سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

 

صفحو :10

منو تولارام گدواڻي

اُڌيپور رياست جي سنڌي سرڪار

ٻه ٽي سال ٿيا، هتان جي هڪ انگريزي مخزن ۾ مون جڏهين ظاهر ڪيو ته ’سن 1399ع ۾ اجمير تي هڪ سنڌي مير عبدالباقي ولد سيّد مير علي راڄ ڪندو هو‘، تڏهين چوٻولو مچي ويو. پنهنجا سنڌي چوڻ لڳم ته ’توهان اِن لکڻ سان مقامي ماڻهن جي همدردي وڃائي ڇڏي: هو سمجهندا ته هينئر به اسين ڪو راڄ ڪرڻ آيا آهيون‘. مڪاني تاريخ نويس وري ان کي هڪ لمبي بي بنياد دعوا سڏي، ڪنهن سند جي تقاضا ڪرڻ لڳا. ان وچ ۾ مان لڳس مير عبدالباقيءَ جي پوين جي اجمير ۾ تلاش ڪرڻ. ٻيا حوالا ڏيکاري، خود اجمير جي پهرئين نگرواسي ديوان بهادر هربلاس ساردا جي مشهور ڪتاب ”اجمير“ جي صفحي 149 تي ڏيکاريومانِ ته هو صاحب چوي ٿو ته ’تيرهين ۽ چوڏهين عيسوي صديءَ جي اجمير جي تاريخ جي ڪا ٿوري خبر آهي‘. صفحي 230 تي ڏيکاريل آهي ته ’17 نومبر 1392ع کان 27 آڪٽوبر 1394ع تائين محمود شاهه ثانيءَ جو راڄ هو؛ وچ ۾ نصرت شاهه آيو – ڪڏهين ۽ ڪيتري وقت لاءِ، سا خبر ڪانهي‘. درحقيقت 1398ع ڌاري امير تيمور اسان جي ڀلاري گهوٽ شاهه عبداللطيف جي پڙ ڏاڏي مير عبدالباقيءَ* کي اجمير جو نواب ڪري موڪليو. ٻه ورهيه ته هو ان عهدي تي ضرور رهيو آهي. تاريخ ۾ رهيل خال جيڪڏهين ڪن سنَدن سان ڀرجي، ته اُن ۾ڪهڙي اربع خطا آهي؟ تاريخ نويس کي حقيقت ته نيٺ ٻڌائڻي ئي پوي ٿي.

چيٽ مهيني ۾ گهڻو ڪري سڄي راجسٿان ۾ گنگهور جو ميلو لڳندو آهي، ۽ هڪ وڏو ڏِڻ ڪري ملهائيندا آهن. جئن سنڌ جي پراڻي سڀيتا ٺٽي ۾ وڃي محفوظ ٿي هئي، تئن راجسٿان جون جهونيون رسمون به اُڌيپور ۾ سانڍيل آهن. نئون آيل آدمي هرڪا شي جاچي ڏسندو آهي. ايندي سان اُڌيپور جا نقشا کڻي، خود شهر ۽ اٽڪل چوونجاهه ميلن جي گردي ۾ ان جي پسگردائي مون ڏسي ڇڏي هئي. ڪوشش ڪري، جو به وڏو ڏينهن مقامي ماڻهو ملهائيندا هئا، سو ڏسندو رهيس. اپريل 1948ع ڌاري، هڪ ڏينهن منهنجو هڪ ٺيڪيدار شمشير خان موٽر ڪاهي آيو ته ’آڄ ئي گهنگهور جو ميلو زبردست آهي، جو پچولا تي مهاراجا جي ناوِ جي سواري ٿيندي‘. پچولا هڪ دلفريب، خوبصورت ۽ رمڻيڪ تلاءُ آهي، جنهن جي ڪپ تي اُڌيپور جو شهر ٻڌل آهي. اُن جي ڪنڌيءَ تي مهاراڻي جا شاهي محلات آهن، ۽ ان ۾ جگ – محل ۽ جگ – نواس بيٺل آهن.تلاءَ جو سڄو ڪنارو چوگرد ماڻهن سان سٿيو پيو هو. اسين محلن جي گهاٽ کان وڃي بيٺاسين. پهرين ته سامهون پهاڙيءَ تان عجيب رنگبرنگي آشتبازي اُڏڻ لڳي؛ پوءِ توب جا گولا ڇٽڪيا ۽، مقرر ڪيل ٽاڻي، مهاراجا هڪ عمديءَ طرح سينگاريل ۽ سجايل ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي نڪتو.

باروت ٺهڻ جو اُڌيپور دُن هوندو هو، جنهنڪري آتشبازيءَ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏيل هئي. اَڌيپور کي پنهنجو ’وقت‘ هو، جو هندستان جي اسٽينڊرڊ ٽائيم کان هڪ ڪلاڪ کن اڳي هوندو هو. جئن ڪن ڏينهين حيدرآبد سنڌ ۾ قلعي مان ٻارهين بجي منجهند جو گولو ڇُٽندو هو، تئن اُڌيپور ۾ به رواج هو. 1952ع ڌاري، اَڌيپور جي راجسٿان ۾ گڏجڻ بعد، اهو رواج بند ٿي ويو آهي. اهو توب جو گولو به ساڳيءَ سامهون واريءَ پهاڙيءَ تان ڇٽندو هو.هتي هرڪو ڪم مهورت سان ٿيندو آهي. خاص ڪري مهاراڻي لاءِ ته ان جو خاص ٻنڌن آهي.هر روز شام جو مهاراڻو پنهنجي ڳاڙهيءَ موٽر ۾ شهر جي چڪر تي نڪرندو هو، جنهن جي پٺيان ٻه ٽي لاريون سندس امير امرائن جون ڀرجي هلنديون هيون. گهمڻ لاءِ نڪرڻ جو پورو وقت ۽ رستو براهمڻ، گرهه – گوچر جاچي، روز ٻڌائيندا هوا.جتان اُها موٽر جي سواري لنگهندي، اُنهيءَ هنڌ، جو جِتي سو تِتي بيهجي ويندو، ۽ موٽر سامهون ايندي ئي، نهايت جهُڪي، گردن هلائي، ”اَن داتا! ان داتا!“ چوندا. اهڙيءَ ريت، ناوِ جي سواريءَ جو وقت به براهمڻن مقرر ڪيو هو.

جئن ئي ٻيڙيءَ هلڻ شروع ڪيو، ته زناني گهاٽ اُڌيپور جي ناچڻين جو ناچ ۽ گانو سازن سان شروع ٿي ويو. مهاراجا لاءِ خاص ناچڻيون هونديون هيون، جن کي ’داوِڙيُون‘ ڪري چئبو آهي. انهن جو انداز هزار کن ته چيائون ٿي. اهو سنهو، مٺو ۽ دلڪش آواز، جڏهين سامهون آسمان اڃا سانجهن جي شفق جي لالائيءَ مان رنڱيو پيو هو، پهاڙين سان گهيريل پچولا جي شانت ۽ گنڀير پاڻيءَ جي سطح تان گونجندو، ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو. اهي ڳيت – جن کي اسين هوند سَهرا يالاڏا چئون – ٺيٺ ميواري ٻوليءَ ۾هئا، مگر تلفظ بلڪل صاف ۽ چٽو پئي ٻڌڻ ۾ آيو. آڳاٽي ميواري ٻولي، هنديءَ کان به سنڌيءَ کي وڌيڪ ويجهي آهي. هندي ٻُليءَ ۾ ”جهاڙُو“ چوندا، مگر ميواريءَ چوندا آهن ”بُهاري“- جنهن کي اسين ”ٻهاري“ ٿا چئون. هنديءَ ۾ چون ”منزل“، ميواريءَ ۾ ”ميڙي“- جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ ”ماڙي“ لفظ آهي. اِن سبب، اهي ڳيت ڪي قدر سمجهه ۾ به پئي آيا.

ٻيڙي جڏهين ترندي ترندي سامهون آئي، تڏهين ڏٺم ته اُن سان گويا سلاڙيل ۽ ذري گهٽ ساڳئي ئي ٺاٺِ ۽ تجمّل سان سينگاريل هڪ ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ گهڻي طومان سان هڪ تاجدار ويٺل هو. منهنجي پڇڻ تي ٺيڪيدار ٻڌايو ته ’اها سواري ”سترما اُمراءُ“ جي آهي. قاعدو آهي ته ٻنهي ٻيڙين جي آڳيل بلڪل برابر ٿي هلندي، ۽ مهاراڻي جي ٻيڙي هن کان هڪ اِنچ به اڳي وڃي نٿي سگهي. ٻه سؤ کن سال اڳي هڪ سِندي سردار (ميواري ٻوليءَ ۾ ’سنڌيءَ‘ کي ‘سِندي‘ چوندا آهن)، پنهنجي سِندي سپاهين جي مدد سان، اُڌيپور جي مهاراڻي کي مرهٽن جي حملي کان بچايو هو، جنهن جي اُجوري ۾ اُن جي پوين جي مسند مهاراڻي سان لڳ پوندي آهي: اڄوڪي ڏينهن هن جي سواري مهاراڻي جي سواريءَ سان بلڪل گڏوگڏ هلندي آهي‘.

سنڌ جو نالو اڄ تائين به اسان کي ڏاڍو مٺو لڳندو آهي- مصريءَ کان به مٺو! ان وقت گويا نئين جان اچي ويندي آهي، ۽ اهي اڳيان راحت ڏيندڙ نظارا منقش ٿي اَچي اڳيان ترندا آهن. مون کي ياد آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪچهري ڪندي پڇندا:

”سُونهن ڇا ۾؟“- ’سانوڻ ۾، جو ان وقت ساريءَ قدرت تي سبز ويس پهري‘.

”زور وارو ڪير؟“- ’گهوڙو، جو ڌڙا ڌڙ ڊوڙندو ته زمين به پيئي ڪنبندي‘.

”ڏاڍو ڪير؟“- اَلله، جو چڙهندڙن کي لاهي، ۽ لهندن کي چاڙهي ٿو سگهي‘.

”سُر ڪنهن جو مٺو؟“- ’جنڊ جو، ڇو ته اُن مان پيٽ جي بک لهڻ جو آسرو ٿو پڙپي‘.

ليڪن، اَدا، اسان کان اڄ ڪو پڇي ته ”نالو ڪهڙو مٺو؟“ ته هوند ٺهه ڦهه اهوجواب ايندو- ”سنڌ جو، جنهن سان پيٽ جِي نه، پر روُح جي بک ٿي ميٽجي! ٿوروئي وقت ٿيو هو ته مون اُتي جي هڪ هندي اخبار ۾ اهو ثابت ڪيو هو ته سن 1679ع ڌاري مهاجن ڀاما شاهه، جنهن پنهنجو زر زيور، اَگر تگر، مهاراڻا پرتاب جي حوالي ڪيو هو، سو هڪ سنڌي هو. اُن شاهي ملڪيت ملڻ بعد ئي، مايوس ۽ نراس مهاراڻو، حوصلو ڌاري، واپس وريو، ۽ جلدئي اجمير، چتور ۽ مانڊل ڳڙهه کان سواءِ ٻيو سارو ملڪ واپس هٿ ڪيائين. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ هميشه بي اَجهن جو اجهو، نرآڌارن جو آڌار ۽ بيوسيلن جو وسيلو پئي رهي آهي. ڀائرن جي ڪهڪايل همايونءَ ٻي واهه نه ڏسي سنڌ ڏي رخ رکيو، جتي هن کي ايترو ته قرب ۽ آجيان ملي جو ويندي پاٽ مان پرڻجي نڪتو! ساڳيءَ طرح دارا، جنهن جا اورنگزيب جڏهين سڀ گهَٽ بند ڪري ڇڏيا، تڏهين اپريل 1659ع ۾ فقط هڪ گهوڙي، هڪ بيل گاڏيءَ، پنجن اُٺن ۽ ڪن بارگير وهٽن سان اچي بدين ڀيڙو ٿيو هو. اُن وقت سنڌين – خصوصاً منگسين- جيڪا هن جي جان جي داَو تائين مدد ڪئي، سا هو ڪيترو وقت ڳائيندو رهيو.

سو، ’سنڌي‘ لفظ ٻڌندي ئي آءٌ جاڳي اُٿيس: ’هان! تڏهين ٻه صديون اڳي منهنجي ڳوٺاين بيابان لتاڙي به اچي هتي پنهنجي سر جي بازي لڳائي آهي!‘ تاريخ ڪري کوليان ته اُن وقت جي ورقن ۾ سنڌين جو نالو پلٽان پلٽ سونهري اکرن ۾ لکيو پيو آهي! سن 1762ع ۾ جڏهين راڻا اروسي ٽيون،ميوار جي تخت تي ويٺو، تڏهين کان ميوار ۾ سک نه رهيو. جڳت سنگ جي الغرضائيءَ، هن جي پوين پرتاب ۽ راج سنگ جي ناتجربيڪاريءَ، اروسيءَ جي بي لغام طبيعت، ۽ جن حالتن هيٺ هي تخت تي آيو تن، ميوار لاءِ انڌ ڌنڌ پيدا ڪري ڇڏيو. هن مهل تائين هڪ فوٽ زمين جو به ڌاريا نه کڻي سگهيا هئا؛ پر هاڻي جڏهين ملڪ ۾ تفرقا پئجي ويا هئا، ۽ مرهٽا ڇڄي جدا جدا سردارن هيٺ ملڪ ۾ ڦرمار ڪرڻ لاءِ نوس نوس ڪرڻ لڳا، تڏهين پهرين پهرين ته ماڌو سنگ، اَمير جي تخت تي ٺهي ٺڪي ويهڻ بعد ئي، رامپور جي شرطي جاگير هولڪر جي حوالي ڪري ڇڏي. ملهار راءَ ڪيترا ڌمڪائيندڙ خط لکي ميوار تي ڪاهي آيو، ۽ تختگاهه والارڻ جو دڙڪو ڏيئي، 1764ع ۾، ايڪونجاهه لک روپيا کڙڪائي وٺي ويو. انهيءَ ئي سال ڏڪار اهڙو پيو، جو اَٽي ۽ آمريءَ جو پاءُ وڃي هڪ ٿيو – يعني رپئي ٽي پاوَ!

ڪيترا ته ميوار جي تخت تي حق رکڻ وارا به جاڳي اُٿيا.انهن مان آخر هڪڙو ديپرا قوم جو بسنت پال، ’پرڌان‘ جو لقب وٺي، ڪوملمير مان، ميوار جو راڻو بڻجي، حڪم جاري ڪرڻ لڳو. سن 1768ع ۾، جڏهين مهاراجِي سنڌيا اُجين ۾ هو تڏهين، هن فتوريءَ (جئن ڪ سرڪاري دفتر ۾ اڃا تائين هن تخت جي دعويدار کي ڪوٺيندا آهن) وڃي هن جي مدد ورتي، ۽ سِپرا نديءَ جي ڪپ تي ساڻس گڏ ڇانوڻي هڻي ويٺو. سلومبر جي سردار، شاهپور ۽ بُنيرا جي راجائن، ظالم سنگ ۽ مرهٽا مددي لشڪر جڏهين راڻي جي طرف کان هن گڏيل ڇانوڻيءَ تي جُلهه ڪئي، تڏهين هيڪر ته سنڌيا ۽ فتوريءَ کي شڪست ڏيئي ويا، ۽ وڃي اُجين جي دروازن تي پهتا. پر، سنڌيا جي لشڪر ساهي پٽي نئينءَ ڀرتيءَ سان وري چڪري کاڌي، جنهن ۾ سلومبر، شاهپور ۽ بُنيرا جا سردار قتل ٿي ويا،۽ مددي لشڪر جا دؤلامِيا، نَروَر جو اڳوڻو راجڪمار راجا مان،۽ ساڏريءَ جو ولي عهد راجڪليان، سخت زخمي ٿي پيا. ظالم سنگ جو گهوڙو مارجي ويو، ۽ پاڻ گهائل ٿي نامور امباجيءَ جي والد ٽرمبڪ راءُ جي اڳيان قيدي ڪري آندو ويو. راڻي جو لشڪر هار کائي اُڌيپور موٽي آيو، ۽ فتوري سنڌيا کي ڀڙڪائڻ لڳو ته اُڌيپور تي حملو ڪري رتن کي تخت تي ويهاري سو جلدئي وڏو لشڪر وٺي، سڀ لڪ لنگهي، اچي شهر کي گهيرو ڪري ويٺو. اُن وقت راڻي سان مکيه همراهه فقط سلومبر ۽ بدنور جا سردار هئا: ليڪن سنڌين، مرهٽن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري، ٻنهي کي بچائي ورتو.

اڳين حڪمرانن جي ڏينهن ۾ واپاري طبقي جو هڪ امرچند بروو درٻار ۾ وڏي عهدي تي هوندو هو؛ جيئن سندس اثر گهٽيو، تئن هن طاقت هٿ ڪرڻ جي ڪا وري ڪوشش ڪانه ڪئي. ڏهه سال جيڪي هو عهدي تان هٽيل رهيو، تنهن ۾ هن، سنڌ جا سپاهي پگهار تي رکي، کين ضبط ڪيل زمين تي وَسايو هو. اُڌيپور کي بچاءَ لائق نه ته ڪا ديوار هئي، ۽ نه ڪا کاهي. راڻا اُروسي، پنهنجي سنڀال واري شهر جي ڏاکڻي اوچيءَ ٽڪريءَ ’ايڪلنگ ڳڙهه‘ کي مضبوط ڪرائي، اُن تي هڪ ڳري توب ’دشمن – ڀنجڪ‘ نالي چاڙهائڻ لڳو، ته ڪيترن به حيلن سان اها چڙهي نه سگهي. جڏهن سندس ماڻهو انلاءِ گهڻيئي عذر ڏيڻ لڳا، تڏهن راڻي اڳوڻي وزير امرچند کان پڇيو ته ڪيتري وقت ۾ ۽ خرچ سان هو اهو ڪم سرانجام ڪري سگهندو. اَمرچند وراڻيو ته ’ڪي ٿورائي ڏينهن، ۽ ڪي ٿورا اَن جا راشن‘- پر شرط اِهو ته هن جو حڪم برقرار رهندو.

امرچند پوءِ پنهنجا ماڻهو ڪٺا ڪري، رستو گهڙي، ٿورن ڏينهن ۾ ايڪلنگ ڳڙهه تان وڃي راڻي کي سلامي ڏني. هاڻي وزيريءَ جي ڪمن ۾ راڻي جي ڌرم جي ڀاءُ، جهالا جي سردار رگهوديو کان واڳون ورتيون هيون. اُلهندي کان ته اراوليءَ جا جابلو ماڻهو سرويچ ٿي بيٺا هئا، باقي ٻين ٽن پاسن کان دشمن جو خطرو هو. سڄي بچاوَ جو مدار هينئر پگهاردار سنڌين جي سچائيءَ تي هو؛ پر سنڌين کي هيتري جفاڪشيءَ ڪندي به پنهنجو پگهار نه مليو هو. تنهن کان سواءِ، روز بروز جون حالتون بدلجندڙ ڏسي هو بي صبر ٿي پيا،۽ جئن ئي تندمزاج راڻو محلن ۾ ٿي گهڙيو، تئن سندس چوغي جو پلاند پڪڙي پنهنجي بقايا جي گهر ڪرڻ لڳا. ڌرم جي ڀاءُ صلاح ڏنيس ته تلاءُ پار ڪري وڃي مانڊلڳڙهه هٿ ڪري، مگر سلومبر جي سردار وري به امرچند جي مدد وٺڻ لاءِ چيس. راڻي امرچند کي گهرائي چيو، پر هن شرط وڌس ته ’ڏس، پيسو آهي ڪونه؛ لشڪر باغي، ۽ خوراڪ به کپي ويل: انهن حالتن هيٺ جيڪڏهين تون مون کان فتح ٿو گهرين، ته جئن مون پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ گوڙ ۽ رشوت کي صفا تڙي ڪڍيو هو، تئن هينئر به ڪندس - بشرطيڪ قسمکڻ ته تون منهنجي حڪم ۾دست اندازي نه ڪندين‘. راڻي قسم کنيو. پهريائين ته امرچند، ڌابلي (ڌرم جو ڀاءُ) کي تڙي چاڙهي ته ’تو جو راڻي کي مانڊ لڳڙهه ڀڄي وڃڻ جي صلاح ڏني هئي، سو اُتي هن لاءِ ڪهڙو لشڪر يا لڪل خزانو هو، جنهن سان هو پنهنجو بچاءُ ڪري ٿي سگهيو؟‘ راڻو ۽ سندس سردار، امرچند جي جريت کي ساراهڻ لڳا. هُو اتي لهي کَڏ تي آيو، جتي سنڌي سردار پنهنجن ماڻهن سان بيٺا هئا. هن کين هڪل ڪئي: ’توهين پنهنجي بقايا هاڻي مون کان وٺجو، ۽ نوڪريءَ ۾ جيڪڏهين توهين ناڪامياب به ٿيا ته اُهو منهنجو قصور سمجهجو.‘ بنا ڪنهن چُون چرا جي، هو سڀ ٽپ ڏيئي اٿي کڙا ٿيا، ۽ امرچند جي پوئتان محلن ڏانهن ويا. اتي هن سڀني جي بقايا پائيءَ سوڌي ليکو ڪري ٻَڌي، ۽ ٻئي ڏينهن تي چڪتو ڪرڻ جو انجام ڪيو. تيستائين حڪم ڪيائين ته ’راج – ڀنڊار کوليا وڃن‘. اُنهن جي رکوالن کان جڏهين چاٻين جي طلب ڪئي ويئي، ته هُو ڀڄي ويا. جيڪو به سون چاندي لُسرين يا برتنن جي صُورت ۾ هو، سو ڏيئي پئساڪيا ويا؛ جواهرات ڳَههُ رکي، لشڪر کي پگهار ڏيئي راضي ڪيو ويو،۽ باروت ۽ خوراڪ ميسر ڪئي ويئي. ان نئين جذبي دشمن کي ايڏو ته ڌڌڪاءُ رسايو، جو اهو گهيرو ڇهه مهينا هلندو رهيو. فتوريءَ جي اگرچ گهڻي پهچ هئي ۽ اُڌيپور تائين هن جي هلندي هئي، ته به سنڌيا سان هُو انجام جو ڪُوڙو ٿي پيو. سنڌيا لاءِ وقت به خزانو هو، تنهن مجبور ٿي امرچند سان ٺاهه جون ڳالهيون شروع ڪيون. ستر لک روپين جو فيصلو ٿيو. پر اڃا عهدنامي تي صحيح مس پيئي ته سنڌيا، لالچ جي وَس ٿي، وڌيڪ ويهن لکن جي گهر ڪرڻ لڳو. اِنهيءَ تي اَمرچند غصي ۾ اچي، عهدنامو ڦاڙي ٽُڪر ٽُڪر ڪري، سنڌيا ڏانهن واپس موڪليو.

جيئن امرچند لاءِ تڪليفون وڌڻ لڳيون، تيئن سندس حوصلو وڌڻ لڳو. هن راڻي سان وفادار سنڌين ۽ پنهنجي گهرو جاتين کي سڏائي هيءَ روبڪار بيان ڪري ٻڌائي، ۽ منجهن دلبر ۽ لائق شخصن کي، خزاني ۾ جي فضول زيور پيل هئا، سي وراهي ڏنا. شهر يا ڀرپاسي ۾- خانگي خواهه سرڪاري – جيڪو به اَن جو ذخيرو هو، سو گڏ ڪري مَنڊيءَ ۾ موڪليوويو. اناج جو روپئي اڌ سير وڃي لڳو هو، تنهنڪري چوڌاريءَ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي ويئي، ۽ گهيري ڪنڊڙن جا ڍڍر ڍرا ٿيڻ لڳا. سنڌين کي هينئر ڪو به رنجيدگيءَ جو سبب نه رهيو هو. هو امرچند سان ٻٽَ ٿي بيٺا، جنهن تي هن جو حوصلو تهان ئي وڌڻ لڳو. سڀ شامل ٿي محلن ڏي ويا، ۽ عام خلق ۾ سنهن کنيائون ته هُو راڻي جو طرف نه ڇڏيندا. سندن سردار عادل بيگ اظهار ڪيو: ”اسان توهان جو گهڻي وقت کان نمڪ کاڌو آهي؛ توهان جي خاندان جون اسان تي ڪئين مهربانيون آهن: اسين هاڻي قسم کڻڻ آيا آهيون ته ’اسين توهان جو پاسو نه ڇڏينداسون!‘ اُڌيپور اسان جو وطن آهي، جنهن تان اسان جي جند جان قربان آهي. اسان جي ٻي ڪابه طلب ڪانهي. جي اسان جو اَن خلاص ٿي ويو، ته اسين جانورن تي گذر ڪنداسين؛ ۽ جي اُهي به خلاص ٿي ويا ته تلوار هٿ ۾ پڪڙي، انهن دکنين جو انت پڄائي ساهه ڇڏينداسين!“

امرچند جي ترتيب ڏنل سنڌين ۽ راجپوتن جي اها گجڪار ٻڌي، راڻي کي خوشيءَ وچان اکين ۾ پاڻي تري آيو.هن يڪمشتيءَ جو سنيهو، توبن جي ڌڌڪار سان سنڌيا کي پهچايو ويو؛ جنهن ڪو نئون حملو سمجهي، عهدنامي جي نئين سر ڳالهه ڇيڙي. هاڻي امرچند جو وارو هو، تنهن شرط وڌو ته متصدي خرچ وضع ڪري، باقي پيسا ڏنا ويندا. سنڌيا لاچار ٿي فقط سٺ لک قبول ڪيا، جنهن مان به ساڍا ٽي لک روپيا خرچ ڪاٽيو ويو.(1) بابُو جوالا سهاءِ پنهنجي ڪتاب ”وقائع راجپوتانا“ (ڇاپو پهريون: 1878ع) جي صفحي 304 تي لکي ٿو ته ’ديوان امرچند جي همت ڏسي، سنڌيا آخر ٽيهٺ لک روپيا وٺڻ قبول ڪيا، جنهن ۾ کيس ٽيٽيهه لک روپيا نقد، ۽ باقيءَ جي لاءِ جاوَد، جيرن، نِيمچ ۽ موروَن جا ضلعا گروي ڏنا ويا، جي اڄ تائين ميوار کي واپس نه مليا آهن‘.

بونديءَ جي راج – ڪنور، دوکي سان، اهيري جي شڪار تي جڏهين راڻي اُروسيءَ کي ڪوٺ ڏيئي هن جي دل ۾ ڀالو چُڀائي ڪڍيو، تڏهين سنڌي به مڇرجي بيٺا،۽ اُڌيپور تي قبصو ڪري (”ٽاڊ“ ، صفحو 180) ، سلومبر جي سردار کي- جنهن کي اُن وقت اُڌيپور حوالي ۾ هئي – گرفتار ڪري، پنهنجي پگهار چُڪائڻ لاءِ تتل تئي تي ويهارڻ تي هئا، ته اوچتو بونديءَ مان امرچند اچي سهڙيو. هن وفادار وزير، ٻالڪ راجڪمار جي حق قائم ڪرڻ لاءِ، جيڪي به وَٽس هو سو – ويندي پنهنجي پوشاڪ تائين به – مهاراڻيءَ کي ڏياري موڪليو. هن اهي سڀ موٽائي موڪليا، ۽ واپس وٺڻ لاءِ گهڻو زور ڪيائين؛ مگر امرچند پنهنجيءَ پوشاڪ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به واپس نه ورتو.(1) ليڪن مهاراڻيءَ، پنهنجي بدصلاحڪار خوبصورت رام – پياريءَ جي چئي تي لڳي، چُونڊاوَتن جي زور تي، امرچند جي مخالفت شروع ڪئي؛ ۽ هڪڙي ڏينهن اُن امرچند، جنهن سنڌين جي مدد سان ملڪ ۾  ڌاڪو وڄايو هو، تنهن کي چون ٿا ته زهر ڏيئي مارائي ڇڏيو. اُن وفادار وزير جي هڙ مان موت وقت اُهو پيسو نه مليو، جو سندس ڪريا ڪرم ڪيو وڃي – شهر مان ڦوڙي ڪري، هن جو اَنت – سنسڪار ڪيو ويو! هندستان جي تاريخ ۾ هن جو نالو برابر امر رهندو. اڄ تائين به جيڪڏهين ڪو دليريءَ ۽ همٿ جو ڪم ڪندو آهي، ته پهاڪي طور چوندا آهن ته ”هيءُ امرچند آهي“.


* ”بيان العارفين“ ۾ ڏيکاريوويو آهي ته مير عبدالباقيءَ توڙي ٻين جي مقرري شڪ گاڏئين آهي. – ”ع“.

(1) ”ٽاڊ راجسٿان“، 1902ع وارو ڇاپو، ڀاڱو پهريون، صفحو 177-178.

(1) ڏسو راءِ بهادر گوري شنڪر اوجها جو ”راجسٿان ڪا اِتهاس“، ڀاڱو ٻيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com