سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :19

جنان الائي ته ڪهڙن پُورن م ٻڏل هئي. چانهه جو ڪوپ کٽ تي رکئي رکئي ٿڌو ٿي ويو هو. اوچتو ئي اوچتو جنان کان ڇرڪ نڪري ويو. نازو جا ٻئي هٿ هُن جي پيرن تي هئا ۽ اکين جا لڙڪ ڪجل کي ڀڄائي رهيا هئا. هُو ڄڻ ته گونگي هئي ۽ پوءِ جنان هُن کي بي اختيار ڀاڪر ۾ ڀري چُميون ڏنيون ته هو سُڏڪا ڀري روئي پيئي. ٻنهي جون دليون حال ڀائي بڻجي ويون.

”چري مون کان ٿي ڊڄين..“ جنان هُن جي دل تان خوف جي ڇِپ لاهيندي چيو ۽ کٽ تان اُٿي ٻاهر اڱڻ ڏي نڪري آئي. نازو سانوڻ کي اشارو ڪري گهر ۾ هلي ويئي.

جنان ڏور نيري اُڀ جي ڇاتي تي اُڏامندڙ اڇن ٻگهن جي جوڙي کي ڏسڻ لڳي، جيڪي گڏ گڏ اُڏامندا پئي ويا…

ڪاڪو فضل مرڻ کان بچي ويو هو، پر مُنهن مٿو ڦٽجي پيا هئس. وار ڇڻي پوٺو ٿي ويا هئس. هن جو سڄُيل ٻوٿ ڇليل ڪدو جهڙو ٿي لڳو. پورو مهينو نازو هُن کي چمچن سان رٻ پياريندي رهي.

ڪاڪي جي بيماري ۽ جنان جي رازداري سبب ٻنهي جي وچان گهڻي وڇوٽي گهٽجي ويئي هئي. هو ڏينهن رات ڏور ۾ ٻڌل لغڙ جيان هڪٻئي ڏانهن ڇڪبا رهيا. ڳچ ڏينهن کان پوءِ ڪاڪي فضل به کٽ جي جند ڇڏي. پيري اڳيئي اُلوڙيو هئس، مٿان بيماري رهي کُهي ڪسر ڪڍي جيئرو لاش بنائي ڇڏيو هئس. چم چڙهيل نيٽ جيان هرهڪ هڏي ظاهر پئي لڳيس. سڄو کُسي روڏ ڪانگ جهڙو ٿي پيو هو، پر پوءِ به موت کي ملهه ماري ويو هو. ڏسندي ئي ڏسندي ٻه مهينا ٻيا به لنگهي ويا. تڏهين نازو کي اوچتو هڪ ڏينهن اُلٽيون ٿيون، مٿي کي چڪر آيا. وري به ٻه ٽي ڏينهن وچ ۾ ڇڏي هن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي. تڏهن ڪاڪي کي نازو جي اگهائي مجبور ڪري وڌو ۽ هو هن کي ٻن اجرڪن جو گهونگهٽ ڪڍائي سومار جي بيل گاڏي ۾ شهر وٺي ويو.

ڊاڪٽر هن کي چڱي ريت تپاسيو، حال احوال بيماري جا پار پتا پُڇيا.

”جهونا! تنهنجي نينگري کي حمل آهي. يعني ڇوڪري پيٽ سان آهي.“

ڊاڪٽر ڪاڪي فضل کي دوائن جو چِٺو ڏيندي چيو ۽ سومار جي منهن تي مُرڪ اچي ويئي.

”هي منهنجي گهر واري آهي داختر صاحب“ ڪاڪي کي ڊاڪٽر جي اياڻپ ڏسي وضاحت ڪرڻي پئي.

”تنهنجي زال آهي؟… ته پوءِ… ته پوءِ هن جي پيٽ ۾ تنهنجو ٻار آهي“ ڊاڪٽر جو لهجو حيرت ۾ ٻڏل هو.

”ڇو آءٌ ڪو صفا ويل آهيان ڇا“ بس ڙي يار داختر! سُورن کائي ڇڏيا آهيون نه ته ڪي ايڏا وڏا به ڪونه آهيون. جنهن سال ڇپني وارو ڏڪار پئي تنهن سال اڃا يڪي چولي ۾ هئس.“ ڪاڪي پنهنجي ننڍي ڄمار جو ثبوت ڊاڪٽر آڏو پيش ڪندي چيو. پر ڊاڪٽر جون اکيون وڌيڪ ڦوٽارجي آيون.

پوءِ سڄي واٽ ڪاڪو سومار سان ويل وقتن جون خبرون ۽ نازو سان چونچلا ڪندو پنهنجي خوشي ۽ خوشمزاجي جو اظهار ڪندي آيو.

”ڏٺئي سومار! اهو ٿئي مولا. جڏهن يار راضي ٿئي. ڄمار تي اصل ڪونهي. ٻه گهر اڳ پرڻيس پر اُتان سير مٽي جو لکيل ڪونه هو. هاڻي جي رب وريو آهي ته ڏِس دير ئي ڪانه ٿي. پنهنجو قدرتون پاڻ ڄاڻي.“

”ها ڪاڪا! جڏهن ڏاتار ڏي“ سومار وراڻيو.

”ڪيئن چوندي هئينءَ ته پوڙهو آهين، جهونو آهين، هاڻي ٻُڌاءِ اي مڙد ۽ گهوڙو به ڪو پوڙهو ٿيا؟ ها.. ها… ها.. کي کي کي…..“ ڪاڪي سومار کان وؤٽ وٺڻ کان پوءِ زال کي چهنڊڙي هڻندي چيو ۽ کلڻ جي ڪوشش ۾ کنگهه ۾ ٻڏي ويو.

نازو جي پيٽ سان ٿيڻ جي ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي.

جن کي خبر نه هئي تن کي ڪاڪي پاڻ هلي وڃي ٻُڌايو. پر جنهن به ٻُڌو تنهن جو وات حيرت ۾ پٽجي ويو.

”اي نه نه…“

”اي ڀاوَن شاهه ڀوري جو سُنهن، ڪالهه ڪاڪو پاڻ پتاشا ورهائيندي وتيو.“

”ٻيلي! يا ته ڪاڪو صفا نڪ جو ڏاڍو آهي يا پوءِ مت مارجي ويئي اٿس.“

”پر اهو ٿيو ڪيئن؟“

”بس ادا راڄ ستار آهن، ڪو ماڻهو مري ويا آهن ڇا“

”پر اهو ماڻهو ڪهڙو؟ اها ڳجهارت ته ڳول.“

”اي جواڻ جماڻ ڌاريو ماڻهو ڪُني ماني گڏ، پاڻ مرڻ ڪنڌي تي، ننڍي نيٽي زال. هي ته ننهن تي پاڻي جهلڻو ٿيو، سو اڄ ڪير ٿو جهلي“

”هان.... ائين ڇا…؟“

راز اُن وقت تائين راز آهي جيسين پنهنجي دل جي دروازن پويان آهي ۽ جڏهن دنيا جو ڌيان ٿورو به اُن ڏانهن ڇڪيو ته شڪ جي ڏور چور رشتي جي ٻانهن ۾ ٻڌجي ويندي آهي. ڪنهن شڪ ڏيکاريو. ٻن ٻُڌو، ٽن پڪ ڪئي، ته چئن سُنهين ساکين اکين ڏٺي شاهدي ڏني. ۽ ڳالهه وڻ ويڙهي جيان چوٽي چڙهي ويئي. هُن ٻڌي هن ٻڌي.

ماڻهو دنيا آڏو ڪيترو به پاڻ پڏائي، پر پنهنجي اندر جي آئيني ۾ صفا صاف پڌرو هوندو آهي، سو هو به پنهنجو پاڻ کي اندران ٻاهران پَسيو ۽ پَرکيو ويٺو هو. پنهنجين اوڻاين ۽ واڌارن جو سڄو حساب هن وٽ هو.

حساب ڪتاب جو عمل هر من جي ڪورٽ ۾ هلندو آهي. سو هو به پنهنجي اندر جي عدالت آڏو ڏوهاري بڻيو بيٺو هو. پنهنجي ذات کي پرکڻ لاءِ ضمير جي ڪسوَٽي ڪافي آهي. هو پنهنجي ڄمار جي گذريل گهڙين جو حساب ڪرڻ لڳو. هٺ، ڪوڙ، وڏائي جا پردا صرف دنيا لاءِ هوندا آهن، پنهنجو پاڻ لاءِ نه، سو هو به سڀ پردا پاسي پنهنجي پاڻ آڏو بيٺو هو. ”هي به ڪا ڄمار آهي، اولاد ٿيڻ جي؟“ عقل سوال ڪيو.

”پر اهو ته سڀ قدرت جو ڪم آهي“ دل دلداري ڏنس.

”هائو پر مون کي ته اگهائي ۾ مهينو کٽ تي گذريو… پوءِ به مهينو سوا ته بُت ۾ ست ئي ڪونه ساريم، پوءِ ڀلا.“ عقل چيو.

”ته پوءِ ڪو هروڀرو انهن ٻن مهينن تي ته ڪونهي. اڳ ۾ به ته“ دل وراڻيو.

”پوءِ هو داختر ڇو پئي عجب ۾ پيو؟“ عقل وري پُڇيو.

”اهي اڄڪلهه جا ڇورا ٻه درجا پڙهي پيا ته بس. ڪافرن جو علم پڙهي ماڙهو ڪافر نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو. رڳو شڪ جي ڀري. نه قُدرت کي مڃين نه ڌڻي تي يقين، تڏهين ته هيتريون ساريون اگهايون اچي پيون آهن، نه ته اڳ اسان جي سانڀر ۾ ڪي اهڙيون اگهايون هيون ڇا؟ هنين داخترن کي ته اگهائي جي کبر ئي ڪانه پوي، مڙيئي سوئو ٽُنبيو لپ گورين جي ڏيو ڇڏين پوءِ ڪو مري يا بچي. هنين کي کپن ڏوڪڙ“

”پوءِ هي ماڻهو اجايو ڇو پيا بڪ بڪ ڪن، ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون پيون ڪنين پون.“

”اڄڪلهه ماڻهن جو ته اهو ڌنڌو ٿي ويو آهي. ٻئي جي گلا نه ڪن ته ٽُڪر ڪونه وڻينَ، ٻئي چڙهي ۾ اصل راضي نه ٿيندا.“

”مون کي ته اجايا پيا پُور پَون. زماني جو ماڙهو آهيان، ڪيترا قصا هٿن مان مٽيا آهن. ايتري ڪل آهم ته گهوڙو ۽ زال ٻئي ران سان رکبا ته کرندا ڪونه ۽ مون ته سدائين گهر کي اک ۾ رکيو آهي. منهنجي گهر ته نه ڪو اچي نه وڃي. مون وارو سُهرو حاجن به سال ڇهين مهيني مس اچي ان تي ڪا جهل ڪانهي. ٻيو جي سومار آهي ته هو پاڻ لڄ ڀرم وارو ٻچڙيوال سو به جُماڻي چنڊاڻي سڏ ڪجي ته اچي نه ته ڀلي مهينا گُذري وڃن. باقي رهيو سانوڻ… سانوڻ.. نه نه! اڄ ڏيڍ ٻه سال اچي ٿيا آهن! هو موڳو مٽر، آءُ پاڻ سارو ڏينهن گهر ۾ ويٺو آهيان، هو جهنگ حوالي. سمهي سهڙي ٻاهر، ڪنهن مهل سڏيان ته اچي نه ته ٺهيو. ٻيو ته مون هن کي ٻچو ڪري سمڌو آهي. ڍڳو ڇتو ٿيندو ته به نٿ ڪونه کائيندو. ليمڪ حرامي ڪونهي جو… نه نه ٻار مونجو پانجو آهي، رب منهنجا تو جا لک شخر“

پنهنجو ٻچو اهو هوندو جيڪو سچ پچ پنهنجو هجي. ڪڏهن ڪڏهن ته پيٽ ڄاوا به پنهنجا نٿا ٿين. پر هو سانوڻ کي ٻچو سمجهي، نازو جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي نج پِج پنهنجو مڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو. پوءِ به شڪ جو جيڪو ڪنڊو دل جي اونهائي ۾ ڀڄي پيو هو، سو ڪوشش سان به نڪري نه سگهيو.

ڳالهيون وڻن کان مٿي ذري گهٽ اُڀ کي ڇُهڻ لڳيون. ڀلا ماڻهن جو وات به ڪو جهلڻ جو؟ مڙدن ۾ به اها ڳالهه ته زائفائن ۾ به اها پچار. شام جو گهيڙ تي جوانين جي جهرمر ٿيندي هئي ته پاڻي پاڻي جي ماڳ، رڳو نازو ۽ ڪاڪي جو قصو هوندو هو.

”ائي ٻُڌئي ڙي نازو پيٽ سان اٿئي.“

”هائو ادي مُئو ڏاڏو فضل به ٿو پُٽن جو پيءُ ٿيئي.“

”ائي هن ڇوري ته ٻئي پِڙ کٽيا. مڙهو هُش ۾ خُش ۽ پاڻ جدا جلان پئي چري.“

”پر مڙهي کي به ته ويساهه آهي نه، نه ته جهلي چوٽ مان رکيس ٻه ڳن پٺن تي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون.“

”ائي مُئو اڳ پورو ٿيو پيو آهي، رڳو اک جو پاڻي آهس، نه ته ڪر انڌو ڪونهي.“

۽ جي وري ڪنهن ڪُني ماني تي چار جهونڙيون پراڻا روح کڻي گڏيون ته به اهائي پچار.

”ائي حاجاڻي ٻڌئي، هو ڇوري پيٽ سان آهي نازان.. اها حاجن واري ڇوري جيڪا مُئي ڪاڪي فضل کي ڏني اٿن. آءٌ ته سمجهان ٿي ته فضل پاڻ کان به گهڻو وڏو هوندو. پاڻ ته پوٽن جا به پُٽ ڏٺا ۽ هي هاڻ ٿو اولادي ٿيئي. توبهه الله توبهه“

”هائو ڙي صابل! اُهي پاڻ وارا ڏينهن ويا. هي ته ڪاري قيام جا ڇَٽا آهن. اهو پاڻ وارو سَت سيل وارن وخت ئي ويو.“

”هائو جيجل! ماڙهُن جا قلب ڪارا ٿي ويا. اکين جو ديد ئي مري ويو. پاڻ وارا وخت سنڀار. ٻن ٻن سالن جو ارهه ساڃاهه هوندي هئي ته به هڪ جيڏن سان پيون مال چارينديون هيوسين ۽ واهن ۾ ڪُندرو راند ڪندي پيون ٽُٻيون هڻنديون هنيوسين، پر بُري بڇڙي جي ڪا زادگيري ئي ڪانه هوندي هئي.“

”هائو ڙي ادي ويا مڇ مڇن کي کائي.“

هر ماڻهو هر دؤر ۾ پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ پاڪ چالاڪ دلير ۽ عقلمند ڄاڻندو آهي. هر ماڻهو پنهنجين خطائن ۽ غلطين کي دل سان تسليم ناهي ڪندو. انهي ڪري ٻئي جي خطائن ۽ غلطين ۽ ڪمزورين تي دل کولي چٿر ڪندو آهي. سو نازو تي ماضي توڙي حال گڏجي تبصرا ڪندا رهيا.

ڪنهن جي ڦٽ کي ڦٽبو آهي ته ڦٽل کي لوڇ پوڇ ضرور لڳندي آهي. نازو ماڻهن جي وات کي هٿ نٿي ڏيئي سگهي ته ڇا ٿيو هو پنهنجي منهن انهن کي برو بڇڙو چئي اندر جي باهه ته اُجهائي ٿي سگهي.

”مئن مروانن کي خدا بڇڙو ڪندو. اجايو ڄاڙيون هڻندا وتن. خدا مئن کي ڄاين ۾ لوڙائيندو، ۽ وري رنون ڏسو ڪيئن ٿي زبان هلين. ميون آءٌ ڪا ڪنواري آهيان، رنول آهيان، ڪو مونجو مڙس کدڙو آهي جو… مُيون ڀلي اچي آزمودو ڪن. هن جي جواڻن کان اڃا سگهيرو آهي مڙسن جو مڙس آهي…“

پوڙهي مڙس آڏو جوان زال ويهي هن جي مڙسي جي تعريف ڪري ته مڙس هن پاران جڳ سان جنگ جوٽڻ لئه تيار ٿي ويندو آهي. جي سندس دل ۾ ڪو شڪ به هوندو آهي ته اهي ڳالهيون ٻڌي ائين لهي ويندو جيئن صابڻ سان ڪپڙي تان داغ لهي ويندو آهي. سو ڪاڪو فضل به زال جي واتان پنهنجي مڙسي جي تعريف ٻڌندي ٽڙي پوندو هو.

”اي ڀلي پيا ڀڙوت ڪن. مون کي ڪنهن جي گرز ڪانهي. پرپُٺ ماڻهو پاتشاهه کي به پيا گُٿو ڳالهائيندا آهن. تون ماٺ ڪريو ويٺي هج.“

”اي سانوڻ! ڏاڍو حرامي آهين ٻيو. وڏو ڌڪ وڃي هنيو اٿئي“ لکاني پڇيس.

ڏينهن جو جڏهن سج منجهند ڏي مڙندو هو ته هو ٻڪريون ڪاهي گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ اچي ويهندا هئا. ٻڪريون ويهي يا بيهي پيون اوڳر وارينديون هيون ۽ ڌراڙ ويهي ڪچهريون ڪندا هئا.

”ڪهڙو ڌڪ…؟“سانوڻ حيرت مان پڇيو.

”هي دنيا ۾ هُل پئجي ويو آهي ۽ تون پيو اڃان اسان يارن کان لڪائين.“

”الائي سُون مون کي ته کبر به ڪانهي. تون ٻڌاءِ ته سهي ته ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ سانوڻ وڌيڪ عجب کائيندي چيو. سندس دل جو چور من ئي من ۾ منهن لڪائڻ لڳو.

”اها ڪاڪي فضل واري زال، تو واري مجيرڻ، چون ٿا ته توسان کريل آهي، ۽ هن جي پيٽ ۾ تنهنجو ٻار آهي.“ لکاني پڌري پٽ بنا ڪک رکڻ جي چئي ڇڏيو ۽ سانوڻ جي بُت مان ڄڻ ته ساهه نڪري ويو، پر هن منهن جي پڪائي ڪئي.

”ميان جا ڦقير! ڊڄ خدا ڀر. توبهن توبهن، پاڻ ته ٻڌون ئي توکان پيا.“ اهو سارو ڏينهن هو موڳو ٿيو وتيو.

”وڃ....! سڄي ڳوٺ ۾ اها کبر پئي هُلي ۽ آءٌ آهيان سو دلجاءِ ڪريو وتان ته ڳالهه ڍڪي پئي آهي.“ هو دل من هڻڻ لڳو.

”هاڻي الائي ته ڇا ٿيندو؟“ خوف جون لهرون اُڀرڻ لڳيون.

”انهن ڪمن ۾ ائين ته ٿيندو. اُکرين ۾ مٿو وجهبو ته مُهرين ڀر ڪونه ڊڄبو. بس يار تان سِر قُلبان آهي.“ دل ئي دل ۾ چيائين.

”يا ته ڀڄي وڃان. اڃان به ڪنهن سُئي ڪنهن نه سئي. نڌڻڪو ماڻهو، نه هتي ادو نه ابو. اجايو پوان هائي ۾ تنهن کان ڏيان کُڙين تي زور.“ هڪ لڱا خيال آيس.

”ائين ته سڀني کي پڪ ٿي ويندي، آءٌ ته ويندس ساهه بچائي پر پويان هن سان الائي ته ڪهڙي ويڌن ڪن. ڪڍنس ڪهاڙين مان، نه نه ائين ڪونه ڪبو. اکين ڪنهن ڪونه ڏٺو آهي، هروڀرو ڪو چوندو ته مڃبو ٿوروئي.“ هُن جي اندر جو آواز اُڀريو.

چوڻ وارا حجت ۾ خدا کي به چئي ويندا آهن. ڪاڪو فضل ته ماڻهن جهڙو ماڻهو خاڪ جي چپٽي هو. سندس ننڍپڻ جو ساٿاري نورڻ راتوڪو وٽس ترسيل هو. اڄ به نيرن پاڻي ڪري واندا ٿي پپر جي وڻ هيٺ کٽ رکيو ڪچهري مچايو ويٺا هئا.

”ٻڌئي فضل! دنيا ڇا چوندي وتي.“

”الائي ڪهڙي ٿو ڳالهه پُڇين“ ڪاڪي ٽوال جي ڪانڀ ڪڍندي چيو.

”ڳالهه ٻڌ فضل! پاڻ هڪ جيڏا هونداسين، پاڻ تون مون کان مُٺ سوايو هجي ته به بروبر هوندو. آءٌ هن ڄمار ۾ هانسيڪار پاڻ گهلي تو وٽ آيو آهيان. نه ته هن وهي ۾ گهران نڪري مسافري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.“ نورڻ ڳالهايو ته ساهه ڀرجي ويس ۽ گهڙي کن لاءِ هو چپ ٿي ويو.

”ڀلي آئين، جيءَ آئين، جيءَ جي واٽن آئين، هاڻي پاڻ واري تُور مان بچيا به تون ۽ آءٌ آهيون. ٻي سنگت ته ويئي وارو وڄائي“ ڪاڪي فضل ٿڌو شوڪارو ڀري گذريل وقت ۽ يارن کي ياد ڪيو.

”ها، اڄ ڪلهه جي يارن کي ڏسين پيو. منهن تي مِٺ مِٺ، پر پٺ گلا. لولو به اُتي کائن ته…“ ڪاڪي نورڻ اڄ ڪلهه جي ياري تي تنقيد ڪئي.

”هائو يار… اڄ مڙس ڪو تو پارو هڪڙو هوندو باقي ته رنن مثال پيا هلن“ ڪاڪي فضل کنگهندي نورڻ جي ڳالهه جي تائيد ڪئي.

”زاد اٿئي جڏهين سيٺ وشني مل سان منهنجي ڀل ڀائي ياري هجي“ نورڻ جواني جو واقعو بيان ڪرڻ کان پهرين ڪاڪي فضل کي ياد ڏياريو.

”هائو، ڪالهوڪي ڳالهه آهي. سيٺ سان ٻروچن جو ٻني تي تڪرار ٿئي ۽ تون سيٺ پاران وڃي ٻني جي قئوضي تي ويٺو هئين. جهيڙي ۾ ٻه ماڻهو ماري وڌئي پوءِ ڪاري پاڻي جي سزا وٺي ويو هئين. صفا ڪالهوڪو ڏينهن مون کي ڪيئن وسرندو.“

”هر سُنوائي تي ڪورٺن جا پنڌ گڏ ڪياسين.“ ڪاڪي فضل پنهنجي ياداشت جو مظاهرو ڪيو.

”ها.. هي مٿي ۾ ڌڪن جا نشان به تِن ڏينهن جا آهن“ نورڻ مٿي تان هيڪڙ ٻيڪڙ ميندي رتا وار پاسي ڪري مٿو جهڪائي ڪاڪي کي ڏيکاريو.

”هائو هائو“ ڪاڪي ڪنڌ لوڏيو.

”ها، سو چيم ٿي ته اُهي وخت ٻيا، اڄوڪا وخت ٻيا. اڄ ساڃهه صفا لڏي ويئي آهي. ملڪ مان مانَ محبت سڀ ويا موڪلائي پر تو پارو مڙد اڃان به آهي جنهن تي لهي اُڀري پيو.“ نورڻ هيتري ڊيگهه کان پوءِ اصل ڳالهه ڏي وريو.

”هائو يار! مُڙسي ته ڪانه ڇڏبي، پوءِ حياتي ته هڪ ڏينهن نيٺ پوري ٿيڻي آهي.“ ڪاڪي فضل چيو.

”پر آءٌ ڀانيان ٿو ته يا صفا پوڙهو ٿي ويو آهين يا وري مُڙسي ڇڏي اٿئي.“ نورڻ ٽوڪر هنيس.

”اهو ڏينهن مرڻ جو ٿيندو، جو مُڙسي ڇڏجي. نه ڪو پوڙهو ٿيو آهيان نه ڪو همت ڇڏي آهيم. تون دل کولي ڳالهه ته ڪر“ ڪاڪو باهه ٿي ويو.

”ته پوءِ دنيا جون ڳالهيون ٻڌيو اڃان ماٺ ڪيئن ڪريو ويٺو آهين؟“ نورڻ چيو.

”ڪهڙيون ڳالهيون؟“ ڪاڪي حيرت مان پڇيو.

”وڃ…! ننڊ ۾ آهين ڇا؟… اي آءُ اهي ڳالهيون ڳوٺ مان ٻُڌي نڪتو آهيان. تو جي نه ٻُڌي آهي ته ٻُڌ. چون ٿا ته تنهنجي گهرواري ڪاري آهي. هن جي پيٽ ۾ توجو ٻار ڪونهي، هاڻي ٻُڌئي.“ نورڻ جوش ۾ ڏڪندي چيو.

”ماڻهو وتن… آءٌ ڪو انڌو آهيان ڇا. تون پاڻ مونجو واقف آهين. آءٌ زال کي وک کڻڻ مان سهي ڪرڻ وارو آهيان. منهنجي ڪاڪت جي کبر به مون کي آهي. اڄ اهي ڳالهيون ڪرڻ وارا مون کي پرڻائن، جي اُها به پيٽ سان نه ٿي ته مون کي گهروڙي بجو ڏجئين. ايڏي ڪاڪت اڃان سنبران پيو، ٻڌءِ نورڻ!“ ڪاڪي فضل ڳالهين ڪرڻ وارن کي وڏي گا ڏيندي نورڻ کي پنهنجي طاقت بابت واقف ڪندي چيو. ۽ نازو جي ٿيندڙ ٻار کي نج پنهنجو ڪوٺيو.

”ٺيڪ… جي توکي اڃان بانور آهي پڪ آهي ته پوءِ دنيا جي ٻوٿ ۾ ڇائي. باقي ماڻهو ڪنهن سانوڻ جو نالو پيا وٺن. ڪو تو وٽ ڌراڙ آهي. ته پوءِ ان کي ڇو وهاريو اٿئي. ڪڍي ڇڏينس. نه هوندو ته ماڻهن جا وات پاڻهي بند ٿي ويندا.“ نورڻ ڪاڪي فضل جي دعويٰ کي مڃيندي کيس مفيد مشوري سان نوازيو.

’ها، بروبر… پر انهي ۾ به هڪڙي ڳالهه اٿئي. ڏس ڌراڙ سؤ لڀي پوندا، هڪڙو ويو ته ڇا ٿيو. پر اهي ساڳيا گلا خور وري چوندا ته ڏٺان، اسان جي ڳالهه سچي نڪتي. فضل نيٺ اکين ڏٺو تڏهن ڌراڙ کي ڪڍيائين، پوءِ اهي ڍيڪ ڏيڻ وارا ٻيڻي خواري ڪندا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com