سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :9

پير حسام الدين راشدي مرحوم _ ڊاڪٽر جميل جالبي

پير حسام الدين راشدي مرحوم: بيت الضياء سي الحمراتک _ ڊاڪٽر رياض الاسلام

حيات حسام معنيٰ و مقصد: ڊاڪٽر محمود الحسن صديقي

بعد ۾ مولانا جو پيش لفظ ۽ پوءِ يادگار ليڪچر ڏنل آهي. مولانا صباح الدين عبدالرحمان هندستان جو هاڪارو اسڪالر هو. کيس هندستان جي عهد اسلاميءَ تي ڪجهه ڪتاب لکڻ جو فخر حاصل آهي. پير حسام الدين شاهه  راشديءَ جي ذاتي ۽ علمي دوستن ۾ کيس وڏو درجو حاصل هو. ڪجهه سال ٿيا ته هو صاحب هندستان ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويو. راشدي صاحب جي سنڌي تصنيف وتاليف بابت هن جي ڏنل ڄاڻ جامع ڪونهي، ڇو ته هُو بزرگ اعظم ڳڙه ۾ رهندڙ هو ۽ سنڌي زبان کان واقف ڪونه هو.

مولانا صاحب دارالمصنفين شبلي اڪادمي اعظم ڳڙهه جو سيڪريٽري پڻ رهيو.

ڪتاب جي آخر ۾ اداري جي علمي ڪمن تي روشني وجهڻ سان گڏ، انگريزي مهاڳ هن ريت لکيل ملي ٿو.

“Pir Hussamuddin Rashdi and literary contributions.''

 (6) ڊاڪٽر فهميده حسين: ”پير حسام الدين شاهه راشدي “ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 1990ع.

هي ڪتابچو ٻارن لاءِ لکرايل ڪتابن جي سيريز تحت، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، بطور سيڪريٽري ڪلچر لکرائي ڇپايو.

(7) ڊاڪٽر فهميده حسين: ”پير حسام الدين شاهه راشدي“ . ڪراچي، همدرد فائونڊيشن پريس 1994ع.

هي مٿئين سنڌي ڪتاب جو اردو ڇاپو آهي. مصنفه هي ڪتاب خود اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو جو اختصار تي مبني آهي. حڪيم محمد سعيد، همدرد فائونڊيشن پريس ڪراچيءَ جي نونهال ادب پروگرام هيٺ 1994ع ۾ هي ڪتا بڙو شايع ڪيو آهي.

2 . راشدي صاحب  تي سنڌي زبان ۾ ڇپيل مواد (ڪتاب رسالا ۽ اخبارون)

(1) سيد فيض الدين راشدي : راشدي خاندان جو شجرو، حيدرآباد ، سال ؟

 هن ڪتاب جي ص ص 42_44 تي راشدي صاحب جي تصوير ۽ شجرو ڏنل آهي.

(2) سيد حسام الدين راشدي (مرتب): ”مهراڻ جون موجون“ ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، 1956ع . ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1964ع ۾ نڪتو.

هن ڪتاب تي محمد ابراهيم جويي تبصرو ڪيو، جو رسالي ”مهراڻ“ جي نمبر 3، سال 1956ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

(3) ادراڪي بيگلاري: ” مثنوي چنيسر نامه “ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1956ع.

هن ڪتاب تي محترم غلام محمد گرامي تبصرو ڪيو،جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 4/1956ع ۾ ڇپيو.

(4) ادراڪي بيگلاري: ”مثنوي چنيسر نامه“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

هن ڪتاب تي ڪريم بخش خالد تبصرو ڪيو، جيڪو ساه ماهي ’مهران‘ 4/1962 ۾ ڇپيو.

(5) ادراڪي بيگلاري: ”مثنوي چنيسر نامه، مرتب: سيد حسام الدين راشدي حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ. 1956ع.

هن  ڪتاب تي پروفيسر عبدالحسين زرين تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’ مهراڻ‘ 1/1964۾ ڇپيو.

(6) نئين زندگي (ماهوار) ڪراچي، آگسٽ 1956ع.·

هن پرچي ۾ راشدي صاحب علمي اڀياس وقت نڪتل تصويرون ڏنل آهن.

(7) سيد جهانگير هاشمي: ”مثنوي مظهر الاثار“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ. 1957ع.

هن ڪتاب تي محترم ڪريم بخش خالد تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 4/1962ع ۾ ڇپيو.

(8) سيد جهانگير هاشمي: .مثنوي مظهرالاثار“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.

هن ڪتاب تي محترم عبدالحسين زرين ڪوب تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 1/1964ع ۾ ڇپيو.

(9) مير علي شير قانع: ”تذڪره مقالات الشعرا“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ 1957.

هن ڪتاب تي عبدالقيوم صائب تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي مهراڻ 1_2/1958ع ۾ ڇپيو.

(10) ساڳئي ڪتاب تي محترم عبدالحسين زرين ڪوب تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهران‘ جي نمبر 1، سال 1964ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

(11) مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي: ”تڪمله مقالات الشعر ا“ سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ. 1958ع.

هن ڪتاب تي محترم غلام محمد گرامي تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 1/ 1959 ۾ ڇپيو.

(12) مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي: ”تڪمله مقالات الشعرا“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1958.

هن ڪتاب تي محترم عبدالحسين زرين ڪوب تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 1/1964ع ۾ ڇپيو

(13) سگهڙن جو ڪچهريون_ ميرپور ساڪرو نومبر. 1960ع. سه ماهي مهراڻ 3_4/ 1960ع، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ.

هن مضمون ۾ صفحي 340 تي راشدي صاحب جا سگهڙن جي فن تي تاثرات ڇپيل آهن.

(14) مير علي شير قانع: ”مثنويات وقصائد قانع“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي: حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ. 1961ع.

هن ڪتاب تي محترم عبدالحسين زرين ڪوب تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 1/1964ع ۾ ڇپيو.

(15) غلام محمد گرامي: ”پير حسام الدين راشدي کي نشان سپاس“ (گذارش)، سه ماهي مهراڻ 4/ 1962ع ڄامشورو، سنڌي،  ادبي بورڊ.

(16)مخدوم محمد زمان طالب المولـﻰ: ”ڪافي “ هالا، بزم طالب الموليَ، 1962ع.

هن ڪتاب جي ص ص 165_166 تي راشدي صاحب جي مختصر سوانح ڏنل آهن. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ نڪتو آهي.

(17) ميرڪ يوسف: ”تاريخ مظهر شاهجهاني“: مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ1962ع.

هن ڪتاب تي محترم ڪريم بخش خالد تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 4/ 1962ع. ۾ ڇپيو.

(18) ميرڪ يوسف: ”تاريخ مظهر شاهجهاني“: مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ1962ع.

هن ڪتاب تي محترم عبدالحسين زرين ڪوب تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 1/ 1964ع ۾ ڇپيو.

(19) جناب پير حسام الدين راشديءَ جي اعزاز ۾ ادبي گڏجاڻي. سه ماهي مهراڻ 4/1964ع حيدرآباد، سنڌ ادبي بورڊ (ادارو).

(20) نئين زندگي (ماهنامه) ڪراچي، آڪٽوبر 1964ع.

هرپرچي ۾ ”ستاره امتياز“ ملڻ جي موقعي تي سيد حسام الدين شاهه راشدي جي تصوير ڏنل آهي.

(21)سيد حسام الدين راشديءَ جي نالي هڪ ورسي شاگردياڻيءَ جو خط، ڪراچي، ماهوار ”نئين زندگي“ اپريل 1965ع.

هي خط رئيسه ياگوراوا لکيو جو هڪ ئي وقت ادارو ۽ سنڌي زبان ۾ آهي ۽ سندس هٿ اکرين ڇپيو آهي. ياد رهي ته رئيسه، راشدي صاحب جي اردو ڪتاب ”سندهي ادب “ جو ماسڪو مان ورسي زبان ۾ ترجمو شايع ڪيو هو. هي خط رسالي جي بيڪ ٽائيٽل جي اندرئين صفحي تي ڇپيو آهي.

(22) ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: ”سيد حسام الدين راشديءَ جون علمي خدمتون،“ ڪراچي، ماهنامه ”نئين زندگي“، آڪٽوبر ۽ نومبر 1966ع.

هي مضمون ٻن قسطن ۾ شايع ٿيل آهي.

(23) جي . ايم. سيد: ”جنب گذاريم جن سين“ جلد ٻيو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

هن ڪتاب ۾، ”پير حسام الدين راشديءَ“ جي عنوان سان سوانح حيات موجود آهي، ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1979ع ۾ نڪتو آهي.

(24) مير علي شير قانع:”مڪلي نامه” : مرتب:سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

هن ڪتاب تي محترم غلام محمد گرامي تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ”مهراڻ“ 4/ 1967ع ۾ ڇپيو

 (25) جي. ايم. سيد: ”خط ۽ مضمون“ سن، ضلعو دادو سنڌ، سال. 1970ع.

هن ڪتاب ۾ پير علي محمد راشديءَ جا، جي. ايم. سيد ڏي لکيل خط ۽ سيد صاحب بابت لکيل مضمون شامل آهن. سيد حسام الدين مرحوم جو اڪثر خطن ۾ ذڪر ٿيو آهي. سال 1995ع ۾ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نڪتو آهي.

(26) شمشيرالحيدري: ”نئين زندگي“ فهرست نمبر، ڪراچي، اپريل 1971ع.

هن شماري ۾ راشدي صاحب جي مضمونن، مقالن ۽ ادبي سرگرمين بابت حوالا ملن ٿا.

(27) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ سکر، عجائب اسٽورز، 1972ع.ص 198 ۽ ص 1. 2 تي راشدي صاحب جو ذڪر ملي ٿو.

هن ڪتاب جا متعدد ڇاپا نڪتا آهن. ڪتاب جو پنجون ڇاپو، عجائب اسٽور، سکر طرفان 1992ع ۾ شايع ٿيو. ص ص .19_191، تي”سنڌي ادب جا ڪجهه نشر نويس“ عنوان هيٺ راشدي صاحب جو جداگانه ذڪر ڪيل آهي.

(28) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ حيدرآباد، سره ڪتاب گهر، 1973ع. ص ص 249_.25 تي پير صاحب متعلق معلومات ملي ٿي.

نوٽ. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1983 ع ۾ پڌرو ٿيو، جيڪو حيدرآباد مان زيب ادبي مرڪز طرفان شايع ٿيو. هن ڇاپي ۾ ص 297 تي پير صاحب متعلق وڌيڪ ذڪر ڪيل آهي. ان کان علاوه ٽيون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان 1994ع ۾ شايع ٿيو. ٽئين ڇاپي ۾ ص ص 251_252تي پير صاحب متعلق معلومات ملي ٿي.

(29) پير حسام الدين راشديءَ سان شام، سه ماهي مهراڻ 1/1974ع ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ (ادارو).

(30) ڊاڪٽر غلام علي الانا (مرتب): ”سنڌي ليکڪن جي دائريڪٽري“ ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الا جي 1974ع.

هن ڪتاب ۾ ص ص 95_ 96 تي راشدي صاحب متعلق ذڪر آهي.

(31) محمد ابراهيم جويو: ”پورهيت اديب_ پير حسام الدين راشدي” سه ماهي مهراڻ نمبر 3_4_1974ع. ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ.

نوٽ: جويي صاحب جو مضمون: ”منهنجا بزرگ منهنجا دوست“، عنوان سا ڇپيو .هن ۾ راشدي صاحب کان علاوه هنن شخصيتن تي پڻ خاڪا ڏنل آهن : ڊاڪٽر دائود پوٽو، غلام علي نانا، سيد غلام مصطفـﻰ شاهه: مرزا قليچ بيگ ۽ علامه آءِ آءِ. قاضي. هي مضمون ۽ خاڪا مختلف وقتن تي لکيا ويا ۽ شايع ٿيا هئا، جي سڀ گڏ ڪيا ويا آهن.

(32)مولانا دين محمد رفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع.

هن ڪتاب تي محترم عزيز الرحمان ٻگهي تبصرو ڪيو. جيڪو سه ماهي مهراڻ 1/1975ع ۾ ڇپيو.

(33) مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ مرتب: سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع.

هن ڪتاب تي محترم غلام محمد گرامي ڀرپور تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 2_3/1975ع ۾ ڇپيو.

(34) نظام الدين کوسو (مرتب): ”مڪتوبات امين الملڪ“ جيڪب آباد، امين الملڪ اڪيڊمي عزيز آباد، 1974ع.

هن ڪتاب جي ص ص75_76 تي محترم محمد امين کوسي جو راشدي صاحب ڏانهن لکيل خط چپيو آهي.

(35) ڊاڪٽر غلام علي الانا (مرتب):” ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي (1947_1983ع تائين) ڄامشورو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. 1976ع.

هن ڪتاب ۾ مختلف ڪتابن جو انداج آهي. ص ص 272.87.73.47۽285تي پير صاحب جي ڪتابن جو ذڪر آهي.

(36) جي. ايم. سيد: ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ حيدرآباد، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، 1977ع.

هن ڪتاب ۾ راشد صاحب جا، جي. ايم. سيد کي لکيل 8 خط ڏنو آهن.

(37) سيد حسام الدين راشدي: ”ميرمحمد معصوم بکري“ ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع.

هن ڪتاب تي محترم غلام علي محمد لاکو تبصرو ڪيو، جيڪو سه ماهي ’مهراڻ‘ 1/1979ع ۾ ڇپيو.

(38) الهرکيو ٻُٽ :” سنڌ ۾ ڪتب خانن جي مختصر تاريخ“ حيدرآباد سنڌ پبلشرز. .1980ع.

هن ڪتاب جي ص ص 66_67 تي راشد صاحب ڪتب خاني جو ذڪر آهي.

(39) الهه رکيو ٻُٽ: ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ حيدرآباد سنڌ پبلشرز. 1981ع.

هن ڪتاب ۾ ص 35 ۽ ص 61 تي راشدي صاحب متعلق حوالا ملن ٿا.

(40)  انيمري شمل: ”سنڌي ادب جي ارتقا“ مترجم ؛ غلام حيدر ٻرڙو، مورو، شهيد عبدالرزاق اڪيڊمي 1981ع.

هن ڪتاب جي ص 1.9 تي راشدي صاحب جي خدمتن جو ذڪر آهي.

(41) ڊاڪٽر عبدالخالق راز: ” پير حسام الدين راشدي مرحوم “ ماهنامه نئين زندگي، حيدرآباد، اپريل 1982ع.

(42) آديسي اٿي ويا (اداريه) ، ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان 2 اپريل 1982ع.

(43) ساڳئي عنوان سان روزانه عبرت حيدرآباد اپريل 3، 1982ع تي اداريو  ڇپيو آهي.

(44) خان محمد پنهور: ”مون سي ڏٺا ماءُ “ حيدرآباد، روزانه عبرت، 3 اپريل 1982ع.

(45) عابد لغاري: ” پير حسام الدين راشدي“ (اداريه)، ماهنامه نئين زندگي، حيدرآباد، اپريل 1982ع.

نوٽ: مٿئين اداريه ۾ مرزا  عباس علي بيگ جو راشدي صاحب جي وفات متعلق ڇپيل قطعه تاريخ به ڏنل آهي.

(46) گوندر جن گذاريو_ منهن تنين مشعل (خصوصي اداريه) ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، ادبي ايڊيشن، 8_اپريل 1982ع.

(47) عبدالرحمان پليجو: ”جن پاڻ هنيو پاتار ۾ “ (پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾ )  هنتيوار ’برسات‘ ڪراچي، جلد 1، شمارو. 6_61، سال 1982ع.

(48) ماهتاب محبوب: ”جيئن چنڊ لڳي ڪو تار ۾“ هفتيوار ’برسات‘ ڪراچي، جلد 10، شمارو 60 _61. سال 1982ع. پير صاحب تي لکيل خاڪو.

(49) ماهتاب محموب: ”جيءَ جهروڪا“ حيدرآباد، ار، پبليڪيشن 1982ع.

پير صاحب تي لکيل مٿيون خاڪو ڪتاب جي ص ص 17_31 تي موجود آهي.

(50) مشتاق باگاڻي: ”هو جي پهڻ پٻ جا“ سڪرنڊ مارئي اڪيڊمي، 1982ع.

ڪتاب ۾ ص ص 45_ 57 تي راشدي صاحب احوال آهي.

(51) منور علي جويو: “ گوندر جن گذاريو، منهن تنين مشعل“، ماهنامه، نئون نياپو، حيدرآباد اپريل 1982

مٿئين عنوان سان اداريه ۽ پوءِ راشدي صاحب جي سوانح ڏنل آهي.

52 نبي بخش کوسي صاحب، راشدي صاحب بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. اخبار جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي.

(53) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ” پير حسام الدين راشديءَ جا چند ڪتاب“ ميرپور خاص، هفتيوار ’سرتاج‘ 17 مئي 1982ع.

(54) خان محمد پنهور : ”پير حسام الدين راشديءَ جا خان محمد پنهور ڏانهن خط ۽ وصيت“ ميرپور خاص،

هفتيوار ’سرتاج‘، 17 مئي 1982ع.

(55) مرزا عباس علي بيگ: ” پير، مير ۽ حامي مرحومين “ (ياد گيريون)، ماهنامه ’نئين زندگي‘ حيدرآباد مئي 1982ع.

هي تحرير پير حسام الدين راشدي (وفات 1_4_1982ع)، مير رسول بخش ٽالپور (وفات 1_5_ 1982ع) ۽ استاد عطا محمد حامي (وفات 3_ 6_ 1982ع) بابت لکيل آهي، جيڪي هڪ ٻئي پٺيان رحلت ڪري ويا.

(56) نفيس احمد شيخ: ”وڏي وٿ هئا ٻاروچا ڀنڀور ۾“ سه ماهي مهراڻ 1_ 2/1982ع ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ.

(57) رشيد ڀٽي: ” پير حسام الدين راشدي ۽ افسانوي ادب“ ماهنامه ’هلال پاڪستان‘ ميگزين، ڪراچي سيپٽمبر 1983ع.

(58) احمد خان آصف: ”اسلام ڪتب خا نه : پير صاحب جو هڪ ڪتاب“ ڪراچي، ماهنامه ’پيغام‘ مارچ اپريل 1984ع.

(59) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ” پير حسام الدين راشديءَ جي چند ڪتابن جو جائزو “ ڪراچي، ماهنامه پيغام مارچ اپريل 1984ع.

(60) خان محمد پنهور: ”حسام الدين راشديءَ جا خان محمد پنهور ڏانهن خط ۽ وصيت“ ڪراچي، ماهنامه ’پارس‘ سيپٽمبر آڪٽوبر 1984ع.

(61) عبدالواحد آريسر: ”ماڻهو مينگهه ملهار “ حيدرآباد، سنڌو پبليڪيشن ، 1984ع.

ڪتاب ۾ ’پير حسام الدين راشدي‘ جي عنوان تحت ص ص 80 _ 86 تي خاڪو آهي.

(62) علي احمد بروهي:” ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙآ“ ڪراچي 1984ع.

هن ڪتاب ۾ ص ص 16_ 24 تي پير صاحب ۽ مير رسول بخش ٽالپور تي خاڪو آهي. مير صاحب، راشدي صاحب جي وفات کان ٺيڪ هڪ مهينو پوءِ 1 مئي 1982ع. تي فوت ٿيو.

(63) محمد ابراهيم جويو: ”هوجي هئا هت“ (پير حسام الدين راشديءَ بابت ). ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ،

’مقالا نمبر‘ سه ماهي ”مهراڻ“ نمبر 4، سال 1984ع.

پير صاحب جي ٻي ورسيءَ تي پڙهيل مقالو.

(64) گل محمد گاد ۽ محمد افضل عباسي (مرتبين ): ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ لاڙڪاڻو، 1984ع.

هن ڪتاب ۾ پير صاحب جي زندگي، سوانح ۽ علمي ڪمن بابت جابجا حوالن سان تصويرون به ڏنل آهن.

(65) نفيس احمد شيخ: سه ماهي مهراڻ ” فهرست نمبر“ ڄام  شورو، سنڌي ادبي بورڊ، نمبر1، سال 1984ع.

هن خاص نمبر ۾ راشدي صاحب جي مقالن ۽ مضمونن، سندن تيار ڪيل ڪتابن تي تبصرو ۽ خود هن عالم جي سوانح بابت ڇپيل مواد جي باري ۾، جا بجا حوالا موجود آهن.

(66) نصر ابڙو: ”روشن جو شهر ڪراچي“، 1985ع.

هي ڪتاب ڪراچي شهر تي لکيل آهي. ص ص 141_ 150 تي ’اهم شخصيتن‘ واري باب ۾ پير حسام الدين راشديءَ متعلق لکيو ويو آهي.

(67) ماٺيڻو اوٺو (مرتب):”ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي“ (1973_1979ع)، ڄام شورو، سنڌ الاجي سال 1985ع؟

هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب جي ڪتابن جو اندراج ملي ٿو.

(68) غلام محمد لاکو: ”پير حسام الدين راشدي“ ڄامشورو“  ماهنامه ”گل ڦل“ سنڌي ادبي بورڊ، اپريل 1986ع.

(69) غلام محمد لاکو:” ڪتاب ’سنڌي ادب ’ جي اهميت ۽ اشاعت جو سال“ جلد نمبر 9، 1986ع.

رسالو، سنڌي ادب، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي.

ساڳيو مقالو رسالي ‘سنڌي ادب‘ جلد 10، 1987 ع ۾ وري ڇپيو آهي.

(70) اسلم سنديلو: ” سنڌي، ڪراچي، گريجوئيٽس پبليڪيشن، 1987ع.

هن ڪتاب ۾ ص ص 114_116 تي راشدي صاحب جو احوال ملي ٿو.

(71) عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويو:” واڄٽ ويراڳين جا“ حيدرآباد، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، سال 1987ع.

هن ڪتاب ۾ محمد امين کوسي جا، جي ، ايم، سيد ڏي لکيل خط آهن. خطن ۾ راشدي صاحب جو بار بار ذڪر ٿيو آهي.

(72) تنوير عباسي:” ترورا“ حيدرآباد، سهڻي پبليڪيشن 1988ع.

هن ڪتاب ص ص 96_102تي ، راشدي صاحب جي ڪتاب ” هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جو جائزو ڏنو ويو آهي.

 هن ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ ڇپيو.

(73) مسز شمس عباسي:” حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع.

هن ڪتاب جي ص 48 تي راشدي صاحب ذڪر ملي ٿو.

(74) غلام قمبرابڙو: ”سنڌ جو نشان: پير حسام الدين راشدي“، چامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سه ماهي مهراڻ 2/1989ع.

(75) غلام محمد لاکو:” سيد حسام الدين راشديءَ جو منتشر ادبي ذخيرو“.ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سه ماهي مهراڻ، 2/1989ع.

(76) رشيد ڀٽي: ” جيءُ جياريو جن “ سکر ، اروڙاشاعت گهر ، 1990ع.

هن ڪتاب ۾ ”پيهي جن پروڙيو“ جي عنوان تحت پير صاحب تي خاڪو ڏنل آهي. ساڳيو خاڪو سه ماهي مهراڻ جي راشدي نمبر ۾ به ڇپيو هو.

(77) تنوير عباسي: ” منهن تنين مشعل“ (خاڪا)، حيدرآباد، نيوفيلڊس پبليڪيشن 1990ع.

ص ص 43_57 تي ”پير حسام الدين راشدي“ عنوان سان خاڪو ڏنل آهي.

(78) ادل سومرو:” اسين مسافر پيار جا“ حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر، 1991ع.

هن ڪتاب ۾ ’ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا‘ جي عنوان سان ص ص 60_61 تي راشدي صاحب بابت هڪ خاڪو ڏنل آهي.

(79) تنوير عباسي:” پير حسام الدين راشدي“ ڪراچي ماهنامه ’پارس‘ اپريل 1991ع.

(80) غلام محمد لاکو:” سيد حسام الدين راشدي ۽ سنڌي ادبي بورڊ“ سه ماهي مهراڻ ، نمبر 2_3 سال 1991ع.

 هي مقالو سنواري سنڌاري ماهوار”السنڌ۾ اپريل 1995ع ۾ اسلام آباد مان وري ڇپرايو ويو.

(81) مرزا ڪاظم رضا بيگ: ” پير حسام الدين راشديءَ جون اڻ ڇپيل تصنيفون“ ڪراچي، روزنامه پڪار 29 آڪٽوبر، 1991ع.

(82) غلام رباني آگرو: ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو پهريون) ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع.

هن ڪتاب “ ص ص 245_379 تي راشدي صاحب متعلق تفصيلي احوال موجود آهي.

(83) شيخ اياز: ”خط، انٽرويو، تقريرون“ ڀاڱو ٻيون، حيدرآباد، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1991ع.

هن  ڪتاب ۾ ص ص 171_182ع تي ”درياه جي ڳالهه درياه کان پڇو“ جي عنوان سان پير صاحب متعلق گفتگو ڪيل آهي. اصل ۾ هي لاڙڪاڻي فرينڊس ڪلب پاران، ڪراچيءَ ۾ 5 اپريل 1990ع تي ملهايل پير صاحب جي ورسي ۽ شيخ صاحب جي صدارتي تقرير آهي. اها ساڳي تقرير روزانه’هلال پاڪستان‘ ڪراچي 6، 7 اپريل 1990 تي پڻ ڇپي آهي.

(84) امام راشدي: .”سيد حسام الدين راشديءَ جا غلام محمد لاکي ڏانهن خط“ پندرهن روزه ”عبرت ميگزين“ 1 فيبروري 1992ع.

(85) دادا سنڌي: ”تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون“ حيدرآباد، سنڌ تحقيقي بورڊ، 1992ع.

 هن ڪتاب ۾ ص ص 63_ 66 تي پير صاحب متعلق خاڪو موجود آهي.

(86) محمد صديق منگيو: ”سنڌ دوست ۽ تاريخدان_ پير حسام الدين راشدي“ ڪراچي، روزانه جاڳو، 24 ڊسمبر 1992ع.

(87) محمد قاسم سومرو:” سيد حسام الدين راشديءَ جا رسالي’نئين زندگي‘ ۾ ڇپيل مضمون ۽ انهن جي تاريخي اهميت“، حيدرآباد، ماهنامه ’نئين زندگي‘ اپريل 1992ع.

(88) سيد حسام الدين راشدي:” ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ مرتب: غلام محمد لاکو، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ 1992ع.

محترم نفيس احمد شيخ هن ڪتاب تي تبصرو لکيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ادبي  پروگرام ۾ 26 سيپٽمبر 1992ع تي نشرڪيو ويو. ساڳيو تبصرو ماهوار ’پيغام ‘ ڪراچي، نومبر_ ڊسمبر 1992ع ۾ ڇپيو.

(89) مٿيون تبصرو مڪمل طرح سان، ڪراچيءَ جي ماهوار ’جياپو‘ مئي_ جون 1993ع ۾ ڇپيو.

(90) ساڳئي ڪتاب تي تبصرو، لکندڙ امام راشدي، ڇپيل ڪراچي، روزانه ’جاڳو 30 مئي 1993ع.

(91) ساڳئي ڪتاب تي تبصرو، لکندڙ انور فگار هڪڙو، ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ، سه ماهي مهراڻ 3_4/ 1993ع.

(92) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:”سنڌي ادب جي تاريخ“ لاڙڪاڻو، ڪاٺياواڙ اسٽورز، 1993ع.

هن ڪتاب ۾  ص ص 457_458 تي پير صاحب جي ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر آهي.

(93) فيض الله جوڻيجو: ”تاريخ قومي جوابداريون ۽ سيد حسام الدين راشدي“ ڪراچي، ماهنامه ’جياپو‘ مارچ اپريل 1993ع.

(94) محمد پنهل ڏهر: ”پير حسام الدين راشديءَ جا اڻ ڇپيل ڪتاب“ ڪراچي، ماهنامه پيغام اپريل مئي 1993ع.

(95) نصرت حسين ابڙو:” سيد حسام الدين شاهه راشدي دانشورن جي  نظر ۾“ حيدرآباد، هفتيوار ’سنڌو‘ 28 اپريل_4 مئي 1993ع.

(96) گل شير بلوچ:” ڊاڪٽر غلام علي الانا جا چونڊ مضمون ۽ مقالا“ حيدرآباد، گلشن پبليڪيشن، 1993ع.

هن ڪتاب ۾ ص ص 115_ 120 تي ”پير حسام الدين راشدي هڪ سڄاڻ محقق“ جي عنوان تحت مقالو آهي. هي مقالو سه ماهي مهراڻ جي راشدي نمبر ۾ به ڇپيل آهي.

(97) ارشاد علي اوٺو:” سيد حسام الدين راشدي“ ڄامشورو، ماهنامه گل ڦل، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، اپريل 1994ع.

ساڳيو مضمون ماهنامه ”گلستان“ حيدرآباد جي ، مئي _ جون 1994ع واري پرچي ۾ به ڇپيو آهي.

(98) ثريا شاهين قريشي:” مشهور مسلمان موُرخ“ ڪراچي، ڪافي پبليڪيشن، 1994ع.

هن ڪتاب ۾ ص ص 68_71 تي پير حسام الدين راشديءَ جي خدمتن جو ذڪر ملي ٿو.

(99) خان محمد پنهور:” مون سي ڏٺا ماءُ (تاثر) ڪراچي، روزانه ’برسات‘ 6 اپريل 1994ع.

(100) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:” گهڙيون گهاريم جن سين“ ڪراچي، مهراڻ اڪيڊمي، 1994ع.

هن ڪتاب جي ص ص 98_105 تي ’سنڌ جو وڏو محقق ۽ موُرخ پير حسام الدين راشدي‘ جي عنوان سان مضمون ڏنل آهي.

(101) مراد علي مرزا: ”پير حسام الدين راشدي هڪ تاثر“ ڪراچي، روزانه ’برسات‘ 9اپريل 1994ع.

(102) ممتاز مرزا: ”ڏٺي ڏينهن ٿيام“ ڪراچي، ماهنامه ’پورب‘ مئي 1994ع.

(103) نصرت ابڙو: ”ڪهڙو حسام الدين راشدي“؟ هفته وار ’سنڌو‘ جلد 6، پرچو 22(26_5_1994کان 1_6_1994ع).

(104)ڊاڪٽر سيداسلم : ”پير حسام الدين راشدي، رمز شناس شخصيت“ مترجم محمد قاسم سومرو، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ سه ماهي ’مهراڻ‘ 3_4/1994ع.

(105) امام راشدي: ”پير حسام الدين راشدي“ ڄامشورو، ماهنامه گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، اپريل 1995ع.

(106) امام راشدي: ” سنڌ جو عظيم تاريخدان: پير حسام الدين راشدي“ ڪراچي، روزانه ’برسات‘ 2اپريل 1995ع.

(107) ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي: ”سنڌ جي جديد تاريخ جو مـﺆرخ محقق“ ڪراچي“ماهنامه ’پورب‘ جنوري 1995ع.

(108)غلام علي باگاڻي: ”پير حسام الدين راشديءَ جي اڻ ڇپيل يادگار تقريرن مان چونڊ ٽڪرا“ ڪراچي، ماهنامه ’نئون نياپو‘ آگسٽ 1995ع.

(109) عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويو: ”واڄٽ ويراڳين جا“ جلد ٻيو، ڪراچي، جي .ايم. سيد لٽرري سوسائٽي، سال 1995ع.

هن ڪتاب ۾ محمد امين کوسي جا، جي. ايم. سيد ڏي لکيل خط ڏنل آهن. خطن ۾ راشدي صاحب جوبار بار حوالو ملي ٿو.

(110) نصير مرزا: ”واڪا ڪندي ووءِ صديون تولئه سنڌڙي “ (پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾ ) ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سه ماهي مهراڻ 1/1996ع.

(111) امام راشدي: ” سنڌ جي تاريخ جي سڃاڻ _پير حسام الدين راشدي“ ڪراچي، روزانه ’برسات‘ 1_ اپريل 1996ع.

(112) محمد پنهل ڏهر: ”پير حسام الدين راشديءَ جون ادبي ۽ تحقيقي خواهشون“ ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سه ماهي مهراڻ 2/ 1996ع.

(113) سيد حسام الدين راشدي: ” سنڌي ادب“، ترجمو: غلام محمد لاکو، ڇاپو ٻيون، حيدرآباد، سنڌ تحقيقي بورڊ، سال 1996ع.

هن ڪتاب تي تبصرو امام راشدي صاحب لکيو جيڪو، سه ماهي ’مهراڻ‘ نمبر 4، سال 1996ع ۾ ڇپيو.

3. اردو، پنجابي ۽ فارسي ۾ مواد

(1) عارف نوشاهي: ” کارنامهء راشدي“ اورينٽل ڪاليج ميگزين، لاهور شماره مسلسل  228_229، ص ص 153_160،_ _ _ سال؟

هي مضمون پير صاحب جي فارسي ڪتابن جو احاطو ڪري ٿو ۽ اردو ۾ لکيل آهي.

(2) نوراالصباح بيگم:” پاکستان کي مشهور شخصيتن ميري نظر مين“ ڪراچي، شيخ غلام علي اينڊسنز، سال؟

ص ص 196_198 تي پير حسام الدين ۽ ص ص 93_ 95 تي پير علي محمد راشديءَ جو ذڪر آهي.

(3) سيد هاشمي فريد آبادي: ”تاريخ انجمن ترقي اردو پاکستان کراچي“ انجمن ترقي اردو 1953ع.

پير حسام الدين راشديءَ جو انجمن ترقي اردوءَ کي ڪراچي ۾ ورسائڻ جي حوالي سان ذڪر ملي ٿو.

(4) ”مکتو بات باباءِ اردو بنام سيد حسام الدين راشدي“ ، ماهنامه قومي زبان، مهينو نامعلوم، ڪراچي، انجمن ترقي اردو پاڪستان، 1964ع.

راشدي صاحب ڏانهن مولوي عبدالحق جا لکيل خط.

(5) سيد فياض محمود (مدير):”تاريخ ادبيات مسلمانان پاکستان وهند“ جلد13، لاهور، پنجاب يونيورسٽي. 1971ع،

ص 651تي سنڌي ادب لاءِ راشدي صاحب جي خدمتن جو ذڪر ملي ٿو.

(6) سيد فياض محمود (مدير): ”تاريخ اديبات مسلمانان وهند“ جلد 5، لاهو، پنجاب يونيورسٽي 1972ع

ص ص 678_679 تي راشدي صاحب جي فارسي ادبيات لاءِ ڪيل خدمتن جو ذڪر ملي ٿو.

(7) محمد معين الدين درادئي: ”صوفيائي سندهه اور اردو“ ڪراچي، آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس 1973ع.

ص ص 314_ 324 تي راشدي صاحب جي اردوءَ لاءِ خدمتن جو ذڪر آهي.

(8)”فرمودات پير حسام الدين راشدي“ حيدرآباد، هفته روزه نوائي سنده، 2_ 11، آڪٽوبر 1973ع.

هن رسالي جي ايڊيٽر سنڌي مهاجر جهڳڙن وقت  حيدرآباد ۾ راشدي صاحب جي ڪيل تقرير کي ٽوڙي موڙي پيش ڪيو آهي.

(9) محمد حسين تسبيحي:”فارسي پاکستاني و مطالب پاکستان شناسي “ جلد اول، اسلام آباد، مرکز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان، سال 1974ع.

هي ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي ۽ ان جو انگريزي نالو آهي.Pakistan Persian: subjects of Pakistanology

هن جلد ۾ ص ص 73_87 تي راشدي صاحب جي ڪتبخاني جو ذڪر ’گنجينهء پير سند‘ جي عنوان سان ڪيل آهي. ان کان علاوه پير صاحب جي شخصيت تي ص ص 200_202 تي ’استاد پير حسام الدين راشدي‘ عنوان سان نظر وڌل آهي.

(10) سيد سرفراز علي: ”اشاريه اردو“ کراچي. انجمن ترقي اردو پاکستان 1976ع.

ص 42۽ ص 43 تي راشدي صاحب جا حوالا ملن ٿا.

(11) محمد حسين تسبيحي: ”فارسي پاکستاني و مطالب پاکستان شناسي ”جلد دوم، اسلام آباد، مرکز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان ، سال 1977ع.

هن جلد جي ص ص 395_401 تي ’پير سند‘ عنوان سان پير صاحب جي سوانح تي روشني وڌي وئي آهي.

(12) محمد حسين تسبيحي: ”کتابخانه هاري پاکستان“ جلد اول، اسلام آباد، مرکز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان، سال 1977ع.

هي ڪتاب پڻ فارسي زبان ۾ آهي. ص 28 تي پير صاحب جي ڪتبخاني جو مختصر ذڪر آهي.

(13) ڊاڪٽر شاهده بيگم: ”سنده مين اردو“ ڪراچي، اردو اکيڊمي سنده، .1980ع

ص ص 347_348 تي اردو لاءِ راشدي صاحب جي خدمتن جو ذڪر آهي.

(14) علي نواز وفائي: ”اديب واسکالر_ پير حسام الدين راشدي“ ڪراچي،هفته روزه اخبار جهان، 12_18 اپريل 1982ع.

(15) عنايت کبريا: ”حرف وفا“ اسلام آباد 1982ع.

هالي ڊي ان هوٽل اسلام آباد ۾ 22 مئي 1982ع تي راشدي صاحب بابت هڪ ادبي رفرنس ٿيو. ان ۾ هي مختصر مضمون پڙهيو ويو ۽ 4 صفحن تي ڇپائي تقسيم پڻ ڪيو ويو.

(16) عارف نوشاهي: ”وفات پير حسام الدين راشدي“ مجله آينده، تهران، سال 8 شماره3_4 خرداد_تير، 1361ش (1982ع).

ص ص257_258 تي راشدي صاحب جو ذڪر ملي ٿو.

(17) عارف نوشاهي: ”کرنامهء سيد پير حسام الدين راشدي “ مجله آينده، تهران، سال 11،شماره نامعلوم، بهمن 1363ش (فيبروري 1983ع).

ص ص 843_849 تي راشدي صاحب جي فارسي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

(18) ڊاڪٽر سيد اسلم: ”رمز شناس شخصيت_ پير حسام الدين راشدي“ ڪراچي، هفته روزه ’اخبار جهان 11_7 اپريل 1983ع.

(19) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ” سندهي ادب کي مختصر تاريخ“ اردو ترجمه حافظ خير محمد اوحدي، ڄامشورو،انسٽيٽيوٽ آف سندهالاجي، 1983ع.

ص 437 تي پير صاحب متعلق تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي.

(20) اعجاز الحق قدوسي: ”تاريخ سندهه“ ، جلد سوم، لاهور، مرکزي اردو، بورڊ، 1984ع.

ص ص 291_ 292تي راشدي صاحب جو ذڪر آهي.

(21) نصرالله خان: ”کيا قافله جا رها هي“ شخصي خاکي، ڪراچي، مکتبه تهذيب وقت، 1984ع.

ص ص 78_81 تي پير صاحب متعلق خاڪو ملي ٿو.

(22) وي. ايف، آگئيف: ”سندهه _ تاريخ کي آئيني مين“ اردو ايڊيشن: ڊاڪٽر محمود صادق، ڪراچي، مکتبه دانيال، 1989ع.

اصل ڪتاب روسي زبان ۾ آهي. ص 465 تي راشدي صاحب جو ذڪر ڪيو ويوآهي.

(23) رضا علي عابدي: ” کتب خانه“ ڪراچي، سيد پبليڪيشن، 1985ع.

ص 32۽ ص 109 تي راشدي صاحب جي ڪتب خاني جو ذڪر آهي. اصل ۾B.B.Cلنڊن تان 1982ع ۾ ’ڪتب خانه‘ عنوان سان پروگرامن جي هڪ سيريز نشرٿي هئي. رضا علي عابد وڏي محنت سان ننڍي کنڊ جي ذاتي ۽ قديم ڪتب خانن جو سروي ڪيو آهي.

(24)ڊاڪٽر محمد رياض ۽ ڊاڪٽر صديق شبلي:”فارسي ادب کي مختصر ترين تاريخ“ لاهور، سنگ ميل پبليکيشنز 1978ع.

ص 225۽ 249 تي فارسيءَ لاءِ پير صاحب جي ڪيل خدمتن جو ذڪر آهي.

(25) اعجاز الحق قدوسي: ” ميري زندگي کي پچهتر سال“ ڪراچي، 1988ع.

ص ص 161_164 تي راشدي صاحب جو احوال آهي.

(26) ممتاز مفتي: ”صاحب دل حسام الدين راشدي“ اسلام آباد، اديبات (سه ماهي) اپريل جون 1988ع.

ص ص 170_175 تي تفصيلي خاڪو ملي ٿو.

(27) ڊاڪٽر صفيه بانو: ” پير حسام الدين کي نام کچهه خطوط“ جيڪب آباد، کاروان جمهوريت _)مخزون) 1989ع.

ص ص66_ 68 تي خط ملن ٿا.

(28) ممتاز مفتي:” اور اوکهي لوگ“ لاهور،فيروزسنز لميٽڊ، 1991ع.

ص ص 232_239 تي پير صاحب بابت خاڪو شامل آهي.

(28) روشن آرا بيگم: ” پير حسام الدين راشدي ايک عهد ساز شخصيت“ ڪراچي، ماهنامه اظهار_ مارچ اپريل 1991ع.

(29) ڊاڪٽر انور سديد: ”پاکستان مين ادبي رسائل کي تاريخ“ اسلام آباد، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان 1992ع.

راشدي صاحب متعلق ص ص 72 100. 160۽214 تي حوالا آهن.

(30) عارف نوشاهي: ” تذکره شعراءِ کشمير مـﺆلف اصلح ترتيب متن سي متعلق چند گذارشات“ شعبواردو،

ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي، مجله تحقيق شماره 6،سال 1992ع.

راشدي صاحب جي ايڊٽ ڪيل ”تذڪره شعراءِ کشمير“ (اصلح مرزا)، طبح 1947ع تي هي هڪ علمي تنقيد آهي.

(31) نانک رام: ” نابغئه روزگار_ پير حسام الدين شاهه راشدي“، روزنامه جنگ‘ مڊويڪ ايڊيشن آڪٽوبر 20_26، 1993ع.

(32) سيد مصطفـﻰ علي بريلوي (عليگ): .پير حسام الدين راشدي سيد الطاف عيل بريلوي خطوط کي روشني مين“، ڪراچي، آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس، سه ماهي ’العلم‘ نمبر 1993ع.

ص ص12_22 تي هي مضمون موجود آهي.

(33) ڊاڪٽر وفا راشدي: ” اردو کي ترقي مين اوليائي سندهه کا حصه“ لاهور، مغربي پاڪستان اردوا کيڊمي، 1994ع.

ص ص 585_590 تائين راشدي صاحب متعلق ذڪر آهي.

(34) ڊاڪٽر غلام مصطفـﻰ خان :” تڪملئه مقالات الشعرا_ تنقيدي و اضافي معلومات“ شعبو اردو، ڄامشورو،

تحقيق، سنڌ يونيورسٽي، نمبر 8_9، سال 94_ 1995ع.

راشدي صاحب جي ايڊٽ ڪيل ”تکمله مقالات الشعرا“ (مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي) طبح 1958ع تي تنقيدي تبصرو آهي.

(35) مکتوبات بنام اختر ( قاضي احمد ميان اختر جونا ڳڙهي)، شعبو اردو، ڄام شورو سنڌ يونيورسٽي، تحقيق، نمبر 8_9 سال 1995ع.

ص ص 158_ 162 تي راشدي صاحب جا 6 عدد خط بنام قاضي اختر صاحب ڏنل آهن.

 

  

4. انگريزيءَ ۾ مواد

 

(1)     M.H. Panhwar: source Material on Sindh, Institute of Sindhology, Jamshoro, 1977. (Various books of Rashdi Sahib are mentioned.)

(2)    Pir Hussamuddin Rashdi: An interview with his friend Ghulam Rabbani Agro, Daiy ‘The Star’ Karachi April 4, 1982.

(3)    Akhtar Payami: Pir Hussamuddin- Passion for History of Sindh, Daily Dawn, (Karachi) May 13, 1982.

(4) Sayid Ghulam Mustafa Shah: PIr Hussamuddn Rashdi, (Obituary), Sind Quarterly, Karachi No. 2, 1982.

(5)     Pir Hussamuddin Rashdi (Editorial), Daily Dawn Karachi, Dated? April 1982.

(6) Habibullah Siddiqui: Education in Sind, Institute of Sindhology, Jamshoro, 1987, Some description on P.P. 259-261.

(7)    Dr. Ghulam Ali Allana: An Introduction to Sindhi Literature, Sindhi Adabi Board, Jamshoro, 1991.

        P.P. 80-82 on Pir Hussamuddin Rashdi.

(8)    Shaikh Aziz: Rashdi on Sindh, Daily Dawn, July 17,1992.

                ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ مرتب: غلام محمد لاکو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1992ع تي تصبرو آهي.

(9)    International Conference on Central Asia 1993, Souvenier: Institute of Central and West Asian Studies, Karachi University, Karachi. 1993.

        “Syed Hussamddin Rashdi, Founder of the Institute of Central and West Asian Studies” by Prof. Dr. Riazul Islam. P.P. 9-10.

(10)   Ansar Zahid Khan: Journal of the Pakistan Historical Society, Karachi, January 1995. (”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ تي انگريزيءَ ۾ تبصرو)

(11)   `20th Century Scholar` Award Conferred on Dr. Syed Hussamuddin Rashdi (Posthumous) by Kalhora Seminar Organizing Committee on the occasion of International Seminar on Kalhora Rule in Sindh, held on September 15-16, 1996, at Karachi.

        This booklet briefly highlights the life and words of Late Pir Sahib, and citation is prepared by Yaqoob ali Zardari, Secretary Kalohara Seminar Committee.

 

5. راشدي صاحب ڏانهن منسوب ٿيل ڪتاب

 

(1) ڊاڪٽر نواز علي شوق (مرتب): ”هُٻڪار“ ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي 1975ع.

هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو به نڪتو آهي.

(2) نياز همايوني (مترجم): ”ملوک الکلا،“ حيدرآباد، همايوني پبليکيشنز 1977ع.

هي ڪتاب خواجه محمد زمان جي ڪلام جوفارسي ترجمو آهي.

(3) riazul _ islam: ‘‘A  calendar of documents on indo_ Persian relations’’. Volume  I, institute of central and west asian studies, Karachi university Karachi, 1979.

(4) ماهتاب محبوب: ”جيءُ جهروڪا“ حيدرآباد ارم پبليڪيشن 1882ع.

(5) ممتاز مرزا (مرتب): ”سنڌ صدين کان “ حيدرآباد، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1982ع.

(6) ڊاڪٽر نواز علي شوق(مرتب):” ڪليات علوي“ ڪراچي، ڪافي پبليڪيشن، 1982ع.

(7) اي. جي. اتم (مرتب): ”شاهه سچل سامي:” بمبئي 1982ع.

هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ مان ’ رابيل پبليڪيشن لاڙڪاڻو‘ سال 1984ع ۾ پڌرو ڪيو. سنڌ واري ڇاپي مان انتساب خارج ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ مولانا دبن محمد وفائي جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جي مطالعو“ تي راشدي صاحب جي لکيل پيش لفظ جا ڪجهه حصا ”شاه جو ڪلام“ عنوان سان ڏنا ويا آهن.

(8) اعجاز الحق قدوسي: ” سنده کي تاريخي کهانيان“ طبع اول 1983ع.

هن ڪتاب جو ٻيو چاپو سال 1988ع ۾ نيشنل بڪ ڪائونسل آف پاڪستان پاران نڪتو آهي.

(9) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي معلم“ (اردو_ سنڌي)، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ 1984ع.

(10) عبدالقادر منگي (مرتب): ”ڀنڀور ۽ ديبل“، پبلشر غالب منصور، 1986ع.

هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ٿر پبليڪيشن مٺي طرفان 1993ع ۾ ظاهر ٿيو.

(11) غلام محمد لاکو: ” سمن جي سلطنت“ ڄامشورو پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي،1987ع.

 هن ڪتاب جو نئون ايڊيشن 1996ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.

(12) خواجه نظام الدين احمد: ”طبقات اڪبري“ اردو ترجمه محمد ايوب قادري، جلد اول، لاهور، اردو سائنس بورڊ 1990ع.

(13) Muhammad saleem akhtar  ``sindh under the mughals`` Islamabad, National Institute of  historical and cultural Research in collaboration with the department of  culture, Government of  sindh,1990.

This book is dedicated to late pir hussamuddin rashdi, Dr, riazul_Islam and M.H siddiqui.


·  ايران جي وڏن عالمن مان پروفيسر عبدالحسين زرين ڪوب سان پير صاحب جي گهري گهاٽي علمي دوستي هئي. پير صاحب جي تحقيقي ڪمن ۽سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪردگيءَ کي هن عالم، پنهنجن تبصرن وسيلي ايران ۾ گهڻو متعارف ڪرايو. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com