو.

اڌ ڏينهن کان هوا بدلجي وئي هئي. اها ڪنهن اڻ ڏٺي سرزمين کان گلن ۽ وڻن جي بوءِ کنيو ٿي آئي.

”گل؟“ پيڊيءَ چيو. ”تون سمنڊ جي وچ ۾ گل ڪيئن ٿي سگهين؟ هلي بستري تي ليٽ.“

هن ڊيڪ گهر ۾ هنن لاءِ بسترا ٺاهيا. پوءِ هو ٻاهر ڊيڪ تي ويو.

”گل؟ گل هتي ڪٿي هوندا؟“

پر جيئن مسٽر بٽن ڪيپٽن جي بستري ۾ ستل هو. هڪڙو سامونڊي وهڪرو جهاز کي سانت سان اڳتي کڻي هليو. اڳتي ۽ اڳتي، چانڊوڪيءَ مان لنگهندو صبح جي پهرين ڪرڻي سان اچي گڏيو جنهن دريءَ مان ليئو پائي پيڊيءَ کي جاڳايو.

هو مٿي اٿيو ۽ ٻاهر ڊيڪ تي ويو. هن ڏٺو. پوءِ مٿي کوهي تي چڙهيو جيئن وڌيڪ چٽو ڏسي سگهي.

”ٻارو!“ هن دانهن ڪئي، ”ٻارو! هڪڙو ٻيٽ!“

هو اڳيئي اڌ جاڳيل هئا. هو ڊوڙندا ٻاهر ڊيڪ تي آيا. هنن سمنڊ ۽ آسمان جي ڪنيءَ تي ناسي ليڪ ڏٺي. پيڊيءَ کوهي تان هيٺ لٿو. هو ايميلائين کي کڻي ڊيڪ گهر جي چوٽيءَ مٿان چڙهي ويو.

”اهوئي ته مان گذريل رات سنگهيو هو،“ هن چيو. ”گل. اتي گل ضرور هوندا.“

ڊڪ کوهي تي ٿورو مٿي چڙهي ويو.

”مونکي اهو چڱيءَ طرح نٿو ڏسجي،“ هن چيو. ”ڇا اهو اصلي آهي.“

”تون لهه ۽ پنهنجي نيرن ڪر، جيئن ڏينهن گذرندو تيئن تون ڏسندين ته اهو اصلي آهي يا نه! جهاز کي وهڪرو ايڏانهن کڻي پيو وڃي. اسان منجهند کان اڳ خشڪيءَ تي هونداسين.“

ٻيٽ

هو ٻيٽ کي هاڻي چٽو ڏسي ٿي سگهيا جيڪو هڪڙي ڍنڍ ۾ بيٺل هو.

”اسان کي اتي ٻيڙيءَ ۾ هلڻو پوندو،“ مسٽر بٽن چيو. هن پنهنجو سامان سڙو واپس ٻيڙيءَ ۾ رکيو، پوءِ ڊڪ هيٺ لٿو ۽ ايميلائين جي مدد ڪئي. هن سڙهه مٿي چاڙهيو ۽ جهاز کي اڳتي وڃڻ لاءِ ڇڏي ڏنو.... اڳتي ڪيڏانهن کيس خبر ڪين هئي ته ڪيڏانهن.

جيئن هو ڇپن جي ويجهو آيا مسٽر بٽن هڪڙو آرپار رستو ڏٺو. لهرون انهن تي پئي ٽٽيون پر هڪڙي هنڌ تي هڪڙو لنگهه هو ۽ سمنڊ ان مان وهندو ڍنڍ ۾ ٿي پيو.

”مسٽر بٽن،“ ڊڪ چيو. ”اسين ڪٿي آهيون؟“

”مونکي خبر ناهي، منهنجا من، هلو ته خشڪيءَ مٿان ٿا لهون.“

هنن ٻيڙي ڇڪي واريءَ مٿان لاٿي. ڊڪ ايميلائين پٿر کڻڻ ۾ مسٽر بٽن جي مدد ڪئي ۽ انهن کي هڪڙي وڻ جي پيرن ۾ رکيو. پوءِ ٻار واريءَ تي هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻ لڳا ۽ پنهنجي اڳيان ننڍڙا ڳاڙها کيکڙا ڊوڙائڻ لڳا. ڊڪ هڪڙو کيکڙو پڪڙي، ايميلائين کي ڏيکاريو، پر هن کي ان کان ڀؤ پئي ٿيو سو پرتي ڀڄي وئي. مسٽر بٽن هڪڙي وڻ هيٺان ويٺو ۽ پنهنجو پائيپ ڇڪيو. هن کي خبر هئي ته هن ٻيٽ تي کاڌو ۽ پاڻي تيسين تائين هوندو جيسين تائين هو هتي رهندا… هو سلامت هئا. ڪڏهن ڪو جهاز اچي نڪرندو.

ايميلائين موٽي آئي. هن پنهنجي پيتي ٻاهر کنئي جتي هن ان کي سامان منجهه لڪايو هو. ڊڪ هن جي پٺيان پيو.

”چڱو،“ ڊڪ چيو. ”هاڻي ته تون خشڪيءَ تي آهين. بيگم جيمس چيو هو ته تون پيتي کولي سگهين ٿي. جڏهن تون خشڪيءَ تي پهچين“

”مان ان کي کولڻ واري آهيان،“ ايميلائين چيو. هن مٿيون ڪاغذ لاٿو، پوءِ هن ڍڪ ٿورو مٿي کوليو ۽ اندر ڏٺو.

”ان کي کول!“ ڊڪ چيو.

پيتيءَ ۾ اندر هڪڙي گڏيءَ جو ٽي – سيٽ هو. هڪ چانهه جو ٿانؤ، ڪوپ ۽ ٿالهيون.

”اوهه!“ ڊڪ چيو. ”مون سوچيو ته اهي شايد فوجي هوندا!“

”تون مونکي ڪنهن وقت چانهه تي ضرور سڏائجانءِ“ مسٽر بٽن چيو. ”پر پهريائين اسان کي هلي پاڻي ڳولهڻ گهرجي ۽ تنهن کانپوءِ مان اڄ رات سمهڻ لاءِ ڪو جهڙو تهڙو تنبو کڙو ڪيان. پنهنجي پيتيءَ کي ٻين شين سان گڏ رکي ڇڏ، ايميلائين: هتي ان کي کڻڻ وارو ڪين آهي.

هو پنهنجي ساڄي پاسي تي ٻيلي ۾ اندر ويا. وڻن هنن جي مٿن مٿيان سائي ڇت پئي ٺاهي. سندن هيٺان گهاٽا ٻوٽا اسريل هئا، جنهن جي وچ مان پنهنجو رستو ٺاهڻ لاءِ هنن کي زور لڳائڻو ٿي پيو يا لتاڙڻو ٿي پيو ۽ هوا گلن جي خوشبويءَ سان ڀريل هئي.

”متان، اسان وڃائجي ته نه وينداسين.“ ايميلائين چيو.

”وڃائجي! هرگز نه!“ مسٽر بٽن چيو. ”اسين ٽڪر مٿي پيا وڃون ۽ اسان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي ته وري هيٺ اچون، جڏهن واپس موٽڻ چاهيون.“

اوچتو مسٽر بٽن رڪيو.

”شش!“ هن چيو.

سانت منجهان ... اهڙي سانت جنهن ۾ تمام پري کان ايندڙ سمنڊ جو گيت شامل هو... هن ڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز ٻڌو. هو کاٻي ڏانهن وريو. جلد ئي هنن پاڻ کي هڪري ننڍڙي ساوڪ ڀريل ميدان ۾ پاتو. مٿين ٽڪريءَ کان پاڻيءَ جي هڪڙي ننڍڙي ندي چمڪندڙ ڪاري پٿر مٿان پئي وهي. گل ۽ گلن جا ٻوٽا چوڌاري اسريل هئا. آبشار کان ٿورو مٿي هڪڙو ڪيلي جو وڻ جو جيڪو ميوي سان ڳرو هو.

ايميلائين ڊوڙ پاتي ۽ پنهنجا هٿ پاڻيءَ ۾ وڌا. جڏهن ته مسٽر بٽن پٿر تي مٿي چڙهي ويو. ڊڪ کيس وڻ ڏانهن ميوو کڻڻ لاءِ مٿي ويندي ڏٺو.

”ڏس،“ ايميلائين چيو جڏهن مسٽر بٽن موٽي اچي. ”هتي هڪڙو ننڍڙو پيپو پيو آهي.“ اهو گاهه سان ڍڪيل هو ۽ رڳو هڪڙي ٻار جون تيز اکيون ئي ان کي ڏسي ٿي سگهيون.

”اڙي ها!“ مسٽر بٽن چيو. ”ڪنهن جهاز جا ماڻهو ضرور هتي پاڻيءَ لاءِ آيا هوندا ۽ ان کي وساري ويا. مان انتي ويهان ٿو جڏهن ته اسين ماني کائينداسين.“

”جيڪڏهن هڪڙو جهاز هتي آيو هو“ ، هن کائيندي چيو. ”هتي ٻيهر جهاز ايندا.“

”ڇا بابا جو جهاز هتي ايندو؟“ ڊڪ چيو.

”ڇو نه، يقيناً، هاڻي ڀڄو ۽ گلن سان کيڏو ته مان پنهنجو پائيپ ڇڪيان ۽ پوءِ اسان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هلنداسين.

جڏهن هن پورو ڪيو، هن سڏ ڪيو ۽ ٻار ڊوڙندا موٽي آيا. ايميلائين جا هٿ گلن سان ڀريل هئا پر ڊڪ هڪڙي وڏي گول سينواريل شيءِ کڻي آيو هو.

”ڏس مون ڇا لڌو آهي!“ هن چيو. ”هن ۾ سوراخ آهن.“

”ان کي ڦٽو ڪر،“ مسٽر بٽن چيو. ”اها توکي ڪٿان لڌي؟ اها مونکي ڏي!“

اها هڪڙي کوپڙي هئي. ان جي پٺيءَ ۾ ٽنگ هو، جيڪو ڪهاڙي يا تلوار جو هو. هن پنهنجي پوري طاقت سان ان کي وڻن ۾ پري اڇلائي ڇڏيو.

”اهو ڇا آهي پيڊي.“ ڊڪ پڇيو.

”اها ڪا سٺي شيءِ ناهي.“ مسٽر بٽن جواب ڏنو.

”اتي ٻه ٻيون آهن. مان انهن کي کڻي اچڻ ٿي چاهيو،“ ڊڪ ڏک ۾ چيو.

”تون انهن جي پچر ڇڏ! هتي گذريل ڏينهن ۾ ڪنا ڪم ٿيندا رهيا آهن. اهو ڇا آهي، ايميلائين؟“

هن پنهنجا گل هن ڏانهن وڌايا. هن هڪڙو کڻي ان کي پنهنجي ڪوٽ ۾ رکيو پوءِ هو اڳيان ٿي ٽڪريءَ تي مٿي چڙهڻ لڳو.

جيئن هو مٿي چڙهندا ويا، وڻ گهٽجندا ويا، پوءِ هو هڪ تمام وڏي ڇپ وٽ آيا. اهو ٻيٽ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ هو. هو انتي مٿي چڙهيا، انتي چڙهڻ سولو هو. چوٽي ميز جيان سنئين هئي. اتان هو سمورو ٻيٽ ۽ سمنڊ ڏسي ٿي سگهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com