سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

 

صفحو :15

ڊاڪٽر سيلر انهن مسئلن تي بحث ڪيو، جيڪي فني اعتبار کان متقدم ملڪن جي ماڻهن کي پيش اچن ٿا. هن اهو انديشو به ظاهر ڪيو ته اهڙي تمدن ۾ افراد جو مشين (Robot) ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو خوف دامنگير رهي ٿو، ۽ اها ڳالهه به ممڪن آهي ته هو تجارتي ذهنيت ڪري پنهنجي آزادي به وڃائي ويهن؛ مگر علم نفسيات (Psychology) جي موجوده واڌاري ۽ ترقيءَ ڪي اهڙا طريقا به ڏسيا آهن، جن جي وسيلي افراد پنهنجي ”روح جي حفاظت“ ڪري سگهن ٿا، ۽ پنهنجي ”انفراديت“ به سڃاڻي سگهن ٿا. موجود لکندڙن انهيءَ مسئلي جو حل يُنگ (Jung) جي نقطه نظر ۾ ڳولي لڌو آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ آزاد معاشرو (Open society) پنهنجي خصوصي علامت ڪري هڪ غلام معاشري کان مميز ڪري ٿو سگهجي. پاڪستانيءَ تمدن کي اهڙن نعرن جي ضرورت آهي، جيڪي سندس انفراديت کي ظاهر ڪن. اسين انهن نعرن کي موجود مذهبي وضع سان شريڪ ڪري پاڻ کي انهن خطرن کان بچائي سگهون ٿا، جيڪي صنعتي ترقي پاڻ سان سلهاڙي آڻي ٿي.

انهن مضمونن هڪ ڌيان جوڳو بحث ڇيڙيو، جنهن ۾ منطق جي پروفيسر اي. جي. آير (A.J. Ayer) (يونيورسٽي ڪاليج، لنڊن) پڻ حصو ورتو. پروفيسر آير هيٺين ڳالهين جو ذڪر ڪيو: (1) تمدن سان اهڙو ورتاءُ نه ڪرڻ گهرجي، جهڙو هوند ڪنهن جانور سان ڪجي؛ تمدن افراد جي باهمي تعلقات جو نالو آهي؛ (2) فني ترقيءَ کي مغربي تمدن ۾ اتفاقي امر نه سمجهڻ گهرجي؛ فني ترقي مغربي تمدن جو هڪ ناگزير حصو ۽ انهيءَ تمدن جو خاص مظهر آهي؛۽ (3) فني ترقيءَ جي خطرن کي بيان ڪرڻ ۾ گهڻو مبالغو ڪيو ٿو وڃي. حقيقت ۾ فني ترقيءَ انساني تڪليفن، مصيبتن ۽ ڏکن کي گهڻيءَ حد تائين گهٽايو آهي. البت ايترو خطرو ضرور آهي ته جيڪڏهين مشينن جي ترقي ساڳيءَ رفتار سان جاري رهي ته شايد اسين منجهانئس ڪڪ ٿي پئون. ”مگر آءٌ ڏکي ٿيڻ بدران ڪڪ ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“

منجهيل ڄار. شام جو پروفيسر آير هڪ پبلڪ ليڪچر ڪيو، جنهن ۾ هن پروفيسر جِي. اي. مور (G.E. Moor)، وٽجينسٽين (Wittegenstein)، گلبرٽ رائيل (Gilbert Ryle) ۽ پروفيسر آسٽن (Austin) جي فلسفي جو بهترين اختصار ڏنو. اها افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو پروفيسر آير پنهنجي فلسفي جو ڪو ذڪر نه ڪيو. هن موجوده فلسفيانه خيالن جي منجهيل ڄار کي آسانيءَ ۽ نهايت سهڻي طريقي سان سلجهايو. هن انهن سوالن جو به ذڪر ڪيو، جيڪي پروفيسر مور فلسفين کان پڇي کين تنگ ڪندو هو- مثلاً هي سوال ته ”توهان جي انهيءَ مان مُراد ڇا آهي ته ’زمان غير حقيقي آهي‘.“ في الواقع انهن جو مقصد سواءِ ان جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي ته اهڙا واقعا اصل وجود نٿا رکن، جيڪي هڪٻئي کان اڳ يا پوءِ يا ساڳئي وقت ٿيندا هجن. اها ظاهر ظهور بيوقوفي آهي. جڏهين مور پنهنجو مشهور مضمون ”بيروني دنيا جو ثبوت“ پڙهيو پئي، تڏهين پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي چيائين، ”هيءُ هڪڙو هٿ آهي“؛ ۽ پوءِ کاٻو هٿ مٿي کڻي چيائين، ”هيءُ ٻيو هٿ آهي“. هُن انهن ٻن عملن مان اهو نتيجو ڪڍيو ته ٻاهرينءَ دنيا کي وجود آهي. (پر آءٌ سمجهان ٿو ته پروفيسر آير، مور جي مضمون جو خاص دليل نه ڏنو. منهنجي نزديڪ ان مضمون ۾ اهم ڳالهه هيءُ سوال آهي ته ”جڏهين فلسفي ٻاهرينءَ دنيا جو ثبوت تلاس ڪن ٿا، تڏهين انهن جو ’ثبوت‘ سان في الواقع ڪهڙو مطلب هوندو آهي؟“ فرض ڪريو ته ”هن ڪمري ۾ هڪ ميز آهي“: هاڻ جيڪڏهين ڪو ان جو ثبوت گهري ته توهان فقط ايترو ڪري سگهو ٿا جوميز ڏانهن اشارو ڪري چئو ته ”هيءَ ميز آهي“.) وٽجينسٽين، مور جو ٻاهرينءَ دنيا جو وجود متعلق مٿيون دليل ٻڌي چيو: ”جيڪي فلسفي مادّي جي وجود کان انڪار ٿا ڪن، سي انهيءَ ڳالهه کان انڪار نٿا ڪن ته کين صدريءَ هيٺان قميص پيل آهي“.

’معنيٰ‘ جو نظريو. انهيءَ کان پوءِ پروفيسر آير، وٽجينسٽين جا ”معنيٰ“ متعلق ابتدائي رايا ٻڌايا، ۽ ايٽمي حقيقتن (Atomic facts) ۽ ايٽمي رٿن (Atomic propositions) جي وچ ۾ فرق جي پنهنجي نقطهء نظر کان سمجهاڻي ڏني. مگر هُن وٽجينسٽين جي انهن نظرين کي، جن جو بيان سندس ڪتاب ”فلاسافيڪل انويسٽيگيشن“ (Philosophical Investigations) ۾ ڏنل آهي، وڌيڪ چٽائيءَ سان سمجهايو. وٽجينسٽين انهيءَ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته لفظ جي ”معنيٰ“ ان جي استعمال سان مقرر ٿئي ٿي. پروفيسر گلبرٽ رائيل (Gilbert Ryle) سندس انهيءَ راءِ کي قبولڪيو ۽ ان جو ذهني ڪيفيتن (يعني علم نفسيات) جي زبان سان لاڳاپو ڏيکاريو. هن جي ڪوشش خاص طرح اها هئي ته انساني مشين مان ’جن‘ (روح) کي هڪالي ڪڍي، جيڪو، ڊيڪارٽ جي نظر ۾، ذهن متعلق سوچڻ وقت موجود رهي ٿو. (پروفيسر آير، گلبرٽ رائيل جي هڪ بهترين مضمون Theory of Meaning جو ڪو حوالو نه ڏنو. هيءُ مضمون حقيقت ۾ Philosophical Investigations جي هڪ جملي جو تفسير آهي.) جيڪڏهين توهان وٽجينسٽين جي مٿينءَ راءِ کي اختيار ڪندا ته لغت توهان جي رهنمائي ڪندي. توهان هيءُ سمجهڻ لڳندا ته لفظ ڪيئن استعمال ٿين ٿا؛ ۽ هيءَ ڳالهه به ظاهر ٿيندي ته لفظن ۾ جيڪو معلومي فرق آهي،سو سندن استعمال جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. پروفيسر آسٽن (Austin) کي مٿينءَ راءِ جي مدد سان هيءَ خبر پيئي ته (مثلاً) لفظ Voluntary ۽ Involuntary هڪٻئي جا واقعي ضد نه آهن. ساڳي طرح، پروفيسر آسٽن ”جيڪڏهين“ (If) ۽ ”سگهڻ“ (Can) وارن جملن جو تجزيو ڪيو.

ڪلّيات (Universals). 16 تاريخ، صبح جو، گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي پروفيسر سي. اي. قادريءَ ”ڪليات“ جي عنوان تي سمپوزيم جي شروعات ڪئي. قادري صاحب انهيءَ ڳالهه تي زور آندو ته ”ڪليات، نامڪمل علامتون (Incomplete symbols) آهن“. هن پنهنجي دليل جي صحّت لاءِ وڌيڪ زور ان ڳالهه تي ڏنو ته مجرد تصور (Concepts) جو تجربو ڪڏهين به نٿا ڪري سگهون، ۽ ٻيو ته تصور ڪرڻ جو عمل ذهني عمل جي حيثيت ۾ هڪ خيالي شي آهي. جيتري قدر ڪليات جي باري ۾ بنيادي سوال جو تعلق آهي، ديوان اضفر، قادري صاحب سان اختلاف ڪيو. هن چيو ته جيتوڻيڪ ڪليات کي ”متعلقي حقيقت“ (Autological reality) نه آهي، تنهن هوندي به اهي هڪ ”معلومي (Epistemological) حقيقت“ جا حامل آهن. ڊاڪا يونيورسٽي جي پروفيسر بيگم اختر امام ٻنهي مقررن سان اختلاف ڪيو، ۽ انهيءَ نظريي جي وڪالت ڪئي ته ڪليات، منطقي توڙي معلومي حيثيت ۾، حقيقتون آهن.

گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي پروفيسر ڪرامت حسين، ناميّت (Nominalism) ۽ حقيقت پسندي (Realism) جي وچ وارو رستو اختيار ڪيو. هُن هڪ نئون نظريو ”ترڪيبي ڪليات“ (Synthetic universals) بابت پيش ڪيو.

پروفيسر آير به بحث ۾ بهرو ورتو ۽ مسٽر قادريءَ اتفاق سان ڪيو؛ ۽ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيائين ته ”ڪليات جو انحصار انهيءَ سوال تي آهي ته ’بياني (Predicative) جملن کي ختم ڪري سگهجي ٿو يا نه؟‘“ پروفيسر آير، قادريءَ جي انهيءَ راءِ تي ته انهن جملن کي ختم ڪري ٿو سگهجي، تنقيد ڪئي. آمريڪا جي ڊاڪٽر فشي (Fische) بحث ۾ هڪ نئينءَ شي جو اضافو ڪيو.هن ٻڌايو ته ”ڪليات جو مسئلو حقيقت ۾ درجه بندي (Taxonomy) جي اصولن جو مسئلو آهي“. ڪن سائنسن جي درجه بندي جي اصولن جي بنسبت، ٻين سائنسن جي وڌيڪ گهرج آهي، ۽ انهن سائنسن لاءِ اڄ به هيءُ اهم مسئلو آهي. جن سائنسن کي انهن اصولن جي گهٽ ضرورت آهي، تن لاءِ هيءُ مسئلو تقريباً بي معنيٰ آهي. پروفيسر ابنگاز (Ebbinghaus)، بيگم اختر امام جي ’ڪليات‘ متعلق راءِ سان اتفاق ڪيو. هُن ٽنهي مقررن تي افلاطون جو ذڪر بحث ۾ آڻڻ تي تنقيد ڪئي. پروفيسر ابنگاز جي خيال موجب افلاطون جا نظريا (Ideas) ڪليات نه پر ”عام تصوّرات“ آهن.

امريڪن فلسفو. شام جو ڊاڪٽر فشي (Fische) امريڪا جي فلسفي جا ارتقائي دور ٻڌايا. هُن امريڪا جي فلسفي کي ”غير ڪسبي فلسفو“ سڏيو، ڇاڪاڻ ته امريڪا جا فلسفي، فلسفي ۾ نه پر طبيعي يا سماجي سائنسن ۾ تربيت يافته آهن. هنن جو واسطو گهڻو ڪري سائنس جي فلسفي سان رهيو آهي. هو پنهنجي سائنس جي تجزيي ۾ سائنسدان جي معمل (ليبارٽري) جي ڪم تي سڀ کان وڌيڪ زور آڻين ٿا. هو ذهن ۽ معلوم شين جي تعلّق بدران، قياس، تجربي ۽ نتيجن جي وچ ۾ تعلّق ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

سندس مضمون جو شروعاتي حصو تمام سهڻو هو، مگر ڊاڪٽر فشي ستت ئي فلسفي کي ڇڏي سماجيت جي حدن ۾ داخل ٿي ويو.هن امريڪا ۾ تعليم۽ ڪاشتڪاريءَ جي ميدان ۾ تحقيق جي جوش و خروش جو ذڪر تمام چڱيءَ طرح ڪيو. سندس مضمون هڪ سهڻو معلوماتي تجزيو هو.

ڊاڪٽر فشي، پيرس (Pierce) ۽ وينڊل هومز (Wendel Holms) جو به ذڪر ڪيو؛ مگر وليم جيمس (William James) کي اصل وساري ڇڏيائين. آءٌ وڏي اميد رکيو ويٺو هوس ته ڊاڪٽر فشي، جيمس، سنٽيئنا (Santayana) ڊيوي (Dewey)، سڊني هوڪ (Sidney Hook) ۽ مورس ليزرووز (Morris Lagerowitz) جو ذڪر ضرور ڪندو – مگر نه، امريڪا جي ڪاشتڪاريءَ جو موضوع هن لاءِ وڌيڪ سحر انگيز هو!

اجلاس جي مختلف ميڙن ۾ چار صدارتي خطبا پڙهيا ويا، جن مان ٻه پنهنجو مٽ پاڻ هئا. راجشاهي يونيورسٽيءَ جي علم نفسيات جي پروفيسر، ڊاڪٽر مغني، پاڪستان ۾ علم نفسيات جي ضرورت ۽ واڌاري جي اهميّت تي سهڻي طريقي بحث ڪيو. گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي پروفيسر سعيد شيخ ”مذهب جي فلسفي“ جي ميڙ جي صدارت ڪئي. هُن، مذهب جي فلسفي جي وسعت جو ذڪر ڪندي، ان ڳالهه تي زور آندو ته مذهب جي فلسفي کي ”مخصوص فقه“ ۽ ”مخصوص فلسفه“ جي قياس آرائين کان آزاد ڪري، ان جو بنياد ”مذهبي تجربه“ جي حقيقت تي رکڻ گهرجي.

هُن انهيءَ ڳالهه تي به زور آندو ته اهو شخص، جنهن جو ڪنهن مذهب سان ڪو تعلق ڪونهي، مذهب جي قدر و قيمت کي اصل نٿو سمجهي سگهي؛ تنهنڪري مذهب تي تبصري ڪرڻ لاءِ هيءُ ضروري آهي ته هو مذهبي طرح محسوس ڪرڻ جي قابل هجي.

نظرين جي ضرورت. جدا جدا ميڙن مان مون صرف علم نفسيات جي ميڙن ۾ شرڪت ڪئي. انهن ميڙن ۾ تحقيق کان زياده نظرين تي مضمون پڙهيا ويا. اقبال اڪيڊمي، ڪراچي، جي نمائندي ڊاڪٽر رفيع الدين نظرين جي ضرورت تي هڪ مضمون پڙهيو. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ ته رفيع الدين صاحب کي اها به ڄاڻ نه هئي ته ’علمِ نفسيات‘ چئجي ڇا کي ٿو. بهرحال هن جيڪي ڪجهه چيو، سو حاضر آهي: ”فرائيڊ (Freud) چوي ٿو، ”جنسيّت سڀ ڪجهه آهي“- مگر جنسيت سڀ ڪجهه ناهي؛ آلڊر (Alder) چوي ٿو، ”قوت سڀ ڪجهه آهي“- مگر قوت سڀڪجهه ناهي؛ مارڪس (Marx) چوي ٿو، ”کاڌي جي تلاش سڀڪجهه آهي“- مگر کاڌي جي تلاش سڀڪجهه ناهي. (آءٌ حيران آهيان ته هُن ڪهڙي مارڪس جو ذڪر پئي ڪيو. مون کي يقين آهي ته گروشو مارڪس (Groucho Marx) به اهڙي دعوا نه ڪئي هوندي.) ان کان پوءِ هن ميڪڊو گل (McDougall) جو ذڪر ڪيو، ۽ چيائين ته اسان کي جبلّت (Instinct) جي علاوه نظرين جي به ضرورت آهي. مون کي قوي اميد آهي ته فلاسافيڪل ڪانگريس جا منتظم آئنده، گهٽ ۾ گهٽ علم نفسيات جي ميڙ ۾، انهيءَ قسم جي مضمونن پڙهڻ جي اجازت نه ڏيندا.

علمِ نفسيات جي ميڙ ۾ ڊاڪٽر غلام جيلانيءَ جو ”استاد ۽ شاگرد جا تعلقات“ تي مضمون بهترين هو.  (ڊاڪٽر غلام جيلاني ڍاڪا يونيورسٽي ۾ فلسفي ۾ علم نفسيات جو پروفيسر آهي. موصوف کي آئنده لاهور ۾ ٿيندڙ ڇهين ڪانگريس جو صدر نامزد ڪيو ويو آهي). ڊاڪٽر جيلانيءَ، انهيءَ تحقيق جي اغراض و مقاصد کي واضح ڪندي، ٻڌايو ته سندس تجويز جو خاص مقصد آهي- هيءُ معلوم ڪرڻ ته استاد ۽ شاگرد هڪٻئي جي باري ۾ ڇا سوچين ٿا، ۽ ڇا محسوس ڪن ٿا. انهيءَ کان سواءِ، استاد ۽ شاگرد جي تعلقات کي بهتر بنائڻ لاءِ اپاءُ ڳولي لهڻ به سندس تحقيق جو مقصد آهي.

17 تاريخ شام جو نمائندن کي، هڪ آرام ده بس ۾، شاهه عبداللطيف جي مقبري جي زيارت تي وٺي ويا. مقبري جي ٻاهرئين دالان ۾ اسان کي هن عظيم صوفي شاعر ۽ موسيقار جا ڪارناما ٻڌايا ويا، جن کي ٻڌي اسان تي هڪ عجيب خاموشي طاري ٿي ويئي. آخر ۾ صوفي مخدوم (نوح رحه) هالائيءَ جي ملاقات لاءِ هالا ڏانهن روانا ٿياسون.

”لطيف اڪيڊمي“، سکر، جي ’ثقافتي ڪانفرنس‘

(11-12 جنوري، 1958ع)

گذريل جنوريءَ ۾، سکر ۾، اتي جي ”لطيف اڪيڊميءَ“ طرفان، هڪ ’ثقافتي ڪانفرنس‘ ڪوٺائي ويئي هئي. ڪانفرنس جو مقصد هو ’لطيف اڪيڊميءَ‘ کي متعارف ڪرائڻ.

25 آڪٽوبر 1957ع تي، سکر جي ڪن ثقافت سان دلچسپي رکندڙ جوانن جي اتفاق سان، ”لطيف اڪيڊميءَ“ جو پايو پيو. ’لطيف اڪيڊميءَ‘ جو مک مقصد آهي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ ان جي زندگيءَ جي نظريي تي روشني وجهڻ“. اڪيڊمي، انهيءَ سلسلي ۾، ’شاهه لطيف لِٽرري هال‘ تعمير ڪرائيندي، ’لطيف آرٽس ڪاليج‘ قائم ڪندي، ۽ شاهه جي ڪلام ۽ پيغام کي ٻين ملڪن ۾ مشهور ڪرڻ لاءِ، مختلف ٻولين ۾، تحقيقي ۽ معياري ڪتاب ڇپائيندي، جنهن لاءِ هڪ وڏو ڇاپخانو پڻ قائم ڪيو ويندو. ازان سواءِ، پاڪستاني ثقافت جي ترقي ۽ توسيع به هن اڪيڊميءَ جي مقصدن ۾ شامل آهي.

ثقافتي ڪانفرنس جي پهرين نشست، 11 جنوري 1958ع تي، شام جي ستين بجي، مقامي ريلوي انسٽيٽيوٽ هال ۾ منعقد ٿي. سڀ کان پهرين اڪيڊميءَ  جي سيڪريٽري، آفاق صديقي، پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. ان بعد سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اديب، شيخ ”اياز“، ۽ صدر استقباليه ڪميٽي، پنهنجو مرحبائي خطبو پڙهيو، جنهن ۾ هن پنهنجي خاص انداز ۾ اڪيڊميءَ جي مقصدن ۽ پروگرام جي اپٽار ڪئي، ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي ثقافتي حيثيت تي تبصرو ڪيو. ان بعد، اردوءَ جي مشهور اديب ۽ نقاد شاهد احمد دهلويءَ جي صدارت هيٺ موسيقيءَ جو دور هليو، جنهن ۾ استاد رمضان خان، استاد منظور علي خان ۽ ٻين ماهر فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ۽ صدر صاحب، پنهنجي صدارتي خطبي ۾، پاڪستاني موسيقيءَ جي تاريخ ۽ ان جي آئينده ترقيءَ جي امڪانن تي مفيد ۽ معلوماتي انداز ۾ پنهنجا ويچار پيش ڪيا، ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي موسيقانه ايجادن کي اجاڳر ڪرڻ تي زور ڏنو.

ساڳئي ڏينهن، ڏهين بجي رات جو، ڪانفرنس جي اردو – سنڌي مشاعري جي ٻي نشست، اردوءَ جي مشهور شاعر حفيظ هوشيار پوريءَ جي صدارت هيٺ، شروع ٿي. سنڌيءَ ۽ اردوءَ جا برک شاعر ان ۾ شريڪ ٿيا. سنڌي شاعرن مان شيخ اياز، تنوير عباسي، عبدالڪريم گدائي ۽ شيخ راز جا نالا ذڪر جوڳا آهن. حفيظ صاحب، پنهنجي صدارتي خطبي ۾، سنڌ جي سرزمين جون علمي ۽ ادبي فضيلتون بيان ڪيون، ۽ مشورو ڏنو ته اسان کي لساني تعصب کان بلند بنجي، مختلف علاقائي ٻولين سان ويجهڙائيءَ وارا ناتا قائم ڪرڻ گهرجن.

ٻئي ڏينهن، 12 جنوري 1958ع تي، شام جي پنجين بجي، جنرل لئبرري هال ۾، ڪانفرنس جي ٽي نشست، سمپوزيم (مباحثو)، اردو جي مشهور شاعر شان الحق حقيءَ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. حفيظ هوشيارپوري، جميل الدين عالي، شيخ اياز، فتح الله عثماني، آفاق صديقيءَ، ۽ مرزا ممتاز مباحثي ۾ حصو ورتو. مباحثي جو موضوع هو- ”پاڪستاني ثقافت“. ٽن ڪلاڪن جي دلچسپ ۽ معلومات افزا بحث مباحثي بعد، سڀ هن خيال تي متفق ٿيا ته ’پاڪستاني ثقافت جي تشڪيل اڃا پنهنجي ابتدئي مرحلن ۾ آهي، ۽ هن وقت ان جو ڪوبه واضح معيار متعين ڪري نٿو سگهجي‘.

اهڙيءَ طرح، ”لطيف اڪيڊميءَ“ جي هيءَ ٻن ڏينهن جي ثقافتي ڪانفرنس خيرخوبيءَ سان ختم ٿي.

”لطيف اڪيڊميءَ“ جا مقصد نيڪ آهن، ۽ ان جا تقريباً سمورا ڪارڪن لائق. سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ فيلسوف، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ فلسفي کي، جديد معيارن مطابق، زماني سان متعارف ڪرائڻ، توڙي ثقافتي قدرن کي اجاڳر ڪرڻ جي سلسلي ۾، لطيف اڪيڊميءَ جون رٿائون ۽ ڪوششون، اُمنگ ۽ ارادا، اڄوڪي وقت جي عين تقاضا آهن. ساڳئي وقت، هن قسم جي اهم۽ وسيع مطلب کي حاصل ڪرڻ ۾ جيتريقدر گونا گون دشواريون ۽ رڪاوٽون اڳيان اچي سگهن ٿيون، تن تي نظر رکندي، اسين هيءُ محسوس ڪري سگهون ٿا ته ”لطيف اڪيڊميءَ“ جو ڪم بيحد محنت طلب ۽ صبر آزما آهي، جنهن کي مضبوط ارادن، سرگرم ڪوششن، مسلسل جدوجهد ۽ اڻورچائيءَ سان ئي ادا ڪري سگهجي ٿو. هيڏي وڏي ۽ بنيادي پروگرام جي سرانجاميءَ تي سوچيندي، - ”ڀؤ ٿئي ٿو ته متان آڳ اُجهامي نه وڃي“! شال، ”لطيف اڪيڊميءَ“ جا ڪارڪن انهيءَ انديشي کان اڳتي اُڪري وڃن، ۽ سنڌ جي عظيم الشان ثقافتي ورثي کي مستقبل وارن لاءِ محفوظ بنائي ڇڏين!

استقبالي خطبو

از: شيخ ”اياز“

استقباليه ڪميٽيءَ جي طرفان پنهنجن قدر لائق مهمانن جي تشريف آوريءَ جي شڪريي بجا آڻڻ کان اڳ، آءٌ ’لطيف اڪيڊميءَ‘ جي مقصدن ۽ هن ثقافتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي باري ۾ ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو. جيئن اڪيڊميءَ جي نالي مان ظاهر آهي، ”لطيف اڪيڊميءَ“ جو قيام رڳو ان ڪري عمل ۾آندو ويو آهي ته شاهه لطيف جي ڪلام ۽ حياتيءَ جي نظريه کي نه صرف پاڪستان جي عوام تائين پهچايو وڃي، بلڪ، مختلف زبانن ذريعي، ٻاهرين ملڪن ۾ به انهن حياتيءَ جي قيمتي قدرن کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪجي، جيڪي شاهه جي فن سان لاڳاپو رکن ٿيون.

شاهه لطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام نه رڳو سنڌ لاءِ هڪ قيمتي ثقافتي ورثي جي حيثيت ٿو رکي، بلڪ اهو هڪ اهڙي منظوم ثقافتي تاريخ آهي، جنهن مان هر ملڪ، هر مذهب، ۽ هر زبان جا ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هيءَ ڳالهه آءٌ ان ڪري نٿو چوان جو شاهه جي ڪلام سان اسان کي والهانه محبت آهي، ۽ ان ڪري اسين پنهنجي محبوب شاعر کي هر لحاظ سان مٿانهون درجو ڏيڻ ٿا چاهيون، بلڪ هيستائين، شاهه جي ڪلام کي ڦهلائڻ جي سلسلي ۾، سنڌيءَ کان سواءِ اردو، انگريزي ۽ فارسي وغيره ۾ جيڪي ڪجهه ٿورو گهڻو ڪم ٿي سگهيو آهي، ان کي جيڪڏهن سامهون رکيو وڃي ته ضرور ان نتيجي تي پهچبو ته شاهه هڪ اهڙي آفاقي نظام حيات جو قائل آهي، جيڪو نه ماديت جو انڪار ٿو ڪري، ۽ نه روحانيت جو؛ پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻندڙ لاڳاپو قائم رکڻ ٿو گهري، جيڪو انسان ذات کي ڪنهن اعليٰ نصب العين ڏانهن رجوع ڪري، ۽ سموريءَ انساني ڀائپيءَ کي هڪ ئي لڙهه ۾ پوئي ڇڏي.

شاهه جو بنيادي نظرگاهه هيءُ آهي ته هو صرف مادي زندگيءَ کي ’ڪُل مقصد‘ نٿو ڄاڻي، بلڪ ان کي ڪنهن اعليٰ نصب العين کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو ڪري ٿو ڀانئي. هو اهڙي ’جهد للبقاء‘ جو قائل آهي، جيڪو، زندگيءَ جي عملي ڏاکڙن کان دل لوڙهي، گوشي نشينيءَ کي ترجيح نه ڏئي؛ بلڪ ائين سمجهي ته ڏک ۽ سک به عارضي ۽ اضافي وجود آهن، ڇاڪاڻ ته حقيقي ۽ دائمي سک اهو آهي، جو جذب ۽ شوق جي والهانه ڪيف مان حاصل ٿئي ٿو. هن جي نظر ۾ موت ۽ حيات ٻه اهڙا مرحلا آهن، جيڪي جذب ۽ شوق کي محدود نٿا ڪري سگهن؛ زندگي، انهن مرحلن جي وچ واريءَ وڇوٽيءَ کان سواءِ به گهڻو ڪجهه آهي.

گذريل اٺن ڏهن سالن ۾ شاهه جي ڪلام ۽ حياتيءَ جي نظريه تي اردو اديبن ۽ شاعرن به گهڻو ڪي ڌيان ڏنو آهي.ان سلسلي ۾ پروفيسر وقار عظيم، جميل نقوي، رفيق ”خاور“، شان الحق حقي، ابن انشاء، حفيظ هوشيارپوري، مظهر رضوي، روش صديقي، حمايت علي ”شاعر“، اختر انصاري، اشتياق حسين ”اظهر“، ۽ ٻين ڪجهه دوستن جون خدمتون نمايان حيثيت رکن ٿيون. سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ به ڪجهه اهڙا آهن، جن شاهه جي شعر جا منظوم اردو ترجما ڪيا آهن، يا اهڙا مضمون لکيا آهن، جن کان شاهه کي اردو دان طبقي سان روشناس ڪرائڻ جو ڪم وٺي سگهجي ٿو. انهن مان شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ عبدالرزاق ”راز“، رشيد لاشاري، ۽ مس شمس صديقيءَ جا نالا خاص طرح قابل ذڪر آهن.

سنڌ يونيورسٽيءَ، اٽڪل اڍائي سال کان اڳ، شاهه جي سموري ڪلام کي اردو نظم ۾ پلٽائڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو يونيورسٽيءَ جي انهيءَ دانشمنديءَ واري فيصلي کي خيرخوبيءَ سان تڪميل تي پهچايو ويو، ۽ هاڻي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ چند مهينن اندر شاهه صاحب جو پورو ڪلام، منظوم اردو ترجمي جي صورت ۾، اردو دان طبقي تائين پهچي ويندو.

’اداره مطبوعات پاڪستان‘، ڪجهه ڏينهن اڳ، ”خيابان پاڪ“ نالي هڪ ضخيم ۽ خوبصورت ڪتاب پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي مختلف علاقائي ٻولين جي شاهڪارن جا منظوم ترجما سهيڙيا ويا آهن. ڪتاب ۾ سڀ کان پهرين شاهه لطيف جي ڪلام جا منظوم ترجما پيش ڪيا ويا آهن، جا ڳالهه کليءَ طرح ثابت ٿي ڪري ته پاڪستان جي اهل ادب لاءِ شاهه جو ڪلام ڪافي حد تائين دلچسپيءَ جو باعث آهي.

سابق سنڌ حڪومت جي اطلاعاتي کاتي طرفان، ”نذر لطيف“ جي نالي سان، هڪ ضخيم رسالو شايع ڪيوويو هو.هن رسالي جو ذڪر مان خاص طرح ان لاءِ ڪري رهيو آهيان جو ان ۾ شاهه جي ڪلام ۽ نظريه حيات سان تعلق رکندڙ اهڙا ادبي شاهڪار شامل ڪيا ويا هئا، جن مان اردو دان طبقو ڪافي فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.

’لطيف اڪيڊمي‘ جن متن ۽ مقصدن کي اڳيان رکي قائم ڪئي ويئي آهي، تن ۾ به هن مقصد کي بنيادي حيثيت حاصل آهي ته شاهه جي ڪلام ۽ ان جي فلسفه حيات کي ڦهلايو وڃي، ۽ ان سان گڏوگڏ، اهڙين تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪوششن کي ساراهيو وڃي، جيڪي انهيءَ سلسلي ۾ ڪيون پيئون وڃن.

سکر ۾ هن ثقافتي ڪانفرنس جا اڳ به ڪيترا اهم ميڙ ٿي چڪا آهن. اهي ميڙ، ادبي ڪانفرنسن ۽ عظيم الشان مشاعرن جي صورت ۾ ٿيا، ۽ گهڻيءَ حد تائين ڪامياب رهيا. هاڻوڪي ثقافتي ڪانفرنس جي نوعيت انهن ميڙن کان ڪجهه مختلف آهي. ثقافت يا ڪلچر جو لفظ ڪجهه اهڙي معنويت ٿو رکي،جيڪا نه صرف لطيف فنن جي پُرڪيفيءَ سان لاڳو ٿي ٿئي، بلڪ زندگيءَ جا ٻيا به ڪجهه گرانقدر عمل ان ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. اوهين لطيف فنن کي ثقافت جو روح چئي سگهو ٿا- ۽ ڪنهن حد تائين اها ڳالهه ٺيڪ به آهي-؛ ليڪن جڏهن ثقافت جي جسم جو سوال ٿواچي، ته اسان کي اهو به مڃڻو پوي ٿو ته اجتماعي ۽ انفرادي زندگيءَ جا ننڍا وڏا گهڻا ئي اهڙا ڪم آهن، جيڪي ملڪي ثقافت جي نمايندگي ڪن ٿا. منهنجي لحاظ کان، ثقافت جي آغاز جو نقطو جمالياتي حِس جو پرورش ڪيل آهي. جمال ڇا آهي؛ ان کي ڪهڙيءَ طرح سڃاڻي سگهجي ٿو؛ ۽ زمان ۽ مڪان سان انجو تعلق ڪهڙن ڪهڙن خارجي عملن ماتحت ٿئي ٿو: انهن سڀني سوالن جو مختصر پر جامع جواب اوهان کي ڊاڪٽر ”تاثير“ مرحوم جي هن شعر ۾ ملي سگهي ٿو:

جمالِ تابشِ رو گرميءَ خرام نهين، هزار ايسي ادائين هين جن کا نام نهين.

شايد اهي ’بينام ادائون‘ ئي آهن، جيڪي انساني فڪر ۽ عمل ۾ ذوق جمال، يا – ”غالب“ جي لفظن ۾- ”نشاطِ ڪار“ جو سبب بڻجن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته انهن بينام ادائن جي ئي مليل جليل ڪيفيت، ثقافتي ترقيءَ ۽ توسيع جو باعث بني هجي. بهر صورت، هن ڳالهه جو اعتراف ته اسين سڀيئي ڪنداسين ته قديم ترين انسانن کان جديد انسانن تائين، زندگيءَ کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ جيتريون به ڪوششون ڪيون ويئون آهن، تن سڀني ۾ ’حسن ۽ جمال جي تلاش‘ کي بنيادي محرڪ جي حيثيت حاصل رهي آهي.

’حسن‘ مان منهنجي مراد صرف مجسم حسن نه آهي، بلڪ آءٌ هر ان ڪشش کي حسن جو نالو ڏيان ٿو، جو توڙي حواس خمسه مان ڪنهن حِس کي متاثر ڪري، يا باطني حِس لاءِ فرحت ڏيندڙ هجي. تاثر پيدا ٿيڻ يا فرحت ملڻ جي جائز ۽ ناجائز هجڻ جو معيار ڇا هجڻ گهرجي: اهوسوال، ۽ اهڙا ئي ٻيا گهڻا سوال صدين کان وٺي اڳي به پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن، ۽ اڄ به پيدا ٿي سگهن ٿا، انهن سوالن جا جواب مذهبي الهامي صحيفن ۾ به موجود آهن، ۽ علم۽ فن کي اُپائڻ نپائڻ وارن املهه شاهڪارن ۾ به. ڪير ڪهڙي جواب کان مطمئن ٿئي ٿو، - اهو فيصلو پنهنجي پنهنجي فڪر ۽ يقين جي طاقت سان تعلق رکي ٿو؛ ۽ انهيءَ تعلق جي نوعيت ايتريقدر ته پيچيدي آهي، جو اڪثر عقل سليم به همت هاري ٿو ويهي. آءٌ مڃان ٿو ته هن هستيءَ جي هنگامي ۾ هڪ انسان جي حيثيت، ڪا خاص حيثيت نه آهي؛ ليڪن هيءَ به هڪ جيئري جاڳندي حقيقت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انسان ئي سڄيءَ تاريخ کي بدلائي ڇڏيو آهي.

في الحال هن ڳالهه سان منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي ته هيستائين ڪيترا اهڙا انسان پيدا ٿيا اهن، جن تاريخ کي بدلايو؛ ليڪن ايترو ضرور آهي ته اڄ اسين جنهن ثقافت کي پنهنجي ثقافت ڪري ٿا ڪوٺيون، تنهن تي ڪنهن به هڪڙي زماني جي ڇاپ نه آهي، بلڪ مختلف زمانن جي ڦيرن گهيرن مان ان جو خمير تيار ٿيو آهي. ۽ انهيءَ خمير ۾ قديم ۽ جديد جو اهڙو سهائيندڙ ميلاپ مليل آهي، جو اسين ان کي پنهنجي اجتماعي ۽ انفرادي زندگيءَ ۾ رچائي چڪا آهيون. مثال طور، شاهه عبداللطيف جي ڪلام کي ئي وٺو، جو سنڌ وارن لاءِ هڪ سدا حيات ثقافتي ورثو آهي. سنڌ جا ماڻهو شاهه جي ڪلام کي صرف ان ڪري پسند نٿا ڪن جو ان ۾ روحاني رمزن جي چاشني موجود آهي، بلڪ هنن جي والهانه پسنديدگيءَ جو سبب اهو ثقافتي پس منظر آهي، جو شاهه جي ڪلام کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان، خيال ۽ نظر جي دنيا ۾، پنهنجين سڀني دلڪشين ۽ دل آويزين سان، اجاڳر ٿيڻ لڳي ٿو. شاهه جي فني باريڪبينيءَ جو هيءُ وڏوڪمال هو جو هن پنهنجي آسپاس جي زندگيءَ کي نظر انداز نه ڪيو، بلڪ ان کي نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان پنهنجي شاعراڻي انداز ۾ سمايو - ۽ اهڙيءَ طرح سمايائين جو هڪ طرف ته ان دور جي ساديءَ ۽ رنگين زندگيءَ جي عڪاسي اسان جي اڳيان اچي ٿي، ته ٻئي طرف اسين، فڪر ۽ نظر جي انداز آهر، ان کي زندگيءَ جي هڪ اهڙي فلسفي سان لاڳو ڪري سگهون ٿا، جيڪو مختلف تعصبن کان پاڪ، ۽ حياتيءَ جي متوازن نظريي جو حامي هجي.

جيئن آءٌ اڳي چئي چڪو آهيان، ’لطيف اڪيڊميءَ‘ جي هن ثقافتي ڪانفرنس مان اسان جو مقصد ۽ مدعا هي آهي ته اسين مختلف علائقن جي ادبي ۽ ثقافتي نمايندن کي اها دعوت ڏيون ته هوشاهه لطيف جي ڪلام  نظريهء حيات کي ڦهلائڻ ۾ اسان جو هٿ وٺن، ۽ پنهنجي سر به هن قيمتي ثقافتي ورثي کي پنهنجو بنائڻ ۾ ڪوشش ڪن ......

صدارتي خطبو

(محفل موسيقي)

از: شاهد احمد دهلوي

آءٌ ”لطيف اڪيڊمي“ جي ڪارڪنن جو شڪر گذار آهيان، جو انهن مون کي هن جلسي جي صدارت ڪرڻ جو اعزاز بخشيو آهي؛ ۽ اوهان سڀني جو پڻ شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو اوهان جي شرڪت حوصلي افزائيءَ جو باعث آهي.

جنهن بزرگ جي نالي ڏانهن هيءَ اڪيڊمي منسوب آهي، ان جي فيض جي هيءَ تقاضا آهي ته ادب ۽ شعر سان گڏوگڏ موسيقيءَ کي به فروغ ڏنو وڃي. هن جو ڪلام معرفت جو آئينو آهي، جنهن تي هن موسيقيءَ جو پرتوو وڌو آهي؛ يا ائين سمجهو ته هن سهڻيءَ ڪنوار کي قيمتي ڪمخواب جي پوشاڪ سان سينگاريو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪارنامن کي ڳولڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ هيءَ اڪيڊمي قائم ڪئي ويئي آهي؛ ان ڪري آءٌ اوهان کي درخواست ڪندس ته هن جيڪي موسيقيءَ جون نيون نيون راهون پيدا ڪيون آهن، اوهين انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪريو، ۽ هڪ عظيم تهذيبي ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائي وٺو.

گذريل ڏهن سالن ۾ پاڪستان تمام وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، مگر لطيف فنن ڏانهن پوري ڌيان ڏيڻ جو اسان کي اڃا تائين موقعو نه مليو آهي؛ ليڪن اسين ائين به نٿا چئي سگهون ته اسان پنهنجن فنن کان مجرمانه غفلت اختيار ڪئي آهي.

اهو ٻڌائڻ کان اڳ ته پاڪستان پنهنجي مختصر دور ۾ موسيقيءَ ۾ ڪهڙي ترقي ڪئي، ضروري آهي ته اسين پنهنجي موسيقيءَ تي هڪ سرسري نظر وجهون. ’پنهنجي موسيقي‘ مان منهنجي مراد اها موسيقي آهي، جيڪا هندوستان ۾ مسلمانن جي اچڻ سان، ۽ انهن جي اثر هيٺ پيدا ۽ رائج ٿي.

هندستان جي موسيقيءَ جا ٻه مختلف انداز اڄ تائين وڌي ويجهي رهيا آهن. هڪڙو اوتريون،۽ ٻيون ڏاکڻيون. عرب تاجرن جو تعلق، هندستان جي ڏاکڻي ڀاڱي سان هزارين سال رهيو. اهي تاجر هن علائقي ۾ رچي مچي ويا. هو پاڻ سان گڏ جيڪا عربي موسيقي کڻي آيا، ان جي اثر هيٺ هتي هڪ نئين موسيقيءَ جنم ورتو. انهيءَ موسيقيءَ جي لب لهجي مان اڃا تائين عربي موسيقيءَ جا آثار معلوم ٿين ٿا. اُتر طرف کان جيڪي مسلمان تاجر آيا، تن پاڻ سان گڏ هڪ ترقي يافته تهذيب به آندي؛ ۽ جڏهن انهن هندستان جي اُتر واري علائقي ۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪري ورتيون، ته هتي به ٻن تهذيبن جي ميلاپ مان هڪ نئين تهذيب پيدا ٿي ويئي. علم ۽ فن ۾ تبديليون ۽ ترقيون ٿينديون رهيون؛ تهذيبي ناحيتن به نوان نوان رخ اختيار ڪيا. مسلمان حڪمرانن جي درٻارن ۾ هنڌ هنڌ جا ڪامل فنڪار اچي گڏ ٿيند اهئا. انهن جي وڏن لشڪرن ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو هئا. ايران، توران، ترڪي، عرب ۽ افغانستان جا اهي ماڻهو، سڀ پنهنجون پنهنجون ٻوليون ڳالهائيندا هئا. انهن سڀني جون ٻوليون، مقامي ٻولين سان گڏ وچڙ ٿيڻ لڳيون، - ۽ رفتي رفتي هڪ نئين گاڏڙ ٻولي بنجڻ لڳي. شروع شروع ۾، پنهنجين اوڻائين سبب، اها گاڏڙ ٻولي ”ريخته“ يعني معيار کان ڪريل ٻولي سڏجڻ لڳي؛ ۽ پوءِ، ترقي ڪري هر دلعزيز ٿي وڃن بعد، ’هندوي‘ ۽ ’اردو‘ جي نالي سان مشهور ٿي. اهڙيءَ طرح، عربي، ايراني، توراني، ترڪي ۽ افغانستاني موسيقي جڏهن مقامي موسيقيءَ تي اثر انداز ٿي، تڏهن هڪ نئين موسيقي رونما ٿي، جيڪا پنهنجي دلڪشيءَ سببان عوام ۾ مقبول ٿيڻ لڳي،۽ سرڪاري درٻارين ۾ پهچي، تڪميل جا درجا طي ڪرڻ لڳي: اهائي موسيقي، جيڪا مسلمان فنڪارن جي ڪوششن ۽ مسلمان فرمانروائن جي سرپرستيءَ ۾ پلي نپني، اسان جي موسيقيءَ جو بنياد آهي.

مسلمانن جي اچڻ کان اڳ، هن عظيم برّ جي موسيقي ڇند، پرٻند، گيت، دوهي، سلوڪ، دهري ۽ پد کان اڳتي نه وڌي هئي.اهي سڀئي طريقا پوڄا جا هئا، ۽ انهن ڪا فني شڪل اختيار نه ڪئي هئي. روايت آهي ته دهري ۽ پد کي ملائي، ”ڌر پد“ وضع ڪيوويو هو، جيڪو ميڙن مجلسن ۾ ڳائجڻ لڳو هو. انهيءَ ’ڌر پد‘ جي اصل شڪل بابت اڄ تائين ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي. چار پنج سو سالن جو ’ڌر پد‘ ناياب آهي، حالانڪه امير خسرو جون ساڍيون ڇهه سو سالن جون پراڻيون ايجادون – قول، قلباڻو، نقش، گل، هوا، بسيط، سوهلو، ترانو، تروٽ، منڍو، وغيره – اڄ به ڳائڻ وارن کي ياد آهن. ڌرپد کي به مياڻ تانسين، لعل خان، ادارنگ خان، بلاس خان ۽ ڪيترن ٻين مسلمان فنڪارن ئي فروغ ڏنو - ۽ اڄ به سيني گهراڻو، ’ڌر پد‘ جو رازدان ۽ امانتدار آهي.

پنج سو سال ٿيا، جونپور جي حاڪم سلطان حسين شرقيءَ ’ڌر پد‘ جي مقابلي ۾ ”خيال“ وضع ڪيو. ’خيال‘ جي اڳيان ’ڌر پد‘ پنهنجو اڳيون وقار قائم رکي نه سگهيو. محمد شاهه بادشاهه جي درٻاري راڳيندڙن، شاهه ادارنگ ۽ شاهه سدارنگ، پنهنجين نين نين ترڪيبن سان،’خيال‘ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اوڌ جي نوابن جي درٻارن ۾وري ٺمريءَ ۽ دادري ڏاڍي ترقي ڪئي. ”پٽو“ راڳڻيءَ به، ميان شوري جي ذريعي، اوڌ جي درٻار ۾ئي ڪلاسيڪي مرتبو حاصل ڪيو. غزلڳائڻ جو انداز ته خالص مسلمانن جي ئي ايجاد آهي. ان جو هڪڙو پهلو قوالي آهي، جنهن کي اسان جي صوفين سڳورن نفس جي تربيت ۽ قلب جي صفائيءَ جو ذريعو بنايو. گيت هونئن ته قديم زماني کان ڳائبا پيا اچن، ۽ هر موقعي محل جا گيت ڳايا ويندا آهن،ليڪن انهن کي فني شڪل ڏيڻ ۾ به مسلمان فنڪار ئي اڳرا رهيا. اسٽيج، فلم، ۽ گذريل پنجويهن سالن ۾ ريڊيو، گيت کي موسيقيءَ جي سڀ کان محبوب صنف بنائي ڇڏيو.

ڳائڻ جا اهي سڀ طريقا، اسان جي موسيقيءَ جا ترڪيبي جزا آهن؛ ۽ اڄ اسين انهن ئي جزن جو جائزو وٺڻ ٿا چاهيون، ته اسان گذريل چند سالن ۾ ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ طرح جون تبديليون ڪيون، ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان ڇا ڇا ڪيو آهي. ڪلاسيڪي طريقن ۾ اسين ڪا وڌيڪ تبديلي ڪري نه سگهياسين: دراصل ڪلاسيڪي چيزن ۾ تبديلي ٿي به نٿي سگهي: اول ته اسان جو قدامت پرستيءَ جو جذبو ان جي اجازت نٿو ڏئي؛ ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڪلاسيڪي چيزن ۾ ردبدل ڪئي وڃي، ته پوءِ اهي ’ڪلاسيڪي‘ رهنديون به ڪٿي؟ اسان جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ مان ظاهر آهي ته راڳ ۾ ترميم ممڪن نه آهي: ڌر پد، خيال ۽ ٺمري ڳائڻ جو جيڪو ڍنگ آهي، تنهن ۾ تبديليءَ جي گنجائش ڪانه آهي؛ البت انهن جي بندش، پيشڪش ۽ ٻولن ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي. انهن ڳالهين تي نظر رکندي، اسان ’خيال‘ جي ڳائڻ ۾ ڪجهه تجربا ڪيا آهن- مثلاً قطعي يا رباعيءَ کي خيال جي روپ ۾ ڳائڻ. انهيءَ تبديليءَ جي ضرورت هن ڪري محسوس ٿئيٿي جو صدين جا پراڻا ٻول گهڻو ڪري غلط، مسخ ۽ بي معنيٰ ٿي چڪا آهن. مثلاً، ”بلاول“ جي خيال جا ٻول آهن ”بَنا موري گهر بَنڙ: کي خاطر بِياهني آيا“؛ يا ”درٻاري“ جي خيال جا ٻول آهن ”مبارڪباديان، شاديان“. ڪنهن استاد شادي وهانءَ جي موقعي تي اهي ٻول بنايا هوندا. هاڻ انهن جو موقعي بي موقعي ڳائڻ مضحڪ خيز ثابت ٿئي ٿو؛ تنهنڪري مناسب آهي ته قطعي يا رباعيءَ جي مضمون کي راڳ جي تاثر سان هم آهنگ ڪري ڳايو وڃي. مناسب ٻولن سان راڳ جو اثر وڌائي سگهجي ٿو. راڳ جي روپ ۾رباعيءَ يا قطعي ڳائڻ جو ڍنگ، هڪ ڪامياب تجربو ثابت ٿي چڪو آهي.

ٻي صورت ’خيال‘ جي ٻولن ۾ ترميم ڪرڻ جي هيءَ آهي ته نوان ٻول سٺن شاعرن کان لکرايا وڃن. هن باري ۾ اسلوب پرستيءَ کان هٽڻ جي ڪوشش ساراهه جوڳي ٿيندي. اهڙيءَ طرح ٺمريءَ جي ٻولن ڏانهن به جيڪڏهن ڌيان ڏنو وڃي ته هيءَ نرم ۽ نازڪ صنف بهوڌيڪ مقبوليت حاصل ڪندي. هلڪن ڦلڪن گانن ۾، غزل اسان جي محبوب صنف رهيو آهي؛ مگر غزل ڳائڻ جو پراڻو انداز، يعني ٺاٺن جو ڍنگ، فرسوده ٿي چڪو آهي، ڇو ته اهو مُجري واري زماني جو يادگار آهي؛ هاڻي راڳن جي ميلاپ ۽ آرڪيسٽرا جي مدد سان ان جي صورتحال بالڪل بدلجي ويئي آهي. غزل سان گڏ گيت به هن وقت ڪيترا چولا بدلايا آهن. عربي ۽ ايراني ڌُنن ۾ غزل به ڳائجڻ لڳو آهي، ۽ گيت به. اسان جو ملڪ عوامي ڌُنن جي دولت سان مالامال آهي: سنڌ جي ڪوهياري، راڻو ۽ سورٺ؛ پنجاب جي هِير،مرزا صاحبان ۽ ماهيا؛ سرحد ٽپو، لوڀو ۽ ساقي؛ ۽ مشرقي پاڪستان جون ڀَٽائي، معرفتي ۽ مرشدي وغيره ڌُنون، ايتريقدر دلڪش آهن جو انهن کي مجلسي راڳ ۾ رائج ڪري سگهجي ٿو، ۽ انهن سڀني ڌُنن ۾ غزل ڳائڻ جو تجربو به ڪامياب ثابت ٿي چڪو آهي.

موسيقيءَ ۾ نيون نيون راهون ڳولڻ ۾ ريڊيو پاڪستان جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو کان پوءِ فلم جون جدت طرازيون به قابل داد آهن. پاڪستان سرڪار جي قائم ڪيل آرٽ ڪائونسل، غير ملڪي وفدن جي ڪوٺ ڪري، ٻين ملڪن جي موسيقيءَ مان استفادي حاصل ڪرڻ جا موقعا ميسر ڪيا. هن سال جي مهمانن ۾ امريڪا ۽ برلن جا آرڪيسٽرا ۽ چين جو ثقافتي وفد خاص طور قابل ذڪر آهن. اسان جا موسيقار ۽ موسيقيءَ جا شائق، انهن غير ملڪي فنڪارن کان گهڻو ڪجهه سکي، پنهنجي فن کي فروغ ڏيئي سگهن ٿا. انهن جا رميا، سمپا، ايڊرول راڳ، ۽ ميڪسيڪن ميوزڪ جون هلندڙ ڌنون، اسان وٽ چڱي مقبوليت حاصل ڪري چڪيون آهن- خاص طرح فلمن ۾؛ پر انهن کي قبول ۽ اختيار ڪرڻ ۾ احتياط جي ضرورت آهي: متان ائين نه ٿئي جو انهن جي هلڪڙائي اسان جي موسيقيءَ جي عظمت، شان شوڪت ۽ بردباريءَ کي مجروح ڪري وجهي.خود اسان جي موسيقيءَ جا به ڪيترائي گوشا اڃا تلاش جا محتاج آهن، ۽ منتظر آهن ته:

”مَردي از غيب برون آيد و کاري بکند“

اسان جي موسيقيءَ جي هڪ معمولي صنف، گيت، جي مقبوليت جو اندازو هن مان لڳايو ته تازو جيڪو چيني وفد هتي آيل هو، تنهن جي راڳيندڙن، پنهنجي ٿورن ڏينهن جي قيام اندرئي، اسان جا ڪيترا سارا گيت سکي ورتا. انهن جو چوڻ آهي ته ”هيءُ بهترين تحفو آهي، جيڪو اسين پنهنجي ملڪ وارن لاءِ پاڪستان مان کڻي وينداسين“.

اسان به هاڻ پنهنجي موسيقيءَ جي طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي، ۽ ان جو هڪڙو ثبوت هيءَ ڪانفرنس آهي، جنهن ۾ اسين ۽ اوهين هن وقت شريڪ آهيون. سکر جي انهن همت وارين هستين جو اسان کي شڪر گذار ٿيڻ کپي، جن اهڙيءَ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو آهي. اميد ته هوآئيندي به پنهنجون نيڪ ڪوششون، ساڳيءَ سرگرميءَ سان جاري رکندا ايندا.

صدارتي خطبو

(اردو – سنڌي مشاعرو)

از: ”حفيظ“ هوشيارپوري

”لطيف اڪيڊمي“ جي مشاعري جي صدارت مون کي ڏيئي، جيڪو اعزاز اوهان مون کي بخشيو آهي، تنهن لاءِ آءٌ تهه دل سان اوهان جو شڪر گذار آهيان. هن سنڌي- اردو  گڏيل مشاعري جي صدارت مهنجي لاءِ گهڻن ئي سببن ڪري فخر جو باعث آهي. سکر ۽ ان جي پسگردائيءَ واري سر زمين، صدين کان وٺي علم ۽ فن جو مرڪز پئي رهي آهي؛ ۽ هتان جي ئي نامور مؤرخ، مير معصوم، سڀ کان پهرين مون کي سنڌ جي مردم خيز خطي جي تاريخ سان روشناس ڪيو. هن خطي جي تاريخ، ثقافت، علمي روايتن، ۽ هتي جي علاقائي ادب جي طالبعلم جي حيثيت سان، آءٌ ”لطيف اڪيڊمي“ جي پايي پوڻ جو خير مقدم ڪريان ٿو. مون کي هيءُ معلوم ڪري بيحد خوشي ٿي ته ’لطيف اڪيڊمي‘جو بنيادي مقصد علم ۽ فن جي ترقي ۽ ترويج آهي، ۽ انهي مقصد جي پورائي لاءِ ”شاه لطيف لِٽرري هال“ جي تعمير، ۽ اردو – سنڌي پبلشنگ هائوس قائم ڪرڻ جي رٿ غور هيٺ آهي: سکر جو شهر، اهڙي لٽرري هال ۽ پبلشنگ هائوس جي لاءِ نهايت موزون آهي.

تاريخي ۽ جاگرافيائي حيثيت سان سکر، بکر ۽ روهڙيءَ کي سدائين وڏي اهميت حاصل پئي رهي آهي. سڀ کان پهرين بکر جي ٻيٽ تي يونانين جي نظر پيئي؛ پوءِ عربن هتي لنگر لاٿا. سکر ۽ روهڙي به انهيءَ قدرتي ڪوٽ جي سايي ۾ نمودار ٿيا. هن سر زمين ارغونن، ترخانن، مغلن، افغانن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا هنگاما ڏٺا. انهن تاريخي هنگامن جي لهه چڙ ۾ علمي ۽ ثقافتي روايتون قائم ٿينديون ويئون.

هيءَ سر زمين هونءَ ته الائي ڪيترين تهذيبن جي سنگم آهي، ۽ الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچي هتي آباد ٿيندا رهيا؛ ليڪن اڪبر جي زماني کان وٺي انگريزي راڄ جي ابتدا تائين، ٽن سون ورهين جي مدت ۾، هن علائقي جي ذريعي، ٻن پاڙيسري ملڪن – يعني ايران ۽ افغانستان- سان اسان جا تعلقات تمام گهرا ٿيا. انهن ٻنهي ملڪن جا عالم ۽ فاضل، شاعر ۽ صنعت وحرفت جا ماهر هتي ايندا رهيا، ۽ کين هتي جي مٽي ايتريقدر ته پسند پيئي جو انهن مان گهڻا هتي ئي رهجي پيا. انگريزي راڄ هڪ سو اٺن ورهين جي مدت کان پوءِ ختم ٿي ويو؛ ليڪن ايران سان اسان جي ثقافتي ناتن جي اهميت اڄ به مڃي وڃي ٿي. جن مک هستين انهن ناتن کي مضبوط بنايو، انهن جي فهرست ۾ مير معصوم جو نالو چوٽيءَ تي نظر اچي ٿو.سکر ۾ سندس تعمير ڪيل منارو اڄ به انهن ناتن جي قدامت ۽ ابديت جي گواهي ڏيئي رهيو آهي.

ترمذي سادات جو هيءُ چشم و چراغ، چار سو پنجٽيهه سال اڳ بکر ۾ پيدا ٿيو. هن بهادر سپاهيءَ، حاذق طبيب، دقيق نظر مورخ، شيوابيان شاعر، اڻٿڪ سياح، ۽ فن تعمير جي ماهر، اڪبر جي درٻار ۾ ايتريقدر رسوخ پيدا ڪيو جو ايران جي سفارت سندس سپرد ٿي، ۽ شاهه عباس صفويءَ کيس وڏي قدر ۽ عزت جي نظر سان ڏٺو. سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو اُهي تاريخي ڪتبا آهن، جيڪي ايران جي سفر واري وقت ۾هن هر هنڌ مشهور عمارتن تي نصب ڪيا. مير معصوم کان سواءِ، بکر ۽ روهڙيءَ جي ٻين عالم ۽ فاضل هستين – خصوصاً هتي جي رضوي سيدن – جون علمي ۽ ادبي خدمتون، هن سر زمين جي گرانقدر ثقافتي ورثو آهي. هتي جي فارسي شاعرن جي فهرست ايڏي طويل آهي جو آءٌ صرف چند نالن تي ڪفايت ڪندس: سيد صفائي، مير بزرگ، شاهه جهانگير هاشمي، آخوند ملا اسحاق، مير محمد هاشم رضوي، مير صمد شاهه، منشي عبدالرؤف، سيد نجم الدين ”عزلت“.، شاهه قطب الدين، شيخ احسن الله ”مائل“، محمد صلاح ”متقي“، ۽ شيخ محمد رضا – جنهن جو هيءَ شعر تمام مشهور آهي:

کارِ ما آخر شد و آخر زما کاري نه شد،

مشتِ خاکِ ما غبارِ کوچهء ياري نه شد.

رضوي سادات مان شاهه عنايت شهيد جو مريد، جان الله شاهه رضوي، به فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. تصوف جي ذوق کيس ’گداخته دل‘ عطا ڪئي هئي، جنهن جي جهلڪ هنن شعرن ۾ نظر اچي ٿي:

نورِ خدا به سينهء ما موج مي زند،

اين بحر در سفينهء ما موج مي زند؛

آتش کہ شيشهء دلِ منصور را گداخت،

از ساغرِ شبينهء ما موج مي زند.

’روهڙي‘ جي ظاهري طرح غير شاعراڻي نالي مان ان جي علمي ۽ ادبي محفلن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. هن علائقي جي ٻين بيشمار خوبين جيان، هتي جي فضا ۾ به رنگيني ۽ ڪشش هئي. روهڙيءَ جي مشهور شاعر قادر بخش ”بيدل“ انهيءَ رنگيني ۽ ڪشش جو ذڪر هينئن ڪيو آهي:

زيارت گاهِ هر روشن ضميري،

دليلِ راه هر جانِ منيري؛

ز آبستان شمالش تازه و تر،

ز کوهستان جنوبش صاف و انور؛

ز ريگستان بود شرقش مصفّا،

ز باغستان شده غربش مطرّا؛

دگر پرسي ز حالِ ساکنانش،

سراسر جمع خاطر در امانش؛

شکر گفتار و گل رخسار و خوشخو،

صفا کردار و کم آزار و مہ رو.

قادر بخش ”بيدل“ پنهنجي بيان جي وسعت کي ڪنهن هڪ ٻوليءَ تائين محدود نه ڪري سگهيو: هن عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي خيالن جو وسيلو بنايو. هن جو تصوف صحتمند، ۽ هن جوعشق سخت ڪوش آهي:

اي عشق بيا و صفدري کن،

شمشير بکش سکندري کن؛

با روئي که رشک آفتاب است،

از مشرقِ سينہ خاوري کن؛

زان روئي نقاب را برفگن،

پيرايهء بزم دليري کن.

”بيدل“ جا اردو غزل هن ڳالهه جو ثبوت آهن ته اردو سان هن علائقي جو تعلق ڪيترو پراڻوآهي. سنڌيءَ جي هن نامور شاعر، اڄ کان سو ورهيه اڳ اردوءَ ۾ هي شعر چيا:

وجود ايک هي، بس، لا الہ الا هو،

نه کر دوئي کي هوس، لا الہ الا هو.

وهي هي مرغ، وهي آشيانِ لاهوتي،

وهي هي عينِ قفس، لا الہ الا هو.

وهي هي قافله سالارِ دشت پيمائي،

وهي هي بانگِ جرس، لا الہ الا هو.

وهي هي ”بيدل“ فاني، وهي هي نورِ بقا،

وهي هي آتش و خس، لا الہ الا هو.

واديء سنڌ جي فرمانروائن، فارسيءَ جي جيڪا سرپرستي ڪئي، ان سان نه صرف پاڙيسري ملڪن سان تعلقات وڌيا، بلڪ خود هن پرڳڻي جي ثقافت ۽ زبان تي پڻ ان جوخوشگوار اثر پيو. جيڪڏهن هو فارسي ادب جي واڌاري طرف ڌيان نه ڏين ها، ته خدا ڄاڻي سنڌي ٻوليءَ جي صورت اڄ ڪهڙي هجي ها، ۽ اها رفتي رفتي اردو ۽ مغربي پاڪستان جي ٻين علاقائي ٻولين کان ڪيتريقدر پري ٿي وڃي ها. سنڌجي انهن حاڪمن مان گهڻا خود شاعر ۽ اديب هئا. انهن جي انعامن اڪرامن جي مشهوري ٻُڌي، پري پري کان فارسي شاعر هتي ايندا هئا. انهن مان گهڻن شاعرن ۽ اديبن جون تصنيفون ضايع ٿي چڪيون آهن؛ جيڪي باقي بچيون آهن،اهي گمناميءَ جي ڍيرن هيٺ ڏٽيون پيئون آهن. سنڌي ادبي بورڊ، گذريل چند سالن ۾، انهن مسودن جو قيمتي ذخيرو گڏ ڪيو آهي، ۽ انهن کي شايع ڪرڻ جو بار کنيو آهي؛ ليڪن هيءُ ڪنهن به هڪ اڪيلي اداري جو ڪم نه آهي. آءٌ لطيف اڪيڊميءَ جي ڪارڪنن کي مشورو ڏيندس ته اهي به گهٽ ۾ گهٽ سکرجي آسپاس اهڙن مسودن جو سراغ لڳائين، ۽ انهن جي اشاعت جوانتظام ڪن: انهن مسودن جي شايع ٿيڻ سان اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جون ڪيتريون ساريون گم ٿيل ڪڙيون ملي وينديون.

هتي جي فارسي شاعرن جي هڪ نمايان خصوصيت هيءَ آهي ته هنن متقدمين جي جواب ۾جيڪي مثنويون لکيون، تن جا موضوع پنجابي ۽ سنڌيءَ جي عوامي قصن مان ورتائون. مير عظيم الدين ”عظيم“، مير ضياء الدين ”ضيا“، نواب ولي محمد خان لغاري، ۽ قادر بخش ”بيدل“، ’هير – رانجهو‘ جو داستان منظوم ڪيو؛ شيوڪ رام ”عطارد“، اهو ئي قصو فارسي نثر ۾ لکيو؛ مير معصوم ۽ حاجي محمد ”رضائي“، ”ناز و نياز“ ۽ ”زيبا نگار“ جي عنوانن سان، ”سسئي – پنهون“ جو قصو بيان ڪيو؛ ادراڪي بيگ لاريءَ ”ليلا – چنيسر“، ۽ مير نصير خان ”مرزا صاحبان“ بابت مثنويون لکيون: هاڻي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته انهن قصن کي اردو ۾ منتقل ڪيو وڃي.

اوهان هن اڪيڊميءَ کي ’شاهه عبداللطيف‘ جي نالي بجا طور منسوب ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ شاهه صاحب جي شخصيت ۽ ان جي ڪلام کي جيڪو مرتبو حاصل آهي، اهو ٻين زبانن جي شاعرن کان گهٽ نه آهي. جيتوڻيڪ، زبان جي بنياد تي، هن جي شخصيت ۽ هنجي ڪلام جي ظاهري ڪشش سنڌ جي علائقي سان وابسته آهي، ليڪن سندس فڪري انداز جو بنياد اسان جون اهي گڏيل روايتون آهن، جن جو سرچشمو اسلامي تصوف ۽ اسلامي ثقافت آهي. شاهه عبداللطيف کي هڪ ’صوفي شاعر‘ ٺهرائڻ کان اڳ ۾، هن جي آفاقيت پسنديءَ کي به مڃڻو پوندو؛ ڇو ته ”تصوف“ ۽ ”علاقائيت“ ٻه متضاد چيزون آهن: وحدت ۽ سالميت، تصوف جي جان آهن؛ ڪثرت، انتشار ۽ حد بندي ان جا ضد آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com