سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

 

صفحو :11

سن 1778ع ۾، پنهنجي ڀاءُ پڄاڻا، راڻو ڀيم سنگ تخت تي ويٺو. چونڊاوت ذات هينئر زور هئي. هو پنهنجي مخالف سڪتاوت ڪُل سان ورهين جو وير پاڙڻ لڳا. ڪُرابار جو ارجن سنگ ۽ آميٽ جو پرتاب سنگ، چندن ۽ صادق جي مهنداريءَ هيٺ، سنڌين جي مدد سان (”ٽاڊ“، صفحو 183) راڄ ڪرڻ لڳا. ڀيم سنگ پنهنجي شاهي رياست مان چتور کان اڌيپور تائين عمدا علائقا سنڌي ٽولين کي وراهي ڏنا (”ٽاڊ“، صفحو 184؛ ۽ ”ڪارنامه راجپوتانا“، صفحو 158)؛ ۽ پنهنجي ڌيءُ جي شاديءَ تي، قرض کڻي، پندرهن لک روپيا دُڦ ڪري ڇڏيا. مهاراڻيءَ کي ان تان خار لڳا، جنهنڪري هن چونڊاوتن جو پاسو ڇڏي، سڪتاوت ڪُل جي ڀينڊر ۽ لاوا جي سردارن کي سڏايو. هو اڪيلا ته بيهي نٿي سگهيا، جنهنڪري ڪوٽاهه جي سردار ظالم سنگ کي به شامل ڪيائون، جو پنهنجي مرهٽي دوست لالاجِي بلال سميت ڏهه هزار لشڪر سان اچي همراهه ٿين. هنن جي مرضي هئي ته اڳوڻي راڄڌانيءَ چتور ۾ جوسلومبر جو سردار حاڪم هو، تنهن کي صفا ميٽائي ڇڏجي؛ مگر ان وقت چتور جي قلعي ۾ هن جي طرف گهڻو تڻو سنڌي جوڌا ٻانهن- ٻيلي هئا (”ٽاڊ“، صفحو 184). ڪجهه وقت بعد ظالم سنگ جهالا، مرهٽن جي مدد سان، اهي علائقا سنڌين کي موٽائي ورتا“ (”ڪارنامه راجپوتانا، صفحو 185؛ ۽ ”تحفه راجسٿان“، صفحو 87).

امباجيءَ جو ڀاءُ بالا راءُ موٽي اچي سڪتاوتن ۽ وزير ستيداس سان شامل هيو؛ ۽ چونڊاوتن جي هٿ ۾ جو راجڪمار اچي ويو هو، سو کين نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين. ظالم سنگ، چونڊاوتن کان پاڙي جهاڙي وٺڻ لاءِ، هن ٽوليءَ سان وڃي مليو، ۽ چونڊاوتن هٿان ٿاڦيل راڻي جي وزير ديوي چند کي قيد ڪري ورتائون. بالارام نهايت بيرحميءَ سان ملڪ کي تلف تاراج ڪرڻ لڳو. هيڏانهن چونڊاوت سردار چؤگان ۾ اچي بچاءَ جي صلاح مصلحت لاءِ گڏ ٿيا. انهن کان اڳي شوخ مرهٽا سردار محلاتن ۾ پهچي ويا هئا، ۽ وزير جي نائب موجيرام جي ٻانهن گهرڻ لڳا. تاوَ ۾ اچي راڻي انڪار ڪيو، جنهن تي مرهٽا ڀَنڊي ٻاري بيهي رهيا؛ ۽ دڙڪي داٻ سان به ڏٺائون ته جڏهين ڪم نه ٿيو، ته سپاهه کي محلن ۾ گهڙڻ جو حڪم ڏنائون. بيڊ پي وزير وڏي نانا گنيس، جمالڪر ۽ ٻين سندن پوئلڳن کي نيزيءَ جي حوالي ڪيو. نامي گرامي بدمعاش اُودا ڪور کي هاٿيءَ جي زنجير ڪري ڳچيءَ ۾ لٽڪايائون، ۽ بالا راءُ کي غسلخاني ۾ بند ڪيو ويو.

اهڙيءَ طرح چونڊاوت، دشمن جي سردارن کي ٻڌي ٻاهر ميدان ۾ آيا، ۽ مرهٽن جي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪيائون.  مرهٽن هار مڃي، مگر هرسيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ لشڪر ڀڄي وڃي  گد رمالا ۾ ساهه پٽيو. ظالم سنگ، بالا راءُ کي آزاد ڪرائڻ جو پڪوپهه ڪري آيو، سو ڀينڊو ۽ لاوا جي سڪتاوت سردارن کي وٺي راڄڌانيءَ واري رستي ۾ چئجا لڪ وٽ پهتو. در حقيقت، راڻو جيڪڏهين انهن سردارن کي مارائي ڇڏي ها ته وس وارو هو؛ پر مرهٽا قوم جو ضد سو سر تي کڻي ها. ان جي بدران هن ڇهه هزار ڇڙو ڇڙ ٿيل سنڌين، عربن ۽ گوساين جو لشڪر منتظم ڪري تيار ڪيو، ۽ سوروير کِچي قوم، جا مرهٽن جي هر وقت جاني دشمن هئي، تنهن کي ۽ سورهيه جئسنگ کي به ساڻ ڪيو. زبردست توبخاني جي سامهون، پنجن ڏينهن تائين برابر اُن لڪ جو مقابلو ڪندا آيا. آخر راڻي کي بالا راءَ آزاد ڪيو، ۽ تنهن سان گڏ ظالم سنگ کي جِهاجپور جو ضلعو به ڏنائين (”ٽاڊ“، صفحو 195_194)

اهڙيءَ طرح، سنڌي برابر اڌيپور جي مهاراڻي سان اوکيءَ سوکيءَ ۾ ڏورڻو ڏيندا آيا، ۽ راڻي جو به سڀني کان هنن ۾وڌيڪ وشواس هوندو هو. 16 جنوري 1818ع تي، انگريزن سان عهدنامي ڪرڻ بعد، جڏهين انگريزن جو وڪيل خود ليفٽيننٽ ڪرنل جيمس ٽاڊ فبروريءَ ۾ سورج پول کان شهر ۾ گهڙي ترپوليا مان لنگهي چؤگان ۾ آيو، تڏهين ڏٺائين ته محلات جي پهرئين لنگهه وٽ سنڌين جو پهرو هو (”ٽاڊ“، صفحو 208)- يعني ايتريقدر هو سنڌين ۾ راڻي جو اعتبار! جڏهين ڪابه واهه ڪانه وڃي بچي هئي، ۽ ملڪ مرهٽن ۽ فتوريءَ جي هٿن ۾ وڃي رهيو هو، تڏهين سنڌين جي مدد سان امرچند ڪامدار، هڪ مشڪل پهاڙيءَ تي ڳوري توب چاڙهائي، راجپوت جاگيردارن جي بغاوت کي منهن ڏنو هو. سنڌين جي بهادريءَ ۽ همت ڪري ئي سنڌيا جا ڇهه ڇڄي پيا هئا جو صلح تي راضي ٿي ويو، ۽ شهر جي هزارين ماڻهن جي آبرو بچي ويئي. ان خير خواهيءَ سبب سنڌين کي جاگيرون عطا ڪيون ويون، ۽ هنن جي سردار عادل بيگ کي انهن سردارن جي برابر درجو ڏنو ويو، جي مهاراڻي جي سامهون ويهندا هئا.(1)

اڄ ڏينهن تائين چار ڳوٺ جاگير طور هڪ سنڌي خاندان ۾ پشت بپشت هلندا اچن. ”تحفه راجسٿان“ جي صفحي 106، ۽ ”ڪارنامه راجپوتانا“ جي صفحي 208 تي، سردارن جي ڪيفيت ۾، مسند جي سامهون ويهڻ وارن جي ياد داشت ۾ جمعدار سلطان محمد ’سنڌي‘ ڏيکاريل آهي، جنهن جي جاگير جي پيدائش اُن وقت ڇهه هزار روپيا هئي. ڪويراج شياملداس جي ”وِير وِنود“ (ڇاپو پهريون، صفحو 1561) مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌيا جي گهيري وقت، راڻي، شهر جي فقط مورچيبنديءَ ۾ ايڪهتر سو سنڌي سپاهي، ۽ سترهن سو عرب لڳايا هئا. ’ايترا سنڌي ڪٽنب جو ان وقت موجود هئا، تن جا پويان هن وقت به ضرور هوندا‘: اهو سوچي، مون ميوار ۾ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي. ساڳئي”وير ونود“ ۾ هيٺيان سنڌي ۽ عرب سردارن جا نالا ڏنل آهن: جمعدار فيروز، جمعدار لڙائو، جمعدار کگوٽ، جمعدار ملنگ، جمعدار گل هالا، جمعدار چندر، جمعدار جادو، جمعدار بَديو، جمعدار شير بيگ، جمعدار کگوٽ ٻيون،جمعدار احمد ۽ جمعدار مراد. ممڪن آهي ته جئن هاڻي هتي اچڻ بعد ڪيترن پنهنجن نالن ۾ڦير گهير آندي آهي، تئن مٿي ’لڙائو‘ ۽ ’کگوٽ‘ نالا، حالتن سارو، بدليا ويا هجن.

پهرين پهرين ته ايڪلنگ ڳڙهه پهاڙيءَ تي وڃي اُهو هنڌ ڏٺم، جتي منهنجي وطني سنڌين توب چاڙهي هئي. اُها خود توب ڏٺم، ۽ وڃي ڏٺم اُهي برج ۽ ديواريون، دوار ۽ لنگهه، مَحلا (ڇو ته هندي يا ميواري ٻوليءَ ۾ ’مَحلا‘ جي معنيٰ ’عورت‘ آهي) ۽ جڳهون، جي سنڌيا جي محاصري وقت سنڌي سردارن ۽ سپاهين جي سپرد ڪيون ويون هيون. اُتي بيهندي جئن يادگيريون اچڻ لڳيون ته هنن ڀيڻيُن تي منهنجن ابن اُڌيپور خاطر پنهنجو خون ڏنو هو، تڏهين ازغيبي سيسراٽ اڀرڻ لڳا. تنهن کان پوءِ، هاڻوڪيءَ سنڌي سرڪار سان گڏجڻ لنگهي ويس. منهنجي مسلمان ٺيڪيدار، وڏي دروازي وٽ بيٺل خاصخيليءَ هٿ، اندر نياپو موڪليو. موٽندي هو ٽي مُوڙا کنيو آيو، ۽ ٻڌايائين ته ”توهين هتي ويهو ته سردار صاحب اچي ٿو“.

ٿوري ئي وقت ۾ هڪ قداور، سڊول، پَڪيءَ عمر جو مگر پهلوان، اسان وٽ لنگهي آيو ۽ ڏاڍي قرب سان گڏيو. جڏهين مون ٻڌايومانس ته آءٌ سنڌ کان آيو آهيان، تڏهين وڌيڪ رغبت سان سرائڪيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو. هن ٻڌايو ته اڄ تائين به سندن اهلڪاريءَ ۾ ميواري نه، پر سنڌي ٻولي مروج آهي. سندس سڌو نسل سردار عادل بيگ سان وڃي ٿو لڳي، ۽ اصل ڪوٽڙيءَ جا ويٺل هئا. جئن ته سنڌ ۾ ڪي ننڍا ڳوٺ به ”ڪوٽڙي“ جي نالي سان سڏبا آهن، تنهنڪري وڌيڪ ڏس وٺي معلوم ڪيم ته هن جو مطلب ڪوٽڙي حيدرآباد جي ڀر واري آهي. پڇيومانس ته ”ٽاڊ راجسٿان“ ۽ ٻين تاريخن ۾ ’چندن‘، ’چندر‘ ۽ ٻيا هندڪا نالا به ڏيکاريل آهن، تڏهين پاڻ ٻڌايائين ته ’برابر، مسلمانن سان گڏ سندن سنڌ جا پاڙيسري هندو به آيا هئا؛ جن مان گهڻا ته کيتيءَ ۽ واپار کي لڳي ويا، مگر ڪي ٿورا جانباز سپاهه ۾ داخل ٿيا: ’چندن‘ ۽ ’چندر‘ ٻه جدا شخص آهن، ۽ هڪئي شخص جا نالا نه آهن‘.

هو ڪڏهين آيا، ڪيئن آيا، ڪهڙو رستو ڏيئي آيا، پهرين ڪٿي سهڙيا، سنڌ ڇو ڇڏيائون، ۽ انهن جي اولاد جو هاڻي پتو ڪيئن پوندو- انهن مڙني ڳالهين بنسبت کانئس تحقيقات ڪيم. منو ڪلاڪ بات – چيت ڪئيسين، جنهن ۾ هو نهايت هر دلعزيز، ۽ اُهوئي سنڌي مهمانوازيءَ جو مجسمو نظر آيو، جيڪا کيس ٿوري گهڻي خبر هئي، سا گهڻي چاهه سان ڏنائين. مون کيس سنڌ جو احوال ڏنو، ۽ هن مون کان ڪي سوال ڪيا. خاص ڪري هن ڪوٽڙيءَ جو احوال پڇيو. مان جو ڪوٽڙي براج ۽ اُن جي واهن جي خط ڪشيءَ وغيره تي اُتي انجنيري کاتي ۾ عملدار ٿي رهيو هوس، سو ڪوٽڙي شهر خواهه اُن جي آسپاس جي ذري ذري جو بيان ڏنومانس. وطن جون ڳالهيون ٻڌي، مون چٽيءَ ريت ڏٺو، هن کي اڄ به ڏاڍي سرهائي پئي ٿي، ۽ گهڻي خوض سان ٻڌندو رهيو. پڇاڙيءَ جو موڪلائڻ وقت ڪيميرا کيسي مان ڪڍي،جڏهين فوٽي ڪڍڻ لاءِ اُٿي اجازت گهريم، ته هڪدم هٿ اُڀو ڪري منع ڪيائين- ”هُون، .... اهو اسان جي شريعت جي برخلاف آهي. ڇا، سنڌ ۾ ائين نه آهي؟“ مان چپ رهيس.

(ان بعد مون پنهنجي سر، حتي المقدور ڪوشش ڪري، جا اڄوڪي حالت انهن خاندانن جي هٿ ڪئي آهي، سا اِن شاء الله ته ڪنهن ٻئي وقت ناظرين اڳيان پيش ڪندس.)

حضور احمد سليم

سنڌيڪار: خورشيد ميمڻ

 

ابوالنجم ”اياز“

 

گر تو مردِ طالبي و حق شناس،

بندگي کردن بياموز از ’اياس.‘

”عطار“

نام و نسب. – تاريخي اعتبار کان هن جو نالو ”ابوالنجم اياز بن آيماق“ آهي. اياز هڪ ترڪ غلام هو؛ ليڪن ابو الحسن، متخلص به ”زلالي“ خوالنساري (متوفي سن 1024هه)، جيڪو عهد صفويه جو هڪ باڪمال شاعر ٿي گذريوآهي، پنهنجي ستن مثنوين – ”سبع سياره“ – مان هڪ مثنويءَ ۾ ’اياز‘ جي حسب و نسب جو ذڪر هيٺينءَ طرح ٿو ڪري:

”نسب بشنو ايازِ نازنين را،

کہ چون زد بر نسب نقشِ نگين را؛

کشد کلکم ز نيشِ نوش پيوند

سخن را، چون مگس از شيرهء قند؛

کہ در کشمير شاهي بود عادل،

دلِ رهزن ز عدلش رنگِ محمل؛

ايازِ نوشجند او را پسر بود،

کہ دزدِ غوره زارِ او شکربود.“

انهيءَ مثنويءَ جي اختتام ۾ هيءُ شعر به نظر اچي ٿو:

”ايازي بُد شہِ کشمير زاده،

کہ يکتا بود در انداز و تمکين.“

عجب ٿو لڳي ته زلاليءَ، اياز کي ڪشميري ڪيئن تصور ڪيو. اسان جي خيال ۾ ته اهو هڪ شاعراڻو انداز آهي، جنهن کي زلاليءَ محض داستان ۾ رنگ آميزيءَ، ۽ اياز جي نسبت ’گلِ ڪشمير‘، ’غزالِ ڪشمير‘ ۽ ’سرڪردهء سبزانِ ڪشمير‘ جهڙا استعارا حاصل ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو اهي. بهرحال، تاريخ مطابق اِهو سراسر غلط ۽ لغو آهي. ڊاڪٽر محمد ناظم به پنهنجي تحقيقي مقالي، ”سلطان محمود آف غزنه“، ۾ ابوالنجم اياز کي ترڪي نسل جو لکيو آهي، ۽ انهيءَ کي ئي آخري شاهدي سمجهڻ گهرجي.

ولادت جوهنڌ. – هن جي اصلي سڪونت، پيدائش ۽ ابتدائي زندگيءَ جا حالات پردي ۾ آهن. ڪاش، انهن ڳالهين تي ڪٿان ڪجهه روشني حاصل ٿئي!

سن و سال. – سيد هاشمي فريد آباديءَ، پنهنجي هڪ مختصر مقالي ۾، اياز جي همشيره جي متعلق هڪ دلچسپ روايت لکي آهي. هو ’عوفيءَ‘ جي حوالي سان لکي ٿو ته محمود اعظم انهيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو. عبارت جي سياق مان معلوم ٿئي ٿو ته هن کي پنهنجي عمر يا رتبي جي ڪري هڪ ڪنيز کي نڪاح ۾ آڻڻ مناسب نه لڳو. پنهنجي محرم راز ۽ خاص دبير ابو نصر مشڪال کان خلوت ۾ مشورو ورتائين، ۽ هن سابق بادشاهن ۽ خلفاي عباسيه جا نظير تائيد ۾ پيش ڪيا. راويءَ اهو ڪونه لکيو آهي ته پوءِ بادشاهه شادي ڪئي يا نه؛ پر اسان هن قصي مان اياز جي سَن و سال ۽ حسن و جمال جوڪي قدر اندازو لڳائي سگهون ٿا. پروفيسر براؤن، ابن الاثير جي حوالي سان، اياز جي وفات جي تاريخ ”449 هجري“ تحرير ڪئي آهي، ۽ سلطان محمود جي رحلت (421 هجري) جي وقت اياز ڦوهه جوانيءَ ۾ هو.

اياز جي مدح ۾ سلطان محمود جي درٻاري شاعر فرّخي سيستانيءَ جو 136 اشعار جو قصيدو وڏي آب و تاب ۽ شهرت جو حامل آهي. هيٺ اسين ان جا چند شعر نقل ڪريون ٿا، جن مان اسان کي اهو اندازو ٿي سگهندو ته اياز ان وقت ڪهڙين خوبين جو مالڪ هو، ۽ زندگيءَ جي ڪهڙين بهارن مان گذري رهيو هو. قصيدي جو مطلع آهي:

”غمِ ناديدنِ آن ماه-ديدار،

مرا در خوابگہ ريزد همي خار.“

محمود جي درٻار ۾ اگرچه ٻيا به هزارن جي تعداد ۾ حسين و جميل غلام هئا، پر سلطان جو اياز کي پنهنجو منظور نظر ۽ محبوب ڪرڻ به سواءِ ڪنهن سبب جي نه هو.

”نه بر خيره بدو دل داد محمود،

دلِ محمود را بازي ميندار.

جز او در پيشِ سلطان نيز کس بود،

جز او سلطان غلامان داشت بسيار.“

پروفيسر محمود شيراني، ”تنقيد شعر العجم“ ۾، فرخيءَ جي انهيءَ قصيدي جو ذڪر ڪندي، چوي ٿو ته اهو قصيدو سن 421هه ۾ لکيو ويو آهي. فرخي هتي اياز کي بعضي ’سرو‘ ٿو چوي، ۽ بعضي ’گل تازه‘: انهيءَ قسم جا الفا 16-17 سالن جي عمر کان 25-30 سالن عمر لاءِ ئي موزون آهن. انهيءَ مان اهو قياس ڪري سگهجي ٿو ته اياز سن 421هه ۾ پنهنجي عمر جو خوش ترين دور، يعني جوانيءَ جو زمانو،گذاري رهيو هو.

محمود جي دلبستگي. – محمود جي اياز سان محبت هڪ اهڙي مسلّمه حقيقت آهي، جنهن ۾ڪنهن به شڪ يا شبهي جي گنجايش نه آهي؛ تاريخي شاهد به انهيءَ امر جو ثبوت پيش ڪن ٿا. جڏهين سن 421هه ۾ سلطان محمود سومناٿ جي فتح جو عزم ڪيو، ۽ پنهنجو شاهي لشڪر وٺي هندستان ڏانهن قدم وڌايائين، تڏهين ابوالنجم اياز ساڻس گڏ هو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته محمود نه فقط شراب ونغمه جي محفلن ۽ مجلسن ۾ اياز جي ديدار جو مشتاق هو، بلڪ جدال و قتال جي معرڪن ۾ به اياز کي همرڪاب رکندو هو، ۽ هن جي جدائي و دوري گوارا نه ڪري سگهندو هو.

صاحب تاريخ بيهقي، محمد بن حسين ڪاتب، لکي ٿوته جڏهين سلطان مسعود بن محمود جي دور حڪومت ۾عراق جي سپهه سالاريءَجو مسئلو درپيش ٿيو، تڏهين خواجه احمد حسن متعدد نالن سان گڏ اياز جي به سفارش ڪئي، ۽ چيائين ته:

”يا از کہ سالاري نيک ات و در همہ کارها با امير مافي بوده.‘

”امير گفت: ’اياز بس نياز و عزيز آمده است، هر چند عطيہء پدرما است، از سراي دور نبوده است و گرم و سرد بخشيده است و هيچ تجربت نيفتاده است. وي را مدتي بايد کہ پيشِ ما باشد پيرون از سراي، تا در هر خدمتي گامي زند و وي را آزموده آيد ....‘“

هتي سلطان مسعود جي انهيءَ اقرار مان ته ’اياز هميشہ والد محترم جو نهايت وفاشعار  لاڏلو ٿي رهيو آهي، ۽ ڪڏهين به قصر شاهي کان پري پير نه ڌريو اٿس، ۽ نه وري زماني جي سرد ۽ گرم کان واقف آهي، تنهنڪري هن کي تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ مدت کپي، ۽ مناسب ائين آهي ته هو شاهي محلات کان ٻاهر اسان سان گڏ رهندو ڪري‘، ظاهر آهي ته محمود پنهنجي زندگيءَ ۾ اياز کي پاڻ کان ڪڏهين به جدا نه ڪيو؛ ۽ انهيءَ ئي قربت جي ڪري اياز، هڪ غلام جي حيثيت سان اڀري، سلطان يمين الدوله جي معتمد اراڪين ۾ رتبو حاصل ڪيو، ۽ هن جو شمار دولت جي اعيانن ۾ ٿيندو رهيو.هن جو سلطان محمود سان ايتريقدر ناتو هو جو فردوسيءَ، ۽ ٻين شاعرن وانگر، سنديس ڪڏهين به ساراهه نه ڪئي.انهيءَ ڪري ئي هن محمود سان فردوسيءَ جي رافضي هئڻ جي شڪايت ڪئي، ۽ هميشہ فردوسيءَ جي خلاف سندس ڪَنَ ڀريندو رهيو. ”تاريخ ادبيات ايران“ جي مصنف ۽ شهرء آفاق مستشرق، پروفيسر براؤن، به فردوسيءَ جي ناڪامين جي اسباب مان هڪ سبب اياز جي ذات کي ٺهرايو آهي.

جڏهين شاهنامي جي صلي ۾ فردوسيءَ کي اشرفين جي بجاءِ چانديءَ جا سڪا مليا هئا، ۽ فردوسيءَ شڪسته دليءَ ۽ ياس جي عالم ۾ محمود جي هجوَ لکي هئي، تڏهن ان ۾ به اياز جونالو نظر اچي ٿو. جنهن مان سندس شخصيت وڌيڪ نمايان ٿئي ٿي.

فردوسيءَ جهڙي عظيم شاعر کان محمود کي ڪبيده خاطر ڪرڻ جو الزام اياز کان سواءِ ٻين ڪهڙين هستين تي اچي ٿو، اهو اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي؛ تاهم ان امر جي تائيد خود فردوسيءَ جي شاهنامي مان ملي ٿي ته هو حاسدن ۽ بدگوين جي سخن چينيءَ جي ڪري ئي سلطان وٽان بخشش کان محروم ٿيو. فردوسي لکي ٿو:

چنين شهرياري بخشنده،

بگيتي ز شاهان در خشنده.

نکر د اندرين داستانها نگاه،

ز بد گو و بخت بد آمد گناه.

حسد برو بد گوئي در کار من،

تبہ شد بر شاه بازار من.“

حسن صورت يا حسن سيرت. – نظامي عروضي، مصنف ”چهار مقالہ“، اياز جي صورت يا سيرت جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان جي اصل عبارت جا ڪجهه ابتدائي جملا ڏنا وڃن ٿا:

”آورده اند کہ(اياز ترک) سخت نيکو صورت نبود؛ ليکن سبزهء چهره شيرين بوده است. متناسب اعضا و خوش حرکات و خردمند و آهستہ آداب مخلوق پرستي او را عظيم دست داده بوده است، و در آن باره از نادراتِ زمانہء خويش بوده است، و اين همہ اوصاف آن است ..... دوستي را برقرار دارد.“

نظامي عروضي اڳتي هلي هڪ واقعي تي روشني وجهي ٿو، جنهن اڃا به محمود جي دل ۾ اياز جو قدر ۽ رتبو وڌائي ڇڏيو. هو رقمطراز آهي ته:

هڪ رات محمود جي محفل پوريءَ طرح آراسته هئي، ۽ پاڻ شراب جي نشي ۾ چڪنا چور هو. ڪيف و مستيءَ جي انهيءَ عالم ۾ هن جي نظر اياز جي زلفن تي پيئي. عشق موج ۾ آيو ... عنبرين زلفن کي چنڊ جهڙي چهري تي پريشان ڏٺائين، ته عنانِ صبر و شڪيب هٿ مان نڪري ويس: بي اختيار ٿي، انهيءَ شوق جي جذبي ۾، اياز کي ڀاڪر ٿي وڌائين؛ پر ضمير جي آواز بروقت ٽوڪيس،۽ پنهنجيءَ خواهش تي يڪدم ضابطو ڪيائين؛ ۽ ڊنو ته مبادا اياز جي زلفن جي لشڪر اڳيان هن جي صبر جي فوج شڪست نه کائي، سو يڪدم چاقو ڪڍي اياز کي ڏنائين، ۽ حڪم ڪيائينس ته پنهنجا زلف ڪپي ڇڏ. حڪم جي تعميل کي اياز خوش قسمتي سمجهندو هو. دير ڪانه ڪيائين،۽ اک – ڇنڀ ۾ زلف ڪپي کڻي محمود جي اڳيان رکيائين. محمود مستيءَ جي غلبي ڪري غافل هو، سو اتي ئي سمهي پيو. صبح جو جڏهن بيدار ٿيو،ته رات جو سڄو منظر اکين اڳيان ڦري آيس. اياز جا وڍيل زلف ڏسي سخت پشيمان ٿيو، ۽ بيحد ارمان ٿيس.ڪنهن کي به همت ڪانه هئي جو لب ڪشائي ڪري سگهي. محمود سخت پريشانيءَ جي عالم ۾ هو ڪڏهين اٿيو ٿي، ته ڪڏهين ويٺو ٿي. امير امراء سڀ بيچين هئاته ڪهڙو علاج ڪيو وڃي. بالاخر عنصريءَ وٽ ويا،۽ ان کي درخواست ڪيائون ته ڪا اهڙي راهه ڳولي ڪڍ جو سلطان جي افسردگي دور ٿئي.عنصري، محمود جي سامهون آيو ته غم ۽ اندوهه جي درياهه ۾ غرق ڏٺائينس. هن جي پهچڻ تي محمود ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ چيائين ته ”عنصري! اسان تنهنجي باري ۾ ئي پئي سوچيو. ڏسين ٿو ته آءٌ ڪهڙي نه فڪر ۾ مستغرق آهيان.اهڙيءَ حالت ۾، ڪجهه چؤ ته دل جو بار هلڪو ٿئي.“ عنصريءَ في البديهه چيو:

”کي عيب سرِ زلفِ از کاستن است،

چہ جاي بغم نشستن و برخاستن است.

جاي طرب و نشاط و مي خواستن است،

کہ آراستن سَرو ز پيراستن است.“

(يعني، زلفن جي قطع و بريد ڪو عيب ته ڪونهي جو جهان پناهه ان جي غم ۾ ايترو بي آرام آهن- بلڪ اها ته بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي. سروَ جو وڻ، وڍجڻ کان پوءِ ئي زيبائتو ۽ حسن واروٿيندو آهي.)

محمود اهوشعر ٻڌي ايتريقدر ته خوش ٿيو، جو انهيءَ ڏينهن رات تائين شراب جو دور پئي هليو، ۽ حڪم ڏنائين ته ’اشعار جي صلي ۾ عنصريءَ جي وات ٽي دفعا موتين سان ڀريو وڃي!‘

اياز جي وفاشعاريءَ جي ان دلچسپ قصي کي مولانا عبدالرحمان جاميءَ به پنهنجي مثنويءَ، ”سلسلة الذهب“، ۾ الفاظ و معنيٰ جو نهايت دل آويز لباس پهرايو آهي. چند شعر ملاحظه هجن:

”بود اياز آن بنيکوئي ممتاز،

از همہ لعبتان چين و طراز؛

در اداي حقوقِ خدمتِ شاه،

نہ نشستي ز پائي بيگہ و گاه؛

خاطرِ شاهه بود شيفته اش،

وز جمال و ادب فريفتہ اش.“

چهري جي سبزي، بديهه گوئيءَ ۽ انعام اڪرام جو ذڪر نڪتو آهي، ته چند ٻيون ڳالهيون به ٻڌجن. مولانا شبلي لکي ٿو ته فردوسيءَ کي شاهنامي جي خدمت سپرد ڪرڻ کان اڳ ۾، سلطان محمود، بديهه گوئيءَ جي امتحان وٺڻ جي غرض سان، فردوسيءَ کي حڪم ڏنو ته اياز جي چهري جي سبزي بنسبت ڪجهه چوي. فردوسيءَ برجسته چيو:

”مست است بتا چشم تو و تير بدست،

بس کس کہ ز تير چشم مست تو نجست.

گر پوشد عارضت زره عذرش است،

کز تير بترسد همہ کس خاصّه ز مست.“

(اي محبوب) تنهنجون اکيون مست ۽ تير بدست آهن. اهڙو ڪو هڪ به نظر نٿو اچي، جنهن کي تنهنجن تيرن کان پناهه ملي هجي. انهن تيرن کان بچڻ لاءِ رخسارن زره پائي ڇڏي آهي، ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو حق تي آهن؛ ڇو جو مست کان هرڪو ڊڄندو آهي، خصوصاً جڏهين هن جي هٿ ۾ تير هجن.)

هن واقعي سان پروفيسر شيرانيءَ کي اختلاف آهي. فرمائي ٿو ته ’338 هجريءَ ۾ جڏهين فردوسي سلطان محمود وٽ آيو، تڏهن اياز جو وجود به دنيا ۾ نه هو. اگر اهو کڻي مڃجي ته اياز انهن ڏينهن ۾پيدا ٿي چڪو هو، ته به پنهنجيءَ ماءُ جي آغوش ۾ کيڏندو هوندو‘.

ٻيو واقعو غضائري جو آهي، جنهن، محمود جي فرمائش تي، اياز جي تعريف ۾ ٻه شعر لکي، هزار اشرفيون حاصل ڪيون. غضائري پنهنجي هڪ قصيدي ۾ ان امر جو اعتراف ڪيو آهي:

”مرا دو بيت بفرموده شهريار جهان،

بران صنوبر عنبر عذار مشکين خال.

دو بدره زر بفرستاد و دو هزار درم،

برغم حاسد تيمرا بدسگال نکال.“

شيخ سعَديءَ ”گلستان“ ۾ حسن ميمنديءَ جي ڳالهه – جيڪا هن اياز جي باري ۾ چئي آهي- هيئن آهي.

”حسن ميمندي را گفتند، سلطان محمود چندين بندهء صاحب جمال دارد کہ هر يکي بديع جهاني اند. چگونہ افتاده است کہ با هيچ يک از ايشان ميل و محبتي ندارد چنانکہ با اياز کہ حسن زيادتي ندارد. گفت هرچہ بدل فرو آيد در ديده نکو نمايد.“

”بوستان“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:

”يکي خرده بر شاه غزنين گرفت،

کہ هستي ندارد اياز اي شگفت؛

گلي را کہ نہ رنگ باشد نہ بو،

غريب است سوداي بلبل بر او؛

بہ محمود گفت اين حکايت کسي،

بپيچد از انديشہ برخود بسي؛

کہ عشق من اي خواجه برخوي اوست،

نہ بر قدّ و بالاي نيکوي اوست.“

اياز جو پهريون ڪارنامو . – تاريخ ۾ اياز جو پهريون ڪارنامو هيٺينءَ طرح مرقوم آهي:

سلطان محمود جي وفات (421 هجري) وقت، سندس فرزند جلال الدوله محمد موجود هو. اهوئي پيءُ جي مسند تي متمڪن ٿيو. هو پنهنجي طاقتور ڀاءُ مسعود جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪمزور هو. اميرن ته خير، پر خود محل سرا جي غلامن به هنجي اطاعت نه ڪئي.وڏي جماعت علي دايه جي قيادت ۾ پايه تخت مان نڪري، مسعود جي طرف رواني ٿي، جو ان وقت نيشاپور ۾ هو.نئين بادشاهه انهن جو تعاقب ڪيو، پر شڪست نصيب ٿيس، ۽ سندن سردار مارجي ويو. علي دايه ۽ اياز پنهنجن ساٿين سان گڏ نيشاپور پهچي ويا،۽ مسعود جي اطاعت جو حلف کنيائون. شهزادو مسعود نهايت خوش ٿيو، ۽ ٻنهي سردارن کي انعام و اڪرام سان مال مال ڪيائين. تاريخ بيهقيءَ جي انهيءَ واقعي جي تائيد، ”تاريخ فرشته“ مان به ملي ٿي.انهيءَ بالتفصيل لکيو آهي ته جلال الدوله محمد جي مسند نشينيءَ جي پنجاهين ڏينهن اياز شاهي اصطبل مان گهوڙا کولي غزني جي طرف روانو ٿيو، ۽ علي دايه کي همراهه ٿيڻ لاءِ تيار ڪيائين.

’قصيدهء فرخي‘ جو هڪ حاشيه نگار، ماخذ جي صراحت کان سواءِ، لکي ٿو:

”پس از گشتن سلطان محمود و بر تخت نشستن محمد پنجاه روز اياز ايماق از غزني با جمع سوار بيرون آمد و بجانب مسعود براند و براي مسعود از مردم بيعت گرفت. و بعداً اياز امارت سپاهي يافت و مسعود براي فتح کہ اياز کرد، خراج بست و قز دارد يک خروار زر مسکوک بوي بخشيد.“

دراصل اها اياز جي وفاداري ۽ خلوص هو، جيڪو محمود جي زندگيءَ کان پوءِ به قائم رهيو. سلطان مسعود، پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ، اياز سان اهوئي سلوڪ ڪيو، جيڪو هن کي پنهنجي پيءُ جي محبوب ۽ لاڏلي سان ڪرڻ واجب هو. فرّخي، سلطان مسعود جي فيّاضيءَ ۽ اياز – نوازيءَ جو ذڪر جنهن شان سان ڪيو آهي، سو اسين پنهنجي قول جي تائيد ۾ پيش ڪريون ٿا:

”خداوند جهان مسعود و محمود،

کہ او را زر همي بخشد بخروار،

جز اورا از همہ ميران کرا داد،

بيک بخشش چهل خروار دينار!

نه دادنديش چندين بيهده زر،

بہ چندين و بصد چندين سزاوار؛

بجائي برد خواهد خسرو او را،

کہ سالا ران بدو گروند سالار؛

بدو بخشد چو مالِ خطہء بست،

خراجِ خطہء مکران و قصدار؛

کجا گردد فراموش آنچہ او کرد،

ز بهرِ خدمتِ شاهِ جهاندار!“

لاهور ۾ آمد. – چون ٿا، 427 هجريءَ ۾، مسعود، اياز کي شهزادي مجدد سان گڏ اتاليق طور لاهور موڪليو. مجدد ان وقت ارڙهن ورهين جو ڇوڪرو هو. لهذا، متاخر تاريخ نويسن جو اهو خيال ته مملڪت جي فرمانروائي دراصل اياز جي هٿ ۾ اچي ويئي هئي، غلط نه ٿيندو؛ بلڪ بعض اهل قلم لاهور جي نئين طرح تعمير ٿيڻ جو سهرو به اياز جي مٿي تي ٻڌن ٿا. ٻارهين صدي هجريءَ جي وسط جو هڪ شاعر، خير الله، پنهنجي مثنويءَ ۾ فرمائي ٿو:

”نيست در هيچ کشوري مشهور،

شهر ديگر بخوبيءَ لاهور،

زين بنا حسن وعشق مقصود است،

بانيء او ايازِ محمود است.“

وفات ۽ قبر. – ابن الاثير، اياز جي وفات جو سال ”449 هجري“، ۽ مهينو ”ربيع الاول“ ڄاڻايوآهي. ان ڳالهه جي خبر ڪانهي ته سندس زندگيءَ جا آخري سال – جيڪي بظاهر لاهور ۾ ئي گذريا – ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪهڙين مشغولين ۾ گذريا. رنگ محل (شاه عالمي دروازي جي نئين بازار) ۾ هڪ ساده ۽ سوگوار قبر اڃا هن جي يادگار موجود آهي. ”گزيٽيئر، ضلع لاهور“ (انگريزي، طبع لاهور، 1916ع) ۾ مغلن جي حڪومت کان اڳي ٽن يادگارن جو مذڪور آهي، جنهن ۾ صفحي 26 تي اياز جي قبر جو به ذڪر آهي.

ويجهڙائيءَ ۾ قبر جي مختصر چار ديواريءَ جي دروازي تي ڪنهن خدا ترس شخص، ضياء الدين چڪيءَ واري، هيءُ ڪتبو نصب ڪرائي ڇڏيو آهي:

”درگاه شريف حضرت ملک اياز﷥،

سپہ سلار سلطان محمود غزنوي“


(1) ”ڪارنامه راجپوتانا“، حڪيم محمد نجم الغني خان، ڇاپو پهريون، صفحو 156-155؛ ۽ ”تاريخ تحفه راجسٿان“، مولوي محمد عبيدالله فرحتي، ڇاپو پهريون، مارچ 1889ع، صفحو 84.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com