سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :5

غلام رباني آگرو

 

پيرعلي محمد راشدي

 

پير علي محمد راشدي عيسوي ويهينءَ صديءَ جي هڪ منفرد شخصيت هو.

چاليهه  ورهيه اڳ ، مان ۽ نورنبي عباسي، مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي، حيدرآباد جي ڦليليءَ واري ڪاليج ۾ گڏ پڙهندا هئاسين. هو تڏهن به شعر شاعريءَ ۾ دلچسپي وٺندو هو. مغموم تخلص هئس. تنوير پوءِ بڻيو. سندس ڪو دوست هوندوهو. جو ڪاليج ۾ پڙهندو به هو ۽ غريبي حال سببان نوڪري به ڪندو هو، هڪ دفعي اسان سان ڳالهه ڪيائين ته پاڻ ڪنهن زماني ۾ سي. آءِ. ڊيءَ جي آفيس ۾ ڪلارڪي ڪندوهو. ڪڏهن ڪڏهن ڪم مان واند ڪائي ملندي هئس، ته وندر واسطي پير علي محمد راشديءَ جو پرسنل فائيل ويهي پڙهندو هو، جو چڱي موچاري جا سوسي ناول وانگر دلچسپ هوندو هو.

پر، راشدي  صاحب جو نالو مون ان کان به ڏها ڪو سال کن اڳ ٻڌو هو. انگريزن جي بادشاهيءَ جا پويان پساهه هئا. پاڪستان ٺهڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. تڏهن ڪنڊياري تعلقي ۾، ڀئونرن جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهندو هئس. منهنجي والد صا حب کي ڪتابن خريد ڪرڻ جو شوق هوندو هو. هڪ ڀيري هڪ سنڌي ڪتاب آندائين، جو ڏاڍو دلچسپ هو. نالو هئس: ”فرياد سنڌ“. بعد ۾ ڪتاب تي بندش پئجي ويئي، جو منجس، پاڙيسري پرڳڻي مان سنڌ ۾ لڏي آيل نون آباد گارن تي سخت ٽوڪ ٽهول هئي. هڪ باب جو عنوان هو : ”آئي ٽانڊي ڪاڻ، بور چياڻي ٿي ويٺي.“ ڪتاب تي لکندڙ جو نالو ڄاڻايل ڪو نه هو. پر اڳتي هلي خبر پيئي ته پير علي محمد راشديءَ لکيو هو.

انهيءَ ئي زماني جي ٻي ياد گيري به پويم ٿي. هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ، منهنجي چاچي وٽ ٽپال ۾ هڪ ڇپيل خط آيو. جنهن ۾ ووٽن جو ذڪر هو. خط لکندڙ جو نالو يوسف هارون هو. اسيمبليءَ جي الڪيشن ۾ بيٺو هو. خلق ۾ مشهوري حاصل ڪرڻ ۽ اسان جي ڳوٺڙي جهڙن دوُر دراز هنڌن تائين پهچڻ ڪاڻ اهو خط ڇپرائي ٽپال رستي روهايو هئائين، سُتت سندس ٻيو خط آيو. ٽيون آيو، چوٿون آيو. مڙني خطن ۾ ووٽن جي مدد جي لاءِ اپيل هئي، ۽ دانهن ڪُوڪ اها هئي ته منهنجي مد مقابل جو نالو آهي؛ پير علي محمد راشدي.

مون حيدرآباد جي ڦليليءَ واري ڪاليج ۾ سال ٻه تعليم ورتي ، پوءِ ڪراچيءَ هليو ويس. تيسين راشدي صاحب جي رنگين شخصيت جا منهنجي ذهن تي گهڻيئي پاڇا پيا هئا. هالاڻيءَ جو هڪ تپيدار هوندو هو. نالو هاڻي وسري ويو اٿم. منهنجي هڪ ويجهي عزيز سان دوستي هوندي هئس. ڳالهه ڪيائين ته هيڪر ڪنڊياري ۾ مختيار ڪار جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين. هڪ ڳوٺاڻو ڄَٽُ، مٿي سان وڏو پڳڙ ٻڌي، اسان وٽ آيو ۽ لڳو هِنَ هُنَ کي منٿون ڪرڻ، ته مون کان مٺائيءَ جاڏهه ويهه روپيا وٺو، پر ڀلائي ڪري ڪم ڪري ڏيو. تپيدارن ڇڙاٻون ڏيئي ڀڄائي ڪڍيس ته وڃي آفيس جي ڪمپائونڊ وال تي ويٺو. پوءِ خبر پيئي ته اهو ڳوٺاڻو ڄٽ ڪونه هو، پر سنڌ سرڪار جو روينيو وزير، پير علي محمد راشدي هو ! موٽر آفيس کان ٿورو پرڀرو لڪائي، ويس مٽائي، مختيار ڪار جي آفيس ۾ رشوتي ڪامورن جو شڪار ڪرڻ آيو هو.

*          *          *          *

مان ڪراچيءَ ويس، ته اتي اول ڊائريڪٽر انڊسٽريز جي آفيس ۾ ۽ پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪي ڪيم. پيسي جي هَوسَ ۽ رشوت جي مرض کان خدا بچايو هئم، پر ڪلارڪيءَ جي پگهار مان پورت به ڪانه ٿيندي هئم. سو، شام جو سنڌي اخبارن  ۾ ٻي نوڪري به ڪندو هوس. نالي ۾ ان کي سڀ ايڊيٽري ڪوٺيندا هئا، اصل ڪم هوندو هو خبرن جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ. چڱو عرصو ائين سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪيءَ سان گڏ ’الوحيد‘، ’نواءَ سنڌ‘ ’مهراڻ‘ ۽ ’نئين سنڌ‘ ۾ نوڪري ڪندو رهيس. الوحيد ۾ شيخ عبدالرحيم نيوز ايڊيٽر هو. لائق انسان هو. ’نواءِ سنڌ‘ جو ايڊيٽر، مولوي عبدالغفور سيتائي وضعدار ۽ محبتي ماڻهو هو. ’نئين سنڌ‘ جو ايڊيٽر مرحوم غلام رسول عباسي ته سنڌي محاوري موجب ” مولائي ماڻهو“ هو. ڪڏهن نه ڪاوڙ ڪيائين. الله پاڪ جنت ۾ جايون ڏيندس. منهنجي ڪري سندس اخبار ۾ هڪ حاد ثو ٿي پيو.

پاڪستان سيٽو(seato) ۽ بغداد پئڪٽ (Baghdad pact) جو ميمبر هو، جيڪي ٻئي معاهدا آمريڪا جي اثر هيٺ هئا. انهن ڏينهن ۾ ، ڪراچيءَ جي سنڌي ۽ اردوءَ جي ادبين سان منهنجي گهري گهاٽي سنگت هوندي هئي، جيڪي انهن معاهدن کي اصل پسند ڪونه ڪنداهئا. اسڪندر مرزا ۽ سهروردي بغداد پئڪٽ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بغداد روانا ٿيا. مصر جو قوم پرست اڳواڻ، صدر جمال عبدالناصر ان معاهدي جو سخت مخالف هو، تنهن بغداد جي ايئرپورٽ تي معاهدن ۾ شريڪ ٿيندڙ مڙني اڳواڻن جي خلاف ڪو احتجاجي مظاهرن جو انتظام ڪري ڇڏيو هو، پر ان ڳالهه جي کڙڪ مغربي جا سوسن کي پئجي وئي، سو مظاهرين پڪڙي ورتائون.

مان سانجهيءَ جو ’نئين سنڌ‘ اخبار جي آفيس ۾ ڊيوٽيءَ لاءِ پهتس. ڪم ڪندو رهيس رات جا ٻارنهن يا هڪ ٿيو هوندو. تازين خبرن لکڻ لاءِ واسطي ريڊيو کوليم. اوچتو انگريزي اکر ٻڌم: ”صحافي، مهرباني ڪري نوٽ ڪن“. مون جلدي جلدي قلم ڪاغذ کنيو. انگريزي زبان ۾ خبر نشر ٿي رهي هئي: ”صدر اسڪندر مرزا ۽ وزير اعظم سهروردي اڄ جيئن بغداد پهتا، ته ڪارن جهنڊن سان سندن استقبال ڪيو ويو“. مان تڪڙو تڪڙو خبر لکندو ويس ۽ ان جي اهميت جي پيش نظر، ان کي وڏن ٿلهن اکرن ۾، اخبار جي پيج هيڊنگ ڪري ڇڏيم. ٻي اڍائي بجي رات جو ڪم ختم ڪري، هاسٽل ۾ وڃي سمهي پيس. اخبار ڇپجي وئي. مڄاڻ ته رٿيل پروگرام موجب، جمال ناصر وچ اوڀر ايجنسيءَ مان خبر نه نشر ڪرائي ڇڏي. هوڏانهن، مظاهرا ماڳهن ٿيا ئي ڪونه!

صبح ٿيو ته ”نئين سنڌ“ جا ها ڪر هو ڪو ڏيندا رهيا ته ” بغداد ۾ اسڪندر مرزا ۽ سهروردي خلاف مظاهرا“.

ٻه ٽي ڏينهن خير جا گذري ويا. هڪ ڏينهن ايڊيٽر غلام رسول عباسي صاحب، حسب دستور، صبح جو يارهين ڌاران آفيس آيو. تُرڪي ٽوپي لاهي ميز تي رکيائين. اخبار هٿ ۾ کنيائين ۽ چاءِ جو ڪوپ گهريائين. اڃا پهرين سرڪي مس ڀريائين ته پٽيوالي اچي چيس ته ”سائين پوليس اخبار جي آفيس کي گهيرو ڪري ويئي آهي ۽ تنهنجو پڇي رهي آهي. ” اخبار واريءَ بلڊنگ جي پاسي ۾ ڌوٻيءَ جي دڪان  هوندو هو. عباسي صاحب اها خوفناڪ خبر ٻڌڻ شرط تڪڙو تڪڙو اندرين دروازي کان ڌوٻيءَ جي دڪان  ۾ ويو. پنهنجا لٽا لاهي، ميرا ڪپڙا پائي، شرلاڪ هومز وانگر منڊڪائيندو، ٻاهر نڪري ويو. ان کان اڳ جو پوليس وارا کيس سڃاڻن، کسڪي ويو ۽ ريل جي ٽڪيٽ وٺي، سڌو وڃي دادوءُ نڪتو. پندرهن ڏينهن ڪنهن ڳوٺ ۾ لڪو پيو هو. ڀاڻس ڪنهن بئنڪ جو جنرل مئنيجر هوندو هو، تنهن حاڪمن کي چئه چواءُ ڪري، سندس ضامن ڪرايو، تڏهن وڃي غريب ڪراچيءَ موٽيو.

هڪ ڏينهن مان شام جو ڊيوٽيءَ لاءِ اخبار جي آفيس پهتس، ته مون کي ڏسي، آڱر سان اشارو ڪيائين:

”سبحان الله، هيڏي اچ.“

مون کي ڪڏهن انهيءَ نالي سان ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي نالي سان سڏيندو هو. منهنجو اصلي نالو کيس ڪڏهن به ياد ڪونه رهيو.

”هيءَ خبر تو ڏني هئي؟“

”جي سائين“

”توکي خبر آهي ته انهيءَ خبر ڪهڙو کُلم ٻاريو آهي؟“

مان اهڙو ڪڇان. جهڙي ڀت، پر، غريب ڪاوڙ ڪانه ڪئي. عزت سان وهاري، سڄو درد جو داستان شروع کان آخر تائين حرف به حرف ٻڌايائين. ڳالهه ٻڌي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر، کِل به نڪري ويم، پاڻ به کلي ڏنائين. چيائين ته ”آئنده ائين نه ڪندو ڪر.“

ٿيو ائين ته پاڪستان مان ”تاس“ ايجنسيءَ جي نمائندي، ”نئين سنڌ“ جي حوالي سان، اها خبرڪا ماسڪو موڪلي ڏني، جيڪا اتان روسي ريڊيو نشر ڪري ڇڏي. وچ اوڀر ۾، ناصر جي همنوا ملڪن ان خبر کي هيڪاري هوا ڏني. شعيب قريشي مرحوم غالباً اردن ۾ پاڪستان جو سفير هوندو هو. تنهن اتان جي ريڊيي تي اها خبر ٻڌي حڪومت پاڪستان کي فون ڪئي ته اها ”نئين سنڌ“۾ ، بغداد پئڪٽ جي خلاف جدوجهد جاري رکيم.

”نئين سنڌ“ اخبارن، دراصل، ميٺارام هاسٽل ۾ رهندڙ اسان غريب سنڌي شاگردن جي پنا هگاهه هوندي هئي. هو مون وانگر ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. بيٽ گذر لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪندا هئا ۽ ميٺارام هاسٽل ۾ رهندا هئا. عباسي صاحب سنڌ دوست ماڻهو هو. ملڪ ۾ ’ون يونٽ‘ جا سانبا ها هئا. اسان ’ون يونٽ‘ جي خلاف اخبارن ۾ رڻ ٻاري ويٺا هوندا هئا سين. پر، هن اشراف اسان کي ڪڏهن ڪونه جهليو، ته ايڏا تکا نه وڃو. خانبهادر کهڙي ۽ راشدي صاحب کي ”نئين سنڌ“ ۽ ”الوحيد“ تي ڏاڍيون خارون هيون، جو ٻئي اخبارون ون يونٽ جي مخالفت ۽ سنڌ جي حمايت ۾ حد ڪري چڪيون هيون.

ميٺارام هاسٽل کان اڳ، مان سنڌ جي تڏهوڪي تعليمي وزير سيد غلام حيدر شاهه جي سرڪاري رهائش گاهه” پروين هائوس“ ۾ رهندو هئس. جوهن مرحوم مون کي پنهنجي پرسنل اسٽاف تي کنيو هو. ڪو گهڻو عرصو ڪونه گذريو، ته ”ون يونٽ“ جا آثار ظاهر ٿيا ، وڻن ۾ شور ۽ آسمان ۾ گجگوڙ، ته اجهو ٿو ديو اچي !

سنڌ جي چيف منسٽر پيرزادي عبدالستار انهيءَ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻارنهن وزير کنيا هئا، پر ”ون يونٽ“ جو طوفان ڏاڍو زور دار هو. ايڏي ساري وزارت ڦهڪو ڪري، اچي پَٽ پئي ! غلام حيدر شاهه ۽ سائين جي. ايم سيد ۽ ٻيا ڪي سنڌي سياستدان گرفتار ٿي ويا. ٻه ماڻهو سنڌ جي سفيد ۽ سياهه جا مالڪ ٿي ويا: هڪ خانبهادر کهڙو ۽ ٻيو پير علي محمد راشدي، تن ڏينهن ۾ سنڌ جي وزيرن جون آفيسون نيپيئر بئرڪس م هونديون هيون. راشدي صاحب وزارت جو قسم کڻي، ڪار تي جهنڊو هڻي، نيپيئر بئرڪس ۾ آيو. وڏي ڪَروفَر سان موٽر مان لٿو . ٻارنهن ئي وزيرن جي خالي آفيسن ڏانهن نهاري چيائين ته: ”مار، هي سڄو چڪلو کڄي ويو !“

سال ٻه پوءِ، غالبا، 1955ع_1956ع ڌاري، حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ٿيڻو هو. مان مهمانن جي ٽينءَ يا چوٿينءَ صف ۾ ويٺل هئس. پهرينءَ صف ۾ تقريب جو مکيه مهمان وڏيءَ سَڄ ڌڄ سان ويٺو هو_ وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات، عزت مآپ پير علي محمد راشدي. مون پهريون دفعو کيس ويجهڙو ڏٺو. رنگ جو سانورو، قد جو بندرو، خاڪي رنگ جي شلوار قميص، مٿي تي پٽڪو ۽ چيلهه سان ٺٽي واري لونگي. پن جي ٻيڙي پِي رهيوهو. جيڪا گهڙيءَ گهڙيءَ وسامي ٿي ويئي ۽ ريڊيي پاڪستان جو هاڪارو ڊائريڪٽر جنرل، مسٽر بخاري، پنهنجي وزير، باتدبير، کي خوش ڪرڻ لاءِ پين تي هلندو، پنهنجي سِرِ، سندس اڳيان ماچيس جي تيلي ٻاري ٿي بيٺو.

راشدي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1958ع ڌاري ٿي. سندس ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ سان سنڌي ادبي بورڊ جي نوڪريءَ سببان، گهري گهاٽي واقفيت ٿي ويئي هئي، اڪثر وٽس ايندو ويندو هوس. اوچتو کيس دل جو دورو پيو. پيرعلي محمد راشدي تن ڏينهن ۾ وزارت اطلاعات ۽ نشريات ڇڏي، فلپائينس ۾ پاڪستان جو سفير ٿيو هو ۽ حسام الدين شاهه جي بيماريءَ جي خبر ٻڌي ڪراچيءَ آيو هو. مان پير صاحب جي طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ سندس گهر ويس ته راشدي صاحب لائبرريءَ ۾ ويٺو هو. ٻنهي ڀائرن جا مُهانڊا ملندڙ هئا. مان کيس ڏسي حالي ته ڀُلجي پيس ته سائين حسام الدين شاهه ويٺو آهي. سو، حسب دستور سڪ سان وڃي ساڻس ڀاڪر پائي مليس. هو مُنجهي پيو، ته هي اوپرو شخص ڪير آهي، جو ايڏو حُجائتو ٿو پوي ! ستت مون کي پنهنجيءَ ڀُلَ جوا حساس ٿيو. ٻه چار سال پوءِ کيس وڌيڪ ويجهو ٿيس، ته پنهنجيءَ ڀل جو پختو يقين ٿيو. پيرعلي محمد راشدي پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ کان سچ پچ مختلف ماڻهو هو ! ڪنهن زماني ۾ پاڻ ” مشرق و مغرب “ جي عنوان سان ڪالم لکندو هو. منهنجي خيال موجب، ٻنهي ڀائرن جي مزاج ۾ به ”مشرق ۽ مغرب جيڏو مفاصلو هو“. پنهنجيءَ راءِ جي تصديق لاءِ هڪ دفعي رحيم بخش سومري کان سوال ڪيم، جو ٻنهي ڄڻن سان پراڻا دوستا نه لڳ لاڳا پا هئس. چيائين ته:”سائين حسام الدين شاهه ڳڻ ڳوت وارو ماڻهو هو. دلنواز دوست هو ۽ دوستن جو اوڻايون درگذر ڪندو هو. پر، راشدي صاحب ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو، انڪري سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو هيو.“

*          *          *          *

راشدي صاحب سان منهنجي ”پهرين ڪچهري“ تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ فلپائينس يا چين ۾ سفير هو. ڪراچي آيو هو. سائين حسام الدين شاهه جي جمشيد روڊ واري گهر تي ٽڪيل هو.کيس بوسڪيءَ جو پهرياڻ ۽ هرک جي سلوار پيل هئي. پائيپ ڇڪي رهيو هو. اها ڪچهري عمر ڀرياد رهندي. چئي نٿو سگهان ته نقل نظير بيان ڪندي پاڻ مون کي گهڻو کلايائين يا مون کيس گهڻو کلايو. رات جي ماني گڏ کارايائين. ڏاڍو قرب ڏنائين. اڌ رات جو موڪلايو سين. تن ڏينهن ۾ هندستان مان ”ڪونج“ نالي هڪ سنڌي ادبي رسالو نڪرندو هو. ان جي ايڊيٽر هري موٽواڻيءَ مون کان سنڌ جي اديبن وٽان ”ڪونج“ تي مواد گڏ ڪري موڪلڻ جي مدد گُهري هئي. راشدي صاحب کي خوشگوار موڊ ۾ ڏسي، موڪلائڻ مهل مون ڪونج تي کانئس مضمون گهريو. چيائين ته ”صبح جو اچجانءَ“. ڀانيم نه ڏٽو ڏيندو. پر صبح جو ويس ته مضمون تيار هو. رات جو الائي ڪيڏيءَ مهل سمهيو هو۽ ڪيڏيءَ مهل اٿي، قلم هٿ ۾ کنيو هئائين. پر، ڪو مضمون لکيو هئائين! جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ”مقدمهء لطيفي“ الله بچائي سمي جو ”سير ڪوهستان“ ۽ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”بدنصيب ٿري، سدائين، سنڌي ادب جا ”لافاني يادگار، رهندا، تئين راشدي صاحب جو اهو مضمون به، هر دور ۾، سنڌي نثر جو شاهڪار تسليم ڪيو ويندو.

قدرت راشدي صاحب کي قلم جي ڪا ڏات ڏني هئي ! سائين جي. ايم. سيد هڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته هيڪر جناح صاحب ڪراچي آيو. چيائين ته .سيد، فلاڻي سياسي مسئلي تي بيان ٺاهي اڄ ته اخبارن کي جاري ڪيان.

تن ڏينهن ۾، سائين جي ، ايم. سيد، سنڌ مسلم ليگ جو صدر هوندو هو ۽ جناح صاحب کي ڏاڍو ويجهو هوندو هو. پاڪستان اڃا گهڻو پري هو. پيرعلي محمد راشدي سائين جي . ايم . سيد جي ڪراچيءَ واري بنگلي تي رهندو هو. سائينءَ جو چوڻ آهي ته مون جسٽس طبيجيءَ کي اهو مسودو ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو، ڇو ته جناح صاحب انگريزي زبان جي معاملي ۾ گهڻو محتاط هوندوهو ۽ طبيجيءَ جي انگريزي دانيءَ جي هرهنڌ هاڪ هوندي هئي.

جسٽس طبيجيءَ ڏينهن ٻن جي وڏيءَ محنت کان پوءِ بيان جو مسودو تيار ڪري ڏنو. مان صبح جو سوير اٿيس. راشدي صاحب مون وٽ حيدر منزل تي رهندو هو، سو به صبح جو سوير، کڙڪا ٻڌي، ننڊ مان جاڳيو. اکيون مليندو آيو. پڇيائين ته. ”سيد، اڄ ، صبح جو سوير ڪاڏي ٿو وڃين؟“ مون ڳالهه ٻڌايس. چيائين ته ”اهو بيان ته ڏيکار “. بيان پڙهي. مون کي موٽائي ڏنائين. ايتري ۾ نوڪر سندس چانهه جو ڪوپ کڻي آيو . پتي جي ٻيڙي دکايائين ۽ ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪاغذ وڌائين. ڪجهه دير بعد مان بنگلي مان ٻاهر نڪتس. ته پاڻ به پٺيان آيو. چي: ”مان به جناح صاحب سان ملندس.“ جڏهن جناح صاحب وٽ پهتاسين، ته مون طبيجيءَ جو لکيل بيان سندس اڳيان رکيو. جناح صاحب بيان هيڪر پڙهي، ٻيهر پڙهيو. ايتري ۾ راشدي صاحب کيسي مان پنهنجو ٽائيپ ڪيل پنو ڪڍي چيس ته ”صاحب ! مان به اوهان لاءِ بيان ٺاهي آيو آهيان“.

جناح صاحب اول ته حيرت ۾ ڏانهنس نهاريو. هو ايڏي حجت پسند ڪانه ڪندو هو. پر، کانئس ڪاغذ وٺي پڙهيائين. ڪجهه دير خاموش رهيو. پوءِ طبيجيءَ جو مسودو ٻيهر پڙهي، مون کي موٽائي ڏنائين. راشدي صاحب واري بيان تي صحيح وجهي، چيائين ته”هي جاري ڪري ڇڏيو.“

راشدي صاحب جي ٻئي اهڙي ڪارنامي جو مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. ’ون يونٽ‘ قائم ٿي چڪو هو. ملڪ ۾ ايوب خان وارو ’مارشل لا‘ تافذ ٿي چڪو هو. ٽپال کاتي سرڪيولر ڪڍيو ته خطن جي ايڊريس ۾ ”سنڌ“ لفظ لکڻ ڏوهه آهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ته نالي ۾ سنڌ لفظ شامل هو. هونئن به سڀ سنڌي اديب ’هسٽري شيٽر‘ هئا! ڪي  ون يونٽ پسند اديب به ساماڻا هئا، پر ٿورا هئا. سنڌ دوست اديب جڏهن به سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا هئا، ته ون يونٽ پسند اديب هڪدم نعرو هڻندا هئا ته. ”اسلام خطري ۾ آهي.“ ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر گرامي صاحب دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ ڪو تکو ايڊيٽوريل لکيو. جنهن تي ’ون يونٽ‘ سرڪار کي باهه وٺي ويئي. سنڌي ادبي بورڊ کي لکي موڪليائين ته ”سبب ڏيو ته بورڊ تي قدم ڇو نه کڻجي؟“

مرحوم غلام نبي ميمڻ ’ون يونٽ‘ سرڪار جو وزير قانون هو، پر بورڊ جي چيئرمن سائين مخدوم طالب الموليٰ جو عقيدت  مند هو. ساڻس مشورو ڪيو سون. تمام آرام سان چيائين ته ”مهراڻ جي ايڊيٽر کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.“

مخدوم صاحب مايوس ٿي چيو ته ” پوءِ باقي بچيو ڇا !“

ڏاڍا منجهياسين. ڪنهن ڳالهه ڪئي ته پير علي محمد راشدي ٽنڊي ڄام ۾ آيل آهي ۽ محمد حسين پنهور وٽ ٽڪيل آهي. بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مرحوم اسدالله شاهه حسيني ۽ مان وڃي. ساڻس حالي احوالي ٿياسين. ڳالهه ٻڌائين، پر ان کي گهڻو وزن ڪونه ڏيائين. چيائين ته ”سڀاڻي شام جو حيدرآباد ۾ غلام نبي ميمڻ جي ڪوهنور سئنيما تي اچي مون سان ملجو.“

ٻئي ڏينهن، ٻئي ڄڻا اتي پهتا سين. نيري رنگ جي نئين نڪور سوٽي سلوار ۽ قميص پاتل هيس. جنهن جو ڪپڙو ڏاڍو ڪڙڪ هو. ڪنهن واپاريءَ سان دادوءُ ۾ پنهنجي باغ جو حساب ڪتاب چڪائي رهيو هو. اسان کي مشغول رکڻ لاءِ کيسي مان نوٽن جي وڏي ٿَهِي ڪڍي ڏنائين ته ويهي ڳڻيو. تيسين پاڻ پنو گهرايائين ۽ ٽائيپ رائيٽر۾ وڌائين. اسان نوٽ ڳڻيندا رهياسين. پاڻ واپاريءَ سان نئين فصل جو سودو چڪائيندو رهيو. رکي رکي پتي جي ٻيڙي دکائيندو رهيو ۽ اسان وارو ڪاغذ به ٽائيپ ڪندو رهيو. اسان نوٽ ڳڻي پورا ڪيا. ٽيهه هزار ٿيا. پاڻ واپاريءَ سان سودو چڪائي اٿيو ۽ ٽائيپ رائيٽر مان پنو ڪڍي چيائين ته ” هي جواب موڪلي ڇڏيو. لاهور اوهان جو نالو وري ڪونه وٺندو. ايڊيٽر جو وار به ونگو ڪونه ٿيندو.“

ٿيو به ائين. ون يونٽ سرڪار وري ڪڏهن به ”مهراڻ“ رسالي تي اعتراض ڪونه واريو. راشدي صاحب جواب ۾ ڪوبه بچاءُ پيش ڪرڻ بدران لکيو هو ته ”ايديٽر ڄاڻي ٻجهي اهو ايڊيٽوريل سرڪار جي خلاف تيز اکرن ۾  لکيو هو ته سنڌ جا جوشيلا جوان، کيس پنهنجو ليڊر سمجهي، سندس پٺيان اچن، ۽ انتها پسند اڳواڻن جي پٺيان نه وڃن. ايڊيٽر ته سرڪار جو ملازم آهي، سو نمڪ جو حق ادا ڪيو اٿس. عقل منديءَ سان جوشيلن جوانن جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وجهي ڇڏيو اٿس.“

اهو جواب پڙهي، ون يونٽ سرڪار جا نيڻ ٺري پيا. وس پڄيس ها ته گرامي صاحب کي انهيءَ ايڊيٽوريل لکڻ ڪري، ڳچيءَ ۾ سونو هار پائي ها.

*          *          *          *

’ون يونٽ‘ واري زماني ۾ مان بورڊ جي گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ هر سال لاهور ويندو هوس. راشدي صاحب هڪ سال انهن ئي ڏينهن ۾ ايمبسيڊر هوٽل ۾ ٽڪيل هو. سائين حسام الدين شاهه جي چوڻ تي ساڻس ملڻ ويس.قرب سان مليو ۽ چيائين ته رات جي ماني مون وٽ کائجانءَ. ماني کائي ويٺاسين ته مون کيس سڪ سان عرض ڪيو ته ”سائين، سنڌ جي تحريڪ ۾ اسان جو ساٿ ڏيو.“ ڳالهه ٻڌي، منهنجيءَ سادگيءَ  تي مشڪيو. موڪلائڻ مهل مٿي تي هٿ گهمائي چيائين ته: ” مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾  ڀال ڪيا !“

جڏهن سنڌجا ماڻهو ’ون يونٽ‘ مان ڏاڍا ڪڪ ٿيا، تڏهن سائين جي. ايم. سيد ڪنهن وڏيءَ شخصيت کي مدد لاءِ ڪو خط لکيو ۽ راشدي  صاحب وٽ ويو ته خط درست ڪري ڏي. سائين حسام الدين شاهه مون سان ڳالهه ڪئي ته راشدي صاحب خط پڙهي، ڦاڙيو، ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ما چيس کڻي، ان کي ساڙيو. پوءِ خاڪ کي ڪموڊ ۾ وجهي، مٿان پاڻي وهايو ۽ سائينءَ کي چيو ته : وُقت جو انتظار ڪريو‘

اڳ ۾ عرض ڪيو اٿم ته راشدي صاحب، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، چڱو عرصو، سائين جي. ايم سيد جي بنگلي ”حيدر منزل“ تي رهندو هو. سائينءَ مون کي ٻڌايو ته ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن راتيون لاڳيتو ستو پيو هوندو هو۽ ڪڏهن وري ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن راتيون ساندهه جاڳندو رهندو هو. بنگلي تي سُٺي مانيءَ موجود هوندي به رستي تان ردي ڪباب وٺي ايندوهو. گهر ۾ رڌل ٻوڙ جي پليٽ ۾ به ڳاڙهن مرچن جي لپ ڀري وجهندو هو. هيڪر مون ساڻس اها ڳالهه ڪئي. کلي چيائين ته ” مون ننڍي هوندي کان پنهنجي پيٽ کي ائين هيرايو آهي. پر اوهان اهڙي ڪوشش نه ڪجو.“

*          *          *          *

سائين جي. ايم. سيد ۽ راشدي صاحب سياست ۾ ويهين صدي عيسويءَ جو پهريون اڌ گڏ گذاريو. انهيءَ عرصي دوران ٻئي ڄڻا جن سياسي سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا، تن جي بار ۾ راشدي صاحب جيڪي کيس خط لکيا هئا، تن جو سائينءَ ڪتاب ڇپايو. اڃا موجود آهي ملي ٿو. اول ان جا قلمي نسخا اتارايا هئائين. هڪ اسان کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ موڪليو هئائين. مون منڍ کان آخر تائين پڙهيو. اهو ڪتاب راشدي صاحب جي تڏهوڪيءَ سياسيءَ سوچ جو آئينو آهي. ان دور جو راشدي صاحب بلاشبه وڏو ”سنڌ دوست“ آهي.

قدرت کيس اعليَ صلاحيتن سان نوازيو هو. ڇا بهمڻ جي ڳوٺڙي ۾ سندس ننڍپڻ جا ڏينهن، ڇا سکر ۾ سندس اخبارنويسي ۽ ڏک ڏاکڙا. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته، ”سمهڻ لاءِ کٽ ڪانه هوندي هئي. ماني کائڻ لاءِ پئسو ڪونه هوندوهو. ساڌٻيلي مان خيراتي ڇولا ۽ ڪڻاهه پرساد وٺي گذر ڪندا هئاسين.“

هفتيوار سنڌي اخبارن جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. حياتيءَ جي سمنڊ ۾. ٽُلڪندو ٽلڪندو، زماني جون ٿڦيڙون کائيندو وڃي. ڪراچيءَ جي روزانه انگريزي اخبار”سنڌ آبزرور“ جوايڊيٽر ٿيو. توڙي جو اسڪول ۾ انگريزيءَ ٽي چار درجا به ڪونه پڙهيو هو. بهمڻ جي ڀرسان. نصرت ريلوائي اسٽيشن جي بابوءَ کان انگريزيءَ جا سبق وٺي گِٽ مِٽ ڪرڻ سکيو هو. پر سندس قابليت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي !”ڊان“ جهڙيءَ طاقتور اخبار جي ايڊيٽر الطاف حسين سان چوٽون کاڌائين ۽ نيٺ سڄي ملڪ جي اخبار نويسن جي انجمن جو صدر چونڊيو. ٻاهرين ملڪن ۾ صحافين جا وفد وٺي ويو۽ هندستان _ پاڪستان جانئٽ پريس ڪميشن جو چيئرمن چونڊيو. آخر هڪ ڏينهن اهڙو به آيو. جو حڪومت پاڪستان جو اطلاعات ۽ نشريات جو وزير ٿيو. جڏهن سنڌ آبزرور ۾ ايڊيٽر هوندو هو. تڏهن غلام قادر لاکير وٽس سب ايڊيٽر هوندو هو. مون کي انهن جا دلچسپ داستان ٻڌائيندو هو. چوندو هو ته شڪار جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. اڪثر ڪري سانجهيءَ مهل، جيپ تي موٽندو هو. ڌڌڙ ۾ لٽيو پيو هوندو هو . اخبار ۾ ايندو هو. لمليٽ گهرائيندو هو. ٻيڙي دکائيندو هو. ايڊيٽوريل لکي هليو ويندو هو.

صوبائي ۽ وفاقي وزارت کان پوءِ سفارت  ماڻيائين. پهريائين فلپائينس ۾ ، پوءِ چين ۾، پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. چين ۾ رهائش دوران جيڪا ڊائري لکي اٿس، جا هاڻي سنڌالاجيءَ ڪتابي صورت ۾ ڇاپي آهي. پر، اخبارنويسيءَ سان سڄي عمر ڪنهن نه ڪنهن طرح دل جي تار ڳنڍيل رکيائين.هڪ دفعي مون کي چيائين ته ”ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ، ته زندگيءَ ۾ گهڻا مڻ مُسُ استعمال ڪئي هوندم.“

چين مان سفارت جي عهدي تان لٿو، ته ڪجهه عرصو هانگ ڪانگ ۾ رهيو، جتان ”جنگ“ اخبار لاءِ ’مڪتوبِ، مشرق بعيد‘ جي عنوان سان ڪالم لکندو هو. ڏاڍا دلچسپ هونداَ هئا. اڪثر ڪري صدر ايوب خان جي حڪومت تي نڪته چيني ڪندو هو. هڪ دفعي قاضي محمد اڪبر جي گهر ۾، ڀٽي صاحب منهنجي اڳيان، حسين شاهه راشديءَ کي ميار ڏني ته ”تنهنجو والد اسان جي حڪومت جي خلاف مضمون لکي ٿو.“ ڀٽو صاحب تڏهن ايوب جو پيارو وزير هوندو هو. ان کان اڳ جڏهن راشدي صاحب چين ۾ سفير هو، ته مان ۽ مرحوم ميران محمد شاهه ساڻس، سائين حسام الدين شاهه جي جمشيد روڊ واري رهائش گاهه تي ملياسين، جتي هو ڏينهن ٻن لاءِ آيل هو. وڏي طمطراق سان چيائين ته ”ميران محمد شاهه ! هماليه جبل جي مٿان ٺڪا ٺڪيءَ لاءِ بهمڻ ۾ ڄاول ٻارڙي کي داد نٿو ڏئين !“

*          *          *          *

تن ڏينهن ۾ هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هماليه جي پهاڙن تي چڪريون لڳيون هيون.

راشدي صاحب جڏهن فلپائينس ۾ سفير هو، تڏهن سنڌ تي هڪ سٺو ڪتاب لکيائين. سائين حسام الدين شاهه انهيءَ ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن“ جو مسودو اسان کي آڻي ڇپڻ لاءِ ڏنو . راشدي صاحب ٻڌايو ته انگريزيءَ ۾ به هڪ ڪتاب  لکيو اٿم ’sindH ways and days‘اهو مسودو منيلا ۾ آمريڪي سفير کي ڏيکاريو اٿم، جنهن چيو آهي ته منجهس زبان جي ڪابه غلطي ڪانهي.

مون سندس ڪتاب جي ڇپائيءَ تي ڏاڍي محنت ڪئي . ڪتاب جي نالي بابت راشدي صاحب مون کي هڪ نقل ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ پير سائين پاڳاري جو مدن نالي هڪ مريد هوندو هو، جو رات جو جهنگ ۾ عبادت ڪرڻ هليو ويندو هو. هيڪر، خليفن پير صاحب کي عرض ڪيو ته سائين، انهيءَ جهنگ ۾ هڪ شينهن رهي ٿو، متان ڪنهن ڏينهن مدن ور چڙهي وڃيس! پير صاحب مدن فقير سان اهو احوال ڪيو جنهن هٿ ٻڌي مرشد کي ادب سان عرض ڪيو ته:

جنهن جي رات، تنهن جو ڏينهن،

جنهن جو مدن، تنهن جو شينهن!

ڳالهه ٻڌي، مون اهو بيت ڪتاب جي اندرئين ٽائيٽل تي ڇاپي ڇڏيو.

ڪتاب جي پهرين چوويهن صفحن جا پروف مون راشدي صاحب کي مرحوم حافظ مبارڪ علي شاهه جي گاڏي کاتي واري گهر موتي محل‘ ۾ ڏيکاريا هئا. کيس  منجهن ڪا به غلطي نظر ڪانه آئي. پروفن پڙهڻ جو ڪم مان به ڪندو هوس ۽ مٿانئن نظر ثاني يار محمد ابن حيات پنوهر ڪندو هو. در حقيقت ، هن به ڪتاب جي ڇپائيءَ تي وڏي محنت ڪئي. خاص ڪري فهرست ڏاڍيءَ محنت سان ٺاهيائين. سرورق جي ڊزائين ع.ق. شيخ ٺاهي ڏني. سائين جويي صاحب اسان کي ڪتاب  سٺي نموني ۾ ڇاپڻ  جي پوري پوري آزادي ڏني.

جڏهن ڪتاب ڇپيو ته  رائلٽيءَ جي رقم کڻي راشدي صاحب کي پاڻ ڏيڻ ويس. پاڻ غلام نبي ميمڻ جي ڪوهنور سئنيما تي ٽڪيل هو. پئسا ورتائين ۽ رسيد صحيح ڪري ڏنائين. ان ڏينهن سخت بخار ڪري، ڪنجهي رهيو، هو. پلنگ تي ليٽيو پيو هو. مون کيس پئسا ڏنا ۽ پٺاڙن کي سڪ سان زور ڏنا. پڇيائين ته ”تون زور ڇو ٿو ڏين؟“ مون چيو: ”سائين. اوهان سڄي عمر پنڌ ڪيو آهي. ٿڪجي پيا هوندا.“

ڪتاب شايع ٿيو ته ان جي هنڌين ماڳين تعريف ٿي! مرحوم شير محمد نظاماڻي ٽنڊي قيصر جو ويٺل هو. وڏو علم دوست هو. فارسي زبان ۾ هڪ ڪتاب به ايڊٽ ڪيو هئائين. جڏهن مون سان مليو ته راشدي صاحب جي ڪتاب جي ايڏي تعريف ڪيائين جو مان اچرج ۾ پهجي ويس. هڪ ڏينهن بورڊ ۾ ويٺو هوس، ته ڪنهن ڪراڙي شخص ڪراچيءَ مان فون ڪئي. ٿلهي گهگهي آواز ۾ چيائين ته ”بابا، راشدي صاحب ڪو ڪتاب لکيو آهي: جيڏا ڏينهن تيڏا شينهن . ان جي ڪا ڪاپي ته موڪليو،، حقيقت اها آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جو ڪوبه ڪتاب اهڙيءَ تيزيءَ سان ڪونه وڪاڻو هو، جهڙو راشدي صاحب جو ڪتاب. پر،ان تي تبصرا سٺا شايع ڪونه ٿيا، توڙي جو سنڌي زبان ۾ ان وقت به چڱا ادبي رسالا نڪرندا هئا. البت ، ٻه وڏا تنقيدي مضمون ڇپيا: راشدي صاحب ٻنهي کي نظر انداز ڪيو.

افسوس اهو آهي ته راشدي صاحب جهڙو جهان ديد شخص، سڄي عمر جي تجربي جي باوجود، ڪتاب جي مقبوليت کان متاثر ٿي ائين سمجهي ويٺو، ته پاڻ قلم جي زور سان سنڌ جي ماڻهن جي من ۾ جادو جاڳائي ڇڏيو اٿس، سوهاڻي جيڪي به پاڻ لکندو، اهو اکيون ٻوٽي قبول ڪندا ويندا_ پر، اها سندس ڀُل هئي. جڏهن ون يونٽ جي خلاف مهم زورن تي هئي، ته نوجوانن اديبن ۽ شاگردن جا ٽولا حيدرآباد جي قلعي ۾ هوشو شيديءَ جي قبر تي گل وجهڻ وينداهئا. اها ڳالهه ون يونٽ سرڪار لاءِ مٿي جو سور ٿي پئي. اوچتو راشدي صاحب اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ته هوشو شيديءَ جي قبر قلعي ۾ ڪانهي، مياڻيءَ جي پاسي آهي. سنڌي اديب سندس اصل مقصد سمجهي ويا، تن تنقيدي مضمونن ۾ اچي کيس ورايو.ماٺڙي ڪري، جان ڇڏايائين. اصل ڳالهه اها هئي ته ماڻهن کي ون يونٽ واري راشدي صاحب سان ڪابه محبت ڪانه هئي. کين انهيءَ  سنڌ سان سڪ هئي، جنهن جي ساراهه جا ڍُڪ راشدي صاحب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن، اهي شينهن“ (پهرئين جلد ) ۾ ڀريا هئا.

ستت، راشدي صاحب ڪتاب جي ٻئي جلد لکڻ جي تياري ڪئي ۽ ان دوران اهڙو ته جڏو ڪم ڪيائين، جو منهنجي جيڪا ساڻس ورهين کان ذاتي سڪ ۽ محبت هئي، تنهن تي به پاڻي ڦيري ڇڏيائين. هڪ ڏينهن مان وٽس ويٺو هئس. تڏهن پاڻ لارينس روڊ واري بنگلي ۾ رهندو هو. شام جي مهل هئي. مون کان پڇيائين: ”ٻئي جلد بابت راءِ ڏي “

مون ان جا ڪي ٿورڙا ٽڪر پڙهيا ها، پر اصل ڪونه وڻيا ها، جو انهن ۾ ’آمد‘ نه پر ’آورد‘ وارو معاملو هو. مون کيس چيو ته ”رات ڪتاب پڙهي، صبح جو اوهان کي راءِ ڏيندس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com