سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :21

مظهر الاسلام

سنڌيڪار: قاضي اياز مهيسر

هڪ گڏيءَ جو زائچو

ڪلهه رات گُڏين ٺاهڻ واري خودڪشي ڪري ڇڏي، پر ماڻهن کي گهڻيءَ دير کان پوءِ خبر پيئي. اها به ان وقت، جڏهن گُڏين ٺاهڻ واري جو اڪيلو دوست هن سان ملڻ لاءِ آيو ته هن ڏٺو ته گُڏين ٺاهڻ وارو پنهنجي ڪمري جي ڇت سان لٽڪي رهيو هو. رسيءَ جو هڪ سِرو هن جي ڪنڌ جو ڦندو بڻيل هو ۽ ٻيو سِرو پکي جي راڊ سان ٻڌل هو. رسو ايترو ته نئون هو جو يقين ڪري سگهجي پيو ته گڏين ٺاهڻ واري اهو ڪلهه ئي ڪنهن وقت خريد ڪيو هوندو. جتي گڏين ٺاهڻ وارو لٽڪي رهيو هو، ان جي بلڪل هيٺان هڪ اسٽول اونڌو ڪريل هو ۽ لڳي رهيو هو ته گڏين ٺاهڻ واري ان اسٽول تي بيهي خودڪشيءَ جي تياري ڪئي هوندي ۽ پنهنجي ڪنڌ ۾ ڦندو وجهي اسٽول کي پير سان ڪيرائي ڇڏيو هوندو. هينئر هن جو ڪنڌ هڪ طرف جهڪي ويو هو ۽ هو ڪنهن اهڙي مسافر وانگر لڳي رهيو هو، جنهن کي ٽرين جي ڊگهي سفر ۾ ننڊ اچي ويئي هجي. هن جي منهن تان سفر جو ٿڪ هاڻي آهستي آهستي ٽٽي رهيو هو ۽ سڪون ڦهلجي رهيو هو. هن جو رنگ به اڇو ٿي ويو هو ۽ هو اڳي کان گهڻو خوبصورت لڳي رهيو هو. جي هن جي ڪا محبوبه هجي ها ته يقين سان ان مهل هن کي هن تي بي اختيار پيار اچي ها پر ڪمري ۾ صرف گڏيون ئي گڏيون هيون. بي شمار گڏيون، سڀ گڏيون ڊنل ڊنل هيون ۽ هنن جي منهن تي اهڙي پشيماني هئي ڄڻ گڏين ٺاهڻ واري جي دوست جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن اڳتي وڌي اسٽول کي سڌو ڪيو ۽ هن کي ڦندي مان هيٺ لاهڻ لاءِ اسٽول تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان ڪوشش ۾ هو ڪري پيو ۽ جڏهن هن کي يقين ٿي ويو ته هو اڪيلو هن کي هيٺ لاهي نه سگهندو ته هو تيزيءَ سان ٻاهر ڀڳو ۽ آسپاس جي ماڻهن کي گڏ ڪري وٺي آيو.

جڏهن ماڻهن گڏين ٺاهڻ واري کي هيٺ لاٿو ۽ پلنگ تي ليٽايو ته هنن کي احساس ٿيو ته هن رات جي پهرينءَ پهر ۾ ئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي ۽ هن کي ڇت سان لٽڪندي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا هئا. هن جون مُٺيون بند هيون، جن ۾ هن پوئينءَ رات جو ڪو ٽڪرو ائين سُڪ جهلي رکيو هو، جيئن ٻار پنهنجي مُٺ ۾ ٽافي ڀڪوڙي ڇڏيندا آهن.

سڀني محسوس ڪيو ته هن جي منهن تي اهڙو ئي سڪون هو، جيڪو گهڻن مهينن جي محنت سان گُڏي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن جي منهن تي هوندو هو. پر هن جو جسم ان گفٽ پيڪٽ وانگر هو، جنهن مان ڪنهن گڏي ڪڍي پاٺو ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. ڪمري جو منظر به ڪجهه اهڙو هو، جيڪو سالگرهه جي تقريب مان مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ هوندو آ. ٽٽل جهنڊيون، ڦٽل رنگ، پري تائين وکريل گفٽ پيپرز، جهنڊين جا پرزا، پليٽن، ۾ اڌ کاڌل شيون، ميز تي ٿانون جو ڍير، اڌ هوا نڪتل ڦوڪڻا، لٿل جوراب، ڊنل گُڏيون!

هونئن ته گڏين ٺاهڻ واري جي گهر ۾ خاموشي پهرين به رهندي هئي، پر اڄ خاموشي بدنما ۽ بي سُري ٿي وئي هئي. گڏين جو جهنگل بلڪل اڳي وانگر هو، پر اڄ گڏين ٺاهڻ وارو پنهنجي پاڻ کي قتل ڪري پنهنجو لاش گڏين جي ان جهنگل ۾ ڦٽو ڪري هليو ويو هو ۽ هاڻي تنهائي گڏين جي اکين ۾ لڪي رهي هئي. اداسي لٿل لباس وانگر گهنج گهنج ٿي ڪمري ۾ وکري رهي هئي. شهر اهڙو ئي هو، ظالم ۽ سخت جان. گڏين ٺاهڻ واري کي ائين لڳو، ڄڻ شهر هڪ تمام وڏو ٽهڪ هو. ڪنهن کٽيل جواريءَ جو ٽهڪ!

ايتري ۾ پوليس جا ڪيترائي سپاهي يڪدم گهر ۾ داخل ٿيا ۽ هنن هر شيءِ قبضي ۾ وٺي ڇڏي. اوچتو تيزي سان اوڇنگارن جو آواز اڀريو. سڀني هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو، پر انهن مان ڪير به نه روئي رهيو هو. گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، گونگا ڳوڙها. هن محسوس ڪيو ته روئڻ جو اهو آواز ڪنهن گڏيءَ جو هو. پوليس لاش پنهنجي قبضي ۾ ورتو ۽ گڏيون ٺاهيندڙ جي خودڪشيءَ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ آسپاس جي ماڻهن کان بيان وٺڻ شروع ڪيا. پر انهن سڀني جا بيان تقريباً هڪ جهڙا هئا، ته هو ڪيترن ئي سالن کان گڏيون ٺاهيندڙ کي ڏسي رهيا هئا؛ هو گهر کان ٻاهر تمام گهٽ نڪرندو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن علائقي جا ٻار هن وٽ جمع ٿي ويندا هئا ته هو هنن سان گڏ چانهه پيئندو هو. سڀني ٻڌايو ته هو شام جي وقت ڏاڍو اداس ٿي ويندو هو ۽ برسات جي ڏينهن ۾ به هن جي اداسيءَ ۾ واڌارو اچي ويندو هو. انهيءَ ڳالهه تي به سڀئي متفق هئا ته هن جو صرف هڪ ئي دوست هو، جيڪو هن جي لاش جي سيرانديءَ کان ويٺو هو.

سڀني کان بيان وٺڻ کان پوءِ، ڪمري جو نقشو ٺاهي، پوليس گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست کي وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي تي وٺي ويئي ۽ سڀ کان پهريون سوال هي ڪيو:

”توسان هن جي ڪهڙي دشمني هئي؟“

”هو منهنجو دشمن نه، دوست هو.“

”ته پوءِ تو هن جو قتل ڇو ڪيو؟“

”هن خودڪشي ڪئي آ.“

”ڇو ڪئي ٿئين خودڪشي، ڇا هن کي زندگي پياري نه هئي؟“

گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پوءِ چيائين ”مان توهان کي هن جي ڪهاڻي ٿو ٻڌايان. توهان کي پاڻهي خبر پئجي ويندي ته هن خودڪشي ڇو ڪئي.“

ٿوريءَ دير لاءِ گڏيون ٺاهيندڙ جو دوست خاموش ٿي وڃي ٿو پر جڏهن هو محسوس ڪري ٿو ته ٿاڻيدار هن جي اکين ۾ اکيون ملائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته چوڻ لڳو:

”ڏاڍو عجيب و غريب ماڻهو هو هُو. زندگيءَ کي به هڪ گڏي ئي سمجهندو رهيو ۽ گڏي به اها جا ڪنهن ٻارڙيءَ جي دل تان لهي ويندي آ ۽ هوءَ وچ سياري ۾ ان جو سويٽر لاهي ڪنهن ٻي گڏيءَ کي پارائي ڇڏيندي آ ۽ هن کي انتهائي بي درديءَ سان ٽيرس تي ڦٽو ڪري ڇڏيندي آ ۽ پوءِ هوءَ تيز برساتن ۽ طوفانن ۾ به ٽيرس تي ئي پئي هوندي آ. هن جي دل جي وستي ڪڏهن به آباد نه ٿي. جڏهن هن جي ماءُ هن کي ناني سان ملائڻ لاءِ وٺي وڃي رهي هئي ته ريلوي اسٽيشن تي هو پنهنجي ماءُ کان وڇڙي ويو ۽ پوءِ هو هميشه گمشده رهيو.“ گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست وري هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيو ”هن جي گهر وارا هن کي ڳوليندا رهيا هوندا پر هن ڪڏهن به پنهنجي پاڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي. پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو هو ڄڻ هو پنهنجي پاڻ کي ڪنهن گڏيءَ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو گڏين ٺاهڻ جو ڏاڍو ماهر هو. هن بيشمار گڏيون ٺاهيون، پر هر گڏي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هو اهوئي چوندو هو ته گڏي اهڙي نه ٺهي سگهي جهڙي هو ٺاهڻ گهري پيو. مان اڪثر هن سان بحث ڪندو هئس پر هن جو جواب اهو هوندو هو ته هن جي اندر ۾ هڪ گڏي آ ۽ جيستائين اها گڏي ٻاهر نه ٿي اچي هو گڏيون ٺاهيندو رهندو.“

گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست ذهن تي زور ڏنو. سگريٽ دکايائين ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي ياد اچي رهيو آ ته هڪ ڏينهن جڏهن مان هن سان ملڻ آيس ته انهيءَ وقت هو هڪ گڏي مڪمل ڪري ويٺو هو، پر هن جي منهن تي خوشيءَ جي بدران پريشاني هئي. مون سبب پڇيو ته چوڻ لڳو ته گڏي ته مڪمل ٿي وئي آ، ڏاڍي خوبصورت آ، برائون رنگ جا وار، ٽڙيل ٽڙيل چهرو، ٿورو مٿي کنيل خوبصورت نڪ، پر مون کي هن جي اکين ۾ بيوفائي نظر اچي رهي آ. جيتوڻيڪ مون هن جون اکيون هير جي مزار تي پيل چادر جي ستارن سان ٺاهيون هيون.“ گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو، پر هن کي احساس ٿيو ته چپ ڊگهي ٿي وئي آ ته وري ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳو ”هڪ دفعو نه ڪيترا ئي دفعا ائين ٿيو. هڪ ٻئي ڏينهن جڏهن هن گڏي مڪمل ڪئي ته چوڻ لڳو ته مون کي هن گڏيءَ جي منهن ۾ چالاڪي نظر اچي رهي آ. جيتوڻيڪ مون هن کي ٺاهڻ لاءِ معصوم ٻارن جي ڪپڙن جا ٽڪرا استعمال ڪيا آهن.“

گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست ٿاڻيدار ڏي ڏٺو ۽ ڳالهه اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو: ”هڪ دفعو هن گڏي مڪمل ڪئي ته مون هن کي چيو ته منهنجو خيال آ ته هن دفعي گڏي ڏاڍي سٺي ٺهي آ. پر هو اداس ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: هن گڏيءَ جي دل ميري آ. پر مان نٿو ڄاڻان ته ائين ڇو ٿيو. مون ته هن کي نئين صاف گلن واري ڇيٽ سان ٺاهيو آ، پر پوءِ به هن جي دل ميري آ. ٿاڻيدار صاحب! هن جو ڪمرو گڏين سان ڀرجي ويو پر هو ان گڏيءَ جي تلاش ۾ رهيو جا هن جي اندر ۾ هئي.“

”ڇا هو ذهني مريض هو؟“ ٿاڻيدار بي چينيءَ مان موضوع مٽائيندي پڇيو.

”نه، هو بلڪل ٺيڪ هو، پر ضرورت کان وڌيڪ حساس هو. هر ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪندو هو. ازل کان اداس ۽ تنها هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ هو اذيت پسند به آ. هن جو خيال هو ته سندس ٺهيل ڪا گڏي هن جي تنهائي ۽ اداسي ختم ڪري ڇڏيندي، پر ائين ڪڏهن نه ٿي سگهيو؟“ گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست دريءَ کان ٻاهر نظرون ڄمائيندي چيو: ”ٿاڻيدار صاحب! ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي لڳندو هو ڄڻ هو پاڻ ڪا گڏي آ جنهن جي ڪنهن به شادي نه ڪرائي آهي؛ جنهن کي ڪڏهن ڪنهن ڳاڙهو جوڙو نه پارايو؛ جنهن جي لاءِ ڪنهن ٻارڙيءَ ڪنيءَ ۾ مٺا چانور نه پچايا؛ جنهن جي ڪنن ۾ واليون ۽ نرڙ تي ٽِڪو نه سجيو.“ گڏيون ٺاهيندڙ جي دوست جو آواز ڳورو ٿي ويو. ائين لڳو ڄڻ ڳوڙها هن جي نڙيءَ ۾ ڪري رهيا آهن. هو ڳوڙها ڳهي چوڻ لڳو:

”هو ڪنهن اڻ پرڻيل گڏيءَ وانگر هو، جنهن جون اکيون ڏوليءَ لاءِ اوسيئڙو ڪندي ٿڪجي ويون هيون. هن جي اکين ۾ ڪا ڄڃ نه آئي. هن جي هٿن تي ڪڏهن ڪنهن ميندي نه لڳائي. هو ان گڏيءَ وانگر هو، جنهن جي مالڪڻ هن کي پرڻائڻ کان پهرين پاڻ ڏوليءَ ۾ وهي هلي وئي هئي. ان کان پهرين موت ڪيئي دفعا هن کي منڊي پارائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن گهونگهٽ کان هٿ ٻاهر نه ڪڍيو. ٿاڻيدار صاحب! هن جي دل جي ڏولي هر دفعي خالي موٽي آئي.“

”ڇا هن ڪڏهن خودڪشي جي ڳالهه ڪئي هئي؟“ ٿاڻيدار ٿڪل لهجي ۾ پڇيو.

”هن جي ڳالهين مان اڪثر خودڪشيءَ جي مهڪ ايندي هئي، ائين جيئن کير پياڪ ٻارن جي وات مان ٿڃ جي خوشبو ايندي آ.“

”تو پوليس کي اطلاع ڇو نه ڏنو؟“

”مون کي خبر نه هئي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جي ڳالهين مان خودڪشيءَ جي مهڪ اچي ته انهيءَ جو اطلاع پوليس کي ڏيڻو هوندو آ.“

”ڇا انهن آخري ڏينهن ۾ هو ڪجهه وڌيڪ پريشان هو؟“

”ها تمام گهڻو پريشان ۽ اداس هو.“

”ڇو؟“

”هن گهڻن سالن جي محنت کان پوءِ اها گڏي ٺاهي ورتي هئي، جيڪا هن جي دل ۾ هئي. هن مون کي ٻڌايو هو ته هن سڄي دنيا جون خوبصورت اکيون جمع ڪري ان گڏيءَ جون اکيون ٺاهيون آهن. هن جي اکين ۾ جابلو ڇوڪرين جا ڊگها ۽ سچا انتظار سِبيا آهن. هن کي ٺاهڻ لاءِ ڳوٺاڻين ڇوڪرين جي واعدن جا پڪي رنگ وارا ڌاڳا استعمال ڪيا آهن. هن پنهنجي ۽ دنيا جي سموري وفا ان گڏيءَ ۾ ڀري ڇڏي آهي. هو ڪيترا ڏينهن روئندو رهيو ۽ پنهنجا ڳوڙها گڏ ڪري گڏيءَ جي اکين م وجهي ڇڏيا. پنهنجو سمورو پيار نپوڙي گڏيءَ جي دل ۾ هاري ڇڏيو. هن مون کي ٻڌايو ته هن هيءَ گڏي مڪمل ڪندي هن جي چپن ۾ صحرائي ڇوڪرين جي پيار جي سچائيءَ جا ٻول ٽانڪيا آهن. اونهن درياهن جي پاڻيءَ سان گڏيءَ جي مينڍا ڪيا. هن کي اميد رنگ چوڙيون پارايون ۽ هن جي نازڪ پيرن ۾ جوتا پارائڻ وقت هن جي جوتن مان سڄو سفر نپوڙي ڇڏيو پر پاڻ مسافر ئي رهيو. هو ڪيترائي ڏينهن ان گڏيءَ جا هٿ ٺاهيندو رهيو ۽ جڏهن مڪمل ڪري چڪو ته چوڻ لڳو ته هن جا هٿ ماءُ جي دل وانگر نرم آهن.“

گڏيون ٺاهيندڙ جو دوست وري چپ ٿي ويو ۽ خبر ناهي هو ڪيتريءَ دير ائين ئي چپ ٿي ويو ۽ خبر ناهي ته هو ڪيتريءَ دير ائين ئي چپ رهي ها، پر جڏهن ٿاڻيدار هن کي چتائي ڏٺو ته چوڻ لڳو: ”اها گڏي ٺاهڻ لاءِ هن جيڪو ڪپڙو استعمال ڪيو هو، ان کي ڪٽڻ لاءِ هن قينچي استعمال نه ڪئي. هن جو خيال هو ته ڪپڙو ڪٽي ٺهڻ واري گڏي پنهنجي پيار کي ڪٽي ڦٽو ڪري ڇڏيندي آ.“

پر اها گڏي ٺاهڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن ئي هو بيحد مايوس ٿي ويو ته مون هن کي چيو ته هاڻي ڇا ٿيو. تو ته اها گڏي ٺاهي ڇڏي جا تنهنجي دل ۾ هئي. هن هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چوڻ لڳو ته اڄ مون هن جو هاروسڪوپ ڏٺو آ. جنهن تاريخ تي مون هن کي مڪمل ڪيو ان حساب سان هن جو جيڪو هاروسڪوپ ٺهي ٿو ان ۾ لکيل آ ته اهڙا ماڻهو جذبن کي تمام گهٽ اهميت ڏيندا آهن.

جڏهن هو اهي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته مون کي ائين لڳو ڄڻ هن جون اکيون درد جي کليل سمنڊ ۾ ٻه اهڙيون ٻيڙيون آهن جن جا بادبان انتظار جي تيز هوائن جي طرف کليل آهن. اهو محسوس ڪري مان غور سان هن جي اکين ۾ نهاري رهيو آهيان. هن نظرون ڦيري ڇڏيون ۽ چوڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com