سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :3

فهميده شرف بلوچ

سانيٽ

اسان نيڻ پنهنجا ڪٿي هن وڃايا،

ڊُڪي ڊوڙي هر وقت خوابن جي پويان.

۽ زخمي ڪيا هٿ گلابن جي پويان،

جتي سونهن تي، ڏاڍا پهرا لڳايا.

انهن پيچرن تي رلن گيت پنهنجا،

جتي پريت ۾ روح روڳي ٿيو آ.

اداسين جي منظر تي روئي پيو آ.

جدا ٿا هتي سڀ رهن ميت پنهنجا

گهرون ڪونه هاڻي ٿا ڪي لڙڪ ڪنهن کان

اسان درد_ رستن جا سالن کان راهي،

نيڻن پنهنجن جي لئه هڪڙي منزل آ ٺاهي،

نه گهرجي خوشي ۽ نه ڪا مرڪ ڪنهن کان

اسان کي ملي پيار جي روشني آ.

انهيءَ روشنيءَ ۾ اصل زندگي آ!

 

اسلم چنا

غزل

اُڃ جون منهنجين رڳن ۾ گردشون رهجي ويون،

توکي ڀاڪرَ ۾ ڀَرڻ جون حسرتون رهجي ويون.

هيل ڀي مُرڪي. نٽائي، ڳالهه بدلائي ڇڏيئي،

هيل ڀي ڪيئي ڪهاڻيون اڻ چيون رهجي ويون.

تون ملڻ جي مهلَ ها سينڪار ٽاريندو رهئين،

نمَ جي هيٺان وڇايل اجرڪون رهجي ويون.

وقت ميساري ڇڏيون ليڪون هٿن تان بخت جون،

نانءُ تنهنجي جون مگر صورتخطيون رهجي ويون.

هِجر جي جهولن ۾ لهسي ويا اميدن جا گلاب،

ماڪ جون بوندون ڪنڊن تي سُڏڪنديون رهجي ويون.

تنهنجي گوڏي تي سُمهڻ جون مهلتون هاڻي ڪٿي؟

ننڊ ۾ ڇَرڪي پوڻ جون عادتون رهجي ويون.

موڪلاڻي مهل ساري پنهنجو سڀ سامان کڻ،

منهنجي چهري تي اڃا تنهنجون چُميون رهجي ويون.

   

رخسانه ”پريت“ چنڙ

غزل

نينهن هو، نروار ٿي پيو،

ڪيئن پڌرو پيار ٿي پيو.

سهڻي بڻجي مان لڙهي پيس،

پر نه هو ميهار ٿي پيو.

منهنجو ٿيو هڪ سور ساٿي،

توسان گڏ سنسار ٿي پيو.

هو جڏهن ٿيو همسفر مون،

سارو گس هموار ٿي پيو.

پيار جو بي انت برسيو،

نيٺ اڄ اقرار ٿي پيو.

سوچ کي اگني لڳي ڪيئن،

هر ڪو منطر ڇار ٿي پيو.

 

ضمير ڦل

سوچ جا اُجرا پکي

 

ذهن جي هر لام تان،

سوچ جا اُجرا پکي،

پيا اُڏاريون صبح شام

جيئن ڪينجهر تي لهن ٿا

سائيبيريا کان اَچي

هر سال پرديسي پکي

ايئن ٿا لهندا رهن سي

ڪنهن جي اکرين مان اُڙهل

لڙڪ جي هر ڍنڍ تي

يا روي آڪاس ۾ ئي

کنڀ کنڀ بڻجي پرين!

سوچ جا اُجرا پکي

روز رتوڇاڻ ٿي

 درد جي صحرا مٿي

پيا ڪرن ٿا صبح شام

سال جون مندون سڀئي

ڏينهن جا مڙئي پهر

ديس جا سارا شهر

ڳوٺ واهڻ وستيون

ايئن لڳن ٿيون بيقرار

جيئن سمنڊ جون ڇوليون

جن مٿان پيارا پرين!

سوچ جا اُجرا پکي

پيا اڏاريون صبح شام

 

گؤري ولڀ

هي اڄ دل ۾

ڪهڙو غبار اٿيو آ

ڪا ڳالهه سمجهه ۾

نه ايندڙ آ

هڪ ڌنڌ آهي

هر شيءَ تي ڇانيل

سڀ چهرا اجنبي اجنبي

ڀاسين ٿا

هر چهرو ڊيڄاريندڙ لڳي رهيو آ

 

ڪرم ٽالپر

غزل

 

سُڏڪا سارون آهي جيون.

پرت پُڪارون آهي جيون.

خواب، خوشيون ۽ کلڻ نه آهي،

لُڙڪَن لارون آهي جيون.

لوچڻ، ڀوڳڻ، جتن ۽ جذبو،

سوچ، سنڀارون آهي جيون.

من مطلب لئه دليون ٽوڙڻ،

پوءِ ته ميارون آهيِ جيون.

ڇڄڻ رُسڻ جي وير ڪٿي آ،

پيار پچارون آهي جيون.

جيت به ارپي، جيڻ ٻين لئه،

اهڙيون هارون آهي جيون.

چنگ نه چورين چُپ ڇو چارڻ؟

تند تنوارون آهي جيون.

داڻي پٺيان دام نه ڦاسج،

عرش اڏارون آهي جيون.

تون ڪيئن ٻين جا ڦٽ اکيڙين،

دردن دارون آهي جيون.

ڇَنَ پراڻي من ڪرم آ،

ڦارون ڦارون آهي جيون.

 

نجمه پنهور

غزل

ڪوئي ڪنهن کي ڪيئن سنڀاري ٿو،

هر لمحو ٻئي لمحي کي ماري ٿو.

سارا سپنا ۽ خواب پٺيان ڇڏي آيس،

هي اڳيان ڪير مون کي بيهاري ٿو.

پنهنجي ليکي ته سڀ گڏ هلون ٿا پيا،

ڪير ڪنهن سان گڏ ڪٿ گذاري ٿو.

سال گذري ويا مون کان وسري ويو،

ڪلهه مليو ته هو مون کي ساري ٿو.

ٽهڪ تي ٽهڪ ورهائڻ وارو،

پاڻ لڙڪن سان گڏجي گهاري ٿو.

 

روبينه ابڙو

غزل

 

توڙي جو پَنڌُ پَهاڙن جو،

ڇو سوچين ساٿَ سَهارن جو!

ڪو ڪنهن جو ڪيئن ڀلا ٿيندو،

هُو چَنڊُ نه آهي تارن جو!

ڇو موکي مَٽَ ڇڏيئي هاري؟

ڇا ٿيندو هاڻ اُڃارن جو!

هُو ورهن کان پوءِ وانڍ وريو،

ڄڻ ڀاڳُ کُلي پيو چارن جو!

هُئي جِن جي سڪَ سَدا توکي،

اَڄُ خيالُ نه تن ئي پيارن جو!

هُو پاڳل نيڻَ اُجهامي ويا،

ڇا ٿيندو هاڻ نظارن جو؟

هر طرف سياست جون ڳالهيون،

ڄڻ واءُ گهُليو آ نعرن جو!

اچ، اوسيئڙي جي مُند کڻي،

آيو آ جهولُ بهارن جو!

بس تِکَ منجهاران ترندي رَههُ،

تون سوچ نه اڄ ڪنارن جو!

 

رکيل مورائي

غزل

 

سُڏڪي سُڏڪي سَرورُ پاتوسين،

هڪُ نئون دوست سورُ پاتوسين.

موت جي بيڪنار وادين مان،

زندگيءَ جو شعورُ پاتوسين.

ڇا ته توسان خُداءِ سَندمُ نسبتَ،

نُورُ ڏيئي به طورُ پاتوسين.

جو هُيو سڀُ ته توکي ارپيوسين،

موٽَ ۾ ڏک ضرور پاتوسين.

قافلا ڌُنڌ ۾ ويا گُم ٿي،

ماڳ ڪيڏو نه ڏور پاتوسين.

 

ٿيرو هيوُ ميٿا

سنڌيڪار: ولي رام ولڀ

ڪجهه تامل نظم

 

اُداسين جا گل

 

اُهي پنهنجون ڪوتائون تڏهن رچين

جڏهن تهوار اچن

اسان پنهنجون ڪوتائون رچيون

ته تهوار اچيو وڃن

 

پهريون پيار

 

 خط مُڪم

ته هتان هُتان رُلندو

بي سونهون، بي معرفت_

نيٺ اچي مليو

انهيءَ نڀاڳي سرنامي ۾ ئي

ڪا غلطي هئي.

 

امن

 

اوهان اجهو هاڻي

اُداسيءَ جا گيت ٻُڌا

جيڪي ويٽنام ويو لينٿ ٿان

نشر ڪيا ويا

جيستائين اهي ساڳيا دُک ڀريا گيت

ٻي ويوَ لينٿ تان نشر ڪريون

تيستائين

سڀني ٻڌندڙن کي خدا حافظ

 

منظر

 

جيستائين اکيون رُڌل آهن

ٽهڪندڙ تارن سان کيڏڻ ۾

او آڱريون

دريءَ جي سيخن ۾ تيستائين

آرام سان ته وهو

 

وڻ

 

ڪنهن ويڌي ڪئي آهي

هن عجيب شيءَ سا؟

هر پاسي

سندس ڇُڙيل ۽ پٽيل وارن سان

اهو ڇا ٿي ٿو سگهي...

ڇو_

اهو ڇا ٿي ٿو سگهي

جو هو اوساري رهيو آهي؟

جيڪڏهن اسان هوا جي زبان ڄاڻون ها

ته جيڪر اسان پڇي سگهون...

 

پشپا ولڀ

دان

 

شهر ۾ ڪيڏا ڪُتا ڀؤنڪندا آهن،

ڪنهن کي انهن جو خيال نه ٿئي

انهن کي به بُک لڳندي هوندي

بُک کان

هو هڪ ٻئي جو گوشت

ڇيڇاڙڻ لاءِ تيار هوندا

پر منهنجي ڳوٺ جون مايون

من جون رڳو گائيون

ماني پچائيندي

هڪ لولو ڪُتي جو

اوس پچائينديون آهن

ڄڻ هجي ڪو هنن جي گهر جو ڀاتي

در تي بيهي

”ڪور ڪور، ڪنديون

ته سڀ ڪتا هنن جي چوڌاري

اچي گڏ ٿيندا

ڄڻ اهي ڪي ديويون آهن

دان ڪري رهيون آهن

تڏهن خيال آيو

منهنجي ڳوٺ جا ڪُتا

ڇو نه ڀؤ نڪندا آهن.

 

رمضان نول

وڃايل شخص

 

لهندڙ سج جون شامون،

هر روز مون کي روئارين ٿيون،

رات جي ڪک ۾ نينهن جا ڏيئا.

جڏهن ٻريا هئا،

کڙ کٻيتي ڏُور کان اکيون هنيون هيون،

هر هير ۾ هڪ هڳاءَ مليو هو.

بهار ته گهُري نه هيم،

مون ته رڳو چاهتن جي شيش محل ۾ پاڻ ڳوليو هو،

هر شيشي جي ٽڪڙي مون تي ٽهڪ ڏنا هئا.

منهنجي اَندر ۾ مايوسين سان جاڳي پيو هو،

قسمت جي بند درن کي کولڻ لاءِ،

مون تنهنجي پيرن جي مٽي کنئي هئي،

۽ پوءِ اُن مٽي جي مهڪ تي هلي پيو هئس،

جتي تنهنجا قدم پيا هئا،

اها منهنجي منزل هئي،

مان ته وڃايل ٻار جيان هئس.

جنهن جي ڳولا ڪنهن نه ڪئي،

شايد تنهنجي ياد ۾ پاڻ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هيم،

آءَ ائين هلي پيو هئس،

رستا، چوواٽا، گهٽيون ۽ ڏاڪڻيون سڀ ڄڻ ته ڄاتل هئا،

۽ پوءِ تنهنجي دل جي در تي دستڪ ڏني،

در کليو، مُرڪ ۾ ٻڏي ويون پنهنجون گهڙيون،

پوءِ يادن جي شوڪيس ۾ تنهنجي تصوير سجائي ڇڏيم،

اُن آس سان ته،

سج جي لهندڙ پاڇن سان،

تون مون ڏي ايندينءَ

۽ ڪو وڃايل شخص لڀي پوندو.

*

قيهر انصاري

پهرين شام خزان جي

پاڇن پويان ساهه کنيا ها

شامَ دکي پئي سنڌؤ ۾_

ديوارن جي ڪچي مٽي،

ڀانءِ ته جنهن کان پياسي هئي.

ايندڙ موسم جي آڌر ۾

سُڪل لوهه_ ڪڙا ۽ سڀئي

ڪاٺيءَ جا دروازا چپ ها_

شايد منهنجي اکين جهڙي

پهرين شام سرءُ جي آئي

آئي، شام سرءُ جي آئي

 

ڏينهن_ چتا ۾ ڪجهه ٽانڊا ها

سانجهيءَ رک منجهاران پنهنجي

اندر جا آڙاهه سجائي

ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي من ۾

دکي، دکي ڪا باهه لڳائي

پنهنجو پاڻهي گم ٿي ويا ها

وڻ جي ٽاري خالي هئي ۽

مَن جي ٽارَ به خالي هئي.

 

ڏينهن جي چوويهه ڏاڪن اندر

هر ڏاڪي ايذاءُ نئون هو

پنهنجي جسم جي هر حصي جي

لهوءَ جي هر قطري جو پنهنجو ساءُ نئون هو

 

بوجهل بوجهل شام سرءُ جي ائين آئي آ

ڏهين محرم شام پڄاڻان ڪا خاموشي

جيئن ڇانئي آ

 

غلام مصطفيٰ ”گدا“ کوسه

غزل

نينهن ناتا ۽ قربتون به ويون،

يار ياريون محبتون به ويون.

ڪنهن سان گڏجي کلڻ به وسري ويو،

ڪنهن لئه روئڻ جون عاتون به ويون.

ڪنهن کي چيڙائي خوش ٿيڻ پنهنجو،

دوست پنهنجون سي راحتون به ويون.

نئين ڏهاڙي نئون ٿو غم ماري،

زندگي جون حسين رُتون به ويون.

سو رسڻ پرچجڻ به وسري ويو،

وسري شڪوا شڪايتون به ويون.

شام ويلي اوهان جون سارون ۽

انتظاري جون فرصتون به ويون.

عشق وسري ويو پيٽ جي غم ۾،

ڪنهن کي پائڻ جون حسرتون به ويون.

ڪنهن جي لاءِ مرڻ جا قول ”گدا“،

ڪنهن لئه جيئڻ جون چاهتون به ويون.

 

بخت عابد

غزل

 

هوءَ هوا جي جهوٽي وانگر،

منهنجي سيني ساڻ ملي وئي.

دل جي ٿرتي بادل برسيا،

من ڪوماڻي مُکڙي کِلي وئي.

تنهنجي منهنجي پيار جي خوشبو،

ڳوٺ نگر ۾ آهي گهُلي وئي.

هن جي آئي من جيون ۾،

چاهت جي نئين جوت جلي وئي.

پيار جي ساگر بڻجي هوءَ اڄ،

منهنجي رڳ رڳ ساڻ رلي وئي.

منهنجي ٻانهن منجهه اچڻ سان،

دنيا ساري آهي ڀُلي وئي.

 

سعيد سومرو

غزل

 

پريت جي ڳوٺ جا پيچرا ها تتل؛

مان نه گذري سگهيم گيت ڳائي غزل.

هن وڌو خط ردي جي دٻي ۾ جڏهن؛

ڪين روڪي سگهيو، لڙڪ پنهنجا جهليلَ.

تون ڏسين ٿو اڳي، هي ڇڳل ئي جُتي؛

پر اٿئي ان جيان دل به پنهنجي ڇڳل.

شهر هڪڙو ڏنو، گهاءُ گهرو وري؛

دک ۾ اکڙيون هيون ڳوٺڙي جون ڀنل.

راتڙي چنڊ جي ڀاڪرن ۾ سُتِي؛

دربدر ٿي ويو ڏينهڙو ڇو مٺل؟

هاڻ ٻيڙي ملڻ جو نٿي ڪا اچي؛

ڄڻ ڪناري جي من ۾ آ بڙڇي لڳلُ.

لهرَ جي نظم ۾ سي ڪيئن گم ٿين؟

ساحلن جا غزل جن جا آهن ٻڌل.

جيستائين ڏسن نيڻ تنهنجا نٿا؛

سعيد جي سونهن ۾ ناهي ايندو اڇل.

 

روشن سندر چانڊيو

غزل

يار سمورا رُسي ويا آهن،

روح جا رشتا ٽُٽي ويا آهن.

حال اهڙا هي ڏسي پرين پنهنجا،

راهه ۾ مون کي ڇڏي ويا آهن.

ڏات ڏکويل جي ازل کئون آهيون،

ماڪ ڦڙا گل چُمي ويا آهن.

هاڻي وفا ڀي نڪي دوستن ۾،

زخم وري اڄ کُلي ويا آهن.

سار نٿا ڇو لهو وري سهڻا،

جگر ته هاڻي جلي ويا آهن.

حال اچي ڏس سندر جو دل سان تون،

ڏينهن سمورا کُٽي ويا آهن.

 

 

مانجهي

غزل

 

ڀَري جهول پنهنجا ادائون کڻي آ،

سموريون خدا جون خدايون کڻي آ.

سَماڻي جُئاڻي وَراڪا وڄن جا،

اکين يار آگم گهٽائون کڻي آ.

اوهان بن اسان جي اکين ۾ انڌيرا،

سجائي صدين جون سُهايون کڻي آ.

ڊگهو رڻ وڇوڙي، تتي يار واري،

وري ساڻ ڇپرون ڪي ڇانئون کڻي آ.

وري اچ ته واريءَ گهرڙا بڻايون،

وري ننڍپڻ جون نگاهون کڻي آ.

اسان لئه بهارون نه بچيون ته ڇاهي؟

اهي ئي اسان لئه خزائون کڻي آ.

لڳي ٿو جفائون ڪري تون ٿڪي آن،

چڱو هاڻ ٿوريون وفائون کڻي آ.

 

ٻاجهي خان لغاري

غزل

 

چنڊ جي چانڊاڻ تنهنجي سونهن آ،

هي سڄو مهراڻ تنهنجي سونهن آ.

زندگي ويران ساري هئي اڳي،

زندگي ۾ هاڻ تنهنجي سونهن آ.

ٻيا نظارا ڇا ڪبا توکان سوا،

هي دنيا ئي پاڻ تنهنجي سونهن آ.

هي حياتي يارٿي صحرا لڳي،

ٿا جيئون جنهن ڪاڻ تنهنجي سونهن آ.

روشني جي ڪا ضرورت ڪانه آ،

ڇو ته مون سان ساڻ تنهنجي سونهن آ.

ڇا ڪيان واکاڻ تنهنجي سونهن جي،

پاڻ ئي واکاڻ تنهنجي سونهن آ.

 

زوار نقوي

نثراڻو نظم

 

مان تنها ويا ڪل ويا ڪل آرٽس فيڪلٽيءَ آڏو،

بيد مشڪ جي وڻ هيٺان بيٺو سوچيان:

ڪالهه هتي لوڪ کان لڪي ملندا هئا سين،

پکين جي ٻولي ٻڌندا هئا سين،

گيت لکندا هئا سين،

ساڳيا ڪاريڊور، ساڳيا رستا،

جن تي هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندا هئا سين،

تنهنجي شهر جا چهرا، رهيا ساڳيا چهرا،

اسان جي اکين جي صليبن ۾ لٽڪيل سپنا، سپنا ئي رهيا

ڪئين ڏينهن لڙيا ۽ شامون آيون

سورج ڪيترائي ڀيرا ڌرتي کي ڇُهي

گم ٿيندو ويو، اُڀرندو رهيو، وقت گذرندو ويو،

۽ تون به ائين پراڻي ياد ٿي وئين.

وقت جو ڦيٿو

تاريخ جي صفحن تي

پنهنجو ليڪو ڇڏي گذري ويو

آڪاس جي ڇٽ تان ٽٽل تاري جيان

تنهنجو هٿ منهنجي هٿ کان ڇڄي ويو

من جي رُڃ ۾ روح رڙي پيو

وڇوڙي جي وير

عشق جي عبادتگاهه کي لٽي ڇڏيو

ڪوبه نانءُ نه رهيو، ڪوبه نشان نه رهيو

تنهنجي منهنجي پيار جو

ورهين پڄاڻان بسنت رُت ۾

هوا جي ڪنهن جهونڪي سان،

تنهنجي لعل گلابي لبن منهنجو نانءُ ائين اُتو هو

جيئن ايٿوپيا ۾ بک وگهي

ڪنهن ٻالڪ هڏڪي ڏئي پنهنجي ماءُ کان موڪلايو هو

 

نياز پنهور

پُڇا

 

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته

هن کان پري

حياتي گذاري به سگهندين يا نه،

اگر لڙڪ آيئي اکين ۾ لهي،

ته ڳوڙها لڪائي به سگهندين يا نه،

 

ڪنهن  پڇيو ڪونه مون کان ته

هن کان پري

تنهنجي شعرن جا عنوان هوندا ڪهڙا

اگر شعر رچي نه سگهئين ته پوءِ

تنهنجي جيئڻ جا امڪان هوندا ڪهڙا

 

ڪنهن پڇيو نه مون کان ته

تون اوچتو

ڪندي ڳالهه چپ ڇو ٿي ويندو آهين

اکيون تنهنجون آليون ڇو ٿينديون آهن،

خلائن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ،

يڪوئي پيو اوڏي تون ڏسندو آهين

 

ڪنهن پڇيو ڪونه مون ته

هوءَ اوچتو

اگر تنهنجي سامهون اچي ڀي وڃي

ته تون پنهنجي دل جي سڄي ڪرب کي

پيارا لڪائي به سگهندين يا نه؟

۽ پنهنجي پاڻ کي ڪو دوکو ڏئي

مون سان نگاهون

ملائي به سگهندين يا نه،

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان،

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان.

 

 

عزيز ڪنگراڻي

غزل

 

وڇوڙو ونگ آ جاني،

وڇونءَ جو ڏنگ آ جاني.

ڏکن ۾ ٽهڪون مُرڪون ٿا،

جئڻ جو ڍنگ آ جاني.

ڏنو تنهنجن ڳلن ڳاڙهن،

شفق کي رنگ آ جاني.

مون کي سرهاڻ آڇيندو،

تنهنجو انگ انگ آ جاني.

حسن جو ڇيهه ڪونهي پر،

توکان پوءِ دنگ آ جاني.

عقل ۽ عشق ۾ هلندڙ،

جُڳن کان جنگ آ جاني.

هوا ۾ ڪڻڪ جو لڏندڙ،

سُنهري سنگ آ جاني.

حسن تي عشق جو رهندو،

سدائين ننگ آ جاني.

اڪيلائي ۾ چاهت جي،

چپن تي چنگ آ جاني.

پئي گذري، متان سمجهين،

حياتي تنگ آ جاني.

 

 

ناصر چاچڙ

غزل

 

توبنا جيون گذارجي ويندو،

عڪس دل تي ٻيو اتار جي ويندو.

سڪ سنديسو جڏهن ڦهليو جڳ ۾،

پوءِ هي انياءُ ڌڪارجي ويندو.

عشق اهڙي راهه ٿو ڏسي سڀ کي،

جوبه گذري ويو. نکارجي ويندو.

ڪيستائين اک ۾ اٽڪيل رهندو؟

ڳوڙهو آخر ته هارجي ويندو.

تاريخ تنهن کي امر بڻائيندي،

ظلم ڌاران جو به مارجي ويندو.

جستجو سان پيار جنهن رکيو ”ناصر“

هر سمو تنهن جو سنوارجي ويندو.

 

خليل عارف سومرو

گيت

ديپ ٻرندو رهي، ٻيو انهيءَ مان ٻري،

روشني، روشني، روشني ٿي کپي.

لاٽ مان لاٽ ٻاري ڪجن روشنيون،

ٻاٽ کي جوت سان پاڻ بدلائيون،

گگهه انڌيري منجهان ٿي سُهائي وڃي.

روشني روشني، روشني ٿي کپي.

چنڊ تارا هجن، اُڀ تي چمڪڻ لڳن،

رنگ ۽ روپ سڀ روشنين جا هجن،

ٻاٽ ۾ واٽ ڪا ڪين منجهيل هُجي،

روشني روشني، روشني ٿي کپي.

رات ڪاري سندو آ پڇاڙي پهر،

باک پوندي ڦُٽي ڄاڻ ٿيندي سحر،

آس عارف اها، سج اُڀري اچي،

روشني روشني، روشني ٿي کپي.

ديپ ٻرندو رهي، ٻيو انهيءَ مان ٻري

روشني روشني، روشني ٿي کپي.

 

نارائڻ راج پانڊي

مترجم: پروفيسر سليم سهتو

هر رات جو هڪ خواب

اوندهه ۾ روشني جو خوابُ

سڪون ۾ سچائي جو خوابُ

ها_ خواهشون گهڻيون آهن

جيڪي خوابن ۾ پوريون ٿي وينديون آهن

سکڻا پيٽَ آهن ۽ خوابَ آهن

اُگهاڙا جسم آهن ۽ خواب آهن

گهَرَ اوندهه سان ڀريل آهن

چَهرنَ تي ۽ ذهنن ۾ اوندهه آهي

رڳو خوابَ ئي خوابَ آهن ۽ ڪجهه نه

ڇا ڪو قانون آهي؟

ڇا ڪو ضابطو آهي؟

مون کي ٻڌايو

ڇا خوابَ ڏسڻ واقعي غير قانوني آهي

 

زاهد پٻڙ

غزل

 

درد کي دل سان لائي وڃبو،

محبت کي مهڪائي وڃبو.

تنهنجي ياد سهاري جاني،

جذبن کي جرڪائي وڃبو.

دل جي پريم نگر ۾ ساجن،

تنهنجو پيار وسائي وڃبو.

نفرت جي طوفانن آڏو،

پيار جو ديپ جلائي وڃبو.

جسين دم ۾ دم آ دلبر،

توسان نينهن نڀائي وڃبو.

عشق امر اڳواڻ اسان جو،

ڏونگر کي ڏهڪائي وڃبو.

هر هر پاند ڳچيءَ ۾ پائي،

پنهنجن کي پرچائي وڃبو.

تنهنجي دل جي دفتر ۾ پر،

زاهد نانءُ لکائي وڃبو.

 

ساوڻ سنڌي

وائي

 

هيل نه وٺا مينهن، آيا ڏڪر ڏينهڙا

ماروئڙن جي ماڳ سين،

هاڃا نه ڪجن هيئن،

هيل نه وٺا مينهن، آيا ڏڪر ڏينهڙا.

ايندين ڪڏهن آڙنگ تون،

لاتئه ڏاڍا ڏينهن،

هيل نه وٺا مينهن، آيا ڏڪر ڏينهڙا،

سگهو ور ساوڻ تون،

مٿان ٽٽي نينهن،

هيل نه وٺا مينهن آيا ڏڪر ڏينهڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com