سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

 

صفحو :12

سروپچند ”اسير“

ٿر ۾ ميرن جا قلعا

(”فتح ڳڙهه“ ۽ ”اسلام ڳڙهه“)

موضوع تي ڪجهه لکڻ کان اڳ، اهو به ضروري سمجهجي ٿو ته ”ٿر“ جي مختصر تاريخ کان ناظرين کي واقف ڪيو وڃي.

جيڪڏهين ڌرتيءَ جو گولي ڏانهن نظر ڦيرائبي ته منجهس ڪيترائي جبل، ۽ ٻرندڙ جبل، ميدان ۽ مٿانهان پٽ، ريگستان ۽ ڪوهستان وغيره نظر ايندا. ٿر، محبوب سنڌڙيءَ جي ڏکڻ – اوڀر واري حصي، کي به جاگرافيءَ موجب ”ريگستان“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ’ريگستان‘ نالو ٻُڌي، هر ڪو ائين چئي اُٿندو ته جنهن ٽڪر ۾رڳو واريءَ جون ڀٽون ئي ڀٽون آهن، اُنهيءَ ٽڪر کي ڪهڙي خاص تاريخ هوندي. مگر، ياد رکڻ گهرجي ته ڀٽون هن ٽڪر ۾ سمنڊ هجڻ جون نشانيون آهن: ڪنهن زماني ۾ ٿر ۽ ڪڇ جا ڀاڱا سمنڊ هيٺ هئا، ۽ ڪنهن زماني ۾ ٿر به سرسبز ۽ شاداب ملڪ هو. هندن جي ڌرمي ڪتابن موجب، مهاڀارت واري زماني ۾، پنج ئي پانڊو جڏهين ننگرپارڪر واري ڀاڱي ۾ آيا، تڏهين ٿر مان هڪ وڏي ندي وهي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ”سڏوت ۽ ساورنگا“ جي قصي ۾ آيل آهي ته ’عيسوي سن جي شروعات ۾ ٿر ۾ ”پاري نگر“ نالي هڪ وڏ بندر هوندو هو‘. ڪيپٽن ريڪس پنهنجي ڪتاب ”ٿر جو احوال“ ۾ پاري نگر جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ’ان وقت پاري نگر جي آدمشماري چاليهه هزار هئي، ۽ گهڻو ڪري سڀ ماڻهو جين ڌرم جا پوئڳ هئا‘. سنڌو نديءَ جي هڪڙي شاخ ”هاڪڙو“ امرڪوٽ مان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن جو اڄ به ”دوتڙ“ نالي ٽڪري جيئرو جاڳندوثبوت آهي. خود سنڌو ندي، امرڪوٽ جي پاسي کان ٿي، تعلقي ڏيپلي ۾ ”وڳهه ڪوٽ“ جي ڀرسان وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. سنڌو نديءَ کي ٿر ۾ ”مٺو مهراڻ“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو. ان وقت ”ٻلهياري“ ۽ ”راهمڪي بازار“ بندر هئا، جتي ننڍا جهاز ۽ دنگيون اچي پڳهه هڻندا هئا.(1) اڄ به ”پُراڻ“ نالي مام ’مٺي مهراڻ‘ جي وجود جي ثابتي آهي- (’پراڻ‘ معنيٰ پراڻو درياءُ، جتان اڳي سنڌو ندي وهندي هئي.)

750ع ۾ جڏهين عباسي خلافت جو زمانو شروع ٿيو، ۽ اُنهيءَ گهراڻي وارن پنهنجا نائب سنڌ ڏي موڪليا، تڏهين اُمويہ گهراڻي جي فرد، ’منصور بن جمهور‘، جو سنڌ جو چيف گورنر هو انهن سان وڙهڻ شروع ڪيو. آخرڪار، منصور بن جمهور کي ساهه بچائڻ لاءِ ٿر ڏانهن ڀڄڻو پيو.(2) هو تعلقي مٺيءَ جي الهندي طرف اچي رهيو، ۽ اُتي ئي وفات ڪري ويو. سنبت 1054 مطابق سن 996ع ۾ الور، ننگرپارڪر ۽ امرڪوٽ جا حصا مارواڙ جي راجا ’ڌرڻي براهه‘ جي قبضي ۾ هئا، ۽ سندس پٽ ’جوگراج‘ امرڪوٽ جي گاديءَ تي براجمان هو.(3) سن 1025ع ۾ محمود غزنوي ٿر تي ڪاهي آيو. ننگرپارڪر جي راجا کي شڪست ڏنائين، ۽ ”نهٽي“ تعلقي مٺيءَ ۾ سوڍن جو قلعو ناس ڪيائين. 1226ع ۾ اُجين مان سوڍن جو هڪ ٽولو ’پرمار‘ سوڍي جي مهنداريءَ هيٺ، امرڪوٽ تي ڪاهي آيو. سومرن کي شڪست نصيب ٿي، ۽ اهي ڪڇ ۽ ٿر ڏانهن ڀڄي ويا. ٻه ڀائر، وڳهه ۽ سومرو، مٺيءَ جي اولهه طرف اچي رهيا. ٿوري ئي وقت ۾ اچي سوڍن ٿر تي قبضو ڪيو، ان ڪري وڳهه ۽ سومري کي مجبوراً اتان ڀڄڻو پيو. سومرو ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، پر وڳهه تعلقي ڏيپلي جي ڀرسان ئي لڪو رهيو،۽ وجهه وٺي ڪڇ جي راءِ جي ٺهرايل قلعي تي قبضو ڪيائين. انهيءَ قلعي کي ”وڳهه ڪوٽ“ سڏيو ويندو هو. وڳهه ڪوٽ، تعقلي ڏيپلي ۾ آهي.ٿر ۾ سومرن جي بادشاهي سن 1400ع تائين هلي، ۽ سندن گاديءَ جو هنڌ وڳهه ڪوٽ هو.(1) سن 1505ع ۾ راجپوتن يا سوڍن جي بهمني گهراڻي وارن سان تڪرار ٿي پيو. سوڍن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ’محمود بن مظفر شاهه‘ ننگرپارڪر تي ڪاهي آيو. سوڍن کي خوب سياڻو ڪيائين، ۽ ”ڀوڏيسر“ (تعلقو ننگرپارڪر) نالي مقام وٽ هڪ عاليشان مسجد تعمير ڪرايائين، جا اڃا تائين سالم آهي.(2)

ڪلهوڙن جي وقت ۾ سنڌ جو محبوب شاعر، لاکيڻو لعل، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ٿر ۾ آيو. کائر جو ٿر ۽ پائر جو ٿر گهميو. محبوب شاعر، پنهنجن شعرن ۾ ٿر جي ناچيز نظارن کي به هميشہ لاءِ زنده ڪري ڇڏيو، ۽ ٿر جو نالو ساريءَ سنڌ ۾ مشهور ڪيو.(1) سن 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ ٿر تي ڪاهي آيو، ۽ ڇاڇري ۾ قتل عام ڪرايائين. انهيءَ مدد خان ٺٽي ۽ خداآباد ۾ باهيون لڳايون هيون، ۽ ويچارن سنڌين کي خوب پريشان ڪيو هئائين. 1787ع کان پوءِ، ٿر جو گهڻو ڀاڱو ميرن جي هٿ ۾ آيو. ميرن ٿر ۾ ڪي قلعا به ٺهرايا- جهڙوڪ فتح ڳڙهه، اسلام ڳڙهه، کڏو، سينگاريو، چيلهار، نئو ڪوٽ، ڏيپلو، وغيره. 1843ع ۾ ٿر جو ٿورو حصو، ۽ 1859ع ۾ ساروٿر، انگريزن جي قبضي ۾ آيو. 14 گسٽ 1947ع کان پوءِ ٿر پاڪستان جو حصو بڻيو.

جيتوڻيڪ هالاڻيءَ واريءَ جنگ ۾ فتح جو سهرو ميرن جي سرن تي رهيو، تنهن هوندي به ڪلهوڙن اڃا تائين حڪومت جا سپنا لهڻ ڇڏي نه ڏنا هئا. تنهنڪري مير فتح علي خان شروعات ۾ ئي ڪلهوڙن جي مددگار، جوڌپور جي راجا وجيه سنگهه، سان وڃي هٿ اٽڪايا. مير سهراب خان جو ڀاءُ، مير غلام محمد خان، امرڪوٽ جي قلعي تي ڪاهي ويو، جو ميان عبدالنبي ڪلهوڙي سن 1782ع ۾ جوڌپور جي راجا جي قبضي ۾ ڏنوهو. راجپوت به اڳيان ڳري ڌُر هئا. ميرن جي هار ٿي، ۽ مير سهراب خان جو ڀاءُ مير غلام محمد خان لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. انهيءَ واقعي جي دکدائڪ خبر ميرن ۾ قيامت مچائي ڏني. جلد ئي مير فتح علي خان ۽ سهراب خان گڏجي امرڪوٽ جي قلعي تي چڙهائي ڪئي، پر کين به پوئتي هٽڻو پيو. ٿوري ئي عرصي کان پوءِ وجيه سنگهه ۽ ميرن جي وچ ۾ دوستاڻو ٺاهه ٿيو، جنهن موجب ميرن امرڪوٽ جي دعوا ڇڏي، ۽ راجا وجيه سنگهه موٽ ۾ اهو انجام ڪيو ته هو سنڌ تي لشڪر ڪشي نه ڪندو.

هاڻي، مير فتح علي خان جو سنڌ جو اچي حاڪم بڻيو، تنهن کي اچي حيدرآباد جي ڳڻتي لڳي؛ ڇاڪاڻ ته اڃا تائين حيدرآباد جي قلعي ۾ ڪلهوڙن جي ماڻهن جو قبضو هو؛ وٽن باروت ۽ کاڌي پيتي جو سامان به ججهو هو. مير فتح علي خان هڪ وڏولشڪر قلعي تي چاڙهي موڪليو، جنهن ٻن سالن کان پوءِ وڃي قلعي تي قبضو ڄمايو. جڏهين باروت ڦاٽڻ ڪري قلعي جي اولهه واري ڀت ڊهي پيئي، تڏهين ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙو، شڪست جا سور سانڍيندو، جهنگل لتاڙيندو، وڃي ڪابل کان نڪتو؛ ۽ اُتي جي بادشاهه جا وٺي ايتريقدر ته ڪن ڀريائين،جو جڏهين ميرن پنهنجا ٻه وڪيل کيس باز آڻڻ لاءِ چاڙهي موڪليا، تڏهين به هُن انهن جي هڪ به نه ٻڌي. بادشاهه يڪدم پنهنجن ٻن اميرن، بوستان ۽ اخلاص، کي شاهي لشڪر سان سنڌ ڏانهن روانو ڪيو.مير به بيخبر نه رهيا، ۽ چاليهه هزار فوج گڏ ڪري، پٺاڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ اچي روهڙيءَ ۾ خيمه زن ٿيا. اڃا جنگ جون تياريون ئي ٿي رهيون هيون، ته ميرن جا ٻه موڪليل وڪيل ڪابل جي بادشاهه کي باز آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جلد ئي هڪ قاصد شاهي سند سان اچي ميرن وٽ سهڙيو. جنگ بند ٿي ويئي، ۽ مير فتح علي خان حيدرآباد ۾ شاندار ڪچهري لڳائي. ميان عبدالنبيءَ وري به ڪابل جي بادشاهه تيمور شاهه کي لالچايو، ۽ ”خداآباد“ ۾ پوريل خزاني مان کيس اڌ ڏيڻ جو انجام ڪيائين. تيمور شاهه ته پيسي تي ساهه ڏيندوهو، تنهن وري به لشڪر چاڙهي سنڌ ڏانهن موڪليو، ۽ قلات جي بادشاهه کي به مدد لاءِ لکي موڪليو. مير فتح علي خان وري به کيس باز آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ساڳئي وقت مير سهراب جي مدد جي انجام تي لشڪر به گڏ ڪرڻ لڳو. ميرن، پٺاڻن جي لشڪر کي ندي پار ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ٺهرايل پليون ڊهرائي ڇڏيون. اڃا ميرن جو لشڪر جنگ جي ميدان تي پهتو ئي مس ته مير سهراب خان، ميرن کي دغا جي پڙي سنگهائي، گوهي ڏيئي، وڃي دشمنن سان مليو؛ مگر فتح ميرن جي ٿي. جڏهين ڪابل جي بادشاهه تيمور شاهه کي انهيءَ واقعي جي سُڌ پيئي، تڏهين وڏيءَ فوج سان سڌو ئي سڌو شڪارپور تي ڪاهي آيو؛ مگر ڪابل ۾ گڙ ٻڙ گهوٽالو هئڻ ڪري کيس مجبوراً واپس ورڻو پيو. مير فتح علي خان موٽي حيدرآباد آيو،  ۽ جلد ئي سن 1204هه (1789ع) ۾ ٿر ۾ ’فتح ڳڙهه‘، ۽ سن 1205هه (1790ع)  ۾ ’اسلام ڳڙهه‘ نالي ٻه قلعا تعمير ڪيرايائين.(1)

فتح ڳڙهه. – ارڙهينءَ صديءَ جي پڇاڙي ۾ سنڌ ۾ ميرن جو زور وڌيو. ميرن جي صاحبيءَ هوندي به ٿر تي سوڍن جو قبضو رهيو. ٿر کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻڻ لاءِ، ميرن ٿر ۾ قلعا ٺهرائڻ شروع ڪيا. سن 1788ع ۾ فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر سير جي سانگي ٿر ۾ آيو. مٺيءَ جي ڏکڻ – الهندي پاسي هڪ سنئون ميدان ڏسي، سندس دل ۾ شوق جاڳيو ته اتي قلعو ٺهرائجي. پڪو پهه پچائي، سنڌ مان هوشيار هوشيار ڪاريگر گهرايائين، جن مان ’مراد خان‘ جو نالو قابل ذڪر آهي. قلعي جي تيار ٿيڻ ۾ اٽڪل 18 مهينا لڳي ويا. آخرڪار سن 1204هه (1789ع) ۾ قلعو ٺهي راس ٿيو. مٿس اٽڪل پندرهن لک روپيا خرچ آيو. انهيءَ موقعي تي مير فتح علي خان خود مٺيءَ ۾ آيو. قلعي جي ٺهي راس ٿيڻ جو جلوس ڪڍيو ويو، ۽ قلعي جو نالو ”فتح ڳڙهه“ رکيو ويو. ”مٺيءَ“ جو نالو به بدلائي ’فتح ڳڙهه‘ رکيو ويو؛ مگر ٿوري ئي وقت کان پوءِ ’مٺي‘ پنهنجي اصلوڪي نالي سان سڏجڻ لڳي.(1)

’فتح ڳڙهه‘ جي ڊيگهه 210 فوٽ، ۽ ويڪر 190 فوٽ هئي. قلعي جن ديوارون ڪافي مضبوط هيون، ۽ انهن ۾ جي سرون ڪم آندل هيون سي هاڻوڪيءَ سر کان ڊيگهه توڙي ٿولهه ۾ ننڍيون هيون: هر هڪ سر جي ڊيگهه 8 انچ، ويڪر ساڍا پنج انچ، ۽ ٿولهه ڏيڍ انچ هئي. ”قلعي کي فقط اُتر کان وڏو دروازو هو. دروازو 18 فوٽ ڊگهو، 10 فوٽ ويڪرو، 10 انچ ٿلهو هو؛ ۽ منجهس مضبوط لوهه جون شيخون ڪم آندل هيون. قلعي اندر، ڏاکڻيءَ ڪنڊ تي، سپاهين جي رهائش لاءِ 18 ڪمرا ٺهيل هئا، جي رواجي ڪمرن جيڏا مس هئا.  انهن ڪمرن جي ڀرسان، عملدارن جي رهائش لاءِ 3 وڏيون ڪوٺيون ٺهيل هيون. انهن ڪوٺين ۾ عاليشان فرنيچر وغيره جو بندوبست ٿيل هو. انهن مان هڪ ڪوٺيءَ ۾ چڱي موچاري لئبرري به هئي، جا عملدارن لاءِ وندر جو سامان مهيا ڪندي هئي.“(1) اُترينءَ ڪنڊ تي هڪ وڏو ٿَلهو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگهه 14 فوٽ، ويڪر 12 فوٽ، ۽ اوچائي ساڍا 5 فوٽ هئي. ٿَلهي  ۾ عجيب نموني جا پاهڻ ڪم آندل هئا، جي اڄ به ڪن جهونين جاين ۾ لڳل نظر اچن ٿا. انهيءَ ٿلهي تي، مير فتح علي خان ۽ سندس رفيقن ۽ قريبن جي آمد تي ڪچهري لڳندي هئي. اُترينءَ ڪنڊ وٽ ’مراد خان‘ ڪاريگر جي تربت ٺهيل هئي، جو ڪم ڪندي اُتي ئي مري ويو هو. اُلهندي پاسي هڪ مسجد شريف به ٺهيل هئي. تازو انهيءَ هنڌ جي کوٽائيءَ تي، مسجد شريف جي قبن تي جي پٿر لڳل آهن، انهن جهڙا ڪي پٿر هٿ آيا آهن. پاڻيءَ جي بندوبست لاءِ هڪ وڏو حوض ٺهرايل هو. تازو کوٽائي ڪرڻ تي انهيءَ حوض جا نشان ظاهر ٿي پيا آهن. حوض تقريباً 10 فوٽ ڊگهو، 7 فوٽ ويڪرو، ۽ 9 فوٽ اوچو هو. حوض ڏسڻ سان اندازولڳائي سگهجي ٿو ته قلعي جو ڪم به بلڪل عاليشان نموني تيار ٿيل هو. قلعي ۾ 250 هٿياربند سپاهي ۽ 5 وڏا عملدار رهندا هئا، جي مٺيءَ جي باشندن جي چڱي چوکي خدمت به ڪندا هئا.

ڪماليت کي زواليت آهي: اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري ميرن جي بخت جو ستارو جهڪو ٿيڻ لڳو، ۽ انگريز سنڌ تي قابض ٿيڻ لڳا. انگريزن پهرين پهرين ٿر تي قبضو ڪيو. 20 ڊسمبر سن 1842ع ۾، ”سانگاهه“ جي ڪپ تي، ٻروچن جي لشڪر کي انگريزن، ڪرنل ايوانس جي مهنداريءَ هيٺ، سخت شڪست ڏني. انگريز ڌوڪيندا ’اسلام ڳڙهه‘ تي ڪاهي آيا. مير اوچتو حملو سهي نه سگهيا، ۽ ’فتح ڳڙهه‘ ڏانهن ڀڳا- جن ۾ مير فتح علي خان، ۽ مير غلام علي خان جو سوٽ مير رستم علي خان به شامل هو. مير رستم خان سڌو حيدرآباد ڏانهن ڀڳو. انگريزن به سندن پُٺ نه ڇڏي، ۽ 1000 هزار لشڪر سان اچي ’فتح ڳڙهه‘ تي حملو ڪيائون. ميرن به انگريزن سان چڱو مقابلو ڪيو،۽ هڪ واري کين ڀڄائي ڪڍيائون. انگريزن جي لشڪر جي اڳواڻ ڪرنل ايوانس ڏٺو ته هتي دال نه ڳرندي؛ ڇاڪاڻ ته لشڪر جو گهڻو حصو مارجي چڪو هو. هو اڃا انهيءَ ويچار ۾ ئي هو ته ليفٽيننٽ تروٽ کيس مشورو ڏنو ته پوئتي هٽجي، ۽ مورچي طور ٺهرايل قلعي تي قبضو ڪجي. بس، ائين ڪيو ويو، ۽ 150 والن جي مفاصلي تي 250 فوٽ اوچي ڀت تي ٺهرايل قلعي تي قبضو ڪيو. انگريزن کي قلعي مان چار توبون هٿ آيون. وري نئين سر لڙائي شروع ٿي، ۽ ڪرنل ايوانس ڪاوڙجي پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو ته ’بهادرو، فتح ڳڙهه کي زمين برابر ڪريو!‘ بس، چار وڏا ٺڪاءَ ٿيا ۽ ديوارن ۾ وڏا سوراخ ٿي پيا. انگريز اندر ڌوڪي ويا، ۽ ميرن کي مڃايائون- (بچيل مير، ’نئين ڪوٽ‘ کان ٿيندا، وڃي حيدرآباد پهتا. انگريز به پٺيان پيا، ۽ آخرڪار ”مياڻيءَ“ ۽ ”دٻي“ جي جنگين ۾ انگريزن کٽيو، ۽ اُهي سنڌ جا حاڪم بڻيا.)(1)

انگريزن يڪدم ڪوٺين جي تلاشي ورتي، ۽ منجهانئن جيڪي ڪتاب هٿ آيا، سي ماڻهن جي روبرو بيرحميءَ سان جلائي ڇڏيائون. ماڻهن کي حڪم ڏنو ويو ته اهي قلعي جي سرن مان پنهنجا گهر بنائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، ’فتح ڳڙهه‘ زمين برابر ٿي ويو. انهيءَ قلعي جون سرون اڄ به مٺيءَ جي ڪن گهرن ۾ لڳل نظر اچن ٿيون. چئن توبن مان، ٻه توبون اڄ به هڪ انگريزي اسڪول جي اُترئين پاسي ۽ ٻئي انسپيڪشن بنگلي ۾ ڏسي سگهجن ٿيون. اڄ ’فتح ڳڙهه‘ جي چڱي ڀاڱي تي سول هاسپيٽل جي شاندار بلڊنگ بيٺل نظر اچي ٿي.

اسلام ڳڙهه. – ٿر جو صدين کان وٺي ڪڇ، گجرات ۽ جيسلمير سان تعلق پئي رهيو آهي. سن 1600ع ۾ ڪڇ، گجرات ۽ جيسلمير (راجسٿان) مان جڏهين سوٽهڙ، سورَڻ ڪار (سونارا)، ڪراڙ (واڻيا) وعيره لڏي ٿر ۾ آيا، تڏهين ٿر ۾ گهڻو ڪري ’سنڌي‘ ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، جا سن 1100ع ڌاري وجود ۾ آئي، ۽ سنسڪرت جي هڪڙيءَ شاخ، ’پراڪرت‘، جي بگڙيل صورت ’وراچڊ اپڀرنش‘، يعني ’کريل ٻولي‘، جي وڌيڪ بگڙيل صورت آهي. جڏهين ڪڇڪي، سنڌي ۽ راجستاني ٻوليون لهه وچڙ ۾ آيون، تڏهين هڪ نئينءَ ٻوليءَ جنم ورتو، جنهن کي فقط ”ڊاٽ“ پرڳڻي(1) سان لاڳاپو رکڻ ڪري ”ڍاٽڪي“ جو نالو ڏنوويو. ڍاٽڪي، ٿر جي محبوب ٻولي آهي، جا اڄڪلهه به عام طرح ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. مطلب ته ٿر ۾ مٿين ماڻهن جي آمد تي اُنهن ملڪن جو زور دن بدن وڌندو رهيو. هينئر جڏهين سنڌ تي مير قابض هئا، تڏهين انهن ٿر جو ڌارين ملڪن سان واسطو هجڻ خطري کان خالي نه سمجهيو؛ تنهنڪري اُنهن ٿر ۾ قلعا ٺهرائڻ شروع ڪيا. سن 1204هه (1789ع) ۾ مٺيءَ ۾ ’فتح ڳڙهه‘ ٺهي راس ٿيو. ٿر ۾پنهنجي اثر کي وڌيڪ اثرائتي ڪرڻ ۽ پنهنجي ڏکڻ – اوڀر، مٺي تعلقي ۾، ٻيو قلعو ٺهرائڻ جو خيال ڪيو. اڃا ميدان چونڊي قلعي جي اڏاوت تي غور ڪري رهيوهو، ته ڀر وارين رياستن جي راجائن اُن تي سخت اعتراض ورتو.(2) ڪڇ جي راءِ سخت اعتراضنامو لکي موڪليو ته ’توهان ٿر ۾ قلعا جوڙائي بي انصافي ڪري رهيا آهيو، ڇاڪاڻ ته ٿر سان اسان جو صدين کان وٺي ناتو آهي‘. مير فتح علي خان انهن اعتراضنامن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ۽ ڪاريگرن کي ڪم ۾ جُنبي وڃڻ جو حڪم ڏنو. پورن ٻارهن مهينن کان پوءِ، سن 1205هه (1790ع) ۾، قلعو جڙي راس ٿيو. قلعي جو نالو ”اسلام ڳڙهه“ رکيو ويو- ڪي ته وري کيس ”اسلام ڪوٽ“ به سڏڻ لڳا. چيو وڃي ٿو ته قلعي تي اٽڪل 12 لک روپيا خرچ آيو. سنڌ جي فردوسيءَ، مير حسن علي خان ٽالپر، پنهنجي ڪتاب ”شاهنامه سنڌ“ ۾، ’اسلام ڳڙهه‘ جي ٺهي راس ٿيڻ تي هيٺيون شعر تصنيف ڪيو:

”ٿيو ’اسلام ڳڙهه‘ مير جو يادگار“(1)

جيتوڻيڪ ’اسلام ڳڙهه‘، ’فتح ڳڙهه‘ کان ڪافي ننڍو هو، تنهن هوندي به ’فتح ڳڙهه‘ کان ڏيڍوڻو مضبوط هو؛ ڇاڪاڻ ته ’اسلام ڳڙهه‘ سنڌ جي ڏکڻ – اوڀر واريءَ سرحد تي ٺهيل هو، ۽ سرحد تي هئڻ ڪري ڌارين جي ڪاهه جو خطرو هو. سندس ڊيگهه 120 فوٽ، ۽ ويڪر 100 فوٽ هئي. سندس ديوارون بلڪل مضبوط هيون. قلعي جي چئني ڪنڊن تي، عمرڪوٽ جي قلعي وانگر، مضبوط ٺل ٺهيل هئا، جن ۾ عام سرن جي بدران وڏا وڏا پاهڻ ڪتب آندل هئا. هر هڪ پاهڻ 2 فوٽ ڊگهو، سوا فوٽ ويڪرو، ۽ 11 انچ کن ٿلهو هو: ڪي ڪي پاهڻ ته اڃا به وڏا هئا، جن جي ڊيگهه ٽن فوٽن تائين به هئي؛ ڪي وري ننڍا به هئا، جي ڏيڍ فوٽ کن ڊگها، فوٽ کن ويڪرا، ۽ اڌ فوٽ ٿلها هئا. بزرگن جو چوڻ آهي ته ’قلعي اندر سوا سو سپاهين جي رهائش لاءِ عاليشان ڪوٺيون ٺهيل هيون. رهائش جي ڪوٺين کان سواءِ ٻيون ڪوٺيون به هيون، جن مان هڪڙيءَ ۾ جنگ جو سامان ۽ باروت وغيره رکيل هو، ۽ ٻي ڪوٺي جيل لاءِ مخصوص هئي، جنهن ۾ انهن ماڻهن کي جانورن جيان پيرن ۾ ڪاٺ جو ”کبليون“ وجهي قابو ڪيو ويندو هو، جي چوريون وغيره ڪندا هئا‘. قلعي اندر 9 توبون رکيل هيون. تازو 72 سال کن اڳ، يعني سن 1884ع ۾، انهيءَ هنڌ جي کوٽائي ڪرڻ تي ٻه توبون، ڀڳل بندوقن جا ٽڪر، ۽ ڪي ڪٽيل گوليون وغيره هٿ آيون آهن، جن مان مٿينءَ حقيقت جي تصديق ملي سگهي ٿي. قلعي جي دروازن ۾ لوهه جون مضبوط شيخون ڪتب آندل هيون، جن جا ڪي ننڍڙا ڪٽيل ٽڪر وغيره به هٿ آيا آهن. هڪ هنڌ کوٽائي ڪرڻ تي هڪ ننڍڙو سيمنٽ ٿيل ٽڪر، اڍائي فوٽ چورس ڏٺو ويو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته قلعي اندر سڀني ڪوٺين ۾ سيمنٽ ٿيل فرش لڳل هئا.

مير فتح علي خان ٽالپر سن 1217هه (1802ع) ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس لاش ”خدا آباد“ ۾ دفن ڪيو ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ مير غلام علي خان تخت تي ويٺو. هن ٿر جو ڪوبه خيال نه ڪيو، ۽ نڪي ڪي کيس ٿر جي قلعن جي ايتري ڳڻتي هئي. هن سن 1226هه (1181ع) ۾ وفات ڪئي. جيتوڻيڪ کانئس پوءِ سندس پٽ مير محمد خان کي پڳ ٻڌائي ويئي، مگر حڪومت جون واڳون سندس ڀاءُ مير ڪرم علي خان کي مليون. مير ڪرم علي خان جِي ساده دل ٿرين ۽ سندن سادگي پسند ڳالهڙين سان خاص همدردي هئي.هو وقت بوقت ٿر جو گشت ڪندو هو، ۽ اتي جي قلعن – فتح ڳڙهه، اسلام ڳڙهه، کڏو، سينگاريو، وغيره – جي مرمت به ڪرائيندو هو. هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ خاص قلعو ٿر ۾، ”نئون ڪوٽ“ نالي، سن 1229هه مطابق سن 1814ع ۾ اَڏايو، جو اڃا تائين سالم حالت ۾ آهي.(1) مير ڪرم علي خان سن 1244هه (1828ع) ۾ وفات ڪئي، ۽ کانئس پوءِ سندس ڀاءُ ۽ چوياريءَ جو آخري فرد مير مراد علي خان تخت نشين ٿيو. هن به ٿر ڏانهن پورو پنو توجهه ڏنو.

مير ٺارو خان بن فتح خان بن موسو خان، ميرپور جو پهريون ٽالپر حاڪم هو، جو سن 1198هه (1783ع) ۾ تخت تي ويٺو. موسو خان، مير فتح علي خان جي پڙ ڏاڏي شهداد خان جو سوٽ هو. مير ڪرم علي خان جي وفات (سن 1244هه، مطابق سن 1828ع) کان پوءِ، ٿر نڌڻڪو رهجي ويو. ٺاري خان وجهه وٺي ٿر تي قبضو ڪيو، ۽ ٻيا به ڪيترائي ريگستان جا ڀاڱا ترار جي زور سان هٿ ڪيا.(2) ٿر جي قلعن – نئين ڪوٽ، فتح ڳڙهه، اسلام ڳڙهه، وغيره - ۾ پنهنجا سپاهي رهايائين. سندس وفات (سن 1245هه، مطابق سن 1829ع) کانپوءِ مير شير محمد خان (جنهن کي ’شير سنڌ‘ سڏجي ٿو) ميرپور جو حاڪم بڻيو. هن تقريباً ساري ٿرپارڪر ضلعي کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. هن جو ٿر سان دلي قرب هو. هيءُ ڪيترائي دفعا ٿر جي قلعن کي ڏسڻ آيو. مير شير محمد خاص ڪري نئين ڪوٽ جي قلعي ۾ رهندو هو. مير مراد علي ٽالپر جي وفات (سن 1249هه، مطابق سن 1833ع) کان پوءِ سندس چئن پٽن- مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان – مان ڪنهن به ٿر ڏانهن توجهه نه ڏنو.

سن 1256هه (1842ع) جي پڇاڙيءَ ۾، سرچارلس نيپيئر پوني مان سنڌ جو ريزيڊنٽ ٿي آيو.هن ميرن سان نئون عهدنامو ڪيو؛ مگر ميرن انهيءَ عهدنامي جا شرط قبول نه ڪيا، ۽ ان تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪيائون.انهيءَ وقت خيرپور جي مير علي مراد خان، سر چارلس نيپيئر سان مخفي ٺاهه ڪري، پنهنجي ڀاءُ رستم علي خان خلاف بغاوت پيدا ڪئي. تنهنڪري، مير رستم خان بن سهراب خان بن چاڪر خان بن شهداد خان – جو مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان جو سوٽ به هو- ٻڍاپي ۾ ڪشالا ڪڍي، ٿر ڏانهن ڀڄي ويو.(1) مير رستم خان اچي ’اسلام ڳڙهه‘ ۾ پناه گزينٿيو. ان وقت ’اسلام ڳڙهه‘ تي مير شير محمد خان جي ماڻهن جو قبضو هو، جن کيس پاڻ وٽ رهڻ ڏنو.

سج اُڀري ٿو، سو لازماً غروب به ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح، ميرن جي بخت جو آفتاب، طلوع ٿي، اوج تي اَچي، هاڻي غروب ٿيڻ تي هو. انگريز سنڌ تي قابض ٿيڻ لڳا. انگريزن پهرين پهرين ٿر جي وارياسن پٽن کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. 20 ڊسمبر 1842ع ۾، انگريزن، ڪرنل ايوانس جي اڳواڻيءَ هيٺ، ”سانگاهه“ (ويرا واهه) جي ڪپ تي، ٻروچن کي شڪست ڏئي، هن بندي جو تڙ ڏاڏو سومجي مل (1792ع – 1846ع) انوقت ويرا واهه کان ’اسلام ڳڙهه‘ ڏانهن موٽي رهيو هو،جنهن ميرنکي ايندڙ مصيبت کان آگاهه ڪيو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ، سندن ڀاڄ کاڌل سپاهين مان هڪ سپاهي گهوڙي تي ننگيءَ تلوار سان ايندو ڏسڻ ۾ آيو. هاڻ ته هيڪاري ميرن کي هارَ جي پڪ ٿي. ان وقت قلعي ۾ ٿورا سپاهي بچيل هئا، ۽ ٻيا سڀ ’فتح ڳڙهه‘ ۾ مقيم هئا. هينئر ميرن ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏٺو. جلدئي، قلعي کي الوداعي نظرن سان ڏسندا، مير وڃي ’فتح ڳڙهه‘ کان نڪتا. انگريز ’ويرا واهه‘ کان ڌوڪيندا اچي ’اسلام ڳڙهه‘ تي حملي آور ٿيا. قلعو خالي ڏسي، يڪدم اندر ڪاهي ويا ۽ ڪوٺين جي تلاشي ورتائون. هڪ بند ٿيل پيتي ڏسي، ڪرنل ايوانس جو وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو؛ مگر جلد ئي کيس مايوس ٿيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته پيتيءَ ۾ خالي ڪارتوسن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. ڪرنل ايوانس، فتح ڳڙهه کي زمين دوز ڪيو، نئين ڪوٽ کان ٿي، وڃي حيدرآباد پهتو. آخرڪار مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين ۾ انگريزن کٽيو، ۽ اُهي سنڌ جا حاڪم بڻيا.

انگريز اسلام ڳڙهه جي مرمت وغيره ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ۽ آخرڪار مسلسل برساتن جي ڪري قلعي جو ڀتيون ڊهي پيون. سرڪار جي اجازت سان، ماڻهن قلعي جي سرن مان گهر جوڙائڻ شروع ڪيا. اڄ به جهونين جاين ۾ قلعي جون سرون لڳل نظر اچن ٿيون. هر هڪ سر 8 انچ ڊگهي، ساڍا 5 پنج انچ ويڪري، ۽ پوڻا ٻه انچ ٿلهي آهي. اڄ ”اسلام ڳڙهه“ جي نالي تي اُهو ڳوٺ ’اسلام ڪوٽ‘ سڏجي ٿو، جو ٿر ۾ واپار جو وڏو مرڪز پڻ آهي. اڄ ’اسلام ڳڙهه‘ هڪ دڙي جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن تي پرائمري اسڪول جي عمارت بيٺل آهي. (هلندڙ)

وليداد ”ولي“                                      [قسط پهرين

 

سنڌ ۾ ”مارشل لا“ وقت چشم ديد واقعات

(1942ع – 1945ع)

سن 1942ع ۾، حضرت پير صبغته الله شاهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾، وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پيماني تي هلندڙ ”حُرّ تحريڪ“ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حُرن کي پوريءَ ريت نيست نابود ڪرڻ لاءِ، متعلق ايراضين ۾ مڪمل ”مارشل لا“ لڳائي، سخت فوجي ڪارروايون شروع ڪيون، جن ۾ سَڪن گڏ آلا به سڙي ويا. انگريز حڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا، ۽ مضبوط فوجون حُر غازين جي مقابلي ۾ آنديون. محترم وليداد ”ولي“ خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو؛ ۽ هن انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، سو هڪ يادداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو. هت اسين کانئس اهو اکين ڏٺو احوال حاصل ڪري، ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. – ادارو

 

”مارشل لا“ ايراضيءَ وارو ماحول

دنيا ۾ ٻي عظيم جنگ چالو هئي، ۽ جرمن فوجون طبروق ۽ ايران جي سرحدن تائين پهچي چڪيون هيون؛ هندستان ۾ ڪانگريس ”ڪُئٽ – انڊيا – تحريڪ“ شروع ڪري ڏني هئي: مطلب ته انگريزن لاءِ هيءُ وقت انتهائي آزمائش وارو هو. سنڌ ۾ حرّن ”غازي جماعت“ جي نالي سان هڪ عظيم الشان تنظيم قائم ڪئي هئي، جنهن جو صدر مقام ”ڪيٽيءَ“ ۾ هو، ۽ معاون مرڪز ”گڙنگ وارو بنگلو“ (سانگهڙ) هو. انگريزن پير پاڳاري کي ملاقات جي بهاني ڪراچيءَ ۾ گهرائي کڻي نظربند ڪيو. ان جي خلاف حرن پهريائين خاموش مظاهرا ڪيا؛ مگر انگريزن کي هن تنظيم کي اصل برباد ڪرڻو هو، تن حرن سال ڇيڙڇاڙ شروع ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ طرف سکر کان وٺي سانگهڙ تائين، ٻئي طرف سعيد آباد کان وٺي کڏڙي تائين، ٽئين طرف هٿونگيءَ کان وٺي شهدادپور تائين، ۽ چوٿين طرف جيسلمير جي سرحد کان وٺي چوٽيارين تائين، ميدان جنگ جو نظارو پسڻ ۾ ٿي آيو. هڪ طرف سرڪار جا خير خواهه جاسوس، حرن هٿان پئي قتل ٿيا، ته ٻئي پاسي حرن خلاف ڪاررواين جي آڙ ۾ انگريزي فوجن ڳوٺن جا ڳوٺ باهين ۾ پئي جلايا. حرن ڪٿي ريلون پئي ڪيرايون، ته ڪٿي کڏون کوٽي پوليس ۽ فوج جون لاريون باهه جي نذر پئي ڪيون: مطلب ته سنڌ جي انهن ايراضين ۾ ميدان جنگ وارو نظارو هو.

12، مئي، 1942ع: فوج ۾ ڀرتي

تاريخ 12 مئي سن 1942ع، ڏهين بجي صبح جو، آءٌ حيدرآباد جي ايس. پي. جي آفيس ۾ پهتس، جتي فرنٽ صاحب ”سنڌ پوليس رينجرس“ نالي هڪ فوج حرن جي مقابلي لاءِبنائي رهيو هو. هن فوج ۾ صرف بروهي، بلوچ ۽ قبائلي ايراضين جي جوانن کي ڀرتي پئي ڪيو ويو. جيڪب آباد، گنداوا، نوشڪي ۽ هزارا مان هزارين جوان ڀرتيءَ لاءِ اچي رهيا هئا. آءٌ، بطور ڪوارٽر ماسٽر، ’بلوچ ڪمپني‘ ۾ ڀرتي ٿيس، جنهن ۾ جيڪب آباد ۾ گنداوا جا 200 کن بلوچ نوجوان شامل هئا. اسان کي مسلسل ٽن مهينن تائين جهنگلن ۽ پهاڙن ۾ وڙهڻ جي ڪامل ٽريننگ ڏني ويئي.هن فوج جو ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل ايڇ. پي. ٿامس هو، جو هڪ تجربيڪار پوڙهو فوجي آفيسر هو، ۽ سنڌي، بروهڪي ۽ بلوچي زبانون بخوبي ڄاڻندو هو.

22، جولاءِ (سومر)، 1942ع: مارشل لا ايراضيءَ ڏانهن روانگي

جڏهن اسان واري ’اي (A) ڪمپني‘ مڪمل طرح تيار ٿي ويئي، ته اسان کي سنجهوري ڏانهن وڃڻ جا احڪام مليا. اسان جي ڪمپنيءَ جو ڪمانڊر Capt: W. H. Lang هو، جنهن کي سنڌي زبان سکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن مون کي پنهنجو استاد مقرر ڪيو، ۽ آءٌ هن جي ويجهو رهڻ لڳس. هيءُ آفيسر نهايت چالاڪ ۽ چابڪ دست هو. هن وٽ ڪيترا فوجي آفيسر ايندا ويندا هئا، جن مان ميجر جنرل رچرڊسن (Maj: Gen: Richerdson) جنرل آفيسر ڪمانڊنگ سدرن سرڪل ۽ ائڊمنسٽريٽر مارشل لا؛ مسٽر آر.ايڇ. سمپسن، ايس . پي. نوابشاهه؛ ۽ مسٽر ايڇ. ٽي. لمبرڪ، اسپيشل ڪمشنر مارشل لا ايريا، جا نالا قابل ذڪر آهن. اهي ئي ٽي مکيه آفيسر هئا، جي حرن کي برباد ڪرڻ جا اُپاوَ ۽ پروگرام بنائيندا هئا.

اسين صبح جو سوير ستين بجي، ريل ۾سوار ٿي، ٻنپهرن ڌاري سنجهوري پهتاسون، ۽ شهر جي ڀرسان لوڪل بورڊ بنگلي ۾ قيام پذير ٿياسون. اهو ڏينهن سومر، 22 جولاءِ، 1942ع، هو. هتي پنجاب ريجمينٽ جي هڪ ڪمپني اڳي ئي موجود هئي. اهو ڏينهن ڪيمپ لڳائڻ ۾ لڳي ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو، فوجي جوان پريڊ کي لڳي ويا، ۽ آءٌ شهر ۽ آسپاس جو جائزو وٺڻ لاءِ بازار ويس. شهر ۾ مسلمانن جي بربادي، در و ديوار مان ظاهر هئي.هر مرد ۽ عورت جي چهري تي مايوسيءَ ۽ دهشت جا آثار نمايان هئا. باقي رهيا هندو واپاري، جن جي دوڪانن جي بازار ۾ اڪثريت هئي، سي، سندن قديم منافقانه چال مطابق، ”ساڌن سان سُنَمک، پنچن سان پورا“ هئا: يعني هڪ طرف حرن سان، بحيثيت پاڙي وارن جي، پرپٺ جي ريت ۾ رنڱيل هئا، ته ٻئي طرف ڳجهيءَ طرح انگريز آفيسرن وٽ، جاسوس بنجي، سرخرو پئي رهيا. هر طرف فوج ۽ پوليس جو دور دورو هو.وچ بازار ۾ منهنجي ملاقات محمد صالح نالي هڪ ديندار واپاريءَ سان ٿي. گفتگوءَ جي دوران ۾ هن صاحب مون کي ٻڌايو ته ’حرن جي بهاني سان پوري مسلمان قوم هندن ۽ انگريزن جي انتقامي جذبي جو شڪار بنجي رهي آهي. پوليس جي پُٺَن جي ٻيگهي متل آهي: جنهن به ماڻهوءَ ڏانهن نشاندهي ڪن ٿا، ۽ جو به کين خاصي رقم نٿو ڏئي، تنهن کي ”حر“ ظاهر ڪري، ٻه شاهد هٿرادو بنائي، گرفتار ڪرايو ڇڏين. ان طرح، ڪيترا بيگناهه برباد ٿي ويا آهن، ۽ ٿي رهيا آهن‘.

25، جولاءِ، 1942ع: ’ڪورٽ-مارشل‘

25 جولاءِ 1942ع، خميس ڏينهن، آءٌ آفيس ۾ ويٺو هوس ته هڪ واڻيو، جُتي لاهي، هٿ ٻڌي، اندر آيو ۽ روئي چيائين ته ’سائين، مون کي مسلمانن ماريو آهي،۽ گهر ڦريو اٿن‘. هن جي روڌن تي اسان جو ڪمپني ڪمانڊر ٻاهر نڪري آيو، ۽ سندس بيان ٻڌڻ کان پوءِ، چار سپاهي ساڻس همراهه ڪري، حڪم ڏنائين ته ’جوابدارن کي وٺي اچو‘. ٿوري وقت کانپوءِ هو ٻن ماڻهن کي وٺي آيا، جن جو بيان صاحب قلمبند ڪيو، ۽ مون ترجمان جا فرائض بجا آندا.هنن جو بيان هو ته هنن سال کن اڳ، مذڪور واڻئي کان ٻه سو روپيا اڌارا ورتا هئا، ۽ ڪجهه رقم واپس به پئي ڪيائون، مگر،غريب هاري هئڻ ڪري،هاڻي يڪمشت پوري رقم – يعني واڻئي جي حساب موجب ڪل ساڍا ٽي سو، وياج سوڌا- ڀري ڏيڻ جي هنن ۾ طاقت ناهي؛ هاڻي هو بهانو بنائي کين سزاياب ٿو ڪري ته جيئن ٻيا کانئس هيسيل رهن. بيان جي سچائي سندن ڳالهائڻ مان ظاهر هئي؛ مگر انگريزن جي نظرن ۾ هن ايراضيءَ جي معتوب مسلمان جي ڳالهه کي ڌيان ۾ نه آندو ويو. فوراًداعيءَ مدعيءَ سوڌا ٽرڪ ۾ سوار ٿي اسين جهول پهتاسون، جتي ٽن ڪلاڪن اندر هنن کي ڦر ۽ مارڪُٽ جي الزام هيٺ ڪورٽ مارشل ڪري، ٽن ٽن سالن لاءِ سخت پورهئي سان سزاياب ڪري، سينٽرل جيل اماڻيوويو. جهول، ڪورٽ – مارشل عدالتن جو گويا ان وقت مرڪز هو.


(1) ڏسو ”گلزار نثر“، ص 148.

(2) ڏسو ”گزيٽيئر آف پراونس آف سنڌ“، جلد پهريون، ص 91.

(3) ڏسو ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي لکيل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ص 225.

(1) عام طرح چيو وڃي ٿو ته عمر سومري امرڪوٽ جو قلعو ٺهرايو هو، ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ امرڪوٽ هو؛ مگر اهو سراسر غلط آهي. سومرن جي بادشآهي ٿر ۾ هئي، ۽ امرڪوٽ به انهن جي هٿ هيٺ هو؛ مگر سندن گاديءَ جوهنڌ ”وڳهه ڪوٽ“ هو. ”عام راءِ“ جي جنوري 1951ع واري پرچي ۾ مسٽر گل محمد غازيءَ پنهنجي مضمون بعنوان ”امرڪوٽ جون روايتون“ ۾ به هڪ لڪل اشارو انهيءَ بابت ڪيوآهي.

(2) ”سير ريگستان“، ص 150.

(1) مفصل احوال لاءِ ڏسو ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو مشهور ڪتاب ”لطيفي سير“ ص 88 کان 160 تائين.

(1) ”مظلوم سنڌي“، ص 195.

(1) تحقيقات لاءِ ڏسو ”صبح سنڌ“، جيڪب آباد، جي 23 نومبر واري پرچي ۾ بنده جو شايع ٿيل مضمون، ”مٺيءَ جي تاريخ.

(1) روايت.

(1) سندس حالات زندگي پڙهو محترم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب ”سير ريگستان“ ۾، ص 140 کان 150 تائين.

(1) اڳي ڍاٽ پرڳڻي ۾ مٺيءَ، ڏيپلي، ڇاڇري، امرڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي ٿورڙي ڀاڱي کي شمار ڪيو ويندو هو: ڏسو ”امرڪوٽ جو اتهاس“.

(2) ”مظلوم سنڌ“، ص 195

(1) ”مهراڻ“، نمبر 2، ص 173

(1) ”نئين ڪوٽ“ جو احوال ٻيءَ قسط ۾ ڏنو ويندو.

(2) ”مهراڻ“، نمبر 2، ص 214

(1) ڏسو ”مظلوم سنڌ“، ص 223

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com