سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

مضمون:

صفحو :2

”تنوير“ عباسي

چوسِي تنهنجي چيڙن مان، مون ماکيءَ جي لار،

ڪَوڙايون هزار، لحضي ۾ لهي ويون.

اَڀ جي نيري فرش تان، ترڪي ويا تارا،

پرينءَ جا چارا، چمڪيا چوڏهينءَ چنڊ سان.

 

جهليو انبن ٻور، ڦهلي وئي سر هاڻ آ،

مون کي تنهنجا پور، وَلڙين جيان وري ويا.

 

ساوڻ ساماڻو، آيون راتيون رس- ڀريون،

ڦوهه جواني مند جي، چوڏس چٽاڻو،

ننڊ نيڻن ۾ ناهه ڪا، گذري ويو ٽاڻو،

اسان وهاڻو، سور ڪيا او سپرين.

نسريا سر ويا سُڪي، هئا ٻاٽي ڏينهن،

چار ڏيهاڙا مند جا، اُٺا سانوڻ مينهن،

سدا نئون نينهن، پرت پراڻي ڪين ٿئي.

اُڻٽيهينءَ اماس ۾، پرين هو مون سان،

چنڊ بنا چانڊاڻ، هئي منهنجي هنج ۾.

 

توکي ويڙهي اينءَ وڃان، جيئن وليون ويڙهن وڻ،

سُڪڻ کان پو پي رهن، سدا ساڻ سڄڻ،

جيئڻ ۽ مرڻ، تو سان اينءَ منهنجو ٿئي.

 

او منهنجا مهتاب، جي منهنجي اَک لڳي وئي،

جاڳيا جيءَ ۾ خواب، نينهن اٿاريوننڊ مان.

 

دريا چڙهي ساوڻيءَ، ڀرجِي ٿئي ٽمٽار،

اسان وٽ آ تار، سدا پاڻي پريت جو.

عبدالجبار ”شام“

چڙهه ته چڙهون چوٽ، هيٺانهينءَ کان هلندي،

جيل هي جاڏو ڏسي، مُئي، نه کائج موٽ،

قلبؤن ڪڍي کوٽ، مر وڌائج وک کي.

 

پاڻ نه پَسن جي،لوڪَ لَکينديون ڪيترو،

الا اهي ڪي، سِٽ پڙهن ڪنهن سُور جي.

ڪڏهن خط لکن، ڪڏهن وڃان وسري،

اڃا ڪِي اٿن، غصو مون غريب تي.

 

هونءَ ته پاڻ ملن، اڱڻ اچي سپرين،

پر ڪو ڪَٽر پين، جوملڻ کان ماٺ ٿي.

 

ڌاريان ڪيم سيڻ، پنهنجن کان پاسو ڪري،

سيڻن سنديءَ سِڪ ۾، نير ڀريا ڏس نيڻ،

اڄ ٿي سَهان سپرين، اُٿي ويٺي ويڻ،

ڀُلجي متان ڀيڻ، ڀاءُ ڪوٺي ڪنهن کي.

”معمور“ يوسفاڻي

ڍلائيءَ سان ڍول، هرگز حاصل ڪين ٿئي،

ٻَڌي سندرو سچ جو، ڳجهه اندر ۾ ڳول،

اندريون اکيون کول، ته مشاهدو ماڻيين.

 

هل پريان جي پار، سنبهه ڇڏ سستي،

هو تن ڏي هوڪار، ٻڌي سندرو سچ جو.

 

سچن ساعت پنڌ، وندر ۽ وڻڪار،

ڪِيم ورائج ڪنڌ، هلندي حبيبن ڏي.

 

’قالوابليٰ‘ قول، دل اندر دهراءِ،

وحدت کي وجود ۾، ويهي تون وڙول،

ٻياڻيءَ جو ٻول، ڪڍ ته پسين پرينءَ کي.

 

اُٿي سچ سهيڙ، ڪُوڙان حاصل ڪين ٿئي،

ماڻڪ موتي ميڙ، پيهي منجهه پاتار جي.

 

لهرين جا لوڏا، سهه ته مليئي سچ،

ڪناري ڪوڏا، موتي موجن هيٺ ٿيا.

مور نه ٿيءُ موڳي، آرس ڇڏ عميق ۾،

عميقان او ڳي، ساحل پهتي نه سسئي.

ڪافيون

”تنوير“ عباسي

ڀري پيءُ اڄ هڪ ٻه جام:

هليو وقت ويندو، وري ڪين ايندو!

ڦري جام وانگر، هيءَ گردش جهان جي،

پيئڻ جو ڏئي ٿي پيام:

پيئڻ سان ئي پيارا زمانو مڃيندو.

خبر ناهي ڪنهن کي، اڄوڪيءَ سحر جي

ٿئي يا نه ٿئي ڪابه شام:

پيئڻ بعد هي وقت ايندو نه ويندو

سمان سال جي ڏک جو هڪ ڏينهن آهي،

ته پوءِ عمر ڪيئن ٿئي تمام:

اهو راز هيءُ جام تو کي ڏَسيندو

حياتيءَ کي ماڻڻ گهرين ٿو جي مٺڙا،

ته وٺ وقت کان انتقام:

جوهي وقت ڪنهن کي سڪون ڪين ڏيندو.

ڀري پيءُ اڄ هڪ ٻه جام:

هليو وقت ، وري ڪين ايندو...

”رشيد“ لاشاري

رهي جهنگ بنا دل تنگ، ڙي اديون!

ڏسان رانجهن يار جا رنگ، ڙي اديون!

نه ڪا مون کي جهلي، نه ڪا مون کي پلي،

موٽي ماڳ وڃان، نه ڪا مون سان هلي،

اِها سوز ڀري، ڪنهن سان سور سَلي:

واري وِرهه وڌا ڪي ونگ، ڙي اديون!

ماري محب ويو، من کي مونجهه مُٺو،

سر تي سوز فراق جو، مِينهن وٺو،

رانجهن راز کسيو، مُون کان بخت رُٺو:

لڳا نينهن جي نانگ جا ڏنگ، ڙي اديون!

رانجهو يار پَري، سُڏڪا ساهه ڀري،

ڳڻتين ماس ڳري، تَن ۾ آگ ٻري،

ويهان رنگپور ۾ ڇو سينگار ڪري:

ٻن ريشم سيج پلنگ، ڙي اديون!

لکيو نيٺ پَڙي، تنهن کي ڪونه تَڙي،

جنهن کي قرب ڪَڙي، تنهن سان لوڪ لَڙي،

منهنجو جوڳيئڙي وڌو جيءُ جَڙي:

من موهيو مست ملنگ، ڙي اديون!

تَن سهڻي بنجي، تار تري،

ڪُن قهر ڪري، ڀل ڏيل ڏري،

ڀل وِير وري، مسڪين مَري:

ڀل ڪانڌي بنجن ڪنگ، ڙي اديون!

ٿئي شوق ۾ پاڻ شهيد سگهو،

ڪري پيدا جوش جديد سگهو،

مچ ٻاري پاڻ ”رشيد“ سگهو:

ڀل پاڻ پچن ڪي پتنگ، ڙي اديون!

حافظ محمد ”احسن“

سرس ڪري سر، دوست پسايو ناز نظارو!

عشق اول آسان ٿي ڄاتم،

پيچ پرينءَ سان پختو پاتم،

نينهن نسنگ نروار-

پوءِ پروڙيم پرت پسارو.

راز ۽ رمزون تنهنجون نراليون،

چست عجائب تنهنجون چاليون،

عشق سندا اسرار-

سالڪ سمجهن سڀڪو اشارو.

تنهنجي ڏسڻ مان نه اکڙيون ڍاپن،

ور ور ڏئي ٿيون واٽون واجهائن،

ڪانه اٿن ٻي ڪار،

نينهن لڳو جن تنهنجو نيارو.

ديدون دوناليون تنهنجون دلبر،

سيني ۾ ٿيون سٽڪن هر هر،

جيري جگر مان پار-

ڪين سي ڪن ٿيون ڪنهن کان ڪنارو.

عشق الستون تنهنجو آهي،

نيٺ سو نيندس نينهن نباهي،

تن من ۾ تنهنجي تار-

توکان ڳجهو ناهي حال هي سارو.

قهر جداڻي جانب تنهنجي،

ڪين سري ٿي ساعت منهنجي،

هوت اچج هڪوار-

آهه سڄڻ سڀ تنهنجو سَهارو.

پورهيت جي توکي پارت آهي،

تو ريءَ واهه وسيلو ناهي،

سونهن ڀريا سردار!

تنهنجو آهي پاس پنارو.

”احسن“ تي ڪر قرب ڪرم اڄ،

پاءِ اڱڻ ۾ يار قدم اڄ،

درس ڪيان ديدار،

بخت منهنجي جو چمڪي ستارو.

”خادم“ سروري

پلءِ پناري جن جي آءٌ پيڻي،

نين نماڻي نال سي نيندا.

روئي جن لءِ نهاريان راهون،

اچن عجيبا من ڪي اورانهون،

وس کان ويچاري جا آهي ويئي،

ڇوري ڇني سا ڪين ڇڏيندا.

روز الست کان اکڙيون اڙيون،

گهاريم جن سان گڏجي گهڙيون،

ساريان سڄڻ ٿي پنهنجا سيئي،

معاف مديون ڪري اڱڻ تي ايندا.

جانب لءِ جن جان جلائي،

تن سان سڄڻ ٿيو سورن ڀائي،

ڏسڙو اهو مون کي ويا آهن ڏيئي،

ساڻي ٿڪيءَ سان ٿرن ۾ ٿيندا.

آسون اميدون ڪڏهن نه لاهيان،

اڳ پوءِ انهن جي اديون مان آهيان،

قرب سندن آهن مون تي ڪيئي،

مُنهڙو مون کان سي ڪيئن مٽيندا.

”خادم“ جن لءِ دل ٿي تاڻي،

ايندا اڱڻ تي اڄ ڪِ سڀاڻي،

سور سلينديس آءءٌ سڀيئي،

پوريل در اچي پاڻ پَٽيندا.

گيت

گوورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“

مڌر گيت

مَنَ! ڪو مڌر گيت گُنجاءِ!

جيوَن ۾ آ سوز سمايل،

هاءِ،جڳت جو تن من گهايل!

نير، نراشا نت نيڻن ۾،

دل ۾ دردي دود دکايل:

تون ئِي مڌر ساز آشا جو، ور ور ڪري وڄاءِ!

رات رڙي، آڪاس پڪاري،

تارن جا ٿو هنجون هاري؛

هِير ٿڌيري، هلندي هلندي،

اَندر مان ٿي آهَه اُٿاري:

مٺڙا گيت خوشيءَ جا ڳائي، تون تن کي مرڪاءِ!

آهه بُکي ٻالڪ جي ٻولِي،

هاءِ، دُکي ماتا جِي لولِي!

در در تي نت ٻاڏائي ٿي،

نير ڀري نرڌن جي جهولي:

تن تي مٺڙا مينهن مهر جا، بادل ٿي برساءِ!

تون لڙڪن مان موتي جوڙي،

ڇڏ دک درد خوشيءَ ۾ ٻوڙي:

خوف، نراشا جي خيالن کان،

او آشاوادي! منهن موڙي،

جوش نئين سان، هوش نئين سان، دک مان سک اُپجاءِ!

من! ڪو مڌر گيت گُنجاءِ!

هري درياني ”دلگير“

سوداگر سنسار

سوداگر سنسار اسان جو، سوداگر سنسار!

پيسي سان مکڙين جو مرڪڻ،

ڦولن جي سرهاڻ،

پيسي سان ساگر جا موتي،

آڪاسي چانڊاڻ،

پيسي سان ئي روپ جواني،

پيسي سان ئي پيار!

 

- سوداگر سنسار....

ذهن وڪامي، فڪر وڪامي،

عام وڪامن گيت،

علم عقل ۽ ڏات مٿان آ

ذات سندي اڄ جيت،

ڪوڏين بدلي موتي وڪڻي،

وڻجارو وينجهار!

 

-سوداگر سنسار....

ڌرم به وڪڻن، دين به وڪڻن،

وڪڻن ٿا ايمان،

ٻِن پيسن تي بندو وڪڻي،

خود خالق ڀڳوان،

واءِ، خدا خاموش پسي ٿو،

ويهي هي وهنوار!

 

- سوداگر سنسار...

ماڻهوءَ کي ٿو ماڻهو وڪڻي،

هاءِ، ڙي ماڻهو، هاءِ!

وَيل وَهنٿا تنهنجي آڏو،

ڄائين تون ڇا لاءِ؟

انساني عظمت ڪئن سهندِي،

هيءُ وحشي واپار؟

 

- سوداگر سنسار....

”تنوير“ عباسي

آئي رات سهائي

منهنجي من تي اُڻٽيهينءَ جي اوندهه آهي ڇانئي

آئي رات سهائي!

اکڙيون الجهيون اوجاڳن سان، مٺڙا، تنهنجي وئي پڄاڻان،

چنڊ به ساڳيو، رات به ساڳي، پر ڇا ٿي ويو آهي نه ڄاڻان:

سا چانڊوڪي چهنڊيون پائي، جنهن ٿي ڪئي ڪتڪائي...

تو کان سواءِ جئن توکي ڪونه سڃاڻي،- اڄ ائين پاڻ لڪائِي،

منهنجا چنڊ! هليو آ ڪڪرن واري ڪاري چادر پائي:

ڊڄندي ڊڄندي مون دنيا کان رات اها چورائِي...

نيڻ ستا جي خواب ٿي جاڳيا، خواب ستا جاڳي پيا نيڻ،

ساري رات سنڀاريم، توکي، پر تنهنجو من ڪين ٿيو ميڻ:

ڪرڻا ڪر موڙي جاڳيا، مون کي اوٻاسي آئي...

آئي رات سهائي!

شيخ ”اياز“

ياد اوهان جي آئي

ساوڻ آيو، وڻ وڻ تي آ ساوڪ ۽ سرهائي:

من جي مکڙي جو مرجهائي، وري نه ٿِي سا سائي!

هيءَ چانڊوڪي، گهِم، هوا، ٿي تِير ڀري تنهائي؛

ڦٽ اکلي پيا اڄ ته اندر جا، ياد اوهان جي آئي.

ڪنهن ڪنهن پاتو آهي ان ۾ تنهنجي من جوموتي:

سمنڊ کان گَهِري آهي تنهنجين اکڙين جي گهرائي.

ماضي منهنجا! ماضي منهنجا! ڪير پيو رک کوٽي:

ويو وسامي ڀنڀٽ، ليڪن چڻنگ دُکي ٿي ڪائي.

کنڀڙاٽيون کوهيندا هڪ ٻئي کي به ڏسن ٿا، پو ڀي،

مَچ مٿان ڇو آهه پتنگن ايڏي ڀيڙ لڳائي؟

ڪن جون اکڙيون، سکڻيون سکڻيون، گِهرُن سدائين بيکَ،

تنهنجون اکڙيون، مَي جا پيالا، سخا ڪَرِن سرهائي.

رات اسان جي آهِه اندر ۾ ڪوئي راڳ ازل کان آيو،

آڳ اُلا ٿيو سارو تن من، ڳالهه اوهان جي ڳائي.

(2)

ملاح

منزل آهي دور، ملاح!

رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

 

 

ٻڏي ويو جي دور ستارو-

پنهنجي اوندهه جو اوجارو-

ٿيندو سڃ ۾ ڪير سهارو؟

آهي لڱ لڱ چُور، ملاح!

 

- رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

هُن کي ڪونج نياپو ڏيندي،

هوءَ ڪناري تي به ته ايندي؛

هن بن عمر الا ڪئن ٿيندي!

هي ٻيڙيءَ جو آ پُور، ملاح!

 

-رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

ڄاڻ پرينءَ جي يار پڳاسي،

آهه ويو جووڻ وڻ واسي؛

ڏس پهتاسي، ڏس پهتاسي،

ڏس هو سامهون گهُور، ملاح!

 

- رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڇي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

قيوم ”طراز“

ديپ جلايان، ديپ وسايان

تنهنجي ياد ۾، او دلبر!

ديپ جلايان، ديپ وسايان!

ڳوڙها ڳاڙي آڳ اُجهايان!

راتيون ڪاريون، ڳوڙها تارا،

اونداهِن جا پاڇا ڪارا،

اُڀرن اُسرن، دل ڏهڪائن،

- اوري ايندا ڀوت سي ڀانيان...

ٿڌڙي ٿڌڙي هِير ڏکڻ جي،

ڪانپي ڪانپي رات قهر جي،

تنها من ۾ تير لڳن ٿا،

- ڳڻتين جا هي گيت ٿي ڳايان...

چپ چپاتي آهه اڻانگي،

ڪٽبي ڪڏهين رات اسان جي!

تو بن، سهڻا، آهي ويراني،

- گهور اونداهي ڪيئن هٽايان...

ههڙو موقعو، سنسناهٽ،

تنهنجو تصور پائي آهٽ،

خوابن ۾ جو آئين، سهڻاا!

- من تنهنجو اچ مان ريجهايان...

تون نه ايندين جي منهنجا جاني،

رات ائين ڪينءَ ويندي وهامي؟

هڏڪين ۾ آ تارن جو دم،

- نيڻن جي چؤ جوت وسايان...

لوڪ گيت

عبدالجبار ”شام“

ساران جَکريءَ جا وَرلاپ

(لولي يا مورو)

[اسان جي سنڌ ديس ۾ شاعرن، سُگهڙن ۽ نڪته دانن جي کوٽ ڪونهي. هر دور ۾ سنڌ منجهه باڪمال شاعر ۽ سُگهڙ پئي پيدا ٿيا آهن. ڪي ڪي اهڙا سُگهڙ پئي پيدا ٿيا آهن، جن جي ڪلام پاڙو، پٽ، ديس ۽ پرديس واسي ڇڏيو آهي.

هتي مون کي مائيءَ ساران جو ذڪر ڪرڻو آهي. جنهن پنهنجي وَرَ جي وڇوڙي ۾ ورلاپ ڪيا آهن، جيڪي لولين جي صورت ۾ موجود آهن. مائي ساران ذات جي جکري آهي. هوءَ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي جي هڪ ڳوٺ ’ابڙال‘ ۾ رهندي آهي. ساران جو مڙس ”اَلڪو“ ذات جو شودو هو، ۽ هيءَ جکري آهي. هنن جي شادي باهمي محبت جو نتيجو آهي. اَلڪو نهايت پهلوان مڙس هو. گهڻو ڪري سندس ڪرت چوري ڪرڻ هئي. الڪي کي پنهنجي زال ساران سان بيحد گهڻو پيار هو. هُو چوري چڪاريءَ ۾ زال کي ساڻ کڻندو هو.

اَلڪي کي صديق نالي هڪ ساٿي به هو. هڪ دفعي جيئن اَلڪو، پنهنجي ساٿيءَ صديق ۽ زال سان، درياءَ جي ڪپ تي ٿِمَ ۾ چورايل مينهون ٿميو ويٺو هو، تيئن کيس پوليس ۽ ڀاڳين گهيرو ڪري ورتو. ٻيون واهون ته بند ٿي ويون، باقي درياءُ شاهه جو جَرُ هو، جنهن ڏانهن اَلڪي زور رکيو. ٽيئي مينِهِن جي پُڇن ۾ ٽنڊڙي پيا، ۽ مينهون تري اُٿي هليون. ماڻهو چون ٿا ته اَلڪو هميشہ ڦوڪيل سيڻاءُ ساڻ کڻندو هو. هِن ڀيري به ڦوڪيل سيڻاءُ ساڻ هيس. ڪجهه پاڻي جهاڳڻ کان پوءِ، مينهن مان هٿ ڪڍيائين ۽ سيڻاءُ تي زور کڻي رکيائين. هو مهراڻ جي موجن جي آسري اولهه ڪپ ڏانهن وڌندا رهيا.جڏهن وچ – سير ۾ اچي پهتا، تڏهن اُتي اَلڪي کي ويريءَ واڳونءَ اچي ورايو. ٽنگ ۾ لوهه کڻي وات وڌائينس. مڙس وٺجي ويو، ته به رڙ ۽ دانهن ڪوڪ نه ڪيائين – ها، مڙس ڪجهه ڍرو ٿي ويو. اتي ساران واڪو ڪري پڇيس ته دوليءَ جا وَرَ، رهجي ڇو وئين؟ تڏهن جواب ڏنائين ته ’هليا هلو، آءٌ به پيو اچان؛ هلي ڪپر تي ڪک وڇايو‘. وري صديق ڏٺو ته يار پٺتي رهندو پيو وڃي، سو واڪو ڪري پڇيائينس ته ’ٻيلي،ڪر خبر، سيڻاءُ لانجهي ٿي ويئي ڇا؟‘ اتي مڙس پوري پير تي آيو ۽ چيائين: ”سيڻاءُ واءُ ڇڏيو، ۽ سنڌن ساهه ڇڏيو؛ ويريءَ اچي وات وڌو، ۽ ٽنگ ڳيهي ويو آهي؛ هاڻي ساران جي پارت اٿئي، اسان جي الله توهار...“ ايترو چوڻکان پوءِ، ويري واڳون کيس ڳهي ويو.

ساران، ماتم کڻي مچايو. ڪنڌيءَ اچي، پِٽڻ پار ڪڍڻ ۽ اوسارڻ لڳي. جانب جي جدائيءَ هڻي کيس جهوري وڌو. وٺي جو روڄ ۽ راڙو ڪيائين، ته ساٿيءَ صديق جون متيون منجهي ويون. مائي گهيڙ تان گِسڪي ئي نه! اهو ’گُليل جو تڙ‘ هو، جو اڄ تائين ساڳئي نالي سان مشهور آهي.

ساران، پنهنجو پاڻ وساري، ٻه ڏينهن تڙ تي گذاريا؛ پوءِ صديق کيس ريهي ريڀي گهر آندو.هن ويچاريءَ کي ور جي وڇوڙي وڍي وڌو هو. اَلڪو جي مجنون هو، ته هيءَ به مجنونءَ جي ليليٰ هئي. هوءَ ور جي وڇوڙي ۾ ورلاپ ڪرڻ لڳي. ڪارا مردانا ڪپڙا کڻي ڪيائين، ۽ ڪهاڙي ڪلهي تي، محب جي ميلاپ جا مورا چوڻ لڳي، جن ۾ گهڻو ڪري ور کي لولي ٿي ڏئي.

سال 1902ع هو، جڏهن اَلڪي کي واڳون ڳهي ويو. ان وقت مائي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي. هينئر سندس عمر 56 سال آهي. هن جي صورت جي مسجد ڊهي ويئي آهي، ته به محراب ٻڌائين ٿا ته جوانيءَ ۾ هوءَ نهايت سهڻي عورت هئي. اَلڪي جي موت کان پوءِ هوءَ گهر ڪري نه ويٺي: جهر جهنگ، ڳوٺ راڄ رلندي رهي؛ سڄي آسپاس ۾ اَلڪي کي ڳائيندي رهي.هوءَ جيڪي به لوليون چوندي رهي، تن جا سر مشهور آهن: هڪڙو جوڳ ۽ ٻيو هلڪي گيت وارو عام سر. ٻئي نمبر کي ٻه – چار روپ آهن.

مائي ساران گهر ۾ ڪو ٿورو وقت ويهندي آهي، نه ته رڳو رولاڪو! ڳائيندي، ته ائين پيو سمجهبو ته ڪو سنجيدو مرد پيو ڳالهائي. توڙي جو آواز ۾ زناني لچڪ اٿس، پر ڳالهاءَ ۾ وقار اٿس. منهنجو مامون، حاجي جوڻيجو، مائي ساران جکريءَ جي لولين مان چڱيءَ پر ڄاڻو آهي. کيس اهي لوليون گهڻي تعداد ۾ ياد آهن، ۽ ساڳين اُنهن سرن ۾ ڳائيندو آهي، جن ۾ ساران خود ڳائيندي آهي. ساران جو ڪلام ويجهڙائيءَ وارن هارين نارين، ڌنارن پنهوارن کي چڱيءَ طرح ياد آهي.

گليل جو تڙ، جنهن تڙ تان الڪو واڳونءَ جي وات ۾ ويو، ان جو ذڪر ڪندي، ساران جوڳ ۾ هڪ چيز ڳائي آهي، جنهن جو نمونو سندس ٻئي ڪلام کان مختلف آهي. الڪي کي ويري وات وجهي ڳهي ٿو، تنهن حادثي کي ساران اثرائتن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. هيءَ چيز جوڳ ۾ ڳائي ويندي آهي. ۽ نهايت درد ڀري آهي.

اَلڪا مور مان، - ٻيلي .........

لکي مور مان جا، - ٻيلي .......

گُليل جي تڙ تان، ٻيلي، گُليل جي تڙ تان،

لاکيڻان به لُڙهيا- ٻيلي ......

ويري ٿو به وڙهي – ٻيلي .....

چور ته هاڻ ڪونهي،

ويريءَ وات وڌو، ٻيلي، ويريءَ وات وڌو.

سيڻاهه واءُ ڇڏيو، ٻيلي، ڇاتيءَ ساهه ڇڏيو!

اَلڪا مور مان جا، لکي مور مان جا!

ڌاڙي جو ته مال، ٻيلي، بلائتو به ڪجان:

يارهن ته مينهون، ٻيلي، ٻارهين پاڻ ساران:

بلاتيون ته ڪجان، ٻيلي، بلاتيون ته ڪجان!

ڪونهي ڏوهه منهنجو، ٻيلي، لکيو وٺي لوڙيان،

سڄڻ کي ته چئجان، ٻيلي، سلام به چئجان!

بولاخان ٿاڻو، ٻيلي، موڪل ڪوبه ماڻهو.

توري پيسا ڏجان، ٻيلي، اَلڪو هاڻ بچي!

 

ساري سلام چئجان، ٻيلي، ڪنهن جوڏوهه ڪونهي:

ڪنهن جوڏوهه ڪونهي، ٻيلي، لکيو ويٺي لوڙيان.

الڪا مور مان جا، لکي مور مان جا،

لکيو ويٺي لوڙيان!

مٿئين ورلاپ ۾ نهايت ڏک سان ور جي وڇوڙي جون ڳالهيون ڳڻيون اَٿس. هن کي ور جي ڪرت جو ڪوبه افسوس ڪونهي: هن کي ور جي ’چوري ڪرڻ‘ ۾ برائي نظر نٿي اچي، ڇو ته يار جي ياريءَ کي ڏسبو ۽ نه سندس فعلن کي. اَلڪي جي موت جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ مٿئين ورلاپ ۾ ڪي خاص واقعا به اچي وڃن ٿا، جن جو تعلق ان وقت سان آهي، جڏهن الڪو قيد ٿئي ٿو. اتي هوءَ ساٿين کي چوي ٿي:

”توري پيسا ڏجان، ٻيلي، اَلڪوهاڻ بچي!“

مٿين چيز نهايت موثر آهي. ڪو سنگدل ئي لڙڪ سنڀالي سگهندو؛ باقي جنهن محبت کي سڃاتو، سو به ٻول ٻڌي هنجون هاريو وجهي.

ساران جون جيڪي لوليون آهن، تن جون مختلف وراڻيون ۽ چوڻيون آهن- جهڙوڪ:

-         پرديسي پکيءَ کي لولي چوان ....

-         پرديسي مٺوءَ کي لولي چوان ....

-         پرديسي جانيءَ کي لولي چوان....

-          پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان ....

-         پرديسي وهنيل کي لولي چوان .....

-         ويچاري وهنيل کي لولي چوان .....

-         ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ گهوري گهمان .....

-         ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو ....

-         ڇورا وريل کي لولي چوان ...

-         بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي ...

-         بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي ...

-         بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com