سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :23

نور محمد لاشاري _

فن جي عروج جي علامت

 

سنڌ ۾ ثقافتي لاڙي کي تقويت پھچائڻ جو وڏو ۽ بنيادي عنصر موھن جي دڙي جي ٿيل کوٽائيءَ مان ظاھرٿئي ٿو. ناچڻي مور تيءَ کان وٺي ھر انھيءَ شيءِ ۾ جمالياتي حسن ۽ ثقافتي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪا موھن جي دڙي مان دريافت ٿي. ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته اھو انسان ئي ڪونھي، جنھن ۾ سُر ۽ ثقافت جي خوشبوءِ نه ھجي. سو سنڌ جي عظيم فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اھڙي خوشبو ھئي، جيڪا نه صرف فني قدردانن کي موھت ڪندي ھئي پر مرحوم نور محمد لاشاري سان ھڪ ڀيرو ڪچھري ڪندڙن کي به احساس ٿيندو ھو ته ھو مڻيادار ماڻھو ھو، ھن ۾ سنڌ جي خوشبو ھوندي ھئي، جيڪا انگريزي چواڻي جيان ”It Speaks itself“(اھا پاڻ ڳالھائيندي آھي). مرحوم طارق اشرف جي رسالي ”سھڻي“ جو ٻيو جنم جڏھن شروع ٿيو ته مون اُن ۾ شو بزنس لاءِ لکڻ شروع ڪيو.ننڍپڻ کان ئي دل جي دريءَ تي پي . ٽي . وي .جو ناٽڪ سڀا حاوي ھوندو ھو. ان وقت سيٽلائيٽ چينل نه ھئا. ناٽڪ سڀا جا بليڪ ائنڊ وائيٽ ڊراما ۽ انھن ۾ نور محمد لاشاري جي فني اڏام جا مختلف روپ دل جي اڱڻ تي مور بڻجي نرت ڪندا ھئا. ھن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو ھو.انھن ڊرامن ۾ علي بابا جو ”دنگي منجھه دريا“ به ھو، جنھن ۾ لاشاري ۽ جيجي زرينه بلوچ انھيءَ معيار جي اداڪاري ڪئي ھئي، جھڙي نصيرالدين شاھه ۽ شبانه اعظمي، شيام بينيگل جي فلم ”پار“ ۾ پرفارمنس ڏني ھئي. نصير ۽ شبانه کي انھيءَ فلم تي نيشنل ايوارڊز مليا، پر نور محمد لاشاري ۽ زرينه بلوچ کي سموري سنڌ جي ماڻھن پنھنجي من ۾ فن جي سڳنڌ سمجھي سانڍي ڇڏيو.سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامي کي اڄ به اھا حيثيت نه ملي سگهي آھي، جنھن جو سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامو مستحق آھي، پر پوءِ به عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا مرحوم جھڙن ماڻھن جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو آھي جو سنڌي ڊرامو ۽ سنڌي موسيقي اڄ به قائم آھن.

نور محمد لاشاري عام زندگي ۾ استاد ھو، پر ھن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ سنڌ جي ھر گهر ۾ ٽي. وي ڊرامن ذريعي سنڌ جي ڏکويل ماڻھن جا ڏک، پنھنجي فن جي عروج سان ونڊيا. عبدالقادر جوڻيجي جي ”ديوارن“ لاشاري کي نيٽ ورڪ تي اھا حيثيت ڏني، جيڪا مغرب ۾ گريگري پيڪ، انٿوني ڪوئن، رابرٽ ڊي نائرو، سين ڪونري کي آھي. ھو مڪمل طرح سان ڪيمرا جو ماڻھو ھو. ڪيمرا آن ٿيندي ئي ھوآن ٿي ويندو ھو. ديوارين کان وٺي عبدالقادر جوڻيجي جي ئي ”بدلتي موسم“ تائين ھن فن جي عظمت جا سڀ جھنڊا جھولايا. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات 1991ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ يار محمد شاھه جي ڪرايل سنڌي فلمن جي ميڙي تي ٿي ھئي، جتي فن جي عظيم شخصيت ۽ ”پرديسي“ ۽ ”عمر مارئي“ فلمن جو ھيرو حسين علي شاھه فاضلاڻي پڻ آيل ھو. جنھن مھل فاضلاڻي اندر داخل ٿيو ته لاشاري يڪدم ادب ۾ اٿي بيٺو ۽ فاضلاڻي صاحب سان جھڪي نھايت پيار سان مليو. اتي محمود صديقي، منظور مراد، شاھه اسد، ايم .اي . راجا پڻ موجود ھئا. نور محمد لاشاري سان اتي پھريون دفعو مون ويڊيو تي انٽرويو ريڪارڊ ڪيو، جنھن ۾ ھن سنڌي فلمن جي بحران ۽ ٽي .وي ڊرامي تي ڳالھايو.

Text Box: 470

 

Text Box: 469

 

نور محمد لاشاري کي صرف سندس لافاني فن جي ڪري ڊرامي ۾ رول ملندو ھو. عبدالقادر جوڻيجي ”راڻي جي ڪھاڻي“ جو رول خاص ڪري ھن لاءِ لکيو ھو ۽ بقول جوڻيجي صاحب جي ته ”لاشاري منھنجي توقع کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو.“ انھيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھن ٽنڊي آدم ۾ پھرين ملاقات ۾ مون کي چيو ھو ته ٻيلي شاھه صاحب، تون شو بزنس ۾ سنڌ جو پھريون ماڻھو آھين، انھيءَ جي پارت ھجنئي. اھو واحد موضوع آھي، جنھن کي خدا جو شڪر آھي ته ھاڻ مرج ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي .

 

انور مقصود جي گهر شبانه اعظمي جي مان ۾ ڊنر ڏني وئي ھئي. اتي انڊيا جي عظيم فنڪاره شبانه ڪچھري ۾ ٻڌايو ته ”ديوارين ۾ مون کي نور محمد لاشاري جي اداڪاري ڇرڪائي ڇڏيو، ھن جي اداڪاري ۾ غضب جي اصليت آھي.“ اھا ڳالھه ٻڌي الائجي ڇو منھنجيءَ دل ۾ نور محمد لاشاري لاءِ عقيدت بي اختيار وڌي وئي، ڇو ته اھا ڳالھه ھڪ اھڙي عورت چئي رھي ھئي، جيڪا پاڻ فن جي ديوي آھي. نور محمد لاشاري سان اڪثر پوءِ ڪراچي ٽي .ويءَ تي ملاقات ٿيندي رھندي ھئي. ھو پنھنجي غريباڻي اسڪوٽر تي ٽي . وي سينٽر ايندو ھو. ھڪ ڀيرو بيدل مسرور سان سيٽ تي ويس ته ”ناٽڪ رنگ“ جو ڊرامو رڪارڊ ڪيو پئي ويو. سيٽ تي نور محمد لاشاري ۽ روشن عطا ويٺا ھئا. لاشاري جي طبيعت صحيح نه ھئي. سين جي گهرج مطابق لاشاري کي پوري سيٽ جو چڪر ڪاٽي اچڻو ھو. بيدل مسرور پوري انھيءَ سين لاءِ پنج ڇھه ڀيرا لاشاري کان ري ٽيڪ ڪرايو. ھلندي ھلندي لاشاري پگهرجي ويو. آخري ڀيرو جڏھن بيدل او. ڪي چيو ته لاشاري بي اختيار چيو ته بيدل صاحب ڏس اڃا به شاٽ صحيح نه ھجي ته وري ڪريون. ان مھل گهڻو ھلڻ ڪري ھو سھڪي رھيو ھو، پرکيس اھو فڪر ھو ته شاٽ صحيح ٿئي. مون مرڪي چيو مانس ته ”لاشاري صاحب، ھڪ شاٽ پگهرائي ڇڏيو“ ته پاڻ چيائين ته ”سائين اسين ته معمول فنڪار آھيون، ھتي وڏن وڏن جو پگهر ڪونه بيھندو آھي.“ ھڪ دفعي سائره ڪاظمي سان ڪچھري ويٺي ڪيم ته لاشاري اندر داخل ٿيو. سائره احترام ۾ اٿي بيٺي پاڻ نھايت پيار سان سائره کي مٿي تي ھٿ رکي پڇيائين ”منھنجي امڙ، خوش تو ھو.“ نه صرف پر ڪراچي ٽي .وي جي پي. آر .او غزاله يا سمين لاشاري لاءِ چئي ٿي ته ھو اسان جو روحاني پيءُ ھو. ڪاريڊور ۾ ڪا به ڇوڪري ڏسندو ته لاشاري انھيءَ جي مٿي تي ھٿ رکي شفقت سان خير عافيت دريافت ڪندو. اھا ھن جي شخصي انفراديت ۽ ماڻھپو ھو، جنھن جي ڪري ھرننڍي وڏي وٽ ھن عزت ھئي. جيتوڻيڪ ڪراچي ٽي . وي تي به سنڌي فنڪارن لاءِ ڏکيا روَيا آھن پر نور محمد لاشاري، مدبر رضوي اسڪرپٽ ايڊيٽر کان وٺي فاطمه بجيا سان ڀاڪري پائي ملندو ھو. روبينه اشرف ھن جو ذڪر ڪندي روئي ٿي ۽ چوي ٿي ته لاشاري صاحب ائين قرب ڏيندو ھو، جو محسوس ٿئي ٿو ته ھن دور ۾ اھڙا قربائتا ماڻھو ٿورا ھوندا آھن. مشي خان مون کي ٻڌايو ته لاشاري ٽي . وي تي واحد اھڙو ماڻھو آھي، جنھن جي اکين ۾ ٻين لاءِ شفقت ۽ چپن تي دعائون ھونديون آھن. ھن جي وفات سان پي . ٽي . وي يتيم ٿي ويئي آھي. اسان وٽ فنڪار جي وفات کان پوءِ شايد اھڙائي مضمون لکڻ اسان جي عادت بڻجي وئي آھي، ڇو ته انھيءَ کان وڌيڪ اسان ۾ ايتري ته ساڃاھه رھي نه آھي جو ڪنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ھن کي رويي جي خوشبوءَ سان سرشار ۽ مسرور ڪريون. نور محمد لاشاري جھڙو رويو به ھر ڪنھن وٽ نه آھي، جو پريا ڏسندين ڀاڪر پائي چوندو ھو ته ”منھنجا سڄڻ،  منھنجا ڍولڻ ، بابلا.“ اھڙا مٺا لفظ ٻڌڻ کان اھي سڀ ماڻھو مون سميت محروم رھجي ويا آھن ۽ فني تسڪين جي به اھا ڪنڊ خالي ٿي وئي آھي. جنھن ۾ لاشاري جي ڊرامن ڪري ٻھڪاءُ محسوس ٿيندو ھو. اسين فنڪارن ۾ خود ڪفيل آھيون پر نور محمد لاشاري جي جاءِ ھميشه خالي رھندي. 30سالن کان وٺي فني سگهه جي علامت ھوندي به ھو بنگلي ۽ موٽرجو مالڪ نه بڻجي سگهيو. مغرب ۾ ھڪ فلم ۾ ڪم ڪري فنڪار ارب پتي ٿيو وڃن پر نورمحمد لاشاري کي ڪڏھن به پئسو حاصل ڪرڻ جو شوق نه رھيو. ھو انھيءَ ۾ ضرور خوش ٿيندو ھو. اسين ته سندس پرفارمنس تي ڀرپور تبصروڪيو وڃي. شايد ھرسٺي فنڪارلاءِ اھوئي بنياد ھوندو آھي. ھن وٽ ته ڪراچي ۾ جاءِ مسواڙ جي ھئي. غربت ھوندي به ھن جو شمار امير فنڪارن ۾ ٿيندو رھندو. اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن جا گهڻا ڊراما ٽي .وي  تي يا ويڊيو تي محفوظ نه آھن. جڏھن ته انڊيا جي اداڪاري جي درسگاھن ۽ ادارن ۾ نور محمد لاشاري جا کوڙ اردو ۽ سنڌي ڊراما رکيل آھن، پار پاڻ وٽ صرف ڪجھه ڏينھن تائين فنڪار جي موت تي افسوس ڪيو وڃي ٿو. ممتاز .مرزا ويو، نور محمد لاشاري ويو، محمد يوسف ويو، سرمد سنڌي به ويو، سنڌ جي ثقافتي شوڪيس کي موت ھڻي خالي ڪري ڇڏيو آھي. پاڻ کي فني طور تي جرڪائڻ جي ايتري ساڃاھه ڪٿان ايندي جي اھڙا موتي وري پيدا ٿي سگهن. واقعي ٽي . وي جو ڊرامو لاشاري جي وفات کان پوءِ يتيم ٿي ويو آھي.

 

_ فدا حسين شاھه

 ”اچي بھار ته مجروح کي به ياد ڪجو !“

علي محمد مجروح جي وفات تي اثر

علي محمد مجروح جو شمار غزل جي بھترين شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو. ھن پنھنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌي شاعري جي ڦھلاءُ ۽ واڌاري ۾ گذاريو. مجروح جي شروعاتي تربيت بزمن جي پليٽ فارمن تي ٿي، پر ھو انھن نالي جي ”ڪھنه مشق“ شاعرن وانگر نه ھو، جيڪي لڪير جا فقير ھوندا ھئا. سندس ابتدائي چند غزلن ۽ شعرن کان سواءِ سموري شاعري زندگيءَ جي تقاضائن ۽ جذبن سان ھم آھنگ آھي. سندس شعر جا سڀ رنگ زندگيءَ جا رنگ آھن. اھوئي سبب آھي جو مجروح ننڍي عمر ۾ ئي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪري شعر پڙھندي زبردست داد حاصل ڪيو.

مجروح جو جنم اٽڪل 1925ع ڌاري ٿيو. پاڻ پنھنجو تعارف (1969ع) ھن طرح لکيو آھي:

”منھنجي عمر ئي ڇاھي جو سوانح لکان. سوانح لکڻ لاءِ ته زندگيءَ جي وسيع تجربن ۽ مشاھدن جو ڳوڙھو اڀياس ۽ نچوڙ گهرجي؛ مون وٽ ته اھڙي ڪا دور رس نظر به ڪانھي. البت ڪن دوستن کي قريب کان ڏٺو اٿم. سندن خلوص کي آزمائي ڪڏھن فخر مان ڪنڌ اوچو ٿي ويوآھي ته ڪڏھن احساس ندامت کان عرق عرق ٿي ويو آھيان. اھو آھي منھنجو تجربو ۽ اھو آھي منھنجو مشاھدو.

”زندگي بي ثبات ۽ عارضي ھجڻ سان گڏ غم انگيز به آھي، پر ان جي باوجود عزيز آھي. ڪنھن محبوب جي مرڪ وانگر موھيندڙ ۽ صبح جي اڀرندڙ سج جي پاڪيزه ڪرڻن وانگر اميد ۽ آرزوءَ جي نُور سان ڀرپور، انھيءَ ڪري زنده به آھيان. بھرحال زندگي ھڪ ذريعو آھي، ھڪ جذبو آھي. جھڙيءَ طرح جذبي کان سواءِ زندگي بيروح آھي، بلڪل اھڙيءَ طرح زندگيءَ کان سواءِ جذبو غير مجسم ۽ غير محسوس. زندگي ۽ جذبي ٻنھي جي يڪجائي ۽ ميلاپ جو نالو آھي شعر و ادب. انھيءَ ڪري شعر و ادب کي ئي سرمايو سمجھيو اٿم. جي جيئرو رھيس ته انھيءَ ۾ وس آھر اضافو ٿيندو رھندو، پر جي مري ويس ته به غم ڪونھي _ سنڌي ادبي بورڊ ته موجود آھي؛ منھنجي ڪلام جو ضرور تحفظ ڪندو. ان بعد به جي آءُ امر نه ٿي سگهيس ته نه سھي، گهٽ ۾ گهٽ ڪن دوستن جي المارين ۾ ته محفوظ ٿي ويندس. ھن کان ڪجھه سال اڳ ”مھراڻ جا ماڻڪ “ لاءِ لکيل پنھنجي خاڪي ۾ ڪي تاثرات بيان ڪندي لکيو ھئم ته ”نئين سنڌ“ ۾  سب ايڊيٽريءَ وارو دوُر منھنجي ادبي زندگيءَ جو اھم دوُر ھو، پر ھاڻ ان ۾ اھا ترميم ڪندس ته حيدرآباد ۾ انفرميشن کاتي جي ملازمت جا ڇھه سال منھنجي ادبي زندگيءَ ۾ ھڪ خاص مقام رکن ٿا. انھيءَ دوران نون دوستن سان متعارف ٿيڻ سان گڏ، پراڻن رفيقن جي قرب ۽ خلوص جو سزاوار پڻ ٿيس. اڄ به انھن قرب ڀرين ڪچھرين جي ياد منھنجي زندگي جو عزيز ترين سرمايو آھي.

”حيدرآباد وارو زمانو منھنجي شاعريءَ جو بھترين زمانو ھو. منھنجو غزل ھتي ئي مھراڻ جي مست موجن ۽ ان جي زندگي پرور فضائن سان روشناس ٿيو.

”شاعريءَ ۾ غزل منھنجي محبوب صنف سخن آھي، ان ڪري ته غزل جي زبان جذبي جي زبان آھي. غزل حسن ۽ عشق جي لطيف جذبن جي ترجمانيءَ سان گڏ دنيا جي ھر ڏک ۽ غم کي پاڻ ۾ سموئي سگهي ٿو. غزل داخليت ۽ خارجيت جو آئينه دار آھي، غزل ۾ اوھان وسعت پڻ آھي ته ھو ھر بدلجندڙ دؤر جو ساٿ ڏئي سگهي. غزل مون کي ان ڪري به عزيز آھي. جو ان ۾ تغزل ۾ ترنم جو دلڪش امتزاج موجود آھي.

”ھاڻي ته اھو به عرض ڪرڻو پوندو ته آءُ ڪير آھيان، ڪنھن جو پٽ آھيان، نه ته ھن خاڪي جو پورائو نه ٿي سگهندو. بھرحال منھنجو نالو علي محمد (مجروح) ۽ والد مرحوم جو نالو خير محمد آھي. ذات جو پنھورآھيان. ڪراچيءَ ۾ ڪيئن اچي اڙيس اھو قصو پراڻو به آھي ۽ طويل به. وڏن کان ٻڌو اٿم ته اسان جو پڙڏاڏو حاجي دائود ۽ سندس وڏو ڀاءُ حاجي رمضان روزگار سانگي، ميھڙ مان ڪھي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا ۽ اتي ئي جنت مڪاني ٿيا. شروع شروع ۾ اسان جي وڏن جو ڳچ سالن تائين ميھڙ ۾ رھندڙ مائٽن وٽ اچڻ وڃڻ رھيو، پر پوءِ استناد زمانه سبب لڳ لاڳاپا ختم ٿيندا ويا ۽ اڄ ته بلڪل معدوم ٿي چڪا آھن. نه اھي اسان کي نه اسان انھن کي سڃاڻون. ھن وقت ڪراچي جي سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ ايسٽيٽس (S .I. T .E) ۾ ملازم آھيان. زندگيءَ جا ٽيتاليھه سال گذري چڪا آھن. باقي مانده حياتي خدا ڄاڻي ڪيئن گذرندي.“ (”مھراڻ “ _ ”شاعر نمبر“ _ 1969ع)

مجروح جو صحافت سان پڻ گهرو لاڳاپو رھيو ۽ پاڻ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ به ڪم ڪيائين، جن ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني ”نئين سنڌ“ جو سب ايڊيٽر، محمد عمر ڄاموٽ جي اخبار ھفتيوار ”ناخدا“ ڪراچي (نئوآباد) کان سواءِ لعل محمد لعل جي ماھوار ادبي رسالي ”آفتاب“ ڪراچي ۽ ٻين ۾ پڻ ڪم ڪيائين ۽ محنت ۽ جستجو سبب صحافتي حلقن ۾ پڻ حيثيت پيدا ڪيائين.

مجروح جا شعر انساني فطرت جي ترجماني ڪندڙ آھن. ھن پنھنجي ادبي لاڙي کي قافيه پيمائي تائين محدود نه رکيو ۽ پنھنجي شعر جي مضمون کي روايتي غزل جي ورجايل خيالن جو پابند بڻايو، پرھن پنھنجي شاعريءَ ۾ خيالن جي تازگي آندي. شيخ عبدالحليم”جوش“ جي لفظن ۾ ”زلفن جي اوٽ ۾ وقت جي حادثن جو ذڪر آھي.“

”رنگ، خوشبو ۽ روشنيءَ جو شاعر علي محمد مجروح“ مضمون ۾ نامياري شاعر شيخ عبدالحليم جوش، مجروح جي شاعري بابت لکيو آھي ته ”مجروح جو غزل، روايت کان بغاوت نه آھي، پر روايت ۽ جدت جو حسين امتزاج آھي.غزل جي مخصوص لب و لھجي کي متحرڪ ڪري، مجروح سادي پر سوادي ٻوليءَ ۾ غزل کي نوان خيال ۽ اظھار جا نوان انداز ڏنا. سندس سوچ جو دائرو ذات تائين محدود نه آھي پر ڪائنات وانگر وسيع آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھو ذاتي صدمن ۽ روماني تجربن کي رنگ ۽ خوشبو، رات ۽ باک، لڙڪ ۽ مرڪ، حسرت ۽ مسرت، سراب ۽ خواب، آس ۽ پاس، موجن ۽ ڪنارن، حادثن ۽ پيمانن اھڙن ٻين دلڪشن اصطلاحن ۽ علامتن کي زندگي جي حوالي سان پيش ڪري ٿو. سندس ذات جو غم، محبوب جي بي رخي سببان سماج جو غم ٿي پوي ٿو. ھو پنھنجي پيڙا کي انسانيت جي پيڙا جو حصو سمجھي ٿو. مجروح جي غزلن، گيتن ۽ نظمن کي مختلف زاوين کان سمجھڻ جي ضرورت آھي. اھو چوندي آءُ وڌاءُ محسوس ڪونه ٿو ڪريان ته علي محمد مجروح جو ڪلام ۽ خاص طور غزل، اسان جي شاعريءَ جو قيمتي سرمايو آھي.“

Text Box: 477

 

مجروح جي شعر ۾ تمام گهڻيون خوبيون آھن. سندس شعر ۾ سادگي ۽ سچائي، دلڪشي ۽ نغمگي نظر ايندي ته ماضيءَ جا نقش پڻ چٽيل اٿس ته وري حال کي جاڳايو ۽ ھڪ سھڻي مستقبل جو خواب پڻ اکين ۾ سجايل اٿس. ھتي آءُ فقط ڪجھه شعر مثال طور تي پيش ڪريان ٿو. ھونئن ته سندس ڪلام اھڙن خوبصورت شعرن سان ڀريو پيو آھي.

 

تون ته مجروح جو ڄڻ غزل پيو لڳين،

سادگي، دلڪشي، نغمگي، نازڪي.

_

چھري چھري تي ڏک لکيل آھن،

ماڻھو ماڻھوءَ کي پڙھڻ گهربو ھو.

_

تنھنجي ھڪڙي ادا، تنھنجي  ھڪڙي نظر،

زندگي زندگي، روشني روشني.

_

ڪا باک جڏھن ماڪ جي موتيءَ کي چُمي ٿي،

ھن دل ۾ تنھنجي ياد جو ڪو زخم ٽڙي ٿو.

_

وارن جا ور کلن ته ٿئي شام شھر۾ ،

رخ تان ھٽن ته صبح جا ڄڻ سانگ پيا لڳن.

_

رات ڪاري قھر واري ئي سھي،

رات آھي نيٺ ويندي دوستو.

_

آءُ تنھا مٿي تي ڏکن جي ڀري،

آھي ڪيڏي پري منزلِ زندگي.

_

زندگي سونھن جو سفر آھي،

پيارا جا پيچرا کٽي نه سگهيا.

_

ھا جڏھن سُوري سڏيندي دوستو،

عاشقن جي عيد ٿيندي دوستو.

مجروح مشاعري جو به ”ڪامياب شاعر“ رھيو ۽ ھو ڪراچيءَ کان جيڪب آباد تائين ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رھيو ۽ خوب داد حاصل ڪندو ھو.

اھڙي طرح ٽيليويزن ۽ ريڊيو تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ خاص طور تي شريڪ ٿيندو رھيو ۽ سندس شھرت خوشبوءَ وانگر سڄي سنڌي ادب ۾ ڦھليل آھي. سندس پياري ۽ مٺڙي آواز سبب مشاعرن ۾ کانئس ”ترنم“ ۾ شعر پڙھڻ جي گهر ٿيندي ھئي ۽ سندس ترنم سان شعر پڙھڻ واري منفرد انداز سبب کيس زبردست داد ملندو ھو. ناليواري اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق جي لفظن ۾ ”ھو جڏھن به مائيڪ جي آڏو ايندو ھو ته ٻڌڻ وارا ”ترنم ...... ترنم“ جي ڌُم لائي ڏيندا ھئا. سندس ترنم سان پڙھڻ وارا انداز دھلوي يا لکنوي نه ھوندو ھو، پر اھوٺيٺ سنڌي ھوندو ھو، تنھن ڪري سنڌ واسين کي تمام پيارو لڳندو ھو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ پنھنجائپ ھوندي ھئي. اھوئي سبب آھي جو ٻڌڻ وارا متوجه ٿي سندس خوبصورت شاعريءَ تي کيس دل کولي داد ڏيندا ھئا.“ مطلب ته علم و ادب جون رھاڻيون ھجن، ثقافتي ۽ سماجي ميڙ ھجڻ، ھر طرف مجروح جي آواز جو پڙاڏو ھوندو ھو.

مجروح جو ڪلام ٽيليويزن ۽ ريڊيو تي پڻ وقت بوقت نشر ٿيندو رھي ٿو ۽ ھن ڪيترين فلمن لاءِ پڻ نغما ۽ گيت لکيا، جيڪي تمام گهڻا مشھور آھن. اھڙي طرح سندس ڪيترا ڊراما پڻ نشر ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ مجروح مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ ٻارڙن لاءِ ڳچ ڪھاڻيون پڻ لکيون ۽ پاڻ مختلف وقتن تي ٽي .وي لاءِ نعتون ۽ گيت لکيا توڙي پڙھيا آھن.

سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ مجروح جي بيشمار خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪافي ايوارڊ پڻ مليا، جڏھن ته کيس 1995ع ۾ سرڪار پاران پاڪستان جو وڏو صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو. مجروح جي شاعريءَ جو مجموعو ”سڪ جو سمونڊ“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾ ڇپرايو ويو.

سنڌ جو ھي منفرد ۽ برک شاعر علي محمد مجروح ڪيتري عرصي کان بيمار ھو ۽ ھو گذريل ڇھن مھينن کان ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا رھي، موت سان ويڙھه ڪندو آخر 6فيبروري 1997ع تي وفات ڪري ويو. اڄ مجروح اسان وٽ موجود ناھي، پر سندس ڪيل خدمتون ڪڏھن به وساري نه سگهبيون.

اچي بھار ته مجروح کي به ياد ڪجو،

انھيءَ به ھجر ۾ راتيون گذاريون يارو.

_

ڏسندين وري نه پيارا، راھن تي زندگيءَ جي،

مجروح جھڙا ماڻھو صدين ۾ ئي اچن ٿا.

_

ڪنھن طور سدائين گڏ ھوندو، ھي پنھنجي مٺڙن پيارن سان

پيا ٻول سندس ٻڌبا رھبا، مجروح نه ھوندو ڇا ٿيندو.

 

_ ”آزاد“ انور ڪانڌڙو

 

 ايندڙ بھار جي اوسيئڙي ۾ !

راھي چنا جي ياد ۾

 

دادو دل وارن جو ضلعو آھي. وطن پرستيءَ کان ادب دوستيءَ تائين ھن ضلعي جي منفرد تاريخ رھي آھي. ھن ئي ضلعن جو ھڪ محب وطن عالم ۽ بھادر انسان مخدوم بلاول، گهاڻي ۾ پيڙجي ويو، پر ٻاھرين حاڪمن جي بيعت نه ڪيائين ۽ نه ئي سندن سنڌ تي اقتدار برداشت ڪيائين. ڌرتي ۽ اُن جي رھواسين جي زندگيءَ جي سلامتيءَ لاءِ گهاڻي ۾ ھڏ پيڙائڻ پسند ڪيائين، پر جھڪيو نه. مخدوم بلاول جي ساٿي ۽ پيرو ڪار سيد حيدر سنائيءَ، سن جي تاريخي شھر آڏو، ارغون حاڪمن جي مُرشد ۽ سندن اقتدارکي سنڌ ۾ مذھبي نالي ۾ برقرار رکڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ميران محمد جونپوريءَ جون ٻيڙيون ھڪ ”درياھي جنگ“ دوران ٻوڙائي ڇڏيون، ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينھن سنڌ جي حدن کان ٻاھر ڪڇ طرف جلاوطنيءَ ۾ گهاريا ۽ وطن دوستيءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو. سائين جي. ايم. سيد جو سنڌ جي سياست ۾ مقام پڻ بلاولي روايت جو ھوبھو آئينو رھيو آھي. دادو ضلعي جي ھڪ پھاڙي سلسلي ۾ درياھي ڪنڌيءَ واري ڳوٺ سن جي ھن جھور پوڙھي، سنڌ سان الستي عشق جي جُرم ۾ الزام ۽ ڪفر جون فتوائون سٺيون، نظربنديون ۽ جبل جون صعوبتون برداشت ڪيون، آخري پساھه پوليس جي پھري ۽ سنگينن جي سايي ھيٺ اسپتال اندر پورا ڪيا، پر سنڌ جي، سُک / سُڪار ۽ زندگيءَ جي سلامتيءَ واري سوال تان نه ھٿ کنيائين ۽ نه ڪڏھن وڪيو ۽ نه ئي وري ڪڏھن جھڪيو.

اھڙي طرح سچن سرجڻھارن جي صف تي نظر وجھنداسون ته ھن ضلعي جي زرخيز مٽيءَ، اُستاد بخاريءَ جھڙي ھڪ وڏي شاعر کي جنم ڏنو، جنھن غلام چانڊيي جي ننڍڙي ڳوٺ مان نڪري، پنھنجي شاعريءَ جي شعاعن سان سڄيءَ سنڌ ۾ سھائي پکيڙي ڇڏي. ھو خودداريءَ ۾ بيمثال ۽ سنڌ دوستيءَ جو اھڃاڻ ھو. ھن ھمت جي ھماليا، ڪئنسر جھڙي نگري بيماريءَ کي ”قوت اراديءَ “ (Will Power) وڏي مڙسيءَ سان مُنھن ڏنو ۽ آخر تائين زندگيءَ جا گيت ڳائيندو ۽ لکندو رھيو.

ان ئي دادوءَ جي ڌرتيءَ پروفيسر عبدالله خان مگسيءَ کي جنم ڏنو، جنھن سنڌ جي تاريخ جو جديد شعور ڏنو ۽ نئين نسل لاءِ سنڌ جي تاريخ جو اھڙو زاويو ۽ روپ ڇڏي ويو، جنھن کي پڙھڻ سان فخر ٿئي ٿو. ھيءُ بھادر شخص به موت جي اکين ۾ اکيون وجھي چوندو رھيو: ”زندگي، خوبصورتيءَ ۽ تحريڪ جو نانءُ آھي، ماڻھو چاھي ٿو ته ان کي آخري لمحن تائين قائم رکي، ان ڪري اُن لاءِ جدوجھد ڪندو رھي.“

ھن ڀونءِ اھڙي ئي ھڪ تخليقڪار ۽ اسان جي بھادر يار کي جنم ڏنو، سو جوھيءَ جو راھي چنا ھو. 6_ 1_ 1950ع تي جنم ورتائين. اڃا ڇھن سالن جو ٻار ھو ته پيءُ جي شفقت جوسايو مٿي تان ھٽي ويس. ننڍپڻ ۾ ھن ڇولا وڪيا،تغاري کڻي مزدوري ڪئي. ۽ جوھيءَ جي چونڪ تي بوٽ پالش ڪئي. ھن ڏکن جي ڏوليءَ ۾ پليل شخص جي زندگيءَ ۾ پھرين تبديلي، سندس ننڍپڻ جي دوست ۽ ڪلاس ڀائيءَ ڊاڪٽر عبيدالله عباسيءَ آندي، جيڪو راھيءَ کي بوٽ پالش جي دڪان تان اٿاري، ڄامشوري جي ھوائن ۾ وٺي؛ ۽ راھي 1971ع کان 1996ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ ڪميسٽري ۾ ، جيون جا ڀرپور25 سال ليب اٽينڊنٽ طور ملازمت ڪندي، ڄامشوري جو ٿي ويو. ھاڻي راھي ڄامشوري جو ۽ ڄامشورو راھيءَ جي سڃاڻپ جو اھڃاڻ بنجي ويو. جوھيءَ سان ھن جي جيءَجون جڙون، 1981ع کان 1984ع تائين ڪٽجي چڪيون ھيون. 20_ 10_ 1981ع تي راھيءَ جي امڙ جنت خاتونءَ وفات ڪئي، ۽ 26 _ 2_ 1984ع تي سندس پيءُ برابر وڏو ڀاءُ به اڻ ڏٺي ڏيھه ڏي راھي ٿي ويو، ۽ ائين جوھي ، راھيءَ لاءِ اجنبي شھر بنجي ويو.

راھيءَ زندگيءَ ۾ خودداري، محنت، ھمت ۽ حوصلو، ماءُ ڀاءُ کان حاصل ڪيو. پورھيت ماءُ ، ھن جي سرشت ۾ پورھئي لاءِ پيارُ ۽ حق حلال جي روزيءَ لاءِ اُتساھه پيدا ڪيو. ھو پنھنجي وڏي ڀاءُ مرحوم حاجي محمد ھاشم چنا جي شخصيت کان ڏاڍو متاثر ھو ۽ سندس اِن عمل کيس بيحد متاثرڪيو ھو ته مرڻ کان پوءِ جوھي شھرمان ھڪ به قرضدار وٽس نه آيو ھو، پر ڪيترا ماڻھو مرحوم جا قرضدار ھئا.

راھيءَ کي پنھنجي ماءُ سان اٿاھه پيار ھو. ڊائري اڪثر ڪري ماءُ سان مخاطب ٿي لکندو ھو ۽ کانئس دعائون طلب ڪندو ھو. سندس زندگيءَ جي وڏن حادثن ۾ ماءُ جي جُدائي، پھرين گهر واريءَ جي بيوفائي، محبوب زال مختيار عرف گلشن جي 25سالن جي ڦوھه جوانيءَ ۾ اوچتي وفات، ذاتي طرح تعليم حاصل نه ڪرڻ جو ڏکُ ۽ وڏي نياڻيءَ فرزانه جي بھتر ڏاج سان بھترنموني شادي نه ٿيڻ جا واقعا اچي وڃن ٿا.

گهر واريءَ جي وڇوڙي کان پوءِ راھي سڀ شوق ڇڏي، يتيم اولاد جي مستقبل لاءِ پتوڙيو. وڏي پُٽ حميد کي اعلي تعليم ڏيارڻ سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو خوابُ ھو، جيڪو آخرتائين پورو نه ٿي سگهيو. 1995ع ۾، ننڍيءَ عمر ۾، حميد جي شادي ٿيڻ جو به کيس آخر تائين صدمو رھيو، ڇو ته راھيءَ، پُٽ جي شاديءَ جا جنھن قسم جا خواب ڏٺا ھئا، سي اڻپورا رھجي ويا.

ھن کي جنم ڀومي جوھيءَ سان ڏاڍو پيارُ ھو. اباڻي شھر جي رستي ۽ ھر گهٽيءَ سان کيس اُنس ھو. پر ماءُ ۽ ڀاءُ جي وفات ڪري وڃڻ ۽ ڀيڻ طرفان اباڻن ڪکن وڪڻي ڇڏڻ کان پوءِ ھن جو ڄڻ ته جوھيءَ سان ناتو ٽُٽي چڪو ھو. ھو ھڪ ھنڌ ڊائريءَ ۾ جيجل امڙِ کي مخاطب ٿي لکي ٿو ته: ”امڙِ! اُھو گهر جتي مون بانبڙا پاتا، اُھو ھاڻي ٻين جو گهر آھي.“ ھُو جوھيءَ ويندو ھو، پر ڪُجھه ڪلاڪن لاءِ، پروان وانگر، ھڪ تنھا ۽ اجنبي مسافر وانگر. ھو ھر سال نائين محرم جي ڏھاڙي ماءُ ۽ ڀاءُ جي قبرن جي صفائي لاءِ، سندن حاضري ڀرڻ لاءِ، مٿن ٻه قُل پڙھڻ لاءِ ۽ گلن جون چادرون چاڙھڻ لاءِ ويندو ھو. ساڳئيءَ طرح پنھنجي محبوب زال جي قبر تي به گل چاڙھڻ لاءِ ھر سال ويندو ھو گُلَ، راھيءَ جي ڪمزوري ھئا، خاص ڪري موتئي ۽ گلاب جا گل.

راھي پنھنجي جنھن اڇي سنگمرمر جي قبرلاءِ وصيت ڪري ويو آھي، اُن لاءِ لکي ٿو: ”قبر مٿان گلن رکڻ جي جاءِ پڻ ٺھرائي وڃي. ھيءَ قبر علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي پيرانديءَ کان، جامع مسجد واري پاسي کان ٺاھي وڃي . منھنجي قبر جي ڀرسان موتيو ۽ ڳاڙھو گلاب لڳائي ڇڏجو. جيڪڏھن ائين نه ڪري سگهو ته منھنجي قبر تي گلاب ۽ موتئي جا گل ضرور رکندا ڪجو، ڇو جو آءُ پنھنجي کيسي ۽ سيرانديءَ کان ھميشه موتئي جا گل رکندو ھوس. موتئي جو گل منھنجي ڪمزوري آھي“ افسوس راھيءَ جي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي پيرانديءَ کان پورجڻ واري خواھش به پوري نه ٿي سگهي، جيتوڻيڪ سندس معصوم پُٽ حميد راھيءَ پاران راھيءَ جي دوستن کي عرض ڪرڻ جي باوجود، اِن خواھش جو پورائو نه ٿي سگهيو. پوءِ به معصوم حميد کي لک شابسون ھجن، جنھن عزيزن جي ناراضگي سِر تي کڻي به پيءُ کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ڪالونيءَ جي قبرستان ۾ رکايو، جتي راھيءَ جي دوستن اياز عالم، طارق عالم ۽ نياز پنھور جاپيئر ۽ ٽوڙي سانحي جو شھيد مِٺو بُليدي رکيل آھن. مِٺو بُليدي جي قبر17_ آڪٽومبر جي ڏھاڙي سائين ظفر حسن، راھي چنا ۽ سنڌي ادبي سنگت ڄامشوري ڪالونيءَ جا دوست ھر سال گلن جي چادر چاڙھيندا ھئا، اڄ راھي، سندس ڀر ۾ دفن آھي ۽ ھاڻي حميد، فوزيا، رابعا، نويدَ، نازيا، مجيد، ظفر حسن ۽ اسان راھيءَ جي دوستن کي راھيءَ جي قبرتي گلن چاڙھڻ جو فرض پورو ڪرڻو آھي. راھيءَ جون نياڻيون، پُٽ ۽ دوست، سندس وصيت موجب روزانو سندس قبر تي گل ۽ موتئي جا گل رکڻ ايندا آھن ۽ سندس قبر تي ھر وقت گلاب يا موتئي جا تازا گل ڏسڻ ۾ ايندا آھن. پر اھي اِھو چوندي ٻُڌيو آھي ته:

مون توکي گيت ڏئي

جيڪي گل ورتا آھن

سي ته مُند/ وقت پُڄاڻان،

ڇڻي پوندا،

ڪومائجي ويندا _

پر منھنجا گلابي گيت،

ھرمند ۾ سُرھا رھندا،

ھر موسم ۾ مھڪندا رھندا،

چوطرف خوشبوءِ پکيڙي

گهٽي ءَ گهٽيءَ کي واسي ڇڏيندا.

زندگيءَ جي وڏن حادثن، جن کيس اڪيلو، ھيڻو ۽ اُٻاڻڪو بڻائي، پُرزا پرزا ڪري ڇڏيو ھو، جي باوجود راھيءَ ھمت نه ھاري ۽ ڪڏھن مايوس نه ٿيو. ھمت، حوصلي، محنت ۽ محبت سان زندگيءَ جو گاڏو مختصر پگهار سان گهليندو رھيو. ٻارن جي ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي ، تعليم، بيماريءَ، اُٿي ويٺيءَ، ڪتابن ۽ اخبارن جي مطالعي، يارن دوستن / اديبن ۽ شاعرن سان خط وڪتابت، سنڌي ادبي سنگت سان ساٿ ۽ دل جي بيماريءَ کي مُنھن ڏيندو رھيو. قرض کنيائين ، وياج ڀريائين ، سڀ ادائگيون ڪيائين. قرض جيڪو ادا نه ڪري سگهيو، اُن لاءِ وصيت ڪري ويو ته سندس پينشن ۽ گريجوئيٽيءَ جي پئسن مان ادا ڪيو وڃي.

غريبي حال جي باوجود راھي سڄي ڄمار اَڇو اُجرو رھيو. ڪڏھن به گهران ٻاھروڌيل شيوِ ۽ ميرن ڪپڙن سان نه نڪتو. اھا سندس عادت ھئي، اھو سندس دستور ھو ۽ اھا سندس ڪمزوري ھئي. اڇا، صاف ۽ استري ٿيل ڪپڙا، شيوِ لٿل، خوشبوءِ لڳل ۽ ھٿ يا کيسي ۾ موتئي جو گل. راھيءَ جي ادبي سنگت جو حلقو به وسيع ھو. سندس اڇي اُجري رھڻ واري عادت ۽ وسيع ادبي سنگت، ڪڏھن ڪڏھن ھن جي ڊپارٽمينٽ جي ڪرتائن ڌرتائن کي پسند نه پوندي ھئي،ڇو ته ھڪ گريڊ جي ملازم ھوندي به راھيءَ جي وڏن آفيسرن کان وڌيڪ رھائي، وڌيڪ دوستي، وڌيڪ عزت ۽ وڌيڪ احترام ھوندو ھو. ان ڪري ئي سندس ڊپارٽمينٽ جي ”وڏن“ کي  ”راھي شاعر“ نه وڻندو ھو. ھو کيس ھميشه تنگ ڪندا ھئا، ظفر حسن ۽ ٻين اديبن سان ملڻ کان منع ڪندا ھئا، ان حد تائين جو ڪراچي ٽي. وي جي مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ يا ”مھراڻ مئگ“ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ وڃڻو پوندو ھوس ته کيس ”موڪل“ وٺڻي پوندي ھئي. جڏھن ته ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ اھڙا اعليٰ اديب به رھندا ھئا، جيڪي ڪي پوسٽن (Key Posts)  تي ھوندي. اھڙين پابندين کان آجا ھوندا ھئا. آفيسرن جي اھڙي رويي، رکائي ۽ عدم سڃاڻپ، ھن جي دل آخري سالن ۾ نوڪريءَ کان کٽي ڪري وڌي ھئي.

راھي حد درجي جو خوددار شخص ھو. ھن بيحد خودداريءَ سان زندگي گذاري بيماريءَ ۾ انتھائي مجبوريءَ واري حالت ۾ دوستن جي مدد قبول ڪندو ھو يا وري قرض کڻندو ھو، پر ”گهرڻ کي مرڻ“ جي برابر سمجھندو ھو. ھڪڙي مانواري ھم قلم دوست، راهيءَ کان مختصر قرض جي رقم، انتهائي اڍنگي نموني گهري ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس ۽ اُتي ئي ٻئي ڪنهن دوست کان قرض وٺي، اُن اديب دوست کي ادائگي ڪيائين، ۽ ڏک مان ڊائريءَ ۾ لکيائين: ”ھو اديب ته برابر وڏو آھي، پر ماڻھو اوتروئي ننڍو آھي.“

ھڪ ٻئي ڀيري ڪنھن ٽيليويزن واري دوست کي ننڍڙي پُٽ ھٿان چٺي موڪليائين ته جيئن ھو ڪراچي ٽي . وي تي فون ڪري پروگرام جي ڪنفرميشن ڪرائي ڏئي. جڏھن اُن دوست چٺي پڙھڻ کان سواءِ ئي واپس ڪري ڇڏي ته اُن وقت جيڪو ڪربُ، جيڪا پيڙا راھيءَ محسوس ڪئي ھوندي، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آھي. اُن اعليٰ اديب شايد اھو سمجھيو ھو ته راھيءَ قرض لاءِ چٺي موڪلي آھي؛ پر راھيءَ سڄي ڄمارَ ڪنھن کي به ھڪ ٽڪو به ويچارو ٿي نه گهريو ھو.

_ ته اھڙن روين، حالتن ۽ عذابن ۾ گذاريندي به راھيءَ جو زندگيءَ مان چاھه ۽ ويساھه نه ٽٽو ھو. لک شابسون ھجن سائين ظفر حسن، ڊاڪٽر عبيدالله عباسيءَ ، ڊاڪٽر عبدالرحمان سيال، بلبل کورواھيءَ، عبدالله خان جيسر، اقبال شيني، نفيس احمد ناشاد ۽ ٻين دوستن کي، جن وقت به وقت اوکيءَ اويل ۾ ، خاص ڪري دل جي عارضي وقت سندس ھر ممڪن مالي مدد ڪئي. راھيءَ ذاتي طور مدد ڪندڙ دوستن لاءِ ڊائرين ۾ جيڪي محبت ۽ احترام جا لفظ لکيا آھن، سي ئي ڪافي آھن. نصير مرزا ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي ڪوشش سان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد وارن راهيءَ جي ڪافي مالي مدد ڪئي. خود سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن به سندس ڪجھه مالي مدد ڪئي، جنھن لاءِ بورڊ جي ڪنھن ملازم ڀل مانسائيءَ طور سندس ڌيان ڇڪايو ھو. پر جنھن سنڌ يونيورسٽيءَ کي راھيءَ پنھنجي رت _ پگهر جي پورھيي جا پورا پنجويھه سال ارپيا ھئا، اُن صرف 3000 (ٽن ھزارن) روپين جي مختصر مدد ڪيس. ھن رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ کيس ملڻ واري رقم مان 15000 رپيا ائڊوانس طور يونيورسٽيءَ وٽ رکڻ لاءِ درخواست ڏني ته جيئن ھو رٽائرمينٽ بعد ڪجھه مھينن لاءِ يونيورسٽيءَ جو رھائشيءَ ڪوارٽر پاڻ وٽ رکي سگهي ، ڇو ته ھن کي آخري وقت ۾ يتيم ٻارن جي اَجھي کسجي وڃڻ جو وڏو ڀوءُ ھو. پڇاڙڪن ڏينھن ۾، راھيءَ جا پنھنجي پَٽ حميد کي اعلي تعليم ڏيارڻ وارا خواب به چڪنا چورٿي چڪا ھئا ۽ کيس صرف اِھو اُلڪو لاڳو ھو ته حميد کي سندس جاءِ تي لئب اٽينڊنٽ / پٽيوالي/ چوڪيدار يا ڪلارڪ طور يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ملي پوي ته جيئن سالن کان مليل اجھو/ ڪوارٽر نه کسجي وڃي ۽ ٻارڙا نه دربدر ٿين! ان لاءِ ھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر وٽ پنڌ به ڪيا ھئا. اِن سلسلي ۾ تازو سائين ظفر حسن جي اڳواڻيءَ ۾ آءُ ۽ ٻيا ڪجھه اديب دوست به وائيس چانسلر سان ملي چڪا آھيون.

اھو راھيءَ جو حق به آھي، جو ھن جوھيءَ جنم ڀوميءَ سان رشتو ٽوڙي، ان يونيورسٽيءَ جي سرزمين سان ياري ڳنڍي ھئي، جنھن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي دفن آھي:

شھر کان ڪجھه ميل پري.

اُوچي ڳاٽ جبلن جي چوٽ تي،

سنڌوءَ جي ھُن پار،

ھُو ڏس! سر بلند

عظمتن جو مينارُ!

سنڌ جي عظيم علمي درسگاھه،

ھيءَ عظيم سنڌ يونيورسٽي،

علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو يادگارُ!

راھيءَ جي سنگت وسيع ھئي، سندس دوستي جو دائرو ڪشادو ھو. ھو ھر عيد ۽ نئين سال جي موقعي تي ويھن پنجويھن ماڻھن کي ڪارڊ موڪليندو ھو، جن ۾ سياسي ۽ ادبي شخصيتون ۽ راھيءَ جا ذاتي دوست شامل ھوندا ھئا. اُنھن خوش نصيب دوستن مان آءُ به ھڪ ھوس_ ۽ ڪجھه اھڙا به دوست ھئا، جيڪي سندس عذرخواھيءَ تي نه آيا. سڏ پنڌ جي فاصلي تي رھندي به جنازي کي ڪُلھو ڏيڻ نه آيا ۽ نه ڪفن دفن جي رسمن ۾ شريڪ ٿيا. لوڪ ڪلڄا کان مرندي جھُرندي تڏي تي آيا، پر ضمير جي چڪَ، ھنن کي فاتحه لاءِ ھٿ کڻڻ کان به محروم رکيو!

راھي ياريءَ جو پَڪو ۽ احسان شناس ھو. ھِن سان جنھن به محبت جون ٻه وِکون کنيون، ھيءُ اُن سان قرب جا ڏھه گام گڏ ھليو ھوندو. ھن جو زنده يارن سان ته ناتو برقرار رھيو، پر جنھن به قلم جي ڌڻيءَ، فنڪاريه سنڌ دوست شخص وفات ڪئي. اُن کي پنھنجي لکڻين/ ڊائرين ۾ ضرور ياد ڪيو ھوندائين. سنڌ جي سائينءَ جي. ايم . سيد کان وٺي سورھيائيءَ سان سوريءَ تي چڙھيل ذوالفقار علي ڀُٽي تائين. اُستاد بخاريءَ کان نجم عباسيءَ تائين، اسحاق راھيءَ کان خادم رفيقيءَ تائين، مرتضيٰ ڀٽي جي شھادت کان راڳي محمد يوسف تائين ھر ڪنھن لاءِ عقيدت، محبت ۽ احترام جو اظھار ڪيو اٿس. راھيءَ جي آخري لکيت، سنڌ جي ڪلچرل راڳي محمد يوسف جي وفات تي، پنھنجي وفات کان ھڪ ڏينھن اڳ 15فيبروري 1997ع تي ڊائري جي ورڪن ۾ موجود آھي ۽ 16 فيبروري 1997ع تي راھيءَ خود به دل جي بي وفائيءَ جو شڪار ٿي، اسان سمورن کي اشڪبار ڪري ويو.

راھي معاشي طرح واقعي غريب ھو، پر ذھيني طرح ڏاڍو شاھوڪار ھو. ھن شاعري کي ڪڏھن به ڏاڪڻ طور ڪم نه آندو ۽ نه ئي وري شاعريءَ وسيلي پنھنجا ذاتي مفاد پورا ڪيا. ھو چوندو ھو ته ” شاعري ڪرڻ ايڏو ڏکيو ڪم نه آھي، پر اصل ۾ شاعريءَ کي صحيح ۽ آدرشي دڳ لائڻ ڏکيو ڪم آھي“ _ ھن وٽ قلم محترم ھو ۽ اُن جي حرمت ۽ پاسبانيءَ لاءِ ويڙھه ڪرڻ لاءِ به تيار ھو؛

اسين سڀ ھن ڌرتيءَ تي،

ھن سماج ۾ ،

ڏانوڻيل آھيون،

 اسان جا پير پنڊ پھڻ ٿيل آھن،

اسان جي ھٿن مان قلم کسيا ويا آھن _

مگر اسان جا قلم محترم آھن،

اسان پنھنجي قلمن جي آبروءَ لاءِ

وڙھنداسين،

ڳالھائينداسين،

لکنداسين_!

راھيءَ ادب جي ميدان ۾ ”بزم ادب، دادو“ جي پليٽ فارم تان 1965ع ۾ ٿيل ھڪ مشاعري ۾ حصو وٺي، قدم رکيو، پر باقاعدي لکڻ جي شروعات 1970ع کان ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت جو ھي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي باني ميمبرن مان ھو. سنگت جو ھيءَ جو پھريون سيڪريٽي (1977ع) ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني برانچ جو ٽي سال سيڪريٽي (94_ 93/1992)، ٻه سال خزانچي (91_ 1990)، ڏھه سال ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ ٻه سال ڪائونسلر (96_ 1995) رھيو. آخري وقت ۾ بيمار ھوندي به سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ 8 نومبر 1996ع تي، مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾، اياز گل کي ووٽ ڪرڻ آيو. ھو اديبن پاران ملندڙ عزت تي ڏاڍو سرھو ٿيندو ھو. مرڪزي چونڊن واري ڏينھن، چونڊ ڪميٽيءَ، راھيءَ جو بيماريءَ کي مد نظر رکي، اسٽيج تان مائيڪ تي اعلان ڪري، کانئس سڀ کان اڳ ووٽ ڏياريو، ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کيس اُڪير ۽ پيار مان ڀاڪرُ پاتو ته ھِن ان ڳالھه کي به ڊائريءَ ۾ انتھائي سرھائيءَ سان لکيو آھي.

راھي چنا کي آگسٽ 1994ع ۾ ذيابيطس(شگر)جي بيماري ٿي،جنھن کيس جسماني طرح صفا نستو ۽ ھيڻو ڪري ڇڏيو، ۽ مٿان وري جنوري 1996ع کان دل جي تڪليف ٿيس، جنھن کيس نھوڙي نيو. راھيءَ جي ماءُ ۽ ڀاءُ اڳي ئي  Heart Attack جو شڪار ٿيا ۽ ھن سان به آخر ۾ دل ساٿ نه ڏنو.

پ .پ دور جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاھه جو پروٽوڪول آفيسر ۽ نوجوان شاعر، احمد سولنگي، منھنجي، نصير مرزا ۽ ڪجھه ٻين دوستن جي شرمائڻ بعد راھي چنا وٽ آيو ھو ۽ ڪوڙيون آٿتون ۽ دلاسا ڏيئي، کانئس بيماريءَ جي ٽيسٽن ۽ اخباري ڪٽنگس جو فائيل کڻي ويو ھو ته وڏي وزير کان سندس سرڪاري علاج لاءِ آرڊر ڪرائي ايندو، پر اُھو ”سرڪاري وعدو ئي ڪھڙو، جيڪو وفا ٿئي!“ احمد سولنگيءَ ۽ اُن جي باس سان نوڪريءَ وفانه ڪئي ۽ راھيءَ سان زندگيءَ وفا نه ڪئي. اھڙو ھڪ فائيل، نگران وڏي وزير لاءِ ڊسمبر 1994ع ڌاري مون به راھيءَ کان گهرايو ھو. پرآءُ سرمسارآھيان جو وڏي وزير کان نه ملاقات جو وقت وٺي سگهيس ۽ نه ٻيءَ طرح ڪا پوئواري ڪري سگهيس. ليڪن راھي سچ پچ وفادار دوست ھو. ھن گهٽ ۾ گهٽ مون سان پنھنجو وعدو پارڻ لاءِ قبر ۾ لھڻ کان اڳ منھنجو انتظار ڪيو! 17فيبروريءَ تي منجھند جو ڪاليج کان موٽندي روزانه ”ڪاوش“ ۾ ’راھيءَ جي وفات جي خبر پڙھي. پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ۽ سِڌو راھيءَ جي ڪوارٽر تي پھتس ته خبر پئي ته راھي اڃا ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ سُمھڻ لاءِ نه ويو ھو، شايد مون لاءِ ترسيو پيو ھو. منھنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ويا ۽ چپن تي لفظ تري آيا: ”راھي يار! واقعي تُون وفادار، آءُ مياري آھيان، تون بي ميار آھين. تون مون لاءِ ترسي پئين _ ملاقات کان اڳ ڌرتي ماءُ جي حوالي نه ٿئين! تنھنجو ڄامشوري، پرين جي ديس سان ساٿ، لازوال، اڻمٽ ۽ اڻٽٽ ھو، تڏھن ئي ته تو ھيءَ نظم لکيو ھو:

Text Box: 494

 

Text Box: 493

 

مان ڪيترن ورھين کان،

 

ڄامشوري جي

پيلن پٿرن تي ھلندو رھيو آھيان.

پٿر گسي لسا / نوڪدار ٿيندا ٿا وڃن،

وري ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪرن ٿا.

ڄام شوري جون ھوائون

گواھه آھن،

مون پرينءَ جي گهٽيءَ وارن پٿرن کي

جھُڪي ناھي کنيو،

پر چُمي کنيو آھي!

راھي! تون وفادار ھئين. توکي گلاب جو ڳاڙھو گُل به وڻندو ھو. اڄ به تنھنجي سيرانديءَ کان ڳاڙھو گل موجود آھي، موتئي جي گلن جي وچ ۾. تنھنجي وفائن جا رنگ ريٽا ھئا، پر تنھنجو اُھي الائي ڪھڙيون التجائون ھيون، جن جا جنازا ڌرتيءَ ۾ پورجي ويا:

رنگ ريٽا ھيا وفائن جا،

سينا زخمي سڀني دعائن جا،

پُورجن ٿا جنازا ڌرتيءَ ۾،

منھنجي مرحوم التجائن جا!

راھي! تو سچ لکيو آھي ته تون ڪيسوڦل جو ديوتا وڻ ھئين:

مان ڪيسوڦل جي ،

ديوتا وڻ جيان،

پنھنجو آخري پنُ،

خزان جي اوڙاھه ۾

اُڇلايان ٿو _

۽ وڏي اطمينان سان ،

اکيون پوري ڇڏيان ٿو،

ايندڙ بھار جي اوسيئڙي ۾!

۽ اسان کي پڪ آھي ته تُون ڪنھن نه ڪنھن بھار جي موسم ۾ اسان وٽ موٽي ايندين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com

 

 
nfo@sindhiadabiboard.com