سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :24

_ تاج جويو

 

سنڌي ادبي بورڊ ۾ انتظامي تبديليون

______________________

سنڌي پريس جا رايا

 

 

آواز خلق نقاره خدا است

________________

خلق جو آواز خدائي نغارو آھي

(فارسي پھاڪو)

 

سنڌي ادبي بورڊ ۽ آخري اميد

(ايڊيٽوريل)

سنڌي ادبي بورڊ ايمپلائيز يونين، بورڊ جي نئين چيئرمن جناب محمد ابراھيم جويي ۽ سيڪريٽري جناب غلام رباني آگري جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. ان موقعي تي جويو صاحب، رباني کي اجرڪ پارائي رھيو آھي. ٻنھي ڄڻن پنھنجن تقريرن ۾ ملازمن کي چاھه،اتساھه، محنت ۽ ذميواريءَ سان اداري جي خدمت ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ کين پنھنجي ھر ممڪن مدد ۽ سرپرستيءَ جو يقين ڏياريو.

 

سنڌي ادبي بورڊ ۽ آخري اميد

(ايڊيٽوريل)

سنڌ جي حڪومت سائين ابراھيم جويي کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪري ھڪ اھڙو فيصلو ڪيو آھي جو اکين ۾ اميدن جا ڏيئا ٽمڪي اٿيا آھن، ته شايد اسان جو اھم علمي ادارو ھاڻي بچي پوي! جناب ابراھيم جويي کان بھتر ماڻھو ملڻ ڏکيو ھو ۽ اھا به جويي صاحب جي مھرباني آھي، جو ھُن ھِن عمر ۾ ”جھاد“ڪرڻ قبول ڪيو آھي. سنڌ جي علم ۽ ادب دوست حلقن کي سچ پچ ته جويي صاحب مان وڏيون اميدون آھن، جنھن ماضيءَ ۾ به ھن اداري کي پنھنجي رت ۽ سَت سان جواب ڪيو ھو.

ابراھيم جويي صاحب ھن تباھه ٿيل اداري کي ٻيھر فعال ۽ بامقصد ڪري ورتو. ته سنڌي قوم تي سچ پچ ھڪ ٻيو احسان ڪري ويندو ۽اسان سمجھون ٿا ته سنڌ جا سمورا علم ۽ ادب دوست جويي صاحب کي ھي ادارو بچائڻ جي ڏس ۾ ”آخري اميد“ سمجھون ٿا. جيڪڏھن جويو صاحب ھن اداري کي بچائي نه سگهيو تڏھن به اڳواٽ ئي خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ان ۾ جويي صاحب جا هن جهاد ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندا. اسان سچ پچ ته جويي صاحب جي ڪابه ڪوتاھي ڪانه ھوندي. ڪُن ۾ ڦاٿل ٻيڙيءَ کي ٻاھر ڪڍي ڪناري تي لڳائڻ ڪو معمولي ڪم ته ڪونه آھي، خاص ڪري ان وقت جڏھن ٻيڙيءَ جا تختا تختن کان ڌار ٿيل ھجن ۽ ان تي بار به گهڻو ھجي!

ھن اھم ذميواري سنڀالڻ جي موقعي تي ابراھيم جويي صاحب کي فقط ھڪ ڳالھه ياد ڏيارڻ ضروري آھي ته سنڌي ادبي بورڊ بنيادي طرح ھڪ اھڙو ادارو آھي جنھن کي سنڌي ادب کي ھٿي ڏيڻي آھي. اداري کي لڳ ڀڳ اھو ئي ڪم ڪرڻوآھي جھڙو سندس اڳئين دور ۾ ان اداري ڪيو ھو. اسان کي سنڌيءَ ۾ بھترين ڪتابن جي گهڻائي گهرجي، چاھي اھي سنڌيءَ ۾ لکيل ھجن يا اھي عالمي ادب جا چونڊ ترجمان ھجن. اسان جي آڏو ڪجھه نجي اشاعتي ادارا به آھن، جن جي ڪارڪردگيءَ گذريل سالن ۾ ھر صورت ۾ بورڊ جي ڪارڪردگيءَ کان بھتر رھي آھي، توڻي جو بورڊ وٽ ساڳئي ڪم لاءِ لشڪر ڀرتي ٿيل آھي. اسان چاھينداسين ته سنڌي ادبي بورڊ انھن نجي ادارن سان اشاعتن جي مقدار ۾ معيار جي ڏس ۾ نه رڳو مقابلو ڪري، پر اڳ ڪڍي وڃي ۽ پنھنجي وڃايل ساک موٽائي وٺي.

سنڌي ادبي بورڊ جي باقي ٽيم، چاھي اھا بورڊ آف گورنرس جي صورت ۾ آھي، يا باقاعدي ملازمن جي صورت ۾ ، انھن لاءِ پڻ ھي آخري موقعو آھي ته ھو اداري کي بچائڻ لاءِ جيڪي ڪري سگهن ٿا سو ڪن، يا خاموشيءَ سان پنھنجين ذميوارين تان ھٿ کڻي وڃن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن ابراھيم جويي جھڙو سنجيدو، محنتي، مخلص، تجربيڪار ۽ بي داغ ماڻھو به ناڪام ٿي ويو، ته پوءِ سنڌي ادبي بورڊ تي ”قُل“ پڙھڻا پوندا.بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي عھدي تان طارق عالم ابڙي جي استعفيٰ جي خبرحساس اديب جو تڪڙو رد عمل محسوس ٿئي ٿو. جويو صاحب شفيق انسان آھي ۽ اداري جو مفاد ان ۾ آھي ته ننڍڙن ڳالھين کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. بورڊ ۾ بھرحال، ڊسيپلين جو ھئڻ ضروري آھي، جنھن کان اصولي طرح ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي.

 

  

 

غلام رباني آگرو سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌي جي برک ڪھاڻيڪار، دانشور ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪارن مان ھڪ، جناب غلام ربانيءَ سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري ٿيڻ جي آڇ قبول ڪئي آھي. اھڙي آڇ ڪالھه سنڌي ادبي بورڊ جي نئين چيئرمن محمد ابراھيم جويي جي صدارت ۾ ٿيل بورڊ آف گورنرس جي اجلاس ۾ ڪئي وئي ھئس.

اجلاس ۾ بورڊ جي ملازمن کي عيدالفطر جي موقعي تي مناسب مالي امداد ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ۽ نوان سنڌي ڪتاب ڇپرائڻ ۽ مالي حالت بھتر بنائڻ لاءِ ڪيترن ئي رٿائن جو پڻ جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ جويي صاحب جي چيئرمن طور مقرري جي آجيان پڻ ڪئي وئي. (26_ جنوري 1997ع)

*

 

ادبي بورڊ جي ملازمن پاران غلام رباني جي آجيان

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي بورڊ ايمپلائيز يونين جي صدر علي نواز ڪيھر ۽ جنرل سيڪريٽري رفيق جماليءَ نئين سيڪريٽري غلام رباني آگري جي مقرريءَ جي آجيان ڪئي آھي ۽ اميد ظاھرڪئي آھي ته ھو بورڊ جي بھتري لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

ھنن چيو ته رباني صاحب پنھنجي عمر جو وڏو حصو بورڊ ۾ خدمت ڪندي صرف ڪيو آھي. ان ڪري بورڊ ۽ ملازمن جي مسئلن کي صحيح انداز ۾ سمجھي ٿو ۽ اسان کي يقين آھي ته سندن صلاحيت سان بورڊ پنھنجي ساڳئي اوج تي پھچندو. (29جنوري 1997ع

 

 

جھڙو پنھون پاڻ ، تھڙي سٽاءُ ساٿ جي

(سنڌي ادبي بورڊ جي خوش بختي)

سنڌ جي نامياري ڏاھي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار جناب محمد ابراھيم جويي جي چيئرمن طورمقرري کان پوءِ ھاڻي سنڌ جي برک دانشور ۽ بورڊ جي ھڪ ٻئي بي لوث ۽ مخلص ادبي خدمتگذار جناب غلام رباني آگري کي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن جي سنڌ جي علمي، تعليمي، صحافتي ۽ ادبي حلقن وڏي آجيان ڪئي آھي.

ھڪ برک سنڌي اديب غلام رباني آگري جي تقرير تي اسان پڻ کيس دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيون ٿا ۽ ساڳئي وقت سندس ان عمل کي به ساراھيون ٿا، جو موصوف بورڊ آف گورنرس جي اجلاس ۾ پنھنجي ساٿين ۽ چيئرمن محمد ابراھيم جويي جي اھا آڇ قبول ڪري، بورڊ جي سيڪريٽريءَ جو منصب سنڀاليو آھي.

اسان جي خيال ۾، محترم محمد ابراھيم جويي جي بورڊ ۾ اچڻ کان پوءِ ھاڻي غلام ربانيءَ جو بورڊ ۾ اچڻ ”جھڙو پنھون پاڻ، تھڙي سٽاءُ ساٿ جي“ جي برابرآھي.

جناب غلام رباني آگري جي علمي ۽ ادبي خدمتن کان سنڌ ۽ پاڪستان جا ادبي حلقا چڱيءَ طرح واقف آھن. موصوف ھڪ ناميارو دانشور ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي جي بانيڪارن مان ھڪ محترم شخصيت آھي.سندس علمي، فڪري ۽ تحقيقي مقالن کي ادب جي دنيا ۾ وڏي مقبوليت حاصل آھي. سندس ڪھاڻين جي مجموعي ”آب حيات“ کي جديد ادب ۾ ”ڪلاسڪ“ جي حيثيت حاصل آھي ۽ ”جھڙا گل گلاب جا“ سندس ھڪ اھڙي تخليق آھي ، جنھن کي ”بھترين سنڌي ڪتابن“ ۾  مڃيو ويو آھي. ان طرح سنڌي ادب، خاص ڪري جديد تخليقي سنڌي جي آبياريءَ ۾، غلام رباني آگري جي خذمتن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو. موصوف سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽيھارو کن سال جنھن محنت ۽ صلاحيت سان خدمت ڪئي، ان جو دليل اھو آھي ته ھڪ طرف بورڊ جي ناموس ۾ واڌارو ٿيو، ته ٻئي طرف بورڊ کي ڄامشوري ۾ پنھنجو عمارتون جزي مليون. جديد آفسيٽ پريس جو قيام به آگري صاحب جي مرھون منت آھي. ان طرح رباني صاحب پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽرجنرل ۽ چيئرمن جي حيثيت ۾ وڏيون خدمتون بجا آنديون ۽ ڪيترن ئي پرڏيھي ادبي وفدن جي سرواڻي به ڪيائين. سندس شاندار ادبي خدمتن جو اعتراف مرڪزي سرڪار ”تمغه امتياز“ ڏيڻ سان ڪيو. ڪيترن ئي غيرملڪي ادبي رسالن ۽ عالمن سندس صلاحيتن ۽ لياقتن جي مڃتا ڪئي، جن ۾ چين جا اديب ۽ ليکڪ ۽ به شامل آھن.

اسان کي بخوبي ڄاڻ آھي ته غلام رباني آگري کي ڪتابي دنيا جو وسيع تجربو آھي. ڪتابن ۽ رسالن جي تصنيف ۽ تاليف ۽ انھن جي آرائشي زيبائش جي ماھر جي حيثيت ۾ موصوف کي خاص لياقت حاصل آھي. ڪتابي دنيا جي سڀني مشڪلاتن کي احسن طريقي سان ڄاڻي ٿو ۽ خاص طرح سان سنڌي ادبي بورڊ جي معاملن کي سلجھائڻ لاءِ کانئس وڌيڪ ٻيو ڪو ماھر ٿي نٿو سگهي.

سنڌي ادبي بورڊ ويجھي ماضيءَ ۾ وڏي انتشار جو شڪار رھيو آھي. مالي بحران سان گڏ انتظامي طور بي بندوبستي به ھن اداري کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. نتيجو اھو نڪتو آھي، جو ھڪ طرف ادارو تقريباً مفلوج بنجي چڪو آھي ته ٻئي طرف سنڌ جي علمي حلقن جو ويساھه متاثر ٿيو آھي. سنڌ جا باشعور ۽ سڄاڻ حلقا ھن اداري سان ھڪ خاص محبت رکن ٿا ۽ ان کي وڌندو ڏسڻ گهرن ٿا.

 

 

  

غلام رباني آگري جي بورڊ جي

سيڪريٽري طور مقرري جي آجيان

حيدرآباد (بيورو رپورٽ): سنڌ جي نامياري دانشور ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر غلام رباني آگري جي بورڊ ۾ اعزازي سيڪريٽريءَ طور مقرري جي سنڌ جي علمي ادبي ۽ تعليمي حلقن گرمجوشيءَ سان آجيان ڪندي، اميد ظاھرڪئي آھي ته سندس صلاحيت ۽ تجربي سان ھاڻي بورڊ کي اڳوڻي اوج تي ترسڻ ۾ مدد ملندي. مھراڻ جي ايڊيٽرنفيس احمد شيخ موجب جن اديبن ۽ علمي حلقن آگري کي مبارڪ ڏني آھي، تن ۾ سائين غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايڇ .ايم. خواجه، شيخ اياز، ايم .ايڇ . پنھور، حميد سنڌي،مھتاب اڪبر راشدي، تنويرعباسي، نياز ھمايوني، جمال رند، عبدالقادر جوڻيجو، مددعلي سنڌي، شوڪت حسين شورو، انيس انصاري، آپا شمس عباسي، ڊاڪٽر قمر واحد، ڊاڪٽر رشيده حجاب، ڊاڪٽر صاحب خان چنا، ڊاڪٽرنواز علي شوق، ڊاڪٽر خان محمد پنھور، ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽي، حيدر علي لغاري، پروفيسرغلام محمد لاکو، ڊاڪٽرقريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽرعبدالرزاق گهانگهرو، محمد قاسم سومرو، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي، ڊاڪٽر رفيعه احمد شيخ، مسز عزيز احسان علي شاھه، پروفيسر عزيزه چنا، عبدالغفار صديقي، تاج جويو، زيب سنڌي، نصير مرزا، زوار نقوي، محمود مغل، محمد پنھل ڏھر، امام راشدي، نظام الدين خان کوسو، شيخ محمد اسماعيل، محمد حسين ڪاشف، مجيد پنھور، انور ڪانڌڙو ۽ ٻيا شامل آھن.

Text Box: 505
Text Box: 506

 

 

 

 


 

The Frontier Post

Friday FEBRUARY. 7, 1997

Appointment Of  Secretary. SAB hailed

F. P. Bureau Report

HYDERABAD, Feb 6: The appointment of Ghulam rabbani Agro, a Prominent Sindhi writer and intellectual, as the Honorary Secretary, Sindhi Adabi Board,(SAB), has been hailed by a number of  leading intellectuals, writers, scholars and academicians of Sindh. They have expressed hope that now the Board would move in the right direction for the promotion of Sindhi Literature and language.

Those who have congratulated ghulam Rabbani Agro on his appointment as Honorary Secretary, Sindhi Adabi Board, include Allama Ghulam Mustafa Qasmi, shaikh Ayaz, Dr. Nabi Bux khan Baloch, H.M Khoja, M.H panhwar, jamal Rind, Hameed Sindhi, Mehtab Rashdi, Dr. Tanveer Abassi, Niaz Humayooni, Abdul Qadir junejo, Maded ali Sindhi, Shoukat Hussain Shoro, Anis Ansari, Apa Shams abbasi,Dr.Qamar Wahid,Dr.Khan Mohammand Panhwar, Dr. Sarfaraz Ahmed Bhatti, Hyder Ali Laghari, Prof. Ghulam Mohammad Lakho, Dr. Qureshi, Hamid Ali Khanai, Dr. Abdul Razaque Ghanghro, Mohammand Qasim Soomro, Dr. abdul Rasool Qadri, Dr. abdul Rehman Qureshi, Dr. Rafia Shaikh, Mrs. Aziza Ahsan Ali Shah, Prof. Ms. Aziza Channa, abdul Ghaffar Siddiqui, Naseer Mirza, Taj Joyo, Zeb Sindhi, Zawar Naqwi, Mehmood Mughal, Muhammad Punhal Dahar, Imam Rashdi and Anwar Kandhro.

 

  

 

سنڌي ادبي بورڊ_فيصله ڪُن مرحلو

سنڌي جي علمي، ادبي، ثقافتي، تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي، جو انهن کي صحيح صحيح سرواڻي نصيب ٿئي. سنڌ جي عام ماڻهن کي ۽ خاص طرح باشعور ۽ ”ساڃهه وند“ ادبي حلقن کي هڪ وڏي عرصي کان وٺي اها شڪايت رهندي ٿي اچي ته اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا سياست جي نذر ٿي. بيقاعدگين وسيلي تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن. (يا ٿي رهيا آهن) ۽ انهن کي بچائڻ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ ڪو واٽ وسيلو نظر ڪونه ٿو اچي.

سنڌ جي ماڻهن جي اها شڪايت ڪا غلط به ڪانه آهي. سنڌ جي ماڻهن پنهنجن ادارن جي برباديءَ لاءِ جيڪي ڪارڻ بيان پئي ڪيا آهن، تن ۾ ادارن جي صحيح ۽ مثبت سرواڻي جي اڻهوند به هڪ اهم ۽ مکيه سبب آهي.

گذريل ڏها ڪو کن سالن تي نظرڦيرائجي ٿي ته ائين ئي نظر اچي رهيو آهي ته اسان جي ادارن کي صحيح سربراهي نصيب ئي ڪانه ٿي آهي! بدقسمتيءَ سان ڪنهن سفارش وسيلي، اڻڄاڻ ماڻهن ادارن جي ساک کي داءَ تي پئي لڳايو اهي، ته ڪڏهن وري غير سنجيدگيءَ ۽ نالي ۾ نهال دانشورن پئي ادارن کي تخته مشق بڻايو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي برباديءَ ۾ جتي اڪيچار عوامل ڪارفرما نظر اچن ٿا. اتي صحيح قيادت جي فقدان سبب به اداري ڪافي ڀوڳيو آهي.ٻيو ته ٺھيو پرسنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن بورڊ جي ترقيءَ لاءِجيڪي ”شاندار خدمتون“سرانجام ڏنيون، سي به جڳ ڏٺيون! پر، ھڪ اخباري سوال جي موٽ ۾ فرمايائين ته ”مان فلاڻن فلاڻن جا مٿا چٿي ڇڏينديس!“ اھا ٻولي ھڪ باوقار اداري جي سربراه جي ھئي، جنھن تي جيترو به افسوس ڪجي اھو ٿورو آھي! سنڌي ادبي بورڊ جي خوش قسمتي آھي، جو ان کي اھڙي ”فنٽومس سربراه “ کان آجپو نصيب ٿيو.

بورڊ کي ھاڻي ٻه اھڙا لائق سربراه مليل آھن، جي اداري جي اصل معمارن مان آھن. گذريل مھيني سنڌ جي نامياري دانشور محمد ابراھيم جويي ان جي صدارت جي آڇ قبول ڪئي. تازو سنڌ جي ٻئي مشھور ليکڪ ۽ بورڊ جي معاملن جي ڄاڻو ۽ ماھر، غلام رباني آگري ان جي اعزازي سيڪريٽريءَ جو عھدو قبول ڪيو آھي. ٻنھي صاحبن اداري کي سنڀالڻ جو ڪم شروع ڪيو آھي.

ابراھيم جويي ۽ غلام رباني جي ادبي خدمتن ۽ لياقت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪنھن وڏي وستار جي ضرورت ڪانه آھي. سنڌي ادب جا اھي ٻه نھايت محترم ۽ معتبرنالا آھن ٻنھي ناميارن بزرگن، شروع کان وٺي بورڊ ۾ وڏي ايثار ۽ اخلاص سان جاکوڙ ڪري، بورڊ جو وقار قائم ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ بورڊ کي عالمي ادبي شھرت حاصل ٿي. ھڪ لحاظ کان اسان ٻنھي نيڪنام دانشورن کي آفرين ڏيڻ کان سواءِ رھي به ڪونه ٿا سگهون، جو انھن اھڙي زماني ۾ ادبي بورڊ کي سنوارڻ جي ذميواري قبول ڪئي آھي، جڏھن گذريل ويھارو کن ورھين جي عرصي وچ ۾، ڪيترن ئي ڪوتاھه نظر۽ غيرسنجيده ڪاريگرن ادبي بورڊ کي برباد ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آھي!

پر، اسان کي يقين آھي ته محمد ابراھيم جي ڏاھپ ۽ حڪمت ۽ آگري صاحب جي تجربي ۽ صلاحيت وسيلي ڪوبه سبب ڪوبه سبب ڪونه آھي، جو ادبي بورڊ جو اڳواڻ اوج موٽي نه اچي. اسان ۽ سنڌ جا باشعور ماڻھو اھو ئي ڏسڻ ٿا گهرون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com