سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

 

صفحو :7

ڪيرت ٻاٻاڻي

درد، جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو

هو ماسترن واري ڪمري ۾ داخل ٿيو ته کيس هڪ ميرو، ڦاٽل ۽ مروٽيل سروٽيل ڪاغذ جو ٽڪرو مليو. پني کي سنواري، ان تي پينسل سان لکيل ڪچا ۽ اَڏا ابتا اکر پڙهيائين – هڪ دفعو، ٻه دفعا، ٽي دفعا – ور ور ڪري چٺيءَ ٽڪر پڙهيائين. ڪجهه هيئن لکيل هو:

”پياري نرملا،

”مان تو کي ڪيترو نه ڀانيان ٿو! تو کي گهڻوئي ٿو ياد ڪريان، پر تو ته شايد مون کي ڀُلائي ڇڏيو آهي. مان تو کي رسيس جي وقت ڳوليندو آهيان، پر تون ڪٿي به نه لڀندي آهين. اڄ مون سان ضرور ملجانءِ. – تنهنجو،هريش“

ٻارهن سالن جي هن معصوم ٻالڪ جو معصوم خط پڙهي، هو هڪ طرف تپرس ۾ پيو ته ٻئي طرف مونجهاري ۾ ويڙهجي ويو. اهو خط کيس انهيءَ مراد سان مليوهو ته هو ان جو نيڪال ڪري؛ ڇوڪري کي تنبيهه ڪري، جنهن جي سر تي پريم جو ديوتا سوير ئي سوار ٿيو هو. اهڙي خط جو هو ڪهڙونيڪال ڪري، اُن سوچ ۾ هو ٻڏي ويو.هن کي پهريون خيال اهو اُتري آيو ته ڇوڪري ۽ خط کي اسڪول جي هيڊ ماستر جي حوالي ڪري، جئن هوئي پنهنجي هٿن سان انهيءَ معاملي کي فيصل ڪري؛ پر اوچتو سندس خيال کي ڇٻي اچي وئي. اسڪولي جيوَن جو هڪ واقعو بجليءَ جي چمڪاٽ جيان سندس اکين اڳيان ڦري آيو. هوبهو اهڙو واقعو – منوهر ۽ گوپي، گوپي ۽ منوهر!

گوپي ۽ منوهر سندس هم – ڪلاسي هئا. گوپي ڪلاس جي شيرڻي ليکي ويندي هئي. ڪنهن ڇوڪري کي ساهس نه ٿيندو هو جو سندس سامهون بيهي سگهي. هن سان چرچو ۽ کِل ڪرڻ ته ڏور رهيو، پر ساڻس چپ چورڻ جي همت به ڪن جزوين کي ٿيندي هئي. هرڪو هن کان ذري گهٽ ڪنبدو ۽ ڪَن هڻندو هو.هوءَ اهڙي رعب سان هلندي هئي، جو لاٽ جي پٽ کي به آخر ۾ نه آڻيندي هئي. ڀرسان ڪير لنگهي ويندو هوس، ته مجال آهي جو اک کڻي به نهاريس! رستي تي اڙٻنگ ڇوڪرا ڪيترا به چرچا ۽ مسخريون ڪري سندس ڌيان نه ڇڪائي سگهندا هئا؛ ۽ جي اتفاق سان ڪنهن ڏانهن ڪَوڙي نظر کڻي اڇليندي هئي ته اهو ڇوڪرو رڍ وانگر ٻين جي پٺيان لڪي هلڻ شروع ڪندو هو. جيڪڏهين ڪنهن ڇوڪري جي ڀرسان لنگهندي هئي، ته هو پنهنجي پاسي ۾ سچ پچ شيرڻيءَ کي محسوس ڪري ڊنل هرڻيءَ وانگر چار وکون پٺتي هٽي ويندو هو. رستي تان ويندي، اکيون ۽ لوندڙيون ’هوشيار‘ جي حالت ۾ ائين سڌيون ڪري هلندي هئي، جئن قواعد ۾ سپاهي: مجال جو اک کڻي ڇنڀي يا ڪنهن تي پاسيري نظر اڇلائي! ڪنهن رستي يا گهٽيءَ مان گذرندي هئي ته ڪيترائي شائق سندس انهيءَ شهاڻي رعب جو نماءُ ڏسڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندا هئا.

هوڏانهن منوهر گوپيءَ جي اُبتي ڪاپي هو. نالو منوهر هوس، پر اسڪول جا سنگتي کيس ’پوپري‘ ڪري پڪاريند اهئا. ڪنهن ڇوڪريءَ جو نالو سندس اڳيان وٺجي ته سندس ڳلن تي رت مڙي ايندو هو ۽ ڪَنَ جون پاپڙيون به سرخ ٿي وينديون هيس. ڇوڪرين کان ڏهه ڪوهه ڏور ڀڄندو هو. جي ڪا ڇوڪري ڀرسان لنگهندي هيس ته پاسيرو ٿي ويندو هو، يا ڪجهه قدم پٺتي هٽي ويندو هو. گهر ۾ ڪا ڇوڪري ايندي هين ته پاڻ ڪونه ڪو بهانو ڪري ٻاهر کسڪي ويندو هو. ڪلاس ۾پڻ ڇوڪرين جي بينچن کان گهڻو گهڻو پٺتي وڃي ويهندو هو. ڇوڪرا کيس تنگ ڪرڻ لاءِ پويون بينچون والاري ڇڏيندا هئا، ته هو اَپدا هيٺ اچي ويندو هو. پنهنجي بينچ تي هميشہ اکيون هيٺ ڪري ويهندو هو. رستي تان هلندي، پري کان ڪا ڇوڪري ڏسندو هو ته نظرون ڌرتيءَ ۾ کُپائي ڇڏيندو هو.مجال آهي جو ڪنهن وقت اکيون مٿي ڪري ڪنهن ڇوڪريءَ جي چهري ۾ چتائي سگهي! سامهون ايندڙ ڇوڪري جيسين گهڻو پري نه هلي ويندي هئي، تيسين پنهنجون اکيون سڌيون ڪري نه سگهندو هو.

-  ۽ گوپيءَ ۽ منوهر جو پاڻ ۾ پريم هو! اهڙي ڳالهه کيس منوهر ٻڌائي هئي. منوهر سندس پاڙيسري هو، سندس متر هو، ۽ سندس دل – گهُريو دوست پڻ. اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي، جا منوهر کانئس ڇپائي رکي هجي. پهريون دفعو جڏهين منوهر ساڻس اها ڳالهه ڪئي ته کيس ويسهه ۾ نه آئي ۽ هو وسميه ۾ پئجي ويو هو. هن سوچيو هو: ’منوهر ۽ پريم! ... گوپي ۽ پريم! ... منوهر ۽ گوپي! .... منوهر ۽ گوپي ۽ پريم!‘ ڳالهه اعتبار کان ٻاهر هئي؛ پر جنهن سچائيءَ سان منوهر اها ڳالهه چئي هئي، تنهن ۾ شڪ جي گنجائش نٿي رهي.

منوهر رام جي گهر ويندو هو. رام نه صرف سندس دوست ۽ هم – ڪلاسي هو،بلڪ پاڙيسري پڻ. ۽ گوپي، رام جي ڀيڻ جي ساهيڙيءَ جي ناتي، نت نيم رام جي گهر ايندي هئي. منوهر پهريان ڪجهه ڏينهن رام جي گهر ايندي ڇرڪيو، پوءِ شرمايو، ۽ آخر ۾ اکيون هيٺ ڪري ويهندو هو. هو آهستي آهستي گوپيءَ کي ترڇين نظرن سان جاچيندو ٿي رهيو. گوپي، جا ڪلاس ۾ سڀني لاءِ شيرڻي هئي، سا کيس هت بالڪل اڌ ڀت لڳندي هئي. کيس اعتبار ۾ نٿي آيو ته گوپيءَ جو پڻ ههڙو روپ ٿي سگهي ٿو! هوءَ اسڪول واري گوپي نه پر بلڪل عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ گوپي هئي، جا رام جي گهر ۾ هرڻيءَ وانگر ٺينگ ٽپا پيئي ڏيندي هئي، ۽ کل ۽ ٽهڪڙو پئي وسائيندي هئي.اهڙو انوکو ۽ نرالو گوپيءَ جو روپ، منوهر کي پهرين اسنڀؤ لڳندو هو، پوءِ تپرس ۾ وجهندڙ لڳو، ۽ آخر عجيب ڪشش ڏيندڙ ڀاسيو. گوپي منوهر ڏانهن نهاريندي هئي، مشڪندي هئي، بعضي بعضي ناز سان نگاهون اڇلائيندي هئي، - ۽ ويچاري منوهر جي سانيتڪيءَ دل جي دنيا ۾ خوفناڪ زلزلو مچائي، ان جي ڀتين کي بنياد کان ڌوڏي ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيندي هئي.

۽ منوهر؟ ٿوري وقت ۾ منوهر جي ڪايا پلٽجي ويئي. منوهر ساڳيو منوهر نه رهيو. هو هڪ وچتر ڪردار بڻجي پيو. کيس جيترو گوپيءَ جي نراليت تي تعجب لڳندو هو، اوترو ئي پنهنجي بدليل شخصيت تي. ڪڏهين ڪڏهين کيس اعتبار ۾ نه ايندو هو ته ٻاهر وارو منوهر ۽ هيءُ منوهر ڪو ساڳيون شخصيتون آهن! کيس انهن ٻن شخصيتن ۾ ڪو سنٻنڌ نظر نه ايندو هو، ڪو ميل – ميلاپ سمجهه ۾ نه ايندو هو. رام جي گهر هو پنهنجو پاڻ کي سمجهي نه سگهندو هو.

منوهر نت نيم رام جي گهر ويندو هو، ۽ گوپي پڻ وس پڄندي ڀيرو نه ڀڃندي هئي. ٻئي ڄڻا پوري وقت تي هڪٻئي جو انتظار ڪندا هئا، ۽ عين ساڳئي وقت اُتي موجود هوندا هئا. هڪٻئي کي ڏسندي، هو شرمائجي ويند اهئا. هڪٻئي سان نظرون ٽڪرجڻ تي هنن جي چپن تي مسڪراهٽون ماکي هاري ڇڏينديون هيون، ۽ ترڇين نظرن سان هڪٻئي کي ڏسي، اکين جو ڍؤ ڪندا هئا؛ پر هڪٻئي سان ڳالهائيندي هچڪندا هئا. جيترو وقت هو اُتي موجود هوندا هئا، اوترو وقت هنن جي دلين جي ڌڙڪ ۽ اکين جي لڪڇپ جاري هوندي هئي. ڪيترا مهينا هو،نديءَ جي ٻن ڪنارن وانگر، هڪٻئي جي سامهون يڪايڪ هلندي به هڪٻئي ۾ ملي نه سگهيا هئا. هو پنهنجي سيني ۾ اٿاهه پريم جو درياءُ سمائي، خاموشيءَ جي مُهر لڳائي، خوابن جي دنيا ۾ دور دور هلندا ٿي ويا. هڪٻئي جي بلڪل ويجهو هوندي به دور هئا؛ ۽ هڪٻئي کان دور هوندي به ويجهائي محسوس ڪندا رهيا.

هڪڙي ڏينهن  منوهر هن وٽ ڊوڙندو آيو هو. سندس من ۾ وياڪلتا، ۽ چهري تي پريشاني هئي. ائين ٿي ڏٺو ته سندس دل ڪنهن ڳري بوجي هيٺ دٻجي رهي هئي. دل جو بار لاهڻ لاءِ هو بي صبر ۽ اتاولو ٿي رهيو هو. هن هر هر ڪرسيءَ تي ويهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر من اندر ايتري ته لوڇ ۽ بي آرامي هيس جو ڪٿي به ٽڪاءُ نٿي آيس. هر هر اُٿ – ويهه ٿي ڪيائين. جڏهين پنهنجي من جي سموري آترويلا جو ورنن هن سان ڪيائين، تڏهين من هلڪو ٿيس ۽ آرام آيس. پهريون ئي دفعو پنهنجي پريم جو راز پنهنجي سيني مان ڪڍندي، هڪ طرف دل جي ڌڪ – ڌڪ ٿي محسوس ڪيائين، ته ٻئي طرف پريم جو بوجو هلڪو ٿيندو ٿي محسوس ڪيائين. منوهر جي دل جي ڪيفيت ڪجهه عجيب هئي. هو ايترو وقت پريم تي خاموشيءَ جي مهر لڳائي، پريشان ٿي رهيو هو. سندس دل جا اُڌما کيس وياڪل ڪري رهيا هئا. سندس دل جي ڌڙڪ کيس تڙڦائي رهي هئي. هن پنهنجي دل جو راز ڪنهن وٽ کولي رکڻ ٿي گهريو. هن پنهنجي پريم جي پشپن کي ڪنهن جي اڳيان ڀيٽ رکڻ ٿي گهريو. هن چاهيو ٿي ته پنهنجي دل جا بند ٽوڙي، سيلاب بڻجي، ڪنهن جي دل پريم ساگر ۾ ٻوڙي ڇڏي. هن جي دل، اَجهل بڻجي، پريم جي پالوٽ ڪرڻ ٿي گهري. هن پنهنجي دل کي کولي گوپيءَ جي اڳيان رکڻ ٿي گهريو – جئن هن وٽان پريم جي موٽ پائي، هو دل کي تسڪين ڏئي ۽ آنند جي ساگر مان سرڪيون ڀري.

هڪ ڏينهن، ٽاڪ منجهند جو، اونهاري جي تتل ڏينهن جئن اسڪول بند ٿيو، تئن ٻار نچندا ٽپندا ٻاهر نڪتا. سج آسمان مان پگهاريل باهه پئي وسائي. ڌرتيءَ نهائينءَ وانگر گرم هوا جون ڦوڪون پئي ڏنيون. منوهر بي اختيار ڪنهن جي پٺيان ڌيري ڌيري هلندو رهيو. هو، بيخيال، ڪنهن جي جستجو ۾ هو. سندس من ۾ جوشيلي ساگر وانگر ڇولين جو ايترو ته زور هو، جو کيس خبر نٿي پيئي ته اهي من ۾ اٿندڙ ڇوليون کيس ڪيڏانهن گهلي رهيون هيون. اسڪول جو رستو طي ٿيو. شهر جو شاهي رستو پورو ٿيو. گهٽين پٺيان گهٽيون آيون ۽ وينديون رهيون. گوپي اڳيان، ۽ منوهر پٺيان. گرميءَ جي تابش ڪري گوپيءَ جي ڳلن تي باهه جهڙي لالائي ڦهلجي ويئي هئي. سندس سارو جسم تپت ۾ ڄڻ پڄري رهيو هو. منوهر مٿان سج جي گرم ترورن خوب حملو پئي ڪيو، ۽ سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. سندس پيشانيءَ تان پگهر جون شفاف بوندون گسڪي، گرم ڌرتيءَ سان ملي، بخار بڻجي ٿي ويون. پر منوهر جي دل جي حالت ڪجهه عجيب هئي. ٻاهر هيڏي گرميءَ هوندي به سندس جسم ۾ هلڪو سياٽ ٿي اڀريو. سندس دل جي ڌڙڪ ايتري تيز هئي، جو ڀرسان لنگهندڙ کي، گهڙيال جي ٽڪ – ٽڪ وانگر، دل جي ڌڪ – ڌڪ جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ اچي. هو پاڻ کان بيخبر، گوپيءَ کان بيخبر، هن جي پٺيان هلندو پئي ويو.

گوپي هينئر پنهنجي گهر کي ويجهي پوندي ٿي ويئي. منوهر پنهنجي دل جي رفتار سان قدم جي رفتار پڻ وڌائي. جئن هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙيا، ته سنسناٽ لڳي پيئي هئي. منوهر تڪڙي وک وڌائي بجليءَ جي جهٽڪي جيان گوپيءَ جي اڳيان اچي بيٺو. کين خبر نه رهي ته ڪي خونخوار اکيون سندن مٿان ڦري رهيون آهن. هو ڇا چوي؟ کن لاءِ ٻئي پنڊ پهڻ وانگر ڄمي ويا. منوهر جي ڏڪندڙ بدن ۽ لرزندڙ زبان مان هڪ حرف به نه نڪتو. هن هڪ پني ٽڪر وڌائي گوپيءَ جي هٿ ۾ ڏنو، جنهن تي ٻه سادا جملا لکيل هئا: ’مان تو کي ڪيترو نه چاهيان ٿو! تون مون سان اڪيلائيءَ ۾ ملندينءَ؟‘ گوپي سراپجي وئي. سندس اکين مان باهه ٿي نڪتي. سندس چپ سرءَ جي سڪل پنن وانگر ٿي ڦڙڪيا. هن شوخ نگاهن سان منوهر کي ڏٺو – جئين شيرڻي پنهنجي شڪار کي ڏسندي آهي. جڏهين گوپيءَ گهر اندر پير پاتو ته مٿس باهه ٻري آئي.ڪي جو ڪي کيس ٻڌڻو پيو. هن ڪابه ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. سندس نيڻن مان مشڪل سان ٻه گرم آنسو نڪري هيٺ ڪريا.

۽ منوهر! گهايل پرندي وانگر، پنهنجي کنڀڙاٽين کي لڏائيندو، لمائيندو، نيم – بيهوشيءَ جي حالت ۾ پنهنجي گهر ۾ اچي کٽ تي ڪريو. ڪافي وقت سڌ ٻڌ وڃائي پيو هو. ڪن ڪلاڪن کان پوءِ هو جڏهين سامت ۾ آيو، ته ائين ٿي لڳو ته ڪنهن سندس دل کي چيڀاٽي وڌو آهي. سندس چهري تي اهڙا آثار ٿي ڏٺا، ڄڻ ڪن ڪلاڪن جي اندر هن جي چهري جي مکڙي مرجهائجي وئي هجي.

ٻئي صبح جو منوهر کي هيڊماستر جي ڪوٺيءَ ۾ سڏ ٿيو. جڏهين هو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتو، تڏهين سندس چپن ۽ نراڙ تان رت وهي رهيو هو. سندس چهرو ڪوئلي وانگر ڪاراٽجي ويو هو، ۽ سندس ڀُوري بدن مان ڄڻ ڪنهن رت چوسي ورتو هو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.

پاڻ ان وقت منوهر جي انتظار ۾ اسڪول جي پوئين ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو؛ ڇاڪاڻ ته کين پرون ته اڳ ۾ ئي پئجي ويا هئا. منوهر اونڌي ڪنڌ اچي سندس ڪلهن تي ڪريو، ۽ ننڍڙي ٻار وانگر سڏڪا ڀري رئڻ لڳو. پاڻ گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي، منوهر کي، ڪلهي جو سهارو ڏيئي، اسڪول جي احاطي کان ٻاهر آندائين، ۽ کيس سائيڪل تي ويهاري گهر پهچايائين. ان ئي ڏينهن منوهر بستري داخل ٿيو. گهر ۾ ٻڌايائين ته سائيڪل تان ڪريو آهي، پر ڳالهه ته وڄ وانگر پکڙجي ويئي. منوهر کي بخار آيو، جو وڌي مدي جو بخار ٿيو. مدي جي بخار ۾ هو ايترو وڦلندو ۽ رڙيون ڪندو هو، جو مائٽن جي ڳلن تان آنسو ئي نه سڪندا هئا. ڏيڍ مهيني جي پيڙا کان پوءِ هو بستري تان اٿيو؛ پر منوهر ساڳيو منوهر نه رهيو. اُن ڏينهن کان پوءِ هو وري اسڪول ۾ نه آيو. هو ڪنهن سان ملڻ نه چاهيندو هو. هو ماڻهن جي ويجهائي پسند نه ڪندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ معلوم نه آهي ته ڪيڏانهن الوپ ٿي ويندوهو. هن جي منهن تان مرڪ غائب هوندي هئي. ڪڏهين سندس منهن تي مشڪ ڏسبي هئي، ته سندس چهرو بلڪل عجيب لڳندو هو. ڪڏهين ڪڏهين ان کان پوءِ به منوهر ساڻس ملندو هو ته سندس اکين مان جهر جهر نِير وهي ايندو هو. هو منوهر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، همٿائيندو ۽ دلاسا ڏيندو هو، پر منوهر خاموش ويٺو رهندو هو، ۽ پوءِ اوچتو اُٿي هليوويندو هو.

- ۽ گوپي؟ ان ڏينهن کان پوءِ وري ڪنهن گوپيءَ کي نه ڏٺو. هن وري اسڪول ۾ پير نه ڌريو. ائين چيو ويندو هو ته کيس ناناڻي گهر موڪليو ويو هو. ائين به ٻڌبو هو ته ان ڏينهن کان گوپيءَ ڪنهن سان کِلي نه ڳالهايو هو. سندس شوخي ختم ٿي چڪي هئي. هوءَ ڪنهن اونهي درد جي هيٺ کوهِي گهمندي هئي. هن گهڻو ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. هوءَ اڪيلائي پسند ڪندي هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، بيسُرت، ڪنهن اونهي پُور ۾ پيئي هوندي هئي. ڪڏهين ڪڏهين سندس اکين مان ڳوڙهن جي ڌارا ڦُٽي نڪرندي هئي. ۽ ائين به ٻڌبو هو ته کيس زوريءَ شادي ڪرائي ويئي هئي، ۽ ٿوري وقت ۾ هوءَ .......

يڪايڪ اسڪول جي گهنڊ پنهنجي سيني تي لڳندڙ ٺڪاون کان اهڙي ته زوردار چيخ ڪئي، جو هن کان ڇرڪ نڪري ويو. رسيس ختم ٿي چڪي هئي. هو ڪرسي ڇڏي بي اختيار ڪلاس طرف وڌيو. ڪيئن ۽ ڪيڏيءَ مهل هوڪلاس ۾ گهڙيو، تنهن جي سمڪ کيس نه رهي. هو ننڊ ۾هلندڙ شخص جيان پئي ڀاسيو. ڪلاس اندر داخل ٿيڻ سان هن زور سان چلايو – ”منوهر!“  سڀني ڇوڪرن کان ڇرڪ نڪري ويو. هنن ماستر جو اهڙو عجب روپ اڳ ۾ ڪڏهين ڪونه ڏٺو هو. هو منجهي پيا.

ڪجهه پلڪن کان پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. هاڻي کيس معلوم ٿيو ته هو ڪٿي آهي، ۽ ڇا ڪري ويٺو آهي. هن محسوس ڪيو ته دل جي پيڙا هيٺ هو سڌ ٻڌ وڃائي ويٺو هو، ۽ پنهنجي دل جي اندر درد کي نه سمائي سگهيو هو. هن پنهنجي هٿ وارو ڪاغذ هٿ ۾ ئي مروٽي سروٽي دريءَ کان ٻاهر اڇلايو، ۽ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري، هڪ اونهو ۽ ٿڌو ساهه ڀري، ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

رضيه سجاد ظهير

سنڌيڪار: سڪينا يار محمد

”موٽي نه اچجانءِ“

دنيا ۾ هر روز بيشمار روح ايندا رهن ٿا. ٻڌجي ٿو ته هن جهان ۾ اچڻ کان اڳ هر هڪ روح کي الله جي اڳيان حاضر ٿيڻو پوي ٿو، انهيءَ لاءِ ته جيئن کيس ٻڌايووڃي ته هو دنيا ۾ ڇا ٿي وڃڻو آهي. اهڙيءَ طرح، هڪ فلسفيءَ جو روح هو – ڳالهه ڳالهه تي ’ڇو‘ ۽ ’ڇا‘ پڇڻ وارو روح. جڏهن هو الله جي اڳيان حاضر ٿيو، تڏهن الله تعاليٰ کيس فرمايو، ”مبارڪ اٿئي، اي روح، جو آءٌ تو کي ’اشرف المخلوقات‘ بنائي، دنيا ۾ موڪلي رهيو آهيان“. اهو ٻڌندي ئي فلسفيءَ عرض ڪيو، ”پروردگار، تو ته مون کان زياده سهڻا سج، چنڊ ۽ تارا بنايا آهن، مون کان وڌيڪ پاڻيءَ بجليءَ ۽ هوا کي طاقت ڏني اٿيئي، ۽ مون کان وڏا وڏا جانور پيدا ڪيا اٿئي، ان هوندي به تون مون کي اشرف المخلوقات ڪيئن ٿو ڪوٺين؟“ هن جي اهڙيءَ گستاخيءَ تي، رحم ۽ ڪرم جي مالڪ مرڪي ڏنو؛ ڪائنات مان ٽهڪن جو آواز آيو، ۽ سج چنڊ تارن کِلي ڏنو: ’انسان، - ازل کان شوخ!‘ ڪائنات جي ٽهڪن ختم ٿيندي ئي، هڪ ڌنڌ ڇانئجڻ لڳو. فلسفيءَ گهٻرائجي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. اوچتو هڪ آواز آيو: ”ها، مون تو کي اشرف المخلوقات انهيءَ ڪري بنايو آهي جو جهان جي سڀني ساهوارن کان تو کي ٻه نعمتون زياده عطا فرمايون اٿم: ’هڪ احساس جي طاقت،‘ ۽ ٻي ’زبان‘- يعني جيڪي به محسوس ڪرين، سو زبان ۽ ٻوليءَ جي وسيلي ظاهر ڪرين ۽ ٻين کي چئي ۽ ٻڌائي سگهين.“

فلسفي وري ويچاري ڪجهه پڇڻ تي ئي هو، ته اوچتو ڪنهن جي هٿن کيس ڳچيءَ کان سوگهو جهلي زمين جي طرف ڌڪو ڏنو. آسمان جي بلنديءَ کان زمين جي هيٺانهينءَ طرف مسافري ڏاڍي اڻانگي هئي. فلسفيءَ جو روح آهستي آهستي زمين جي طرف لهڻ لڳو. جيئن جيئن زمين کي ويجهو پوندو ويو، تيئن تيئن کيس زمين جون رنگينيون زياده معلوم ٿيڻ لڳيون: نانگن وانگر ور وڪڙ کائيندڙ درياهه، ميلن جا ميل سرسبز کيت، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل، فضا ۾ اڏامندڙ هوائي جهاز، ڪارخانن مان نڪرندڙ پيچدار دونهان، وڏيون وڏيون عمارتون، بجليءَ رفتار ريلون، ۽ انهن مڙني جي وچ ۾ انسان جي بستي! مرد ۽ عورتون، سندن رسِ- ڀريا گيت، رنگين لباس، حسين تصويرون، لطيف شعر، ۽ معصوم ٻچن جو شور!

فلسفيءَ کي ائين معلوم ٿيو ته بنا ڪنهن ارادي جي سندس رفتار جيئن پوءِ تيز ٿيندي پئي وڃي- گويا زمين کيس پنهنجي طرف ڪشش ڪندڙ هئي. اوچتو سندس پير زمين سان وڃي لڳا، ۽ کيس پيرن هيٺان هڪ نفيس بخملي غاليچو محسوس ٿيو. چوطرف ڪرسين جون قطارون ڏسڻ ۾ آيون. سامهون هڪ خوبصورت پنڊال ٺهيل هو، جنهن ۾ بي انداز رنگا رنگي بلب لڳل هئا. اسٽيج تي ڪوچ پيل هئا، جن تي ڳچ ويٺل ماڻهن پاڻ ۾ سس پس پئي ڪئي. وڏي دروازي مان هڪٻئي پٺيان ماڻهو ايندا ڪرسين تي ويهندا پئي ويا. فلسفي، آسپاس نظر ڦيرائي، اڃا هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو ئي هو ته ڪنهن پٺيان قميص کان کڻي جهليس:

”اتي ڪيئن ٿا ويهو؟ سيٽون رزروڊ ٿيل آهن!“

”ڇا چيوَ؟“ فلسفيءَ ٻيهر ٻڌڻ جي خيال سان کانئس پڇيو.

”چيم ته اهي ڪرسيون انهن لاءِ آهن، جن مشاعري ڏسڻ لاءِ سو سو روپيا ڏنا آهن؛ اوهين به جيڪڏهين سو روپيا ڏيو ته اڃا به ٻه چار ڪرسيون خالي آهن.“

”مون وٽ رپيا ڪٿان آيا،“ فلسفيءَ گهٻرائجي چيو، ”آءٌ ته سڌو خدا وٽان پيو اچان، اتي ته روپئي ٻُپئي جي ڳالهه ئي ڪانه هئي! خدا جي ملڪيت ۾ جيڪڏهن روپيا هجن ها، ته ضرور پاڻ سان کنيو اچان ها. مون کي شعر سان زياده دلچسپي آهي؛ چڱي شعر جو داد به ڏيئي ڄاڻان؛ تنقيد کان به ٿورو گهڻو واقف آهيان: شعر جي تنقيد متعلق منهنجي ذاتي راءِ آهي ته .......“

”آءٌ اها بڪواس ٻڌڻ نٿو گهران، ..... هتان اٿي پٺيان وڃي ويهه.“

فلسفيءَ چوڌاري نهاريو، ۽ پوءِ آهستي آهستي اتان اٿي پٺيان وڃي ويٺو. کيس منڍ واريءَ ڪرسيءَ تان لوڌجڻ جو ڏاڍو ڏک هو؛ ڇو ته انهيءَ ڪرسيءَ تان سڀني شاعرن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهيو ٿي. اوچتو اسٽيج تي هڪ ماڻهو اٿي بيٺو؛ مائڪرو فون تي هڪ شاعر جو نالو ورتائين. ايتري ۾ هڪ شاعر، پنهنجو نالو ٻڌندي ئي، اچي اسٽيج تي حاضر ٿيو. فلسفيءَ ڪنڌ مٿي ڪري شاعر کي ڏٺو. پورو پنو قد، بدن ۾ ڏٻرو، سانورو رنگ، جنهن ۾ هلڪي پِيلاڻ – جهڙو تتل ٽامون؛ اداس نگاهون، جن مان دائمي جستجو پئي نظر آئي. فلسفيءَ کي سندس شخصيت ڏاڍي پسند آئي.

- ”هت هزارين حاذقن دعوا ته ڪئي ڪيڏي اچي،

پوءِ به ڏس انسان اهو برباد ويران آ اڃا!“

”زبان بند ڪر، مذهب تي حملو برداشت ڪري نه سگهبو!“ هڪ وڏو گوڙ ٿي ويو.

”حضرات، مون ته ائين محسوس ڪيو آهي .....“ شاعر جواب ڏنو.

”تو جيڪي محسوس ڪيو آهي، سو پاڻ وٽ رک! ...“

جيئن پوءِ تيئن مخالفت وارا وڌندا ويا. فلسفي گهٻرائجي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو: ’پروردگار فرمايوهو ته مون تو کي احساس ۽ زبان جي طاقت ڏني، يعني جيڪي محسوس ڪندين سو ظاهر ڪري سگهندين؛ پر هت ته قصو ئي الٽو لڳو پيو آهي! منهنجا مالڪ، هيءُ ڇا پيو ٿئي؟‘

”مون ته فقط اهو چيو آهي ته هزارها نبين ڪيڏيون نه بغاوتون ڪيون، پر پوءِ به انسان کي سک نصيب ڪينهي.“

”ڇا ٿو بڪين؟ نبين ’بغاوت‘ ڪئي! حضرت، ٻڌو ٿا؟ .... چوي ٿو ته نبين بغاوت ڪئي! ... غضب آ، مولانا! يعني نبين کي ’باغي‘ چوي ٿو- خدا جو قسم ڪفر ٿو بڪي! لاحول وَلا قوّة اِلا بِالله.....“

”معزز حضرات، اوهان بغاوت جي معنيٰ به سمجهي آهي؟“ شاعر مرڪندي چوڻ لڳو.

”اسين معنيٰ ٻعنيٰ نٿا ڄاڻون، بڪوات بند ڪر!“

”اوهين معنيٰ نٿا ڄاڻو ته اهو منهنجو قصور ڪينهي؛ مان پنهنجي زبان بند نه ڪندس.“ شاعر، پنهنجي گردن کي سڌو ڪندي، جوش ۾ اچي چوڻ لڳو: ”منهنجي زبان کي سچي ڳالهه چوڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي: مان زندگيءَ جو شاعر آهيان، ۽ جيستائين زندگي پنهنجي سموري حسن سان سينگارجي دنيا ۾ ظاهر نه ٿيندي، تيستائين آءٌ اهڙيءَ طرح محسوس ڪندس، ۽ ائين ئي چوندو رهندس!“

چئني طرفن گوڙ ٿي ويو:

”دهريو آهي!“

”ملحد آهي!“

”اشتراڪي معلوم ٿو ٿئي!“

”ڪڍوس! ... ماريوس!“

اوچتو ڪرسيون هڪٻئي مٿان ڪرڻ لڳيون. انسان هڪٻئي سان هٿين پوڻ لڳا. شاعر جو لباس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ڌڪ جهليندو، ٿڙندو ۽ ڪرندو، هو پنهنجي ڳچ قدردانن جي حلقي ۾ اچي ٻاهر نڪرڻ تي هو، ته فلسفيءَ ڏٺو ته هو مُرڪندو پئي ويو! فلسفيءَ وٽان لنگهڻ مهل سندس لباس مان، جو چيرجي ڦاڙجي ذرا ذرا ٿي ويل هو، هڪ اڳڙيءَ جو ٽڪر فلسفيءَ جي پيرن ۾ اچي پيو. فلسفيءَ هڪدم کڻي ورتو. شاعر جي ذهين ۽ ڪمزور شڪل سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. سندس آواز جو جوش ۽ فطرتي خلوص سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو. بي اختيار ٿي انهيءَ اڳڙيءَ کي اکين تي رکيائين. ۽ پوءِ .... سندس نگاهن مان ٻه لڙڪ وهي، انهيءَ اڳڙيءَ ۾ جذب ٿي ويا.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو، ڪنڌ هيٺ ڪريو، آهستي آهستي اسٽيج ڏانهن وڌڻ لڳو. فلسفيءَ کي سندس شخصيت جو احساس ٿيو.هو هڪ مشهور افسانه نگار هو. پنهنجي حلقي اندر سندس وڏي عزت ڪئي ويندي هئي. هن اسٽيج تي قدم رکندي، افسانو پڙهڻ شروع ڪيو. هن جي سادگيءَ ۽ سچائيءَ فلسفيءَ جي دل تي چڱو اثر ڪيو. افسانو ڇا هو، هڪ حقيقت جو اظهار هو. آخر ۾افسانه نگار پڙهيو:

”مان اوهان کي ائين نٿو چوان ته اوهين اشتراڪي ٿي وڃو: مان فقط اهو پڇڻ گهران ٿو ته اوهين انسان سان پيار ٿا ڪريو يا ان کان نفرت؟“

هن انهيءَ هنڌ پهچندي، پڙهڻ بند ڪري، سوال ڪندڙ نگاهن سان مجمعي ڏانهن نهاريو. اوچتو هڪ طرف کان آواز آيو:

”اديب صاحب! هيءَ خالص ادبي مجلس آهي، سياسي آکاڙو ڪينهي: ادب کي آخر انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟“

”ادب به ته سماج جي ترجماني آهي!“ افساني نگار جي ٻالي ڀولي صورت جون نسون ٽاٽ ٿي ويون. هن جي اکين ۾ خون اچي ويو. جذبات کان سندس چپ ڦرڪڻ لڳا. هن گهڙيءَ پل ۾ پاڻ سنڀالي ورتو، ۽ آهستي وڏي جوش سان چوڻ لڳو:

”مان زندگيءَ جو اديب آهيان: زندگي سياست کان الڳ رهي نٿي سگهي: جڏهن آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته دنيا ۾ ڏاڍ ۽ جبر جو راڄ آهي، سِڪن جي عيوض انسان جو خون ۽ عزت وڪجي رهي آهي، تڏهن منهنجو قلم ضرور اها ترجماني ڪندو!.....“

”اوهين ڀل ڇا به محسوس ڪريو، پر ساڳئي وقت ياد رکڻ کپيوَ ته هيءَ خالص ادبي مجلس آهي؛ جيڪڏهن گفتگو علم ۽ ادب تائين رهي ته بهتر. انهيءَ کان سواءِ، اوهين هن ڳالهه کان به انڪار ڪري نٿا سگهو ته ادب جا ڪي دائمي قدر آهن.“

”دائمي قدر؟“ افسانه نگار نفرت ڀرئي لهجي ۾ مرڪيو: ”زندگيءَ جا اهي ڪهڙا دائمي قدر آهن، جن جي اڃا مٽي پليد نه ٿي آهي؟ ٻڌايو، خدا جي واسطي، ڪيترين مائن جا لاڏلا روز بيگناهه ڦاسين تي چڙهن ٿا؛ ڪيتريون ڀيڻون بک ۽ بيجوڙ رشتن سبب پنهنجي عصمت نيلام ڪن ٿيون؛ رات ڏينهن لوڙڻ کان پوءِ به ڪيتراڪٽنب پيٽ ڀري کائين ٿا؛ اناج اپائيندڙن جي گهرن ۾ ڪيترا ويلا دانگي چڙهي ٿي؛ سچ ڳالهائيندي ڪيترا روز جيلن ۾ بند ٿين ٿا؛ واپار ۽ تجارت ۾ ڪيتري ايمانداري آهي؛ انصاف مظلوم جي حق ۾ ٿئي ٿو يا ظالم کي پلئه پوي ٿو؟ ٻڌايو ته اڃا ڪهڙا دائمي قدر آهن، جن جو وجود سلامت آهي؟ اوهين ادب سان فريب ٿا ڪريو، ۽ انسانيت سان غداري ٿا ڪريو! ... مان .....“

”جناب، اوهين حد کان زياده وڌي ويا آهيو. اهو ادب ناهي – اها ته پروپئگنڊا آهي! ڪيترا اديب آهن جي اوهان جي خيال سان اتفاق نٿا ڪن، ۽ پوءِ به انهن جي اديب هجڻ کان انڪار ڪري نٿا سگهو.“

”ها، مان انهن جي انسان هجڻ کان انڪار ڪري نٿو سگهان.“

ائين چوندي هن چٿر طور مرڪيو، ۽ چوڻ لڳو: ”جڏهن مورخ لکندو ته زندگي روئي رهي هئي، تڏهن اديبن ٽهڪ پئي ڏنا؛ جڏهن زندگيءَ خون ۾ ڇڙهيون ٿي هنيون، تڏهن هو نوان اصطلاح ۽ محاورا تيار ڪري رهيا هئا؛ جڏهن عورت جو حسن لٽيو پئي، ۽ سندس جواني سر بازار وڪي پئي، تڏهن هو خاموش ٿي ڏسندا پئي رهيا: مون کي يقين آهي ته ايندڙ نسل اهڙن اديبن کي ’اديب‘ چوڻ ته درڪنار، پر سندن نالي وٺڻ ۾ به پنهنجي لاءِ شرمساري محسوس ڪندو!“ هو ٻه منٽ خاموش ٿي ويو، ۽ وري چوڻ لڳو: ”هڪ سچي اديب جي زبان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي: زندگي جيستائين سينگارجي حسين نه بنبي، تيستائين ’زندگيءَ جو اديب‘ اهڙيءَ طرح سوچيندو ۽ انهيءَ طرح لکندو رهندو! .....“

”خاموش! ..... ويهي رهو!“

”صدر صاحب، هيءَ تمام زيادتي آهي!“ چئني طرفن کان آواز اچڻ لڳا.

اديب، افساني جا ورق ويڙهي، اسٽيج تان لهي، دروازي ڏانهن هلڻ لڳو. جڏهن هو دروازي کان ٻاهر نڪتو، تڏهن فلسفيءَ ڏٺو ته سندس افساني جو پويون ورق اتفاق سان ڪِري پيو، جنهن تي لکيل هو- ”اوهين انسان سان پيار ٿا ڪريو، يا ان کان نفرت؟ ....“ فلسفيءَ اهو پنو کڻي ورتو.

ڪيترا ڏينهن شهر ۾ گهمندي ڦرندي، فلسفي تنگ ٿي پيو. هڪ ڏينهن، هلندي هلندي هو شهر کان ٻاهر نڪري ويو. ٻهراڙيءَ جي خاموش فضا کيس ڏاڍي پسند پيئي. اڃا اڳڀرو هليو ته اوچتو سندس نگاهه ماڻهن جي هڪ انبوهه تي وڃي پيئي. ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿيل هئا، ۽ انبوهه مان ڪنهن جون رڙيون عرشين پئي ويون. فلسفي همت ڪري، ڀرسان بيٺل هڪ پوڙهي جي بغل هيٺان لنگهندي، اندر ڪاهي پيو. هن ڏٺو ته هڪڙو ماڻهو،هٿ ۾ چهبڪ کنيو، هڪ پوڙهيءَ عورت کي وارن کان گهليندو، ماريندو، ۽ وڏي آواز سان کانئس پڇندو ٿي رهيو – ”ڏيندينءَ وري زميندار کي گاريون! .... ٻڌاءِ، .... ٻڌاءِ ....؟“ پوڙهيءَ جون دانهون پئي پيون. سندس وات ۽ ناسن مان رت پئي وهيو.

”مون گاريون ته ڪونه ڏنيون آهن، مون ته زميندار جي ظلم جي ڳالهه ڪئي آهي، جا هينئر به چوان ٿي: زميندار دغا ڪري، دستاويز تي صحيح وٺي، اسان جي زمين ته ڦٻائي ڇڏي، پر اٽلو منهنجي مڙس کي ناحق چوريءَ جي ڪيس ۾ جهلارائي ڇڏيائين! مون ته سچ ڳالهايو آهي. زميندار اسان سان ......“

”هل زميندار وٽ ته تو کي سچ جو مزو چکائي!“ ائين چئي، پوڙهيءَ کي وارن کان گهليندو هلڻ لڳو. ڇڪتاڻ ۾پوڙهيءَ جي وارن جون ڪيتريون ئي چڳون پٽجي ويون. فلسفيءَ هڪ وارن جي چڳ کڻي ورتي، جنهن جي پاڙن ۾ تازو رت لڳل هو. بي اختيار فلسفيءَ جي اندر مان هڪ دانهن نڪتي، ۽ آسمان ڏانهن نهاري چوڻ لڳو: ”پروردگار، تو احساس جي طاقت ۽ زبان انهيءَ لاءِ ڏني هئي؟ انهيءَ احساس ۽ زبان جي ڪري انسان کي اشرف المخلوقات جو لقب ڏنئي؟“ ائين چوندي، سندس اکين مان زارو زار ڳوڙها وهڻ لڳا.

فلسفي ٻهراڙيءَ جي خاموش فضا مان به ڏُکائجي، وري واپس وريو.

هو هڪ نهايت عاليشان ۽ خوبصورت عمارت وٽ پهتو، جنهن جي دروازي تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو؛ ”دفتر هفتيوار ’صداقت‘“. هو اندر لنگهي ويو. کيس ڪيترين ڇاپي جي مشينن ۽ ٽائيپ رائٽرن جي شور ۽ آواز حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ميلن جا ميل ڊگهو پنو اکڇنڀ ۾ ڇپجندي ڏسي، وائڙو ٿي ويو. اڃا انهيءَ حيرت ۾ هو ته ٻه ڳاڙهين پڳڙين وارا، هٿ ۾ چمڙي جا وڏا هنٽر کنيو، بوٽن کي زور سان هڻندا، ٽاپ ٽاپ ڪندا، اندر لنگهي آيا. هنن ايندي ئي رعب ۽ تاب سان فلسفيءَ کان پڇيو:

”ايڊيٽر صاحب ڪٿي آهن؟“

فلسفيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو، ۽ هڪدم پاڻ سنڀالي جواب ڏنائين: ”مون کي معلوم ناهي؛ اندر هوندا.“

”هون،“ ۽ هو اندر ڪمري ڏانهن هليا ويا. ايتري ۾ هڪ نوڪر ڊوڙندو آيو-

”ايڊيٽر صاحب اندر تشريف فرما آهن، هيڏانهن اچو.“

”رستو معلوم آهي،“ لال پڳڙيءَ وارن مان هڪ ڄڻي چيو. ۽ پوءِ نفرت ڀريءَ مرڪ جو اظهار ڪندا، پنهنجا پِيلا پِيلا بُڇڙا ڏند ڪڍندا، اندر لنگهي ويا. ”اسين اڳ به هت آيا آهيون“- پاڻ ۾ چوڻ لڳا.

فلسفيءَ ڏٺو ته انهن ٻن ڳاڙهين پڳڙين جي اچڻ ڪري پريس اندر ساري عملي ۾ پريشانيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. جتان ڪٿان ماڻهو ڪنڌ ڦيرائي ڏسڻ لڳا. ڪرسيون کسڪڻ لڳيون. ٽائيپ رائٽڙ بيهي ويا. پريس عملي مان ڪيترن، ڳاڙهين پڳڙين کي ڏسندي، ڪاوڙ وچان ڏند پئي ڪرٽيا. ڪن ته کين پنهنجي منهن گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، ۽ ڪن ٿڌا شوڪارا پئي ڀريا. جڏهن ڳاڙهي پڳڙيءَ وار ڪمري ۾ داخل ٿيا، تڏهن پريس جي هڪ نوجوان ڪلارڪ سندن پٺيان مُڪ الاري. فلسفي، ڪمري واري دروازي جي اوٽ ۾ بيهي، سوراخن کان اندر نهارڻ لڳو. هڪ وڏيءَ ميز جي اڳيان هڪ ڪمزور جسم وارو ماڻهو ويٺو هو- اکين تي عينڪ، ڳورو رنگ، ڊگهو نڪ، ويڪري پيشاني ۽ گهنڊيدار وار ساري ميز ڪتابن ۽ ڪاغذن سان ڀريل هئي. ڳاڙهي پڳڙيءَ وارا اندر ويندي ئي سندس سامهون بيهي رهيا. ويرم کانپوءِ ايڊيٽر ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ مرڪندي سندن مڪروه صورتن کي ڏٺو. سندس مرڪ ۾ غضب جي خوداعتمادي ڀريل هئي.

”اچي ويؤ اوهين؟“ ايڊيٽر، ائين چئي، وري لکڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ڳاڙهيءَ پڳڙيءَ وارا گهٻرائجي ويا. ائين پئي معلوم ٿيو ته ايڊيٽر جي اڳيان کين پنهنجي نقلي رعب تاب تي شرم پئي آيو – جيتوڻيڪ سندن هٿن ۾ چمڙي جا ٻه وڏا وڏا هنٽر هئا، ۽ ايڊيٽر جي هٿ ۾ فقط قلم. هنن اخبار جو هڪ ڪٽيل ٽڪرو سندس اڳيان رکيو-

”پوءِ ڀلا،“ ايڊيٽر قلم کي روڪي چيو.

”اوهان جي نالي وارنٽ آهي: اوهان کي اسان سان گڏجي ڊپٽي ڪمشنر وٽ هلڻو پوندو، ۽ اوهان جي دفتر جي به تلاشي وٺڻي آهي.“ ائين چئي، هنن کيسي مان وارنٽ ڪڍيو.

”هيءَ ڪهڙي نئين ڳالهه آهي! هلو، .... مان ته هن کان اڳ به ڪيترا دفعا اوهان جو مهمان رهي چڪو آهيان.“ ائين چئي، تڏهن فلسفيءَ ڏٺو ته سندس آڱريون نهايت خوبصورت هيون. فلسفي دل ئي دل ۾ ايڊيٽر جي شاندار شخصيت ۽ مستقل مزاجيءَ کي ساراهي رهيوهو، ته ايتري ۾ ايڊيٽر ۽ ڳاڙهي پڳڙيءَ وارا دروازي کان نڪري ويا.

فلسفي، ڪمرو خالي ڏسندي، تڪڙو تڪڙو اندر لنگهي ويو. ميز تي اخبار جو ڪٽيل ٽڪرو ڏسڻ ۾ آيس، جو کڻي پڙهڻ لڳو. شروع جو حصو ته کيس سمجهه ۾ نه آيو، مگر وچ تي لکيل هو:

- ”هاڻي هن واقعي کي وٺو، جو 10 جولاءِ جي الهه آباد ۾ ٿيو آهي. اخبارن جيڪي لکيو آهي، سو سچ ڪينهي؛ حقيقت کي مروڙي سروڙي بيان ڪيو ويو آهي. اهوصحيح آهي ته هارين برابر پوليس وارن کان هٿيار کسيا آهن، ۽ کين ماريو به آهي؛ پر اهو ذڪر ئي ڪينهي ته پوليس وارا اتي ڇا جي لاءِ ويل هئا: واردات کان اڳ پوليس وارن ڪهڙي روش اختيار ڪئي جو نوبت انهيءَ حد تائين رسي؟ اسين محسوس ٿا ڪريون ته اهڙيءَ ريت حقيقت کي هيٺ مٿي ڪري عام ماڻهن اڳيان غلط خبر شايع ڪرڻ، صحافت کي ذليل ڪرڻ آهي. اسين اهڙيءَ دوکيبازيءَ جي هميشه کان قلعي کوليندا رهيا آهيون، ۽ کوليندا رهنداسون؛ ڇو ته ايمانداريءَ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي تقاضا اها آهي. اسان جي زبان کي سچ چوڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي. دراصل حقيقت هن ريت آهي ته .....“

فلسفيءَ اڃا ايستائين پڙهيو ته ٻاهران ماڻهن جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيس. هن دريءَ کان ڏٺو ته دفتر اڳيان هڪ وڏي ڪاري رنگ جي لاري اچي بيٺي، جنهن مان ڪيترائي ڳاڙهين پڳڙين وارا لهندي ئي دفتر کي ماڪوڙين وانگر چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ وڏيءَ بيدرديءَ سان هر هڪ چيز کي اٿلائڻ پٿلائڻ ۽ چيرڻ ڦارڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ايڊيٽر ۽ اهي ٻئي ڳاڙهيءَ پڳڙيءَ وارا ڪمري ڏانهن اچڻ لڳا. فلسفيءَ ڏٺو ته ايڊيٽر وچ ۾ ويٺو هو، ۽ پِيلن ڏندن وارا ٻنهي پاسن کان – جهڙو ٻن شيطانن جي وچ ۾ فرشتو! فلسفيءَ، اخبار جو ڪٽيل ٽڪرو کيسي ۾وجهندي، دريءَ کان ٽپ ڏيئي، وٺي پيرن تي زور رکيو.

”جهان جا مالڪ،“ هڪ ملائڪ اڏامندو آيو، ”هو فلسفي واپس اچي ويو!“

”هان، ڇو؟  هن کي ته اڃا گهڻو وقت دنيا ۾ رهڻ گهربو هو. ملڪ الموت کي اهڙي همت ڪيئن ٿي جو وقت کان اڳي وٺي آيس!“

”منهنجا مالڪ، ملڪ الموت جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي، هن پاڻ ئي ملڪ الموت کي مجبور ڪيو – درياهه ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪئي اٿس!“

”هاڻ، .......... تڏهن آهي ڪٿي؟“

”پروردگار! زيتون جي وڻن وٽ نه جيڪو انجير جو وڻ آهي، ان جي هيٺان ويٺو آهي. اسان گهڻوئي چيس ته هيڏي وڏي مسافري ڪري آيو آهين، ڪجهه ماکي چٽ يا کير ڍڪ پيءُ، مگر هو جڏهن کان آيو آهي، ائين ئي روئندو رهي ٿو. اسان گهڻو ئي پرچايس، پر پر چيئي نٿو.“

”چڱو، اسان جي اڳيان حاضر ڪريوس.“

ملائڪ اڏامندا ويا. اکڇنڀ ۾ فلسفي خدا جي اڳيان حاضر ٿي ويو. هن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. سڏڪڻ جي ڪري سندس سارو بدن پئي ڏڪيو. هو هڪ ننڍڙي ڳوٿريءَ کي ٻنهي هٿن ۾ جهليو، سيني سان لڳايو بيٺو هو.

”اشرف المخلوقات! تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو؟“

پروردگار جا لفظ ٻڌندي ئي فلسفيءَ هڪ وڏي اوڇنگار ڏني.

”معبود! مون کي اشرف المخلوقات نه چئو: مون کان منهنجو احساس ڦري وٺ، پروردگار! مون کان منهنجي زبان کس، مان اشرف المخلوقات بنجڻ نٿو گهران!“

ملائڪ حيران ٿي ويا. ڪائنات ماٺ ۾ اچي ويئي. انسان فرياد ڪري رهيو هو- انسان جي دل ڏکائي وئي هئي- اهو انسان، جنهن لاءِ ٻئي جهان بنايا ويا هئا!

”ڏس، معبود! هيءُ ڏس .... پنهنجي دنيا جا نمونا!“ ائين چئي، فلسفيءَ ڳوٿري کولي: شاعر جي ڦاٽل لباس جو ٽڪرو، افساني جو آخري ورق، رت سان ڀريل سفيد وارن جي چڳ، ۽ اخبار جو ڪٽيل ٽڪرو، اڳيان رکيائين. سچائي وڏي بهادريءَ سان پيش ڪئي ويئي ..... چوطرف ڪائنات حيرت ۾ پئجي ويئي.

”پوءِ ڀلا، انهن انسانن آخر ۾ ڇا چيو؟“ پروردگار پڇيو.

”آخر ۾ ....“ فلسفيءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه سوچيو، ”آخر ۾ .....“ ۽ هن پنهنجو مٿو کنهيو، ”آخر- ۾ ته انهن سڀني هڪ ئي ڳالهه ڪئي هئي، منهنجا معبود! ’اسان جي زبان کي سچ چوڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي: جيستائين دنيا نه سينگاربي، تيستائين اسين اهڙيءَ طرح محسوس ڪنداسين ۽ چوندا رهنداسين!‘“

ٻه منٽ ترسي، وري هن خودبخود اهڙيءَ طرح ڳالهايو، ڄڻ ڪا وسريل ڳالهه ياد آئي هجيس، يا پنهنجي ڪنهن وڏي غلطيءَ جو احساس ٿيو هجيس. هن ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ سندس چهري تي مرڪ هئي.

هلڪي ڌنڌ ۾ کيس هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”اي انسان! دنيا ڏانهن واپس موٽي وڃ؛ اسان ڏانهن اچڻ جي توکي ڇو ضرورت پيئي؟ ڇا اهي نعمتون تنهنجي لاءِ ڪافي ڪينهن: اسان تو کي احساس ڏنو آهي، سچ جي محسوس ڪرڻ لاءِ؛ زبان ڏني آهي، سچ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ. اي ڪائنات جي سونهن! انهن نعمتن کي کڻي وڃ؛ اهي تو کي سچائيءَ تي قائم رهڻ جو رستو ڏيکارينديون. اي اشرف المخلوقات، هاڻ دنيا کي سينگارڻ کان اڳ اسان وٽ وري موٽي نه اچجانءِ!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com