سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

 

صفحو :16

اسان جي علاقائي ٻولين ۽ اسان جي قومي ٻولين ۾ گهرو لاڳاپو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اهو لاڳاپو عام طرح واضح نه هو،۽ فقط اهي ماڻهو ان جي اهميت کي ڄاڻي سمجهي سگهيا ٿي، جن کي علمي تحقيق سان ڪا دلچسپي آهي. ان کان ناواقفيت جا سبب ظاهر آهن. اسان جي غير ملڪي حڪمرانن انهيءَ ڳالهه کي مصلحت جوڳو نه سمجهيو ته مختلف علائقن جي ماڻهن ۾ ميل جول وڌي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ اها صورتحال باقي نه رهي، ۽ هن وقت اوهين ڏسي رهيا آهيو ته اردو ترجمن ذريعي اسين علاقائي ٻولين جي ادب کي سمجهڻ لڳا آهيون، ۽ عوامي ادب جا اهڙا اهڙا شهپارا اردو ادب ۾ پلٽجڻ لڳا آهن، جن کان هيستائين اردوءَ جي جهولِي بنهه خالي هئي. هيءَ ته خير ادب جي ڳالهه هئي، - ڪم از ڪم شهرن ۾ عام ماڻهن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ انهن جي لب لهجي ۾ به نمايان فرق نظر اچي رهيو آهي.

اسان جي موجود نسلن ڪجهه اهڙي ماحول ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي، جو اسان مان گهڻا – خاص طرح شهرن ۾ - الڳ الڳ ٻولين ۾ ڳالهائين، لکن، پڙهن ۽ سوچين ٿا. منهنجي پنهنجي اها حالت آهي جو پنجابي ڳالهايان ٿو، اردو لکان ٿو، ۽ سنڌي پڙهان ٿو؛ ۽ انهيءَ ڳالهائڻ، لکڻ، ۽ پڙهڻ وقت انگريزيءَ ۾ سوچيان ٿو! اها صورتحال تمام افسوسناڪ آهي.

گذريل ڏهن يارهن سالن ۾ آبادين جي ردبدل ۽ لڏپلاڻ سببان جيڪي نوان نوان سماجي، لساني ۽ تعليمي مسئلا پيدا ٿيا آهن، انهن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي فرصت اسان کي اڃا تائين ڪانه ملي آهي. انهن مان هڪ اهم مسئلو ’رسم الخط‘ جو آهي. اردو توڙي مغربي پاڪستان جي مختلف علاقائي ٻولين جي لپي، بنيادي طرح، هڪ ئي آهي. علاقائي لب لهجي سبب انهن ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿي ويا آهن، سي اهڙا نه آهن جو انهن ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪري نه سگهجي. آءٌ سمجهان ٿو ته انهن مڙني زبانن کي آسانيءَ سان سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهڙي قسم جي ڪوشش ضروري آهي.

هيءَ خوشيءَ ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي جو اسان جا اديب، پنهنجين تخليقن ذريعي، مختلف ٻولين کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو آڻي رهيا آهن. گذريل ڏهن يارهن سالن ۾ جيڪو ادب پيدا ڪيو ويو آهي، ان کي ”ادبي جمود“ نٿو ڪوٺي سگهي.

زبان توڙي خيالن جي اعتبار کان، موجوده سنڌي ادب، پاڪستان کان اڳ واري سنڌي ادب کان گهڻو مختلف آهي. هن وقت جي تقاضائن جو ساٿ ڏنو آهي - ۽ اها ڳالهه ان جي آئينده ترقيءَ جو پيش خيمو آهي.

’لطيف اڪيڊميءَ‘ اردو ۽ سنڌيءَ لاءِ پبلشنگ هائوس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيوآهي، سو اسان جي ضرورتن جي عين مطابق آهي. مون کي اميد آهي ته ٻنهي ٻولين سان دلچسپي رکڻ وارا، اڪيڊميءَ جي ڪارنامن کان فيضياب ٿيندا. شاهه عبداللطيف جي جسته جسته ڪلام جا اردو ترجما ڪثرت سان شايع ٿي رهيا آهن. ترجما ڪرڻ وارن ۾ نه صرف سنڌي شاعر شامل آهن، بلڪ اهڙا شاعر پڻ آهن، جن جي مادري ٻولي سنڌي نه آهي. سنڌي زبان سان انهن اردو شاعرن جو اهو شغف ٻنهي زبانن جي مستقبل لاءِ نيڪ فال آهي. سکر وارن کي هن ڳالهه تي فخر ڪرڻ گهرجي ته شاهه عبداللطيف جي مڪمل منظوم اردو ترجمي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نظر سندن ئي هڪ هم وطن تي پيئي، جنهن جي طبع جي جدت نه صرف سنڌيءَ ۾ فڪر ۽ بيان جون نيون راهون ڪڍيون آهن، بلڪ اردو ۾به هڪ منفرد رنگ اختيار ڪيو آهي؛ لطيف اڪيڊميءَ لاءِ ان جو وجود مبارڪ آهي.

اڪيڊميءَ جي بنيادي مقصد جي پورائيءَ لاءِ اردوءَ ۽ سنڌي جا گڏيل مشاعرا نهايت ضروري آهن. اردو زبان جي مقبوليت ۾ مشاعرن کي شروع کان ئي وڏو دخل رهيو آهي. ڪتاب جي ذريعي زبانون سکڻ جون ڪوششون صرف انفرادي حد تائين ڪامياب ٿي سگهن ٿيون. اسان جي موجوده لساني مسئلن جي حيثيت اجتماعي آهي، ۽ انهن کي اجتماعي طور تي ئي حل ڪري سگهجي ٿو: ۽ مخلوط مشاعرا هن نهايت اهم اجتماعي مسئلي کي اجتماعي طور تي حل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن.

18 - ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس

(حيدر، سنڌ: 31 مئي ۽ 1 جون، 1958ع)

”جمعيت الشعراء سنڌ“، سنڌ جي شاعرن جي هڪ جهوني جماعت آهي، جنهن جي سهاري هيٺ، هر سال، سنڌ جي مختلف مرڪزي شهرن ۾، ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جي هڪ چڱي روايت قائم ٿي چڪي آهي. هن وقت تائين ٻي ڪابه تنظيم اهڙي وڏي انتظام جي اهتمام ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي سگهي آهي.انهيءَ اعتبار کان، ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ جو اهو سلسلو بهرحال ساراهه جوڳو بلڪ غنيمت آهي. هيلتائين اهڙيون جملي ارڙهن ساليانيون ڪانفرنسون ٿي چڪيون آهن. پوئين، ارڙهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس، سنڌ جي برک ۽ قديم تاريخي شهر حيدرآباد ۾، ايڪٽيهين مئي۽ پهرين جون 1958ع تي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي احاطي اندر، وڏي شان ۽ مان سان ٿي گذري.’جمعيت الشعراء‘ جي سهاري هيٺ سڏايل هن ڪانفرنس جو اهتمام، مرڪزي ”بزم طالب الموليٰ“ طرفان ڪيو ويو هو.

ڇنڇر 31 مئي 58ع تي، شام جي پنجين بجي، ڪانفرنس جي پهرين نشست، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مسٽر آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي صدارت هيٺ، شروع ٿي. تلاوت قرآن مجيد جي افتتاحي رسم ادائيءَ بعد، مرحبائي ڪميٽيءَجي ڪرسي نشين، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنهنجو مرحبائي خطبو پڙهيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خطبي ۾، ڪانفرنس جي مقام جي مناسبت سان، ’حيدرآباد‘ شهر جي ابتدائي تاريخ تي نهايت مفيد ۽ پرمغز معلومات پيش ڪئي، ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ وارن مهمانن جو شڪريو بجا آندو. ان کان پوءِ صدر صاحب، جناب آءِ. آءِ. قاضيءَ، پنهنجو صدارتي خطبو پيش ڪيو. قاضي صاحب، ادب ۽ ثقافت جي موضوعن تي ڳالهائيندي،هن حقيقت تي گهڻي افسوس جو اظهار ڪيو ته اهي اجلاس جيڪي اسين ورهين کان وٺي قائم رکند اپئي آيا آهيون، سي اڃا تائين محض ”نشستند، گفتند و برخاستند“ واري مقولي جو مثال بنيا رهيا آهن؛ ’ادب‘ پيدا ڪرڻ، ان کي پنهنجين زندگين ۾ رائج ڪرڻ، توڙي پنهنجين ادبي تحريرن کي محفوظ ڪرڻ جي عملي پهلوئن کان اسين يڪسر قاصر رهيا آهيون.

ٻن ڪلاڪن جي وقفي بعد، رات جي نوين بجي کان، اردو – سنڌي طرحي مشاعري جي ٻي نشست شروع ٿي. حيدرآباد جي ڪمشنر سيد هاشم رضا صاحب مشاعري جو افتتاح ڪيو، ۽ صدارت به ڪئي. سنڌي طرح مصرع هئي- ”هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي“؛ ۽ اردو مصرع هئي- ”سڀ ڪچهه کها، مگر نه کهُلي رازدان سي هم“. رات جي اٽڪل هڪ بجي تائين مشاعري جي محفل گرم رهي.

ٻئي ڏينهن، صبح جي اٺين بجي، مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي صدارت هيٺ، سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ٿي گذري، جنهن ۾ وقت جي اهم ادبي مسئلن ۽ مطالبن متعلق ڪل ڏهه ٺهراءَ بحال ڪيا ويا، جي آخر ۾ درج آهن.

ساڳئي ڏينهن، شام جي پنجين بجي، ادبي مقالن جي چوٿين نشست، سيد ميران محمد شاهه صاحب جي صدارت هيٺ ٿي. مقالن لاءِ چار موضوع مقرر هئا: ماضيءَ جوادب، موجوده ادب ٻهراڙيءَ جو ادب، ۽ سنڌي ڪافي. سچ پچ ته اهي ئي چار عنوان آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ توڙي ادب جا مڙيئي بيان بند آهن؛ ۽ اهي ئي اهڙا اهم عنوان آهن، جن تي اسان کي پنهنجي لکڻ ۽ سکڻ جو بنياد ٻڌڻ گهرجي: ليڪن جيتريقدر ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو تعلق آهي، باوجود ان جي جو ليکڪن کي انهن موضوعن ڏانهن مائل ڪرڻ جي غرض سان معقول انعامن جي آڇ جو اعلان ڪيو ويو هو، ۽ انهيءَ مقصد سان نه صرف هڪ چونڊ ڪميٽيءَ جي تشڪيل ڪئي ويئي هئي ۽ جج مقرر ڪيا ويا هئا، بلڪ هڪ مناسب توقع جي بنياد تي مقالن جو تعداد (16) پڻ رٿيو ويو،- ان جي برعڪس،توقع جي خلاف، معلوم ٿيو ته اسان جي اديبن ۽ عالمن هن ڏس ۾ بالڪل بي پرواهيءَ جو ثبوت پيش ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هو- ورنه اهڙا ئي موقعا، بعض بنيادي تخليقن جو بهانو بنبا آهن. تاهم، ڪجهه چيزون واقعي لاجواب پيش ٿيون.

اٽڪل اڍائي ڪلاڪن جي وقفي کان پوءِ، موسيقيءَ جي محفل جو آغاز ٿيو. ڪانفرنس جي هيءَ پنجين ۽ آخري نشست هئي، جنهن جي صدارت لاءِ پاڪستان جي دفاعي وزير، مسٽر محمد ايوب کهڙي، جو نالو مشتهر ڪيو ويو هو، پر جيئن ته هو صاحب موقعي تي موجود ٿي نه سگهيو، ان ڪري ڪچهريءَ جي صدارت اردوءَ جي مشهور شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سابق ريجنل ڊائريڪٽر، حفيظ هوشيارپوري صاحب ڪرڻ فرمائي، جو خود به راڳ – آلاپ جو هڪ سٺو ڄاڻو ۽ پارکو آهي. راڳ – رهاڻ جي هيءَ نشست بيحد دلچسپ، ۽ بظاهر سڀني نشستن کان ڪامياب هئي؛ خاص ڪري ڳجهارتن جي چٽاڀيٽي ته خوب هئي. ٺيٺ سنڌي راڳ جي محافظت ۽ معاونت، وقت جي اهم ضرورت آهي. ساڳيءَ طرح، ٻهراڙيءَ جي رهيل کيل سگهڙن جي هنرمندن کي همتائڻ ۽ تعليمي ماحول سان مانوس بنائڻ، اسان جي بنيادي فرضن ۾ داخل آهي. اسان جي ادب ۽ ثقافت جو صحيح سرچشمو،بلڪ روح، اهي ئي ٻهراڙيون آهن، جتي اسان جي ادب جا بهترين قدر، اسان جي ٻوليءَ جي مڪمل لغت، ۽ اسان جي ثقافت جي سربستي تاريخ موجود آهي، ۽ جتي جي ’اٻوجهه‘ رهاڪن، ڪيترن ئي انقلابن جي باوجود، پشت بپشت، سنڌ جي انهيءَ املهه ذخيري کي محفوظ پئي رکيو آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو هن ڏس ۾ خاص درڪ وٺي، وڏي پيماني تي، سنڌي ثقافتي ڪانفرنسن جو سلسلو پڻ سوچيو وڃي!

ٺهراءَ

(1)-    سنڌي، سرڪاري زبان.

        هيءَ ڪانفرنس حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿي ڪري ته سنڌي زبان کي پڻ اولهه پاڪستان جي سرڪاري زبان قرار ڏنووڃي.

(2)-   گرانٽون.

        هيءَ ڪانفرنس حڪومت کان پرزور مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن- جهڙوڪ سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ شاهه لطيف ثقافتي مرڪز – لاءِ منظور ڪيل موجوده مالي گرانٽون جلد ادا ڪيون وڃن، ۽ پڻ اڃا وڌيڪ منظور ڪيون وڃن، جيئن انهن علمي ۽ ادبي ادارن کي وڌيڪ مؤثر ۽ مفيد بڻائي سگهجي.

(3)-   چونڊن جون لسٽون.

        هيءَ ڪانفرنس حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته ووٽرن جون لسٽون، لازمي طور، سنڌي زبان ۾ شايع ڪيون وڃن؛ ڇاڪاڻ جو اردو رسم الخط ۾ سنڌي نالن جي صحيح نموني ۾ ادائگي ٿيڻ ناممڪن آهي.

(4)-   ريڊيو پاڪستان.

        هيءَ ڪانفرنس حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿي ڪري ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشڙ ٿيندڙ پروگرام کي صبح جو به نشر ڪجي، ۽ ان ۾ سنڌي پروگرام کي خاص اهميت ڏيئي وڌائجي، ۽ ريڊيوپاڪستان جي ٻين رسالن – ”آهنگ“ ۽ ”پاڪستان ڪالنگ“ وانگر، سنڌيءَ ۾ به هڪ اهڙو رسالوجاري ڪيووڃي.

(5)-    هيءَ ڪانفرنس، سنڌي ڊڪشنريءَ جي مرتبن ۽ منتظمن کي گذارش ٿي ڪري ته ڊڪشنريءَ جي اشاعت ۾ وڌيڪ دير نه ڪري، ان کي ترت شايع ڪرايو وڃي.

(6)-   زوري تعليم.

        هيءَ ڪانفرنس حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته زوري تعليم جي بند ٿيل سلسلي کي وري جاري ڪري، هر سال ٻن تعلقن ۾ زوري تعليم رائج ڪئي وڃي.

(7)-   تعليمي نصاب.

        هيءَ ڪانفرنس، هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سنڌي نصاب ۾ نقص جو اظهار ڪندي، اختياريءَ وارن کان مطالبو ٿي ڪري ته سنڌي نصاب ڪارائتو ۽ نئين سر مقرر ڪيووڃي.

(8)-   سرڪاري رسالو.

        هيءَ ڪانفرنس حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته اردو رسالي ”استقلال“ وانگر هڪ سرڪاري رسالو سنڌي زبان ۾ به شايع ڪيووڃي، ته جئن سنڌ اندر سرڪاري اطلاعات آسانيءَ سان پهچي سگهن، ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي به ٿئي.

(9)-   اديبن لاءِ معاوضا.

        هيءَ ڪانفرنس مرڪزي حڪومت ۽ سنڌي ادبي بورڊ کان مطالبو ٿي ڪري ته سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندڙ ماهنامه ”نئين زندگي“ ۽ سماهي ”مهراڻ“ ۾ لکندڙ مضمون نگارن ۽ شاعرن کي معاوضو ڏنووڃي- جهڙيءَ طرح ٻين شايع ٿيندڙ رسالن جي اديبن کي ملندو رهي ٿو.

(10)-  هيءَ ڪانفرنس مرڪزي حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته سنڌاندر ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌي زبان ۾ لکيا وڃن، جيئن اڳ هو.
تبصرا

جنت السنڌ. – مصنف رحيمدادخان ”مولائي شيدائي“؛ صفحا اٺ سو، مجلد؛ سائيز ڊبل ڪرائون؛ ڇپائي صاف سهڻي، ڪاغذ عمدو، گيٽ اپ معياري، ڪور دلڪش، رنگين؛ قيمت ڏهه روپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ استال – (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ تاريخدان جناب مولائي شيدائي صاحب، هيءُ ضخيم ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ايماء تي مرتب ڪيو آهي. فاضل مصنف هن فن جي قديم ۽ جديد، مستند ۽ معتبر، انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسي ڪتابن تان استفادو ڪيو آهي. سندس هيءَ علمي ۽ تاريخي ڪاوش، هن فن جي ڄاڻن ۽ طالب العلم دوستن لاءِ نهايت ڪارآمد تاريخي تحفو آهي.

سنڌ متعلق هيلتائين جي به تاريخي ڪتاب ۽ نيم تاريخي ڪتاب ۽ تذڪرا شايع ٿي چڪا آهن، انهن ۾ هيءُ ڪتاب، پنهنجي انفرادي ترتيب ۽ تدوين جي لحاظ کان، خاص ۽ الڳ مقام رکي ٿو. مصنف لکي ٿو:

- ”منهنجو گهڻي عرصي کان ’تاريخ سنڌ‘ لکڻ جو ارادو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون جيڪي به تاريخون آهن، اول ته انهن ۾ حوالا ڏنل ڪين آهن، وري جن ۾ ڏنل آهن سي مبهم نموني ۾ ڏنل آهن؛ نه سنڌ جي جاگرافيءَ متعلق بيان ڏنل آهن، نه سنڌ جي تجارتي، صنعتي ۽ اقتصادي حالتن متعلق ڪجهه بيان ڏنل آهي؛ فقط خشڪ سياسي بيان ڏنل آهن؛ ڪن تاريخن ۾ هجري سن ڏنل آهن، ته ڪن ۾ عيسوي ڏنل آهن؛ بعض بيان قياسي،۽ ڪي افسانن وانگر آهن: اهڙين خامين ۽ غلطين کي مٽائڻ ۽ وطن ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي ارادي سان، مون سنڌ جي مفصل تاريخ جو هيءُ نسخو تيار ڪيو آهي.“

- ”اڪثر اڳين مورخن، سياسي مذهبي تعصب ڪري، اسان جي سنڌڙي سونهاريءَ جون جيڪي تاريخون لکيون آهن، انهن مان اسلامي دور ۾ فقط ڪاهن۽ جنگين جو ذڪر ڏنل آهي- گويا اسلامي دور محض جاهليت جو دور هو. بعض انگريز مورخن هن خوش نصيب صوبي کي ’ناخوش وادي‘ ۽ ’بدنصيب واديءَ‘ جي نالن سان سڏيو آهي- حالانڪ اسان جي سنڌ سڄي ايشيا ۾ زرخيز ملڪ آهي، ۽ سڄي پاڪستان اندر بچت وارو صوبو آهي. ملڪ جي اهڙين بيمثل برڪتن ڪري، مون ڪتاب تي ’جنت السنڌ‘ نالو رکيو آهي.“

سنڌ جي تاريخي ڇنڊڇاڻ متعلق جنهن احتياط ۽ تياريءَ جي ضرورت آهي، ان جو هلڪو خاڪو ۽ احساس محترم مولائي صاحب جي مٿئين اقتباس ۾ موجود آهي.

”جنت السنڌ“ ۾ پنج هزار ق.م کان سن 1843ع تائين سنڌ جي سياسي، تمدني، تجارتي، صنعتي، علمي، تهذيبي، ادبي ۽ عمراني حالتن جو تاريخي حيثيت سان جائزو ورتو ويو آهي. مناسب هنڌن تي نقشا ڏيئي،پڙهندڙ لاءِ تاريخي ۽ جغرافيائي ماحول ۽ پس منظر چٽو ڪيو ويو آهي. سنڌ تي جن جن خاندانن حڪومت ڪئي آهي،انهن جا شجرا ڏنل آهن، ۽ انهن بادشاهن جون سن وار فهرستون ڏنل آهن؛ ان سان گڏ، التزاماً، هجري سن به ڏنل آهي.

ڪتاب جي افاديت متعلق ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هن ڪتاب جي ماخذن جي فهرست ارڙهن صفحن ۾ آهي. هر باب جي لکڻ وقت ڪافي ڪتاب اڳيان رکيل نظر اچن ٿا. سنڌ ۽ سنڌ متعلق قديم۽ جديد لٽريچر ايتروگهڻو وٽڙيل، منتشر، مغلق، پريشان ۽ بي ترتيب آهي، جو ان کي مطالعو ڪرڻ بعد جو ڪجهه حاصل ٿئي ٿو، سو مواد ۽ مطالعو ورق گردانيءَ ۽ ڇنڊڇاڻ جي مقابلي ۾گهڻو گهٽ آهي. تاريخ محض قصه گوئي، منقبت نويسي، مداحي ۽ قصيده خوانيءَ جو نالو نه آهي. تاريخ آهي انسان جي ان ارتقا جو نالو،جا ارتقا زندگيءَ جي متبدل ۽ متغيّر ماحول ۾ پيدا ٿيندي رهي آهي؛ جنهن ۾واقعات ۽ حادثات جا اسباب ۽ عوامل بيان ٿين ٿا؛ جنهن ۾ ان پس منظر تان به پردو هٽايو وڃي ٿو، جنهن ۾ لڪي لڪي ڪردار انساني زندگيءَ سان رانديون رچائيندا رهن ٿا.

هينئر تائين سنڌ متعلق جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، اهي قديم طرز جي تذڪره نويسيءَ تي مبني آهن، جنهن ۾ تنقيد توڙي روايات ۽ واقعات جي پرک گهٽ، پر تقليد جامد ۽ طول بياني زياده آهي؛ مخصوص فڪر جي اشاعت، ۽ خاص شخصيتن جي مداحي مبالغہ جي حدن تائين نظر اچي ٿي. اسان وٽ ”تاريخ معصومي“، ”تاريخ طاهري“، ”بيگلار نامو“، ”ترخان نامو“، ”تحفة الڪرام“، ”فتح نامو“ ۽ ”فريئر نامو“موجود آهن؛ ان طرح ٻيا به ڪي سنها ٿلها، مختصر ۽ مجمل تذڪرا به آهن؛ ڪي اسڪولي تاريخون به آهن؛ پر اهي سڀ آهن حاڪمن جي سرپرستيءَ هيٺ لکيل، ۽ حاڪم خاندان جي ڪارنامن جي تاريخ. انهن سان گڏ، ڪن بزرگن جي مختصر حالات ۽ ڪرامات ۽ ڪجهه نمونه ڪلام ۽ تصنيفات تي مشتمل تاريخ سنڌ جو اهو سلسلو، جو ”مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ پاران چئن پنجن حصن ۾ آيل آهي؛ يا ’تاريخ سنڌ‘ اردو، جا اعظم ڳڙهه مان ’دارالمصنفين‘ وارن ڇاپي آهي: انهن سڀني جو حال ساڳيو آهي. ڪي روزنامچا آهن، ته ڪن ۾ رڳو حاڪم طبقي جي سيرت ۽ اخلاق، فتوحات ۽ جنگي حالات جو ذڪر آهي؛ ڪن ۾ وري اميرن، وزيرن، شاعرن ۽ درٻاري عالمن جا باهمي مشاعرا ۽ مذاڪرا آهن، يا افسانا ۽ قصا بيان ٿيل آهن. جن جن عالمن ۽ مورخن اهي تاريخون لکيون آهن، اسين انهن جي حسن ظن ۽ حسن نيت تي ڪوبه شڪ نٿا ڪريون: هو پنهنجي پنهنجي دور جي تخليقي رجحانات، علمي ۽ ادبي زاويهء نظر، سياسي مصلحتن ۽ حاڪمن جي حڪمتن کان ٻاهر رهي ڪجهه به نه ته سوچي ٿي سگهيا، ۽ نه ڪجهه لکي ٿي سگهيا: لامحاله، ڪن سطحي ۽ غير ضروري مسئلن کي ڪجهه وضاحت سان بيان ڪندا رهيا آهن؛ تاهم ان دور جي حقيقي ۽ عمومي حالات متعلق ڪي مبهم۽ خفيف اجمالي اشارا ضرور ملن ٿا، جن کي تاريخ جو محصل سمجهڻ گهرجي.

رڳوبادشاهن ۽ اميرن، وزيرن ۽ شاعرن جي حالات ۽ تاريخ جو بيان ته قصص و حڪايات جي زمري ۾ ايندو. ’تاريخ‘ اها آهي، جنهن ۾ حال، ماضيءَ ۽ استقبال جي رشتي ۽ تعلق جي توجيهه پيدا ٿيل هجي، جنهن ۾ هر دور جي پوري تصوير هجي، جنهن ۾ هر دور جي ارتقا پذير قدرن سان گڏ اهي سمورا صحتمند پهلو بيان ٿيل هجن، جن جي واسطي سان قوم وڌندي رهي آهي. افسوس اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾، يا ان کان ٻاهر هند ۾، جي به ادارا ٿيا آهن، انهن جديد ذوق يا تاريخ نويسيءَ جي جديد فن کي اڃا هٿ نه لاتو آهي. اهي ئي پراڻا تذڪرا آهن،۽ اهائي پراڻي قسم جي حاشيه آرائي ۽ طول بياني – اهي ئي لاٽون، اهي ئي چُگهه.

هن دور ۾ تاريخ ۽ ان جي فني اصولن کي مدنظر رکڻ هر محقق ۽ مؤرخ جو منصبي فرض آهي. ’جنت السنڌ‘، سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ تحسين جوڳي ڪوشش آهي. مواد جي جمع ڪرڻ، ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ان جي ترتيب ۽ تدوين، واقعات جي بيان ڪرڻ جي طرز ۽ حالات جي تجربي متعلق هر هڪ محقق ۽ عالم جو پنهنجو پنهنجو طريقو آهي. شيدائي صاحب به پنهنجي خاص طرز ۽ خاص اسلوب جو صاحب آهي. يقين آهي ته ’جنت السنڌ‘ جي ترتيب ۽ تدوين ۾ جديد فڪر ۽ نظر وارن ڄاڻن کي ڪجهه غير مانوس چيزون نظر اچن، يا ڪي حصا محض تشنه ۽ ناقص نظر اچن، يا ڪٿي تفصيل ۽ تطول نظر اچي. بهرحال، هيءَ هڪ علمي ڪاوش آهي، جنهن جو خير مقدم ڪرڻ ۽ ان سان گڏ ان جو تنقيدي جائزو وٺڻ اسان جو فرض آهي.

محترم مولائي شيدائي صاحب هيءُ ڪتاب اَٺن بابن ۾ ورهايو آهي:

پهرئين باب ۾ قديم سنڌ جو جاگرافيڪل جائزو، ۽ ان سان گڏ موجود سنڌ جون حدون، اراضي، طبعي حالات، معدنيات، زراعت، آثا قديمه، مهاڀارت ۽ رامائڻ دور واري سنڌ، ۽ ڌارين قومن مان مصرين، ڪلدانين، سٿين، بابلي ۽ اشوري، ايرانين ۽ فينقيا وارن جون ڪاهون ڏيکاريل آهن. ان کان سواءِ يونانين جي حڪومت، نظام ۽ حاڪمن جي هلت چلت تي به تبصرو ڪيوويو آهي.ٻاهرين قومن جي اچڻ ڪري سنڌ تي جن مذهبن جو اثر ٿيو، تن مان مجوسيت،عيسائيت، ٻڌ ۽ جين جا اثرات بيان ڪيا ويا آهن. ان ئي باب ۾ ٻڌ ڌرم جو زوال، ۽ عرب ۽ هند جي تعلقات سان گڏ حضور ڪريم ﷺ جن جي ولادت جوذڪر ڪيل آهي. آخر ۾ سنڌ جا بتخانا بيان ڪيل آهن، جن مان ديبل، برهمڻ آباد، ملتان، نگر ڪوٽ، هنگلاج ۽ قلات مکيه آهن. انهن جي محل وقوع بيان ڪرڻ سان گڏ، ان وقت جي رسمن رواجن ۽ قديم ڌرمي حالتن جو ذڪر پڻ ڪيل اهي. اهو باب 98 صفحا آهي.

ٻئي باب ۾ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي ڪمال ۽ زوال، عربن جي آمد ۽ فتوحات، عربي بيٺڪن، دور بنو اميه ۽ دور بنو عباس جي گورنرن جا تاريخي حالات، طاهرين ۽ هبارين جي نظام حڪمراني،۽ عرب رياستن مان منصوره، ملتان، توران، مڪران وغيره جو ذڪر آهي.عرب دور ۾ عربي – سنڌي تهذيب ۽ مذهبي حالات، حڪومت جو نظام، روينيو ۽ عدالتي نظام، علمي ۽ ادبي ۽ ديني حالت، ۽ اسلامي تبليغ ۽ اشاعت جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. آخر ۾ سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا ۽ سنڌي زبان متعلق مختصر تبصرو ڪيل آهي.

تصوّف متعلق نهايت اختصار ۽ اجمال کان ڪم ورتل آهي. تصوف محض ’وحدت الوجود‘ کي چيو ويو آهي، ۽ وحدت الوجود کي ويدانت کان متاثر سمجهيو ويو آهي. ان لاءِ چند مستشرقين جا حوالا ڏنل آهن، جن جي ڪتابن ۾ خاص طرح منصور حلاّج کي جادوگر ۽ ساحر ڏيکاريوويو آهي، ۽ اهو سندس سارو صوفيانه نظريو هندستان جي سير جي پيداوار ٻڌايو ويو آهي (ص 210). ان سان گڏ شيخ اڪبر کي به ياد ڪيو ويو آهي، پر مفصل طور نه ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ تصوف جا اثرات ڪڏهن کان آيا، ۽ ڪيئن آيا؛ فقط چند شاعرن جا نالا ڏنل آهن. تصوف هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي ههڙيءَ علمي ۽ معياري تصنيف ۾ ڪجهه بسط ۽ تفصيل سان لکيو وڃي ها. تصوف اهڙو موضوع آهي، جنهن جي مدح ۽ ذم، يا تائيد ۽ ترديد ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. طرفين جا دلائل ۽ مقالا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وزندار آهن. ’وحدت الوجود‘ ۽ ’وحدت الشهود‘ ٻه اهڙا متضاد پهلو آهن،جن تي اڄ تائين اهل فڪر حضرات ۾ فڪري تضاد موجود آهي. اگرچه شاهه ولي الله ان اختلاف کي محض ’لفظي اختلاف‘ سڏيو آهي ۽ ’معنوي تضاد‘ جو قائل نه آهي، تاهم ڪابه بصرت افزا توجيهه موجود نه آهي، جا هنن ٻنهي نظرين ۾ تطبيق پيدا ڪري. شيخ اڪبر ۽ ان جا پوئلڳ، امام رباني ۽ ان جا مقلد، اڄ تائين پنهنجي پنهنجي مشرب ۽ مسلڪ تي قائم آهن. تصوف تي ابن تيميہ جو ڪجهه لکيو آهي، اهوعلمي دنيا کان ڳجهو نه آهي. امام ابن تيميہ جي نظر ۾غزاليءَجهڙو بزرگ به فلسفه ۽ زندقه ۾ مبتلا نظر اچي ٿو. ابن جوزيءَ جي ”تلبيس الابليس“ پڙهڻ کان پوءِ صوفين جي گمراهيءَ ۽ فڪري ۽ عملي زوال جو احساس ٿئي ٿو. ان طرح، سنڌ ۾ تصوف جي آمد، فڪري ارتقا، هتي جي مذهبن ۽ ڌرمن سان اختلاط، ويدنات جي اثر، ۽ ان سان گڏ وحدت الوجود جا فڪري گروهه، شاهه ۽ سچل جو وحدت الوجود جي واسطي سان وحدت الوجود جونظريو قبول ڪيو اٿس؛ پر سچل جو نظريو منصور ۽ عطار وارو آهي. انهن سڀني مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ها، ته پوءِ اهو موضوع ڪجهه وڌيڪ افادي ۽ علمي سڏجي ها. اميد ته مولائي صاحب ضرور ان جي تلافي ڪنهن ايندڙ تصنيف ۾ ڪندو. اهو باب 212 صفحي تي پورو ٿئي ٿو.

ٽيون باب 312 صفحي کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ خارجي، قرامطيءَ ۽ غزنوي خاندان جي حڪومت ۽ سندن نظام تي تبصري کان پوءِ، محمود غزنويءَ جي فتوحات ۽ علم پروريءَ جو بيان ڪيل آهي. ان ئي باب ۾ سنڌ ۾ اردوءَ جي ابتدا، عربي – سنڌي قبيلا، سماٽ قبيلا، ۽ عربن جي دور ۾ هندو رياستون، مکيه عنوان آهن. آخر ۾ تغلق ۽ غلام خاندان جي دور حڪمرانيءَ ۽ مغلن جي ڪاهن جي ذڪر کان پوءِ، ان دور جي تجارت، تمدن ۽ تهذيبي مرڪزن جو ذڪر آهي.

چوٿون باب 305 صفحي کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ سومرن جي خاندان، حڪومت، ان دور جي عشقيه داستانن، ۽ آخر ۾ ان دور جي بزرگن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي.

پنجين باب ۾ ارغونن ۽ ترخان گهراڻي جي حڪومت، ۽ ان سان گڏ ان دور جي تمدّني ۽ عمراني اثرات کي بيان ڪيو ويو آهي.

ڇهين باب کي بلوچن ۽ مغلن جي متعلق بيان ڪرڻ سان شروع ڪيو ويو آهي. ان ئي باب ۾ ڪلهوڙن جي آغاز، حڪومت ۽ حاڪمن، ۽ سندن دور جي سياسي حالتن تي تبصرو ڪيو ويو آهي. ان باب ۾ٽالپرن جي حالات، ٽالپرن جي شجرن، بلوچ خاندانن جي شجرن، سنڌ ۾ مغربي سياحن جي اچڻ، ان دور جي معاشي حالات، ۽ نظام حڪمرانيءَ تي بحث ڪيل آهي.

ستين باب کي ٽالپرن جي حڪومت ۽ حاڪمن جي فهرست سان شروع ڪيو ويو آهي. ان باب ۾ ميرن جا مختلف قبيلا به ڳڻيا ويا آهن. آخر ۾ انگريزن جي آمد، شاهه شجاع جي ڪاهه، خالصن ۽ انگريزن جي جارحانه اقدامات، انگريزن جي عهدنامن ۽ کوسن جي ٿر ۾ ڦرلٽ جو بيان ڪيو ويو آهي. مير مراد علي خان جي وفات تي اهو باب ختم ڪيو ويو آهي.

آخري باب ۾ انگريزن جي غلبي ۽ ميرن جي هار متعلق مفصل بحث ڪيو ويو آهي. اهو باب ميرن جي دور جي ثقافتي خدمتن تي ختم ٿئي ٿو.

انهن اَٺن بابن ۾ نهايت ڪارآمد ۽ معلومات افزا مواد ملي ٿو. اميد ته سنڌ جا اهل ذوق ماڻهو هن ڪتاب جو خير مقدم ڪندا، ۽ آئينده جا مورخ هن ڪتاب کي مفيد ۽ ڪارائتو پيشڪار تصوّر ڪندا.

- غ.م.گ.

مقالات الشعراء (فارسي). – مؤلف مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي؛ مقدمه و تصحيح و حاشيه: سيد حسام الدين راشدي؛ صفحا 42+36+1018=1096؛ سائيز ڊيمي؛ ڇاپو سهڻو، چٽو ۽ وڻندڙ؛ پنو اوچو، جلد پڪو، گردش پوش عمدو؛ قيمت ويهه روپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي ڪلهوڙا دور جو لائق ۽ فائق مصنف ٿي گذريو آهي، جنهن علم ۽ ادب، ملڪ ۽ وطن جي خدمت ڪندي، سڄي ڄمار تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاري ڇڏي. هن جي علمي مرتبي جي ڪري کيس ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجو درٻاري مورخ ڪري رکيو، ۽ ”تاريخ عباسيه“ لکارائي. سنڌ جي هن پياري مصنف ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ته ضايع ٿي ويا آهن، پر جن جو اڃا پتو پوي ٿو تن جو انداز به 42 کن آهي؛ انهن مان ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراء“، ”تاريخ عباسيه“ ۽ ”بوستان بهار“ اهيت رکن ٿا. اهي ڪتاب جيڪڏهين زبون ٿي وڃن ها يا ماڳهين لکيا ئي نه وڃن ها، ته سنڌ جي علمي،ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ وڏو خال رهجي وڃي ها.

”مقالات الشعراء“ سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو آهي. هيءُ ڪتاب مصنف جي اصل نسخي توڙي برٽش ميوزم واري نسخي ۽ ٻين تاريخي، ادبي ۽ ضروري ڪتابن کي اڳيان رکي ترتيب ڏنو ويو آهي. منجهس 719 شاعرن جو احوال ۽ ڪلام ڏنل آهي. ضروري هنڌن تي مختصر حاشيه آرائي به ڪئي وئي آهي، ۽ مفهوم کي واضح ۽ چٽو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. شروع ۾ شعر ۽ شاعريءَ جي اهميت ظاهر ڪرڻ لاءِ، ڪيترن بزرگ شاعرن جا رايا ڏنا ويا آهن- جهڙوڪ:

پايہء شعر ببين کہ چون ز نبي،

نفيء بعث پيمبري کردند،

بهر تصحيح نسبت قرآن،

تهمت او بشاعري کردند.

 

(مولانا جامي)

شعر ترا سدره نشاني دهد،

سلطنتِ ملکِ معاني دهد.

شعر بر آرد با ميرت نام،

کہ ’الشعراءُ اُمراهُ الکلام‘.

 

(نظامي گنجوي)

شرع و شعر و عرش از هم خواستند،

کار عالمزين سہ حرف آراستند.

 

(شيخ فريدالدين ”عطار“

شاعري جزويست از پيغمبري،

ابلهانش کفر خوانند از خري.

 

(مولانا رومي)

تذڪري کي، شاعرن جي تخلص مطابق، الف - بي – وار مرتب ڪيو ويو آهي- حالانڪ ائين ڪرڻ نه کپندو هو، بلڪ شاعريءَ جا دور قائم ڪري، ان مطابق شاعرن کي پنهنجي پنهنجي دور ۾ مناسب جاءِ ڏني وڃي ها ته بهتر.

ڪتاب کي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي، جن مان ڪي تصويرون ته پهريون ڀيرو شايع ٿيون آهن. اهي تصويرون پنجاب ميوزم، برٽش ميوزم، ڇاپيل ڪتابن ۽ شخصي ڪتبخانن مان هٿ ڪيون ويون آهن، جن لاءِ مرتب (سيد حسام الدين راشدي) جس لهڻو؛ پر هڪڙيءَ تصوير تي ’مِس پرنٽ‘ ڏاڍو لطف پيدا ڪيو آهي جو مرزا ڪامران کي همايون جو پٽ ڏيکاريو ويو آهي! ڪتاب جي شروع ۾ علي شير ’قانع‘ جي تحرير جو عڪس به ڏنل آهي.

’قانع جڏهين ”يد بيضا“ ۽ ”ڪلمات الشعراء“ جهڙا تذڪرا نظر مان ڪڍيا ۽ انهن ۾ سنڌ وارن جو ذڪر نالي ماتر ٿيل ڏٺائين، تڏهين کيس خيال ٿيو ته هن ڏس ۾ سنڌ وارن سان بي انصافي ڪئي ويئي اهي؛ تنهنڪري قلم کڻي، رات ڏينهن هڪ ڪري، ههڙو املهه تذڪرو جوڙي ورتائين. هن تذڪري ۾ تنقيد ۽ تحقيق کي گهٽ جاءِ ڏني ويئي آهي، ۽ سنڌ جا رهاڪو هجڻ لاءِ ڪوبه معيار قائم ڪونه ڪيو ويو آهي؛ بلڪ جنهن به شاعر سنڌ ۾ قدم رکيو، ان جو احوال منجهس درج ڪيو ويو آهي. ان لحاظ سان، ”خادم“ سدارنگاڻيءَ جي انگريزي تصنيف، ”پرشن پوئٽس آف سنڌ (Persian Poets of Sindh)، وڌيڪ مناسب معلوم ٿئي ٿي.

هن تذڪري ۾ اڪثر شاعرن بابت ٻڌايوويو آهي ته هو اصل ۾ ڪير هو، ڪٿان ۽ ڪهڙي سانگي سان سنڌ ۾ آيو، ۽ ڪڏهين وفات ڪيائين؛ ان سان گڏ سندس تصنيفات ۽ ڪلام جو نمونو به ڏنوويو آهي. ’قانع‘ پنهنجو بيان مفصل ڏنو آهي، جو 531 کان 646 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪمال اهو آهي جو ان تذڪري ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال پڻ ڏنل آهي – حالانڪ ڀٽائيءَ ڀلاري فارسي شاعري اصل ڪانه ڪئي آهي. ’قانع‘ ان جو سبب ڄاڻايوآهي ته هن اهوبيان تبرڪ ۽ ثواب خاطر ڏنو اهي. اهو اصول تذڪري نويسيءَ جي خلاف آهي. جيڪڏهين ثواب ئي کٽڻو هو، ته شاهه صاحب تي الڳ ڪتاب لکيو وڃي ها.

هي ڪتاب اهڙي دور ۾ لکيوويو هو، جنهن ۾ ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري چوڻي ٺهڪي ٿي آئي. فارسيءَ جو ايڏو مان هو، ته فارسي دانن جي ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه به ڪونه هو. اهڙيءَ طرح، ’قانع‘ کان سواءِ، مير غلام علي ”مائل“ ۽ مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ”تڪملہ“ لکيا، جن مان ’مائل‘ واري ڪتاب جو پتو ڪونه ٿوپوي؛ خليل صاحب وارو ڪتابڙوقلمي صورت ۾ موجود آهي،جنهن ۾ انگريزي دور جي فارسي گو شاعرن جو ذڪر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com