سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1958ع

 

صفحو :6

هريڪانت

بتي اُجهامي ويئي .....

”هل، جوان!“

ٽانگي واري، پنهنجي ٿڪل گهوڙي جي پٺي ٺپيندي، لغام ڇڪيو. اشارو پائيندي ئي سمجهو جانورَ منزل ڏانهن رخ رکيو. رات جي آخرين گاڏيءَ جو انتظار ڪندي، ڏهه اچي وڳا هئا. جيوڻ کي ڪا سواري ڪين ملي هئي، ۽ هو نراش دل کڻي گهر موٽي رهيوهو. سڄي ڏينهن جي هڻ – هڻ بعد ويچارو سوا روپيو مس ڪمائي سگهيوهو. اُن سوا روپئي مان ئي هن کي پنهنجي ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين ۾ گگدام جانور جو پيٽ ڀرڻو هو.

 صبح کان سانجهيءَ تائين، جيوڻ شهر جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڀٽڪي سواريءَ لاءِ ٻاڏائيندو هو، ليڪن مشڪل سان ئي کيس ڪا سواري نصيب ٿيندي هئي. آخر ڇو؟ ڪارڻ سوچيندي ئي، جيوڻ حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجي پراڻي ٽانگي ڏانهن نهاريندوهو. ڦاٽل ميرا گديلا، ڏٻرو ڪمزور گهوڙو، ۽ ڍلي بيڍنگي رفتار ئي شايد سندس ڪم نصيبيءَ جو ڪارڻ هئا.هن ڪيترائي دفعا پنهنجي ٽانگي جي مرمت ڪرائڻ جو ويچار ڪيو هو، ليڪن اهو ويچار، صرف ويچار ئي پئي رهيو.

شهر جون اونچيون اونچيون عمارتون، ڳتيل بازاريون ۽ ٻهڪندڙ سڙڪون پار ڪري، جيوڻ بستيءَ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي ڏي لغام ڦيرايو. ٿڪل گگدام ڪيترو نه سمجهو هو؛ شايد هن ڀليءَ ريت ڄاتو ٿي ته سندس غريب مالڪ کي گذريل رات کان روٽي نصيب ڪين ٿي هئي. پنهنجي رحمدل مالڪ جي پيٽ ۾ جلندڙ بک جي آگ اُجهائڻ لاءِ نهايت تيز رفتار سان ڊوڙي، هو کيس منزل تي پهچائڻ جو جتن ڪري رهيوهو.

اوچتو، ٽانگي ۾لڳل ننڍڙي بتي ڦڙڦڙائڻ لڳي. جيوڻ ڇرڪ ڀري وسامندڙ بتيءَ ڏانهن نهاريو. الائي ڇو، سند دل ڌڙڪي اُٿي. جوت جي ٽمٽمائڻ ۾ کيس ڪنهن مصيبت جا آثار نظر آيا. ڏسندي ڏسندي، هوا جي هڪ تيز جهونڪي سان بتي اُجهامي ويئي، ۽ .... ۽ پوليس جي ڊيڄاريندڙ سيٽيءَ جوهڪ سڃاتل آواز ٻڌي جيوڻ جا وار کڙا ٿي ويا. سندس ڏڪندڙ هٿ الائي ڇو وَر ۾ ٻڌل سَوا روپئي ڏانهن کڄي ويا. هن جون سنهڙيون ۽ ڪمزور آڱريون پتل ۽ ٽامي جي اُنهن تڇ سڪن کي ائين جهٽي پيئون، گويا اُهي سِڪا هميشه هميشه لاءِ کانئس کسجي رهيا هئا. ڊپ ڀريل نگاهن سان هن پٺيان نهاريو. فانوس جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ چمڪندڙ بٽڻن واري رعبدار وردي پهريل هڪ سپاهي، لنبا قدم کڻندو، ڏانهس وڌي رهيو هو. سندس پير ۾ پيل لنبي مضبوط بوٽ جي ٺڪ – ٺڪ جيوڻ جي ڪمزور دل ۾ خوف جو پڙاڏو ٿي گونجايو. هن جي هٿن مان لغام ازخود ڍرو ٿي ويو، ۽ سڙڪ جي هڪ ڪناري ٽانگو بيهي رهيو.

”سلام، سرڪار!“ سپاهيءَ جي ويجهو ايندي ئي، جيوڻ نماڻائيءَ سان خوشامد ڪئي: ”ڪيڏهان هلندا، سرڪار؟“

”ڪيڏانهن هلندس؟ بي ايمان، پڇين ٿو ڪيڏانهن هلندس! ... ٿاڻي تي هلڻو آهي، ٿاڻي تي! بتي ڇو نه ٻاري اٿيئي؟“ سپاهيءَ رعب ڄمائيندي چيو.

”بتي....“ جيوڻ نراش نگاهن سان بتيءَ ڏانهن ڏٺو. ”اُجهامي ويئي، سرڪار .... بتي اُجهامي ويئي ....“

”ڇو ....؟“ سپاهيءَ زمين تي لت هڻندي زور سان ڪڙڪو ڪيو.

’ڇو؟‘ جيوڻ جي خالي دماغ ۾ زور زور سان گونجي اُٿيو: ’ڇو .... ڇو ... ڇو ...؟‘ کن پلڪ جي خاموشيءَ بعد، هن گنڀير آواز ۾ جواب ڏنو: ”تيل کپي ويو، حضور ... بتيءَ جو تيل کپي ويو ....!“

”تيل کپي ويو؟“ جمعدار گرم ٿيندي چيو: ”اهو به ڪو جواب آهي، بيوقوف! بتيءَ جو خيال ڇو نٿا رکو؟“

جيوڻ جي هرديه – آڪاش ۾ جذبات جو هڪ طوفان مچلجي اُٿيو. من جي ڀاونائن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي به، ڏڪندي چئي ويٺو:

”- زندگيءَ جي جوت قائم رکڻ ڪاڻ ... اسان کي پنهنجو خون – پسينو جلائڻو ٿو پوي، سرڪار! اسان جي قسمت جو ديپ ئي ڦڙ ڦڙائي رهيو آهي، - ٽانگي جي بتيءَ جو ڪيترو خيال رکون، سرڪار! ....“

سپاهي خاموش رهيو.

جيوڻ، آلين اکين سان ڏانهس نهاريندي، التجا ڀري نوع ۾ چيو: ”منهنجا معصوم ٻچا بک کان ٻاڏائي رهيا هوندا، سرڪار! ڪالهه رات کان کين روٽي ڪين ملي آهي. منهنجو ننڍڙو رامو ... کير چڪيءَ لاءِ ٻاڏائي رهيو هوندو، سرڪار ... مون تي رحم ڪريو!“

ٻڍڙي جيوڻ جي ڀريل گلي مان غربت ۽ غريبيءَ جو دل – ڀڄائيندڙ داستان سُڻي، سپاهيءَ جي دل ويچار – ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳي. جيوڻ جي مجبوريءَ ۾ کيس پنهنجي غريبيءَ جي ڌنڌلي تصوير نظر آئي. سندس ڪٺور دل به هڪوار ڀِڄي پيئي.آخر هو به ته غريب هو! ستر روپين ماهوار منجهان کيس به ڇهن ڀاتين جو پيٽ پالڻو پوندو هو. پنهنجن معصوم ڪمزور ٻارن کي اڻپورو کاڌو ملندو ڏسي، سندس دل سسڪيون ڀريندي هئي. پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ اُما جي گل جهڙي مکڙي کي خزان جي ڦول جيان ڏينهون ڏينهن زرد ٿيندو ڏسي، هن جي دل کي هڪ گهري چوٽ رسندي هئي. اڄ صبح کان اَما کي سخت بخار هو؛ ليڪن غريبيءَ ۽ مجبوريءَ جي ڪٺور زنجيرن ۾ جڪڙيلبهاري سندس علاج ڪرائڻ کان عاجز هو. ’اُف، زندگي ڪيتري نه ڀاري آهي – هڪ غريب جي زندگي!‘ اهي ئي ڳڻتيون ڪندو، بهاري، سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ ڊيوٽيءَ بعد، هٿين خالي ۽ غم – ڀريل دل کڻي، گهر موٽي رهيو هو. اوچتو رستي ۾هن ڏٺو، جيوڻ جي ٽانگي جي بتي اُجهامي ويئي.جيوڻ جي بتي وسامي وڃڻ تي هن جي دماغ ۾ آشا جي هڪ ڌنڌلي تصوير چمڪي اُٿي.بنا بتيءَ ٽانگي هلائڻ جي ڏوهه جوهن پورو پورو فائدو وٺڻ ٿي چاهيو. هن کي پنهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ پسا گهربا هئا – ڪهڙيءَ به ريت، ڪهڙي به طريقي. پيسن جو ڌيان ايندي ئي، هو گويا گهريءَ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. پاڻ سنڀاليندي ۽ پيشانيءَ جو پگهر اُگهندي، هو چِلائي اُٿيو:

”اوهان ماڻهن جو دماغ اصل ٺڪاڻي ڪين آهي: بنا بتيءَ ٽانگو هلائي، قاعدي قانون جو اُلنگهن ڪرڻ جا اصل عادتي ٿي پيا آهيو! ....“

”حضور، ...“ جيوڻ ٻاڏايو.

”آءٌ توکي اصل ڪين ڇڏيندس. اجهو ٿو ٿاڻي تي رجوع ڪري، ڏهه روپيا ڏنڊ ڀرايائين، بي ايمان! هل، هل ٿاڻي تي ...!“

ڏنڊ جو نالو ٻڌندي ئي، جيوڻ جي جان ڏڪي اُٿي. پنهنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي کڻي بهاريءَ جي پيرن تي رکيائين، ۽ ڏڪندي چيائين: ”سرڪار، آءٌ بيحد مسڪين آهيان، سرڪار! مون کي معاف ڪريو .....“

بهاريءَ جي دل ٻڏڻ ترڻ لڳي. ٻڍڙي تي سچ ته کيس ڪهل اچي رهي هئي. ليڪن هن کي به ته پنهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ پيسا کپندا هئا، ۽ اهي پيسا هو سختي ۽ رعب ڄمائي جيوڻ مان ئي حاصل ڪري سگهيو ٿي. جيوڻ جي ڳالهين مان خفي ٿيندي، بيزاريءَ مان چيائين: ”آءٌ اها بڪواس ٻڌڻ تي هريل ڪين آهيان. چيم، مون کي صرف تنهنجي ڏوهه سان مطلب  آهي. اوهان ماڻهو بالڪل  بيپرواهه آهيو. قاعدي قانون جي ڪا پرواهه ئي نٿا ڪريو! اڄ ته تو کي ضرور چالان ڪرائيندس.“

جيوڻ کيس ليلايو، ٻاڏايو، ليڪن بهاريءَ جي دل ڌيءُ جي موهه ۾ جڪڙجي ڪٺور بڻجي چڪي هئي.لاچار، ڏڪندڙ هٿن سان جيوڻ ور ۾ ٻڌل پيسا ڪڍيا. آنسن ڀريل نگاهن سان هڪوار اُنهن پيسن ڏانهن ڏسندي، هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ سپاهيءَ ڏانهن وڌايو، ۽ ڀريل گلي سان چيو: ”سڄي ڏينهن جي ڪمائي...“!

سپاهي ٿورو هٻڪيو. هڪوار جيوڻ جي آنسن ڀريل اکڙين ڏانهن ڏٺائين، ۽ پوءِ هڪدم دل ڏاڍي ڪري، آسپاس نظر ورائي، پيسا کڻي ورتائين؛ ۽ آخرين دفعو رعب ڏيکاريندي چيائين: ”هيءُ دفعو معاف ٿو ڪيانءِ، ليڪن آئيندي خبردار رهج ... وڃ!“

جيوڻ، هڪ لُٽيل مسافر جيان، نراس ۽ پريشان، پنهنجي ٽانگي ڏانهن وڌيو، ۽ سندس گهوڙي آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو.

سامهون، دور دور، سڙڪ تي ڦهليل انڌڪار سان گڏ، جيوڻ کي پنهنجو جيون به انڌيارو نظر اچي رهيوهو.گهر پهچي، هوپنهنجن معصوم بکايل ٻارن کي ڪهڙوجواب ڏيندو؟ دروازي تي اکيون پائي ويٺل زال جي آشا ڀريل نگاهن کيڪهڙو آٿت ڏيندو؟ اهي ئي ڳالهيون سوچيندي، پنهنجي غريبي، مجبوري ۽ بيڪسيءَ تي آنسو وهائيندي، هو پنهنجي گهر کي اوڏو پوندو ٿي ويو.

هٿ ۾ جهليل سوا روپئي جي چمڪندڙ سڪن ڏانهن ڏسندي، سپاهيءَ کي پنهنجي جيت تي خوشيءَ جو احساس ٿيو.ليڪن ٻئي کن ۾ سامهون انڌياري ۾ ويندڙ ٽانگي جي کٽ – کٽ جي گهري آواز سندس جان ۾ سياٽو آڻي ڇڏيو. ٽانگي جي ڦيٿن مان نڪرندڙ گنڀير چيڪاٽ، گويا، سپاهيءَ جي ظلم جي شڪايت ڪندي، جيوڻ جي مجبوريءَ ۽ بيڪسيءَ جو دک ڀريو گيت ٿي ڳاتو. بهاريءَ جي دل کيس ڦٽڪارڻ لڳي. لاشڪ اڄ هن بيرحميءَ جو ڪم ڪيو هو. ليڪن، ... هو به ته مجبور هو: سندس مٺڙي ڌيءَ جو بيمار هئي! بيمار ڌيءَ جي مرجهايل چهري جو تصوّر ٿيندي ئي هن جا قدم تڪڙو تڪڙو گهر طرف کڄي ويا.

گهر جي نزديڪ پهچندي ئي بهاريءَ جون ٽنگون ڌڏڻ لڳيون. هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ دل ڌڙڪي اُٿي.سندس من ۾ سهسين شنڪائن جو هڪ طوفان اُڏائڻ لڳو. آهستي آهستي هن چانئٺ اندر پير ڌريو. تڪڙا ۽ اٻهرا قدم کڻندو، هو سامهون صندل تي سمهيل ڌيءَ ڏانهن وڌيو. سندس پگهريل پيشانيءَ تي هٿ رکندي ئي هن جي من ۾ اُٿندڙ شنڪائن جو طوفان شانت ٿي ويو. سندس پتنيءَ کيس ٻڌايو ته اَما جو بخار لهي چڪو هو؛ پاڙي ۾ رهندڙ راڌيءَ ڏانهن رهيل سلائيءَ جي پيسن مان هن اَما جي دوا پڻ ورتي هئي.

بهاريءَ سامت جوهڪ لنبو ساهه کنيو؛ ۽ خاڪي بشرٽ جي کيسي مان سوا روپيو ڪڍي ڀرسان رکي ڇڏيو. لالٽين جي جهڪي پرڪاش ۾ اهي سڪا چمڪڻ لڳا. بهاري يڪ – ٽڪ انهن ڏانهن گهورڻ لڳو. آهستي آهستي هن ائين محسوس ڪيو، گويا اهي سڪا تمام زور سان چمڪڻ لڳا هئا. انهن جو تجلّو ايترو ته وڌي ويو جوبهاري انهن ڏانهن نهاري سگهڻ جي همت به ساري نٿي سگهيو. سندس اکيون ازخود بند ٿي ويئون، ۽ وويڪ ڀڙڪي اُٿيو. ’پنهنجي مطلب سڌ ڪرڻ لاءِ هن اڄ معصوم ٻالڪن جي وات مان روٽي کسي هئي، غريبن جي پيٽ تي لت هنئي هئي ....ڪيتري نه گراوٽ!‘

بهاريءَ جي اکين اڳيان جيوڻ جو اُداس چهرو کڙو ٿي ويو، جو آنسن ٻڏل اکڙين ۽ ڀريل گلي سان چئي رهيو هو: ’بتي اُجهامي ويئي، ... تيل کپي ويو‘، ’زندگيءَ جي جوت‘... ’خون – پسينو‘ ... ’ديپ ڦڙڦڙائي رهيو آهي‘... ’مون کي معاف ڪريو، سرڪار! .... مون تي رحم ڪريو ....!‘

بهاريءَ جون رڳون سيٽجي ويئون ۽ ۽ ساهه جو دورو تيز ٿي ويو. ’جيوڻ جي بتي اُجهامڻ تي هن پنهنجي جيون ۾ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي هئي: جيوڻ جي جيون کي انڌيري ۾ ڌڪيلي، هن پاڻ کي روشنيءَ جو درشن ڪرائڻ ٿي چاهيو!‘ ... ”نه، نه!“ هن ڀيڪوڙيل ڏندن ۾ ڪجهه زور سان ڀڻڪيو، ۽ پوءِ اُٻهرائيءَ مان اُٿي، پيسا کڻي، تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

مزدور – بستيءَ ۾پهچڻ بعد، هن کي جيوڻ جو گهر ڳولڻ ۾ ڪا خاص دير ڪين لڳي.

هڪ ڪچي مڪان جي دروازي وٽ،منهن گوڏن ۾ ڇپائي، ڪو غريب پنهنجي مجبوريءَ تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. اندران ڪنهن ٻالڪ جي روئڻ جو آواز پئي آيو. بهاريءَ جهٽ سهي ڪيو، - اهوئي جيوڻ جو گهر هو.

بهاري، هڪ ڏوهاريءَ جيان، هلڪا قدم کڻندو، سندس ويجهو پهتو. کيسي مان پيسا ڪڍي، هن جيوڻ جي پيرن وٽ رکي ڇڏيا. کڙڪو ٻڌندي ئي جيوڻ جيئن ڪنڌ مٿي کنيو، سندس وار کڙا ٿي ويا. ڏڪندي ڏڪندي هو اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڀريل دل سان چيائين:

”سلام، سرڪار!“

بهاري ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو. صرف سندس اکين مان همدرديءَ جي گهري راز ڀريا ٻه گرم آنسو نڪري، جيوڻ جي پيرن لڳ ڪري پيا، جن ۾ سمايل هو – ’هڪ غريب جو، غريب لاءِ پيار‘.

نبي بخش دائودپوٽو

ذليل انسان

هوٽل تي وڃڻ اڄڪلهه هڪ رواجي ڳالهه ٿي پيئي آهي. سوين وچولي درجي جا ڪلارڪ ۽ منشي، ڪيترا پورهيت ۽ مزور، هوٽل تي نظر ايندا. امير به هوٽل تي وڃن، پر البت ٺاٺ باٺ واريءَ تي.

اسان جي به اها هير ٿي ويئي آهي. منجهند جو آفيس ۾ رسيس ٿئي ئي مس، ته ٺڪ سڌو هوٽل تي. وري پيون به رڳي چانهه. ٻنپهرن تائين آفيس ۾ ڪم ڪندي ڪندي اکيون ٻاهر نڪري اينديون اٿئون، سو ڪجهه بک ۽ ڪجهه ٿڪاوٽ جي ڪري هوٽل تي وڃڻو ئي پوي ٿو. هوٽل تي هونئن ته گهڻيون شيون ملنديون، پر پنهنجي صرف چانهه سان لڳي – سستي جو آ، ۽ وري گرم ۽ مٺي! بک کي ته ڄڻ اڏايو ڇڏي. تنهن ڏينهن هوٽل تي وڃي رهيا هئاسين – مان، انور ۽ رشيد. غني آفيس ڪونه آيو هو؛ چي ’ڪجهه ناچاڪائي اٿم‘. هوٽل تي پهتاسين، ۽ نيم موجب وڃي ڪُنڊ وَسائي سين. ڪنڊ ۾ نڪو ڏسي نڪو وائسي، تنهنڪري بي الڪي چانهه پي سگهندا آهيون. انور ٻيءَ ٽيبل تان اخبار کڻي آيو. بيئرر اڃا اسان تي نازل ڪو نه ٿيو هو، تنهنڪري اخبار جاچڻ لڳاسين. اخبار ۾ به ڏاڍيون ڪي خبرون هيون:

- ”اڄ وڏو وزير ٽن مهينن جي دوري تي وڃي رهيو آهي. اتان اناج جي حالت جاچي، اچي ملڪ ۾ پيل ڏڪار لاءِ ڪجهه قدم کڻندو“؛

- ”فلاڻي سيٺ جي ڪو شاهينگ ڳنڍ ڪپي ويو“؛

- ”گورنر اڄ ٻِيڙين جي ڪارخاني جو بنياد وڌو“؛

- ”فلاڻي مزور خودڪشي ڪئي، ۽ خودڪشيءَ جي سبب جاچڻ لاءِ پوليس سندس مائٽن کي لاڪپ ڪيو آهي“؛ وغيره وغيره.

سڄيءَ اخبار تي مٿاڇري نظر ڊوڙائيسين، پر ملڪ ۾ پيل ڏڪار جي ڪا خبر نه آيل هئي! نه وري اهو پئي معلوم ٿيو ته گهڻا مئا، گهڻا بچيا ... ۽ اگر مئا، ته ڪير؟ مون کي عجب لڳو ته الاجي ملڪ ۾ ڏڪار هو يا نه، يا سڀ ماڻهو ڪوڙا هئا جو ڏڪر ڏڪر ٿي پڪاريائون: يا ته بک وگهي مرڻ هڪ رواجي ڳالهه هئي ۽ ڪافي پراڻي ٿي چڪي هئي، تنهنڪري اخبار ۾ اچڻ جهڙي نه هئي! پتوئي نٿي پيو. ماڻهن جي واتان پئي ٻڌوسين ته اميد تي جيئڻ وارا نااميد ٿي رهيا آهن. اسان جهڙن جو وچولو طبقو ته اڳي ئي ڪجهه اَنّ ۽ ڪجهه چانهه تي گذر ڪري رهيو هو. اميرن جي سا خبر نه آهي.

اوچتو رشيد هڪ خبر ٻڌائي: چي، ”هڪ مائي پنهنجو ننڍو ٻار ماري، پاڻ الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي آهي. پوليس سندس ڳولا زناني مارڪيٽ ۾ شروع ڪئي آهي. اميد ته جلد پتو پئجي ويندو.“

ٻار جي موت جو ٻڌي، انور ڄڻ ڇرڪ ڀريو، چي، ”ٻار کي ماريو اٿس؟ - ابهم کي! ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه، - عورت ۽ وحشي! پالي نٿي سگهيس شايد.ڪهڙي خبر، اهو ٻار وڏي هوندي وڏو ماڻهو ٿئي ها!“ مون کان رهيو نه ٿيو. چيم، ”جهڙو تون ٿيو آهين! ڪلارڪ آهين، شايد فائيلن جي قبر مليئي!“ انور چپ ٿي ويو، ۽ رشيد وچ ۾ ٽپي پيو. چي، ”ڇڏ يار، ڇا تاريخ ڦري ويئي ڪيئن؟ هٽلر ڪير هو، مسولني ڪير ۽ رضا شاه پهلوي ڪير؟ اُهي به ته غريب هئا – پوءِ ڪيئن وڌيا؟ اسين پوءِ ڇو نٿا وڌي سگهون؟ پر ڪنهن جي ڀاڳ سان ريس ڪهڙي!“ رشيد ٻه منٽ خاموش رهيو.وري چيائين: ”خير، ڇڏيو ان ڳالهه کي، اچو ته مان توهان کي ڪجهه گشت جو احوال ٻڌايان.“ رشيد شروع ڪيو:

”گشت جي موسم هجي. آءٌ، وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب – سڀ وياسين گشت تي.گشت هو خرچ جي حساب ڪتاب جي چڪاس بابت. گشت آهي مست، جنهن کي لڳي سوڦري. گشت جو جيڪو فائدو نه وٺي، سو ته ڪلارڪ، ڪلارڪ جو پُٽ ئي نه چئبو. وڃي لٿاسين. وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب ته وڃي رهيا بنگلن ۾، ۽ مون کي رهايائون اتي جي هيڊ ڪلارڪ صاحب وٽ.

”هيڊ ڪلارڪ مون کي پنهنجي گهر مان هڪ ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني. اها ڪوٺي هيڊ ڪلارڪ اڪثر ڪري اوطاق طور ڪم آڻيندو هو. آيو، ويو – مڙيوئي ڪوٺيءَ ۾پيئي ڪچهري لڳندي هئي. ڪوٺيءَ کي ٻه در هئا – هڪ گهر طرف اندر، ۽ ٻيو ٻاهر رستي طرف. گهر وارو دروازو ٻاهران بند هو، تنهنڪري ڪوبه ماڻهو هر وقت ڪوٺيءَ ۾ اچي ٿي سگهيو.

”هيڊ ڪلارڪ پاڻ هو پنجاهه کن جو، پر ڏسڻ ۾ ڪافي پوڙهو ٿي آيو. اکين تي ٿلها کوپا چڙهيل هئس. ڏسڻ جو سادو، پر اندر جو جهڙو ڪارو. قسم ۽ قرآن کڻي ته ’آءٌ رشوت نه وٺان‘. رشوت نه وٺي، ته سؤ ٽيهن روپين مان ههڙي وقت ۾ هوند پورت ڪيئن ڪري!

”هن منهنجي چڱي خدمت ڪئي. ٽي ويلا ماني، شام جو چانهه، ۽ رات جو کير به نصيب ٿيڻ لڳم. تنهن کان سواءِ ٻي هر چيز جو خيال رکيو ٿي ويو: پنج منٽ گذريا نه آهن ته ٺڪ پان، سگريٽ، يا ٻيو ڪجهه. صبح ۽ شام جووڏي صاحب ۽ ننڍي صاحب ڏي وڃڻ لاءِ سائيڪل به هٿ ڪري ڏنائينم. پنهنجي وڏي پٽ کي چئي ڇڏيو هئائين ته هر وقت منهنجي حاضريءَ ۾ رهي. هونئن ته اسين ڪلارڪ مولائي ماڻهو ٿيون – مٿي تي ٽوپي رکون ئي ڪين، عزت لهي ته ڄڻ نه لٿي – پر هتي آءٌ هيڊ ڪلارڪ تي رعب ڄمائڻ لڳو هوس، ۽ خاص خاص چيزن جي فرمائش ڪندو هوس؛ ۽ منهنجون فرمائشون لاچار پوريون ڪيون وينديون هيون.

”هيءُ پوڙهو هيڊ ڪلارڪ اهڙو، جو وَٺَ ئي نه ڏي! ڏاڍو ڇيڇاڙيومانس. چي، ’رشوت وٺڻ حرام آهي. آءٌ بالڪل نه وٺان – رتيءَ برابر به سوئر!‘ رشوت نه وٺي ته پنهنجا ٻار ٻچا ڪيئن پاليندو هوندو؟ پگهار مورڳو هڪ سو ٽيهه، ۽ مٿان وري اسان جهڙن مولاين جون مهمانيون: پڪ اندر ئي اندر ڳجهو چور هوندو. اگر مهماني نه جهلي ها ته ڏنڊا ڪونه هڻونس ها- وڌ ۾ وڌ بدلي. بدليءَ تي البت سامان جي ڀڄ – ڀور ٿئيس ها، يا خرچ اچيس ها، پر جاگيرون ڪونه لٽجنس ها. ماڻهن ۾ هُلايو هئائين ته ’پوڙهو آهيان؛ ڳوٺ آهي اباڻو وطن، مرجي اتي ته چڱو‘. واه جا چڱائي – مري ها، ٽڪا وٺي ها! ٻاهر نمازي، اندر جو پليت! چي، ’اشراف آهيان‘- واه جا اشرافت! آخر تائين ڪونه سليائين ته ڪو رشوت وٺي! وڏو اندر جو چور، لچو ۽ بدمعاش هوندو؛ ڳجها کاٽ هڻندو هوندو. پر استاد بيهه، - پاڻ به اهڙيءَ طرح پڳاسون جو واه واه – ياد ڪندو!

”گهڻا ڏينهن سير سواد وٺڻ ڪري، ڪم اينگهجي پيو. جيتوڻيڪ ڪم نالي ماتر ڪندا هئاسين، پر هيل ته اها به پَٽي؛ سو هفتو کن رهي پياسين. آءٌ ته ڦنڊي پيو هوس.نه ڪم نه ڪار،مزي سان پئي ماني ملي. ٻاهر ڏڪر ته ڏڪر ئي سهي: ڪڻڪ ڪيتري به سير هجي، پاڻ کي ملِي ٿي. ۽ اسان جو ڪم هو کائڻ – بس.

”ڳچ وقت رهڻ ڪري مون کي سندس گهر جي ڪجهه حالت معلوم ٿي.گهر جي جاءِ خاص نه هيس. اندر وري گند: ڪٿي ڇيڻا پيا هوندا، ته ڪٿي ٻهاري – مڙيو ئي گذرپئي ڪيائون. گهر ۾ ڪل اَٺ ڀاتي هئس: ٽي ننڍا پٽ، چئن، اٺن ۽ ڏهن سالن جا؛ ٻه ڌيئر، هڪ ٻارهن جي ۽ ٻي پندرهن کن جي؛ هڪ پاڻ، هڪ جوڻس ۽ هڪ نهڻس. ٻڌم ته جوان پٽس تازو وبا جي مرض ۾ مري ويو هو.هڪ دفعي گهر وارو اندريون دروازو صرف ٻيڪڙيو پيو هو؛ مون سعيو ڪري کولي ڇڏيو، ۽ گهرجي حالت جاچيمانس. زالس هميشہ بستري داخل هوندي هئي – سڄي سائي – الائي سلهه جو مرض هوس يا ڇا. نهڻس ننڍي نيٽي هئي، پر البت ناچاڪ لڳندي هئي.باقي ڌيئرس جهڙا گل! نئين جواني، ... ڏسڻ سان اکيون پئي ٺريون- جيڪر ويٺو ڏسجين!

”مون کي جيڪو عجب لڳوسو هن ڳالهه جو: ڪيڏي نه رشوت وٺندو هوندو – مهيني ۾ پنج سؤ ته واه جو ٿيندڙ هوندس – پر گهَر جي توڙي پنهنجي حالت سا ئي بُري! گهر ۾ توڙي پاڻ کي خاص ڪري ڪپڙو به ڪونه هوس؛ ڌيئر ته اڌ – اگهاڙيون ويٺيون هونديون هئس. پهرين ته مون سمجهيو ته فاحش هونديون؛ پر اهڙي ثابتي نه مليم. ڪيئن به هجي، ڇا اڌ – اگهاڙيون، فاحش نه هونديون؟ ٻڌو هوم ته گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو پورهيو به ڪنديون هيون. زالس اڳي ئي سائي، ويتر پوڙهو دوا درمل تي پيسا خرچيس ڪونه، سو مردو ٿيندي ٿي ويئي. ٻار ڏسينس ته ڳريا پيا هئس. ههڙو چڱو چوکو مون هچا کي پئي کارايائون، سو گهر ۾ ته پاڻ چڱو کائيندا هوندا. پر منحوسَ جا ٻار، - ڪيترو به چڱو کارائين، ظاهر ڪٿي ٿو ٿئي! پاڻ ڏسينس ته نه ڦڙ تي نه چالاڪي. آفيس ۾ ڇا ڪم ڪندو هوندو؟ اهڙن ماڻهن تي مون کي ڏاڍا خار لڳندا آهن.

”هڪ ڏينهن سندس اَٺن سالن وارو پٽ ٻاهر رڙندو آيو. وڏيءَ ڀيڻس ماريو هوس.وڏو ڀاڻس ڳليءَ ۾ بيٺو هو. راند به نه پئي ڪيائين. ننڍي ڀاءُ کي روئندو ڏسي، پرچائڻ لڳس.  ’ڇاهي ڪمون، ڪهڙي ڇوڪري ماريئه؟‘ ڪمونءَ وراڻيس ته ’اديءَ ماريو اٿم. ڏاڍي بک لڳي هئم، ماني گهُريمانس ته ماريائين. ئي پيئي: ”ڪيڏڙو ٿيو آهين، رڳو مڪڙ وانگر پيو کائين ... ڪڻڪ ڏس ته وڃي زر لڳي آهي! مرين به نٿو؟“‘ ڪهڙي نه ڏائڻ هيس ڀيڻس! مانيءَ ڳڀو ڏئيس ها، ته سڀ بک ڪونه مرن ها. ڪڻڪ ته ملڪ ۾ جام هئي، البت پيسو ٿورو هو: سو پڻس ڪري وڌيڪ رشوت وٺي ها!

”وڏو ڇوڪر به منهنجي حاضريءَ ۾لڳوپيو هوندو هو. هڪ ڏينهن پڇيومانس ته ’اسڪول نه وڃين ڇا؟‘ چي، ’ويندو هوس، هاڻي نٿو وڃان. في نه ڀري هيم؛ ابا کان گهريم، ماريائين. چيائين ته ”وڃي جهنم ۾ پؤ، نه پڙهه“.‘ ننڍو ڇوڪر اڃا ننڍو ٿيندنِ، پر اهو به منحوس – سڄو ڏينهن پيو ’رِين رِين‘ ڪندو!

”ڪهڙي به گهر جي حالت هين، پر سڀ منحوس پوڙهي جي ڪري. مري ها ته معصوم ڳڻتيءَ کان ڇٽي پون ها. دل جو ڏاڍو ڪنجوس. ڪڏهن پٽن کي گهمائڻ به نه وٺي ويو. ڪيڏي نه رشوت وٺندو هوندو، پر اها سڀ وڃي الائي ڪيڏي ٿي!

”پر استاد، پاڻ به اهڙن منحوسن سان چڱيءَ طرح پڄون! اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ٽي سو روپيا گهريامانس – هڪ سو پنهنجي لاءِ، ۽ ٻه سو صاحبن لاءِ. نه ته بدلِي! ذري گهٽ روئي ويٺو – جهڙي هچا! چي، ’پيسو هجيم ها ته ههڙي حال ۾ ڏسوم ها‘، وغيره وغيره. اگر پيسو نه هوس ته ڀلا مون کي کارايائين ڪٿان ٿي – سو به چڱو چوکو؟ ڪوڙو هو، ذليل! مون چيس ٽي سوروپيا ضرور وٺندس – شيئر. ڪٿان به آڻ: وڃي چوري ڪر، يا وڃي وڌيڪ رشوت وٺ. روئي ويٺو! پر آءٌ ڪٿي ڇڏڻ وارو هوس؟ نيٺ ٻئي ڏينهن سو روپيا آڻي ڏنائين، سي به چيائين ته ڳهه گروي رکي آيو آهيان؛ باقي چيائين ٻئي دفعي. پر ڪيئن به ڪيائين، وڃي پوي جهنم ۾؛ اسان کي پيسن سان ڪم، سو مليا. ڪراچيءَ اچي خوب پيتوسي کاڌوسي. ٻئي دفعي پنج سو جو چَڪ هڻندومانس!“

رشيد بس ڪئي. اسين اٿياسين. رشيد بل ڏنو، ۽ اسين آفيس ڏانهن روانا ٿياسين. رستي تي چرچا گهٻا ٿيا، پر الاجي ڇو سڀ ڦڪا ٿي لڳا. آءٌ پنهنجي آفيس پهتس. دل ڪم تي نه لڳيم، موڪلائي آيس.

دل ڳري ڳري پئي معلوم ٿي ... دماغ پريشان. ٻيو دفعو چانهه پيتم، پر بيسود. خيالن ۾ هڪ برباد ٿيندڙ خاندان هو، ۽ هڪ ويران ٿيندڙ گهر: ’نياڻيون، انگ – اگهاڙيون، ۽ معصوم ڪمسن – ڇا اهي ائين ئي رهندا؟ هيڊ ڪلارڪ رشوت ڇو نٿو کائي؟ پنهنجي خاندان کي بچائي ڇو نٿو؟ ... ڇو؟‘

خيال ڦري رهيا هئا. ’انسان‘ ياد آيم: ’انسانَ به ته اهڙيءَ حالت ۾ آهن‘ آخر اهي لچايون ڏاڍايون ڪيستائين؟ ... وقت اچي رهيو آهي، جڏهن اسين سڀ انسان – هاري ناري، مزور ۽ ڪاسبي، پورهيت ۽ مظلوم – گڏجي اٿنداسين: پاڻ کي بدلائينداسين، ۽ سڀني ”رشيد“ جهڙن کي به بدلائينداسين‘.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com