سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :21

 

محمد دائود بلوچ

(لڏيو لطيفن)

 

زندگي ۽ موت ڇا آھي، ماڻھو ڇا آھي، ماڻھو جيڪو مٽيءَ جي مُٺ آھي۽ مِٽي ٿي وڃڻو آھي سو پنھنجي پويان جيڪي سگهاريون سارون ڇڏي ٿو وڃي، تن جي حقيقت ھِن فاني دنيا ۾ ڇا آھي؟ يادون جيڪي انفراديت جون حامل آھن ته اجتماعيت جون به. آخرڪار انھن جي ايڏي جٽاءُ ڀرئي تسلسل جي اھميت ڇا آھي؟

ڀانيان ٿو ته اِنھن سٽن جو سنئون ۽ سولو سڌو جواب ھيءُ ئي ٿي سگهي ٿو ته وحدت (انفراديت ) جو ڪثرت (اجتماعيت) لاءِ پيار سان ڪيل پورھيو ئي ايڏو سگهارو آھي جو تاريخ جي اَجھل گهوڙي جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجھيو ڇڏي نه ته مُشت خاڪ جو مُلھه ئي ڇا! سچ ته فنائي بقاءُ جي دعويدار آھي. لطيف به ته فرمايو: ”پھرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو“ اھوئي ڏس ۽ گس آھي ابدي جيوت جو. اھڙن ئي عظيم گَسن جي پنڌ جي پانڌيئڙن منجھان محمد دائود بلوچ جو نالو پڻ وڏ مانائتي انداز سان شمار ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ سائين محمد دائود بلوچ جسماني طور اڄ اسان وٽ موجود ناھي پر ھن ڌرتي ءَ تي اجتماعي سکن جي خوابن جي دنيا جي تعبير جو ھو بھارن ڀريو ڏينھن ساکي رھندو ته مرحوم محمد دائود بلوچ پنھنجي سموري حياتيءَ ۾ ”معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورين“ جي سٽِ جيان اجتماعيت جي سُکن جي خواب کان کن پل لاءِ به پنھنجيون آسائتيون اکيون آجيون نه ڪيون ۽ آخري ساھه تائين اُن سُکن ڀرئي خواب جي تعبير لاءِ لازم سجاڳيءَ جي عمل لاءِ ڪوشان رھيو.

’دودو‘ عرف محمد دائود بلوچ ولد شير محمد خان بلوچ 1937ع ڳوٺ پاھڙ خان جمالي، تعلقي ھالا، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ڳوٺ جي اسڪول مان سنڌي فائينل پاس ڪري بعد ۾ اديب، عالم، فاضل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ بي .اي .ڪيائين.

محمد دائود بلوچ جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سھائتا لاءِ ھَڙؤن وَڙؤن وڏو ھٿ رھيو. ون يونٽ جي دوُر ۾ سنڌي ٻولي جي تسليميءَ لاءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران ھلايل مھم ۾ ڀرپور ۽ سرگرم بھرو ورتائين. اُن دؤر ۾ ”اِداره آوازِ ادب“ پاران سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”انصاف ڪٿي آھي“ جي عنوان سان ڇپيو، جيڪو پوءِ پنج ڀيرا اشاعت ھيٺ آيو، جنھن ۾ شايع ٿيل سندس ھڪ ڪھاڻي ”بي وفا سڏين متان“ سرڪار نامدار ۽ اڙدو ادبي حلقن جي عتاب ھيٺ آئي. پاڻ 54 _ 1955ع کان لکڻ شروع ڪيائون. سندس پھرين ڪھاڻي ”سنڌ خاطر“ ھئي، جيڪا ڇپجي نه سگهي. پھرين لکڻي ”گل وبلبل جا افسانا“، ”ماھوار ايڊيشن ھلال پاڪستان“ 1957ع ۾ ڇپي. بحيثيت ڪھاڻيڪار، سندس ڪھاڻين جا چار عدد مجموعا شايع ٿيا: ”منھنجا ڀاڳ ھن جا ڀاڳ“ ، ”وري شل ٻيڙي ٻڏي“،  ”اکڙيون اڃايون“، ”انصاف ڪٿي آھي“. بحيثيت مترجم ڏھين جو نوٽ“ ۽ ”وفادار دوست“ شايع ٿيا ۽ ٻه عدد ترجما ”ھڪ گڏھه جي سرگذشت“ ۽ ”بنجر“ جيڪي حياتي جي مھلت نه ھئڻ سبب شايع ٿيڻ کان رھجي ويا، بحيثيت مرتب، سندس ٽي عدد ڪتاب“ ڪھاڻي نمبر 1980ع“، ”ڪھاڻي نمبر 1982ع“، ”چار ڪھاڻيڪار، چار نقاد“ شايع ٿيا. بحيثيت ناشر پاڻ 1979ع ڌاري ”منصور پبليڪيشن“ جو بنياد وڌائون، جنھن پاران 26 ڪتاب وڏي خلوص ۽ محبت سان سنڌي ادب جي جھول ۾ ارپيائين. ”منصور پبليڪيشن“ پاران سندس پھريون ڪھاڻين جو مجموعو ”منھنجا ڀاڳ ھُن جا ڀاڳ“ جنھن جو انتساب پنھنجي فڪري استاد ۽ سنڌ جي نامور علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت سائين ابن حيات پنھور جي نالي ڪيائين. پاڻ روسي سفارتخاني طرفان منعقد ڪرايل ”طلوع ادبي انعامي چٽاڀيٽيءَ“ ۾ ٽيون انعام (لينن تي مضمون ) حاصل ڪيائين. سندس لکڻين جا مکيه موضوع طبقاتي جدوجھد، سنڌيت ۽ پيڙيل طبقن جي حمايت رھيا. سندس لکڻيون عام فھم ۽ تحريڪ سان ڀرپور ھيون، جنھن کي ئي ”عمدو ادب“ چئي سگهجي ٿو. ھند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس لکڻيون ڇپجنديون رھيون. سندس ھڪ ڪھاڻي ”ڏاند“ جي عنوان سان ايشيائي اديبن جي حوالي سان انگلنڊ ۾ شايع ٿي.

پيشي جي حوالي سان سائين محمد دائود بلوچ تعليم وتدريس ۽ پبلشنگ سان منسلڪ رھيو. پاڻ گهڻي وقت کان قاضي عبدالقيوم اسڪول حيدرآباد ۾ 1994ع تائين ھيڊ ماستر جي عھدي تي فائز رھيو. پنھنجي پيشي کي سدائين پيار ۽ پوڄا جي نگاھه سان ڏٺائين. جتي رھيو اُتي اجتماعي حقن جي پاسباني ڪيائين. پاڻ ”آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن“ جو رٽائرمينٽ بعد به تاحيات مرڪزي صدر رھيو.

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو ھيءُ خاموش طبع، درويش صفت، ماٺيڻو ۽ سرگرم خذمتگذار پنھنجي ساھه جي پڇاڙڪي پھر تائين اجتماعي سُکن جي حاصلات لاءِ زندگيءَ جي ھر ادا ۾ بنا نالي يا شھرت ۽ غرض جي سرگرم رھيو.

ھُو جتي به رھيو، اُتي پيار ۽ پورھئي، شفقت ۽ اتساھه جا اُھڃاڻ ڇڏيائين. زماني جي ھوائن ھَلائُن ڀريا زور ته گهڻا لڳايا، پر ھن اورچ ۽ اڏول انسان ھر ناشناسائي کي مُرڪي منھن ڏنو. وقت مٽاءُ سٽاءُ جو وڏو ماھر آھي. ڇَٽ پَٽن سان ۽ پَٽ ڇَٽن سان لائڻ جو دعويدار آھي؛ جيڪو ڳنڍ ڇن جي احساسن کان بي نياز آھي ته ڪنھن جي ھوند يا اَڻھوند، پوئتي ڪيترين تبديلين ۽ ڪيترين المناڪين جو ڪارڻ بڻجي ٿي. موت جو بي مھار مڇريل گهوڙو مُلھائتيون زندگيون به ھٿن جي وٿين منجھان واريءَ جيان وھايو وجھي ۽ ائين اوچتوئي اوچتو ھيءُ دلين ۾ ديرا ڄمائڻ وارو دلبر، زندگيءَ جي ھرسَرءُ سان مُرڪي سينو ساھيندڙ انسان ، دل جو دؤرو پوڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ 14 آڪٽومبر 1996ع تي ڏيڍ ڪلاڪ مسلسل موت سان مھاڏو اٽڪائيندي، رات جو ھڪ لڳي چاليھه منٽن تي ھن جھان مان موڪلائي، اسان سڀني کي وڇوڙي جو ويراڳ ڏئي ويو.

 

_ لطيف اياز پنھور

 ڪھڙو اعتبار آھي، دم تي پرين!

(مھيسر خادم رفيقيءَ جي ياد ۾ )

 

25_ نومبر 1996ع تي بزرگ اديب شاعر ۽ صحافي مھيسرخادم رفيقي لاڏاڻو ڪري ويو.

مھيسر خادم رفيقيءَ جي ولادت 10 جون 1932ع تي ڳوٺ رفيق مھيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي، سندس والد حافظ عطا الله ڳوٺ جي مدرسي ۾ معلم ھو. مرحوم خادم رفيقي فائينل پاس ڪري پرائمري استاد مقررٿيو. سندس لاڙو ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ ڏانھن ھو. ٿوري وڏي ٿيڻ کان پوءِ سندس واسطو قادرالڪلام شاعر سليم ڳاڙھويءَ سان ٿيو ۽ پوءِ ان جي صحبت جي رنگ ۾ رنگجڻ لڳو. سائين خادم رفيقي جا ھمعصر دوست ۽ شاعر نديم انصاري، ميرسولنگي، عزيزڳاڙھوي، حليم غلام نبي ادسي، عاقل سنڌي، سدائين مرحوم سليم ڳاڙھويءَ جي محفل ۾ شامل ھوندا ھئا ۽ انھن سڀني جي دوستي ھن جي شاعريءَ ۾ اتساھه پيدا ڪيو. پاڻ نثر، نظم ۽ صحافت سان سڄي زندگي وابسته رھيو.

سائين خادم رفيقيءَ سان منھنجي پهرين ملاقات 1990ع ۾ عاقل سنڌيءَ جي معرفت ٿي. انھن ڏينھن ۾  مون شاعريءَ جي دنيا ۾ نئون پير پاتو ھو. عاقل سنڌي مززح جو سٺو شاعر ھو ۽ پنھنجي شھر ۾ خوب ڄاتو سڃاتو ويندو ھو. مرحوم عاقل سنڌي ھڪ ڏينھن منھنجي دڪان تي آيو ۽ چيائين ته ادا بخت تون ۽ زاھد ٻپڙ اسان جي ادبي گڏجاڻين ۾ ڇو نه ٿا اچو. اتي اوھان گهڻو ڪجھه پرائيندو. انھيءَ آڇ اسان کي آماده ڪري وڌو ۽ پھريون ڀيرو مان ۽ زاھد ٻپڙ ان ادبي گڏجاڻي ۾ شامل ٿياسين. اُھا گڏجاڻي پير جي ڳوٺ ھاءِ اسڪول جي اڳئين باغيچي ۾ ٿي ھئي. ان گڏجاڻيءَ جي ڪارروائي ننڍي قد ۽ سفيد ڏاڙھيءَ وارو ھڪ برجستو بزرگ ھلائي رھيو ھو. ھن جي ڳالھائڻ جو انداز بيان اھڙو پُراثر ھو جو سڀ ويٺل وڏي چاه سان ٻڌي رھيا ھئا. ان ادبي گڏجاڻيءَ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مرحوم عاقل سنڌي ان برجستي بزرگ جو تعارف ڪرائيندي چيو ته ”ھي مھيسر خادم رفيقي آھي. ھن بزم جو صدر به آھي.“

ان وقت خادم رفيقي مون سان وڏي چاھه سان ڀاڪر پائي مليو ھو. انھيءَ ملاقات کان پوءِ اسان جي وچ ۾ دوستيءَ جو رشتو قائم ٿي ويو ھو ۽ اھو رشتو تمام گهاٽو ھو. رفيقي صاحب جيڏانھن نه ويندو ھو ته اڳ ۾ منھنجي دڪان تي ايندو ھو ۽ وري به واپس ورندو ھو، تڏھن به منھنجي دڪان تي ضرور ايندو ھو.

ھي شفيق انسان پنھنجي شخصيت ۾ ھڪ ادارو ھو. مون سان گڏ سڀني نوجوانن کي پنھنجي اولاد جيان ڀائيندو ھو. چوندو ھو ته ڀائو بخت توھان سڀ نوجوان اسان جو مستقبل آھيو. توھان پنھنجا قدم وڌائيندا رھو.

سائينءَ جو شفقت ڀريو ھٿ مون لاءِ مشعل راه ھو. ھوراتين جون راتيون مون وٽ اچي ترسندو ھو ۽ ڪڏھن مان سندس ڳوٺ وڃي ترسندو ھوس ۽ اتي سڄي سڄي رات سائينءَ جي شاعري ٻڌندو ھوس. پاڻ جڏھن به ڪنھن ادبي محفل ۾ شرڪت لاءِ ويندو ھو ته مون کي ساڻ ضرور وٺي ھلندو ھو.

خادم رفيقي صاحب پنھنجي ادبي زندگي ۾ گهڻيو لکيو. ھن حمد، نعت، گيت،  غزل، وطن جا گيت ۽ ٻيا ڪيترائي مسودا لکيا. پاڻ سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽  فارسيءَ ۾ به شاعري ڪيائين. خادم رفيقيءَ جو غزل زبان جي پختگي ۽ انداز بيان جي حيثيت سان ڪنھن به غزل گو شاعر جي معياري تجربن سان ڪلھو ھڻي سگهي ٿو، جيئن ھي غزل ڏسو:

دلربا ٿو آزمائي روز روز،

چاڪ دل جا ٿو چڪائي روز روز،

ڪين گهرجي تنھنجي نصيحت ناصحا،

عشق مذھب ٿو مٽائي روز روز.

وري ٻئي غزل ۾ چيو اٿائين:

ھي ڪچھريون، رونقون ۽ محفلون،

سڀ ويون ويران ٿي منھنجا سڄڻ،

جھٽ ورڻ جو ڪر وري واعدو مٺا،

جان ھيءَ بي جان ٿي منھنجا سڄڻ.

سائين خادم رفيقي اڄ ھي سڀ ڪچھريون ۽ رونقون ڇڏي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو آھي، پر سندس يادون اڄ منھنجي ذھن جي اسڪرين تي ڦري رھيون آھن. ھو محبتي انسان وسارڻ جھڙو ئي ناھي. سندس ٽھڪ اڄ به فضا ۾ گونجي رھيا آھن.

سائين خادم رفيقي پروان کي پنھنجو ڪرڻ وارو ھر دلعزيز شخص ھو. ھن سان جيڪو ھڪ دفعو ملندو ھو سو ڄڻ ھن جو ٿي ويندو ھو. ھن دوستيءَ  ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا، پر تڏھن به دوستن جي پيار لاءِ سڪندو رھيو. آخري ڏينھن ۾ پنھنجي گهري دوست منير سولنگي سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا ھيس، پرنظرياتي اختلافن سبب ھڪ ٻئي جي ويجھو نه اچي سگهيا ۽ سڄڻ سان ملڻ جي سڪ دل ۾ ئي سانڍي ھن فاني دنيا مان ھليو ويو.

خادم رفيقيءَ جي شاعري ۽ مضمون تمام گهڻي تعداد ۾ ٽماھي مھراڻ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل آھن. پاڻ آخري دم تائين مختلف اخبارن سان به وابسته رھيو، جن ۾ نواءِ وقت، الوحيد، مھراڻ ۽ ٻيون ڪيتريون اخبارون شامل ھيون.

پاڻ پير ڳوٺ ۾ ”بزم سليم“ به زندگيءَ جي آخري ڏينھن تائين ھلائيندو رھيو. ۽ سنڌ جي نوجوانن کي بيدار ڪندو رھيو.

رب الجليل جي درٻار ۾ دعا آھي ته مرحوم خادم رفيقي کي پنھنجي جوار رحمت ۾ جڳھه ڏئي.

 

_ بخت ”عابد“

  ڪتيون ڪئي قيد ۾ گذريون ....!

(سرمد! سلامِ آخر قبول ڪر)

 

حقيقت ۾ ھِن، ٺٽي جي ڌُوڙ ڌُڌڙ گهٽين ۾ بي لباس ٿي گهمندڙ ادارا شڪوه جي مرشد ۽ اڀيچند جي عاشق، ”سرمد“ شھيد جي نالي کان متاثرٿي پنھنجي فني ويا کتا جي لاءِ اِھو نالو پسند ڪيو ھو.

سرمد جي نالي ۾ عبدالرحمان مغل جي اھا روپوشي شايد ان ڪري به ھُن اختيار ڪئي ھئي جو مارشل لاواري دؤر دؤران، تاريخ جي ورقن ۾ مزاحمتي شاعري ڳائي ھن کي پنھنجو آواز رجسٽرڪرائڻو ھو ۽ پوءِ اھو ٿيو به، جو ھُن جي ڪوڪارون ڪوڪارون آواز ۾ اتفاق سان ”سرمد“ جي نالي واري تپش به پيدا ٿي پئي ھئي ۽ جرئتمندي به. دراصل بيدل مسرور ۽ زرينه بلوچ کان پوءِ سرمد ئي مزاحمتي شاعري جرئتمندي سان ڳائي، سنڌ موسيقيءَ لاءِ نئين مِٽي ڳوھي. ٻئي پاسي ھن جي اڪثر ھمعصر۽ ھڪ جيڏن فنڪارن وٽ رڳو گلي جي سُرلتائي ھئي ، پرسرمد جي آواز ۾ سنڌ جي صدا ۽ ان جا سُڏڪا ھئا، پڪارون ھُيون، اُڀ ڏاري ڇڏيندڙ فرياد ھو؛ سڀ کان وڏي ڳالھه ته سرمد شھيد واري سرمستي ھئي. ”ڪات منھنجي ڪنڌ تي آئون کِلندو اچان“.... ۽ سرمد جو ھر محفل ۾ اھوئي ته فيوريٽ آئٽم ھوندو ھو ۽ ھڪڙو ڪات ته اھو به ھو، جيڪو اورنگزيب جي ھٿ ۾ سرمد لاءِ سدائين ڦِرندو رھيو ۽ جنھن ڏانھن ڏسي قتل گاھه مان سرمد شھيد داراشڪوه لاءِ دعا گهرندي کيس نياپو موڪليو ھو: ”دارا! جيڪا تلوار تنھنجو سِرُ قلم ڪري، مان خدا کان دعا ٿو گهران ته اُھائي تلوار منھنجو به سِرُ قلم ڪري.“

سرمد شھيد وانگر، حادثن اسان جي پنھنجي ھن سرمد سنڌيءَجو به پيڇو ڪٿي ڇڏيو ھو؟ پنھنجي فنڪاريءَ وارا سڀئي ورھيه ھو انھن جي ئي ته زد ۾ رھيو ھو. ٽنگ ۾ اسٽيل جي پيل راڊ ۽ چھري جي آس پاس زخمن جا رھجي ويل داغ، ان ڳالھه جا سدائين گواھه رھيا ۽ جيڏانھن به ھو ويو، حادثا جھڙو ڪر ھن جي پٺيان ئي ته پئي ھليا. عينيءَ لکيو آھي: ماڻھو جيڏانھن ويندو آھي، فنا ان سان ھمر ڪتاب ھوندي آھي ۽ حادثن جي روپ ۾ ان فنا، آخرڪار غريب سرمد سان اھا آخري دکدائڪ ايڪٽوٽي ڪري ئي ڏيکاري ..... ۽ اھا به وڃي اتفاق سان ھن جي فيوريٽ شخصيت، سرمد شھيد جي شھر، ٺٽي جي ويجھو. العجب!

(۽ اي موت! ھي ڇا تماشو آھي؟ ڇو تو ڦريو اسان کان اسان جو پنھنجو سرمد! شميم شيم شيم) ۽ رستي رستي تي ھي قاتل ڪوسٽر۽ تارا مسيح جا ھمشڪل ٽرالر! ته ڇا انھن جي ھيٺان چپجي يا زخمي ٿي مري وڃڻ جي ڀَوَ کان محبت، سونھن ۽ سچائيءَ جا پرچارڪ گهران نڪرن ئي نه؟ ۽ قفس ۾ قيد پکيءَ وانگر ويٺا رھن، جو ٻاھر نڪرندا ته ھي رستن جون سوڙھيون سرڪڻ ڦاھيون، قاتل ڪوسٽر ۽ ھي ٽرالر۽ پوءِ اھي ئي حادثا ۽ اھائي فنا ۽ لاحول ولاقوت ......! سرمد پيشه ورگائڪن جي خاندان جو چشم و چراغ ڪونه ھو. موسيقي جي آسمان تي ھن پنھنجي نالي جو ستارو پاڻ روشن ڪيو ھو. پنھنجي محنت ۽ رياض سان شروع ۾ ھُن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نامور سارنگي نواز استاد مجيد خان کان سڳو ٻڌرايو ھو. بعد ۾ ان سڳي جي ڀرسان ھن ٻيو سڳو بيدل مسرور کان به ٻڌرايو ھو. پر ھُن ڳايو سدائين پنھنجي انگ ۽ پنھنجي رنگ ۾ . ھن ھمعصرن ۽ سينئرس جا ڳايل ڪلام به بيشڪ ڳايا، پر شھرت ھن کي ھن جي ڳايل ڪلامن سان ئي ملي ۽ انھن جو تعداد به ايترو آھي جو شايد ئي سندس ڪنھن ٻئي ھڪ جيڏي گلوڪار جي اورجينل گيتن جو ھوندو. ”تنھنجي ياد جي وري آ وير“ ....”مارو لولي الو ڙي!“.......”او قاتل“.......”رات آئي وئي“.......... ”اڙي چنڊ اڙي چنڊ“ ........”اھي نيڻ تنھنجا نماڻا نماڻا“ ......”اسان کي او سھڻا وساري نه ڇڏجو“ ......”ڪتيون ڪئي قيد ۾ گذريون“ .........۽ ”اسان جي سڏ ۾ آ سِڪَ ڏاڍي“ وغيره ...... ھونئن سرمد جي  باقاعده ڳائڻ جا ڪُل ورھيه ھئا ئي گهڻا؟ سڀ ملائي ڏھه سال. ان کان اڳ وارا سال ته ھُن جي اسڪول ۽ ڪاليج وارا سال ھئا، جڏھن ھو شوقيه انداز ۾ ڳائيندو ھو. طارق اشرف صاحب کي ھن ھڪ انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ھو ته ”ننڍپڻ کان ئي مون کي ڳائڻ جو شوق ھو. ننڍي ھوندي جڏھن پٽيءَ تي ميٽ ھڻندو ھئس ته انھيءَ وقت جھونگاريندو ھئس يا جڏھن جوڳي پاڙي ۾ اچي مرلي وڄائيندا ھئا ته انھن کي ڏاڍي غور سان ٻڌندو ھئس. فنڪارن ۾ ڍول فقير مون کي گهڻو وڻندو ھو ۽ پھريون دفعو مون پنھنجي ڳوٺ ۾ فنڪارلالا عزيز سان ملھايل شام ۾ ڳايو ھو.“

ھونئين سرمند جي اصل شھرت جو اسٽيج سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج ھئا. ھو کليل فضائن ۾ آزاد اڏامندڙ پکين جھڙو ڳائڻو ھو. بي خوف شاعري ۽ بيباڪ لفظ هن جي گائيڪيءَ ۾ ڪُٺل ڪبوتر بنجي ويندا ھئا. مزاحمتي شاعري ڳائڻ لاءِ زرينه بلوچ ۽ بيدل مسرور کان پوءِ ھن جو آواز موزون ترين آواز ھو. عابده پروين ھن جي ان ئي انداز باعث ھن کي سرمد بدران سدائين سڏيندي ئي ھئي: ”سنڌڙي“! سنڌڙي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته سدائين لطيف جي سِٽَ ’وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري‘ جو تفسيرلڳندي آھي.

مان سدائين ھن کي چوندو ھئس: ”ھي تون ھيڏو خوش پوش، سمارٽ، ڪُيوٽ! تنھنجي آواز ۾ هي ’صداءِ احتجاج.‘ ھيءَ اداسي ۽ ھي سنڌ  جي سُڏڪن جو پڙلاءِ ...... ھي قومي رنگ ، آھنگ. ۽ ھي سڀ ڇا آھي؟ ڇوآھي؟“ ۽ سرمد سدائين منھنجن سوالن تي مُرڪي پوندو ھو. بس ان کان وڌيڪ منھنجي ان سوال جو ھن ڪڏھن جواب ڏنو به ته ڪونه! پر مان سمجھان ٿو ته اھا اداسي ھن جي سڀاءُ جي سرشت ۾ ھئي، جنھن اڳتي ھلي قومي رنگ ۾ پاڻ کي سڃاڻپ ڏياري ۽ ان حد تائين ڏياري جو عبدالواحد آريسر صاحب جھڙي شخصيت، تعزيتي بيان ۾ ھن کي سڏيو ئي آھي: ”قومي تحريڪن جو راڳي.“

ھي ته خير سرمد جي نالي آريسر صاحب جي تعزيتي پيغام ھو. مان سوچيان پيو ته پنھنجو تعزيتي پيغام ڪنھن ڏانھن موڪليا. وري سوچيان ٿو ته سرمد جو ڪُمھلو وڇڙڻ منھنجي لاءِ به ته ذاتي صدمو ھو. پوءِ ڇو نه مان پاڻ ڏانھن ئي اِھو تعزيتي ٽيليگرام موڪليان:

”سرمد“.... جيجي زرينه بلوچ چُپ آھي. بيدل مسرور به خاموش خاموش لڳي پيو. وري تون به محفلن مان اٿي ھليو ويو آھين.....

سرمد! سنڌ جو ڪيس مزاحمتي شاعري ذريعي ھاڻي ڪيرپيش ڪندو، جو ميدان ته توکان پوءِ خالي ئي ٿي ويو آھي.الاس ...الاس (گهوڙا ....... يا حسين .........!)                                   

 

_ نصير مرزا

رخصت وٺون ٿا ھاڻ، سڀن کي سلام ٿيو!

(ممتاز مرزا جي ياد ۾)

 

يادگيريون ممتاز جون

چاليھه سال اڳ 1957ع ۾ ھڪ ڏينھن آءُ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب آفيس ۾ ڪم ڪرڻ آيس ته سامھون ڪرسيءَ تي ھڪ ننڍو ڇوڪرو ويٺو ھو. پڇڻ تي محمد اسماعيل شيخ ٻڌايو ته ھي ٽنڊي آعا جي مرزا گل حسن جو پُٽ آھي ۽ کيس ھتي ڇڏيو اٿن ته ڪم ڪري ۽ ڪجھه سکي. مون چيو ته ڀل ھو ھڪ ننڍي ڪارڪن طور ڪم ڪري. ھي ننڍو ڇوڪرو ممتاز مرزا ھو، جيڪو ايندڙ سالن ۾ گهڻو ڪجھه سکي وڏو قابل ٿيو.

ھن ننڍي ڇوڪري ۾ ٽي وڏيون صلاحتون ھيون، جن کيس ڪاميابيءَ جي منزلن تائين پھچايو. ھڪ ته ھو ذھين ھو، ٻيو ته کيس سکڻ ۽ سمجھڻ جو شوق ھو، ۽ ٽيون ته سچائي ۽ ساڃاه واري سليم طبع رکندڙ ھو جنھن سان ماڻھو پاڻ وڻائي ۽ اڳتي وڌي ٿو. البت اڃان کيس اھا ترتيب نه ملي ھئي جيڪا سندس ذھن کي چمڪائي، سکڻ سمجھڻ لاءِ مشق ڪرائي، ۽ توجھه ۽ پيار سان سندس سچي سالم طبع کي وڌيڪ سگهارو ڪري. ھت اچڻ سان کيس اھڙي ترتيب وارو ماحول مليو.

شروع ۾ ھڪ ننڍي سکندڙ ڪارڪن جي حيثيت ۾ کيس مواد جي اُتاري، ڪاغذن جي جوڙجڪ ۽ دفتري ڪم تي لڳايو ويو. آفيس جي نگراني ان وقت استاد محمد اسماعيل شيخ جي حوالي ڪيل ھئي، جنھن ننڍڙي ممتاز کي پوريءَ طرح سنڀاليو جو ھو کُپ کوڙي ڪم کي لڳي ويو ۽ ڇڏي وڃڻ کي وساري ڇڏيائين.

سال کن کان پوءِ ممتاز مون کي پاڻ ڏانھن متوجھه ڪيو جو مون ڏٺو ته ڪم کي لڳو پيو آھي ۽ ڪم سان سندس چاھه آھي؛ ٻيو ته ٿوري وقت ۾ ھن پنھنجا اکر وڌيڪ صاف سھڻا ڪيا آھن. ھڪ ڀيري جڏھن مون کي اتاريل مواد اچي ڏيکاريائين ته ھڪ لفظ جي صورتخطي ۽ معنيٰ بابت پڇيائين، جنھن مان سمجھيم ته ھو ذھين ۽ سمجھدار آھي. اھڙي اطمينان بعد مون سندس وڌيڪ ترتيب ۽ صلاحيت ڏانھن پورو توجھه ڪيو. مون کيس ايتري ته سَھه ڏني ۽ ايترو ته پيار ڪيو جو ھو منھنجي علمي ادبي ڪاوشن، ثقافتي سرگرمين ۽ تحقيقي تصنيفن جي جُنون ۾ ڄڻ مون سان ملي ھڪ ٿي ويو. مون کي ڄڻ پنھنجو ’آئيڊيل‘ ڪري ڄاتائين ۽ منھنجي ھر ڪم ۾، منھنجي ھر رمز ھر ادا کي سمجھڻ ۽ پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. منھنجي طرفان کيس جو به اشارو ٿيندو ھو ۽ جيڪو به چوڻ ٿيندو ھو تنھن کي دل سان لائي، اکين تي رکي، پوري ڪرڻ ۾ لڳي ويندو ھو. ڪڏھن ائين ڪونه پڇيائين ته اھو ڪم ائين ڇو ڪرڻو آھي، ڇاڪاڻ جو کيس يقين ھو ته منھنجو ھر اشارو صحيح ھوندو.

حقيقت ۾ ائين ڪونه ھو ته جيڪي مون چيو ٿي سو حرف آخر ھو. رايو بدلبو ھو ته مٽ سٽ ٿيندي ھئي، پر ممتاز ۾ ھڪ سکندڙ شاگرد واري اعليٰ صلاحيت موجود ھئي، جنھن جو اسان جي پنھنجي ھاڻوڪي ماحول ۾ مثال ملڻ مشڪل آھي؛ يعنيٰ ته جنھن کي استاد ڪري مڃجي، جنھن کان سکجي، تنھن جي ڪم ۾ ڪوتاھي جو شڪ نه آڻجي ۽ جيڪي چوي تنھن تي عمل ڪجي.

مون ممتاز کي پنھنجن ٽن مشغلن ۾ قريب کان قريب تر آندو ته جيئن کيس اھي راز رمزون سمجھه ۾ اچن جن سان ھر مشغلي ۾ معيار قائم ٿي سگهي ٿو.

ان وقت جامع سنڌي لغات جو بنيادي ڪم پورو ٿي چڪو ھو ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافن جو سلسلو ھلندڙ ھو. اھو ڪم ۽ آفيس جي ڪم کي سنڀالڻ استاد محمد اسماعيل شيخ جي حوالي ھو.  1954ع ۾  جامع لغات جي ڪم سان گڏ منھنجو خاص توجھه سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۽ لوڪ ادب ڏانھن ٿيو، جن ۾ ممتاز کي ڪتابن جي مقدمن واري مواد کي سمجھڻ ۽ اتارڻ ۽ صحيح نموني ۾ پروفن پڙھڻ جو ڪم سونپيو ويو. ايندڙ پنجن ڇھن سالن جي دوران ھن پنھنجي ذھانت سان علمي تصنيف تاليف واري ھلندڙ ڪم کي سمجھي ورتو. سنه 1963ع ۾ ”ميين شاه عنات جي ڪلام“ جو مقدمي جو گهڻو حصو مون آمريڪا جي سفر دوران شھرنيويارڪ ۾ لکيو ۽ گهڻي حد تائين پنھنجي يادگيري جي آڌار تي لکيو، سو مسودو ممتاز ڏي ڏياري موڪليم ۽ ان سان گڏ پنھنجي خط ۾ کيس ضروري ھدايتون ڏنم. ھن سڄي ڳالھه کي سمجھيو ۽ سڄي ڪم کي نھايت ئي سهڻي نموني ۾ نباھيو ۽ آءُ سندس ذھانت کان گهڻو متاثر ٿيس.

ٻيو وڏو ڪم لوڪ ادب جي ڪتابن جي تاليف جو ھو. ان ۾ ٻه ڪم ڪرڻا ھئا: ھڪ ته سنڌ جي ھر ڀاڱي ۾ سگهڙن سان ڪچھريون ڪرڻ، سندن زباني لوڪ ادب جو سرمايو گڏ ڪرڻ ۽ پوءِ لوڪ ادب جي ھر صنف جي مواد کي ترتيب ڏيڻ ۽ مقدما لکي ڇپائي لاءِ تيارڪرڻ. ان ڪم ۾ ممتاز کي شامل ڪيم. سگهڙن سان رٿيل ڪن وڏين ڪچھرين ۾ کيس وٺي ويس ۽ ھو ڪچھرين جي نوع نموني ۽ سگهڙن جي زباني ٻھراڙيءَ جي نج ٻولي ۽ ان جي لھجي کان واقف ٿيو. ھڪ وڏي ڪچھري جنھن ۾ استاد محمد اسماعيل ۽ ممتاز ٻئي مون سان گڏجي ھليا سا صادق آباد تعلقي جي شھر سنجرپور لڳ محمد آباد ۾ مبارڪ شاھه جيلاني مرحوم جي دعوت تي ٿي، جنھن ۾ منھنجي خواھش مطابق رحيم يار خان ضلعي جا چونڊ سنڌي سگهڙ آندا ويا. ممتاز کي گڏ وھاري ڪچھري ھلايم ۽ ڪي ڳالھيون کيس چيم ته پڇي ۽ لکي.

  

ٽيون مشغلو، جنھن سان منھنجي ان وقت گهڻي دلچسپي ھئي، سو ھو سنڌ ۾ راڳ رنگ جي ھنرمندي ۽ ڪاريگري کي سمجھڻ ۽ سنڌ جي سداملوڪ ڳائڻن ۽ وڄتن جي قدراني کي وڌائڻ. اھو مقصد راڳ جي محفلن مچائڻ ۽ مان ۽ عزت سان ڳائڻن ۽ وڄتن کي دعوت ڏيئي شريڪ ڪرڻ سان ٿي سگهيو ٿي. سنه 1950ع ۾ نوڪري دوران جڏھن اھي محفلون پھريائين ڪراچيءَ ۾ سائين جي. ايم . سيد جي سھاري سان ۽ پڻ مرحومه عطيه بيگم جي معاونت سان مچايون ويون ته نھايت ئي نتيجه خيز ثابت ٿيون ۽ سنڌ جي ڳائڻ وڄائڻ جي خوبي توڙي راڳيندڙن ۽ وڄتن جي ھنرمنديءَ جي قدرداني ٿي. ”ق.ل. م“ تنظيم جي تعاون سان پڻ ھڪ وڏي لطيفي محفل ٿي، جنھن جي صدارت ان وقت پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي صدر جناب شاھد سھروردي ڪئي. سنه 1951ع کان سائين جي . ايم . سيد جي تائيد ۽ تاڪيد سان راڳ رس جي پھرين محفل ڀٽ شاھه ۾ ميلي جي موقعي تي قائم ڪئي ويئي. ان بعد اھي ساليانه محفلون پھريائين شاھه لطيف يادگار ڪميٽي پاران ۽ پوءِ ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڪميٽي طرفان ميلي جي موقعي تي وڏي ڌام ڌوم سان ٿينديون رھيون. انھن موقعن تي راڳ رس جي محفلن مچائڻ جي ذميداري منھنجي حوالي رھي. ھر سال ڪانفرنس ۾ قدم اڳتي وڌايو ويو ۽ سڄي سنڌ مان چونڊ ڳائڻن ۽ وڄتن کي محفلن ۾ آندو ويو. ان وڏي ڪم ۾ مون کي ھڪ ٻئي سمجھدار ڪارڪن جي ضرورت محسوس ٿي ۽ 1962ع کان وٺي ممتاز کي لطيفي سالگره وارين محفلن جي انتظام ۾ پاڻ سان گڏ رکيم. آھستي آھستي ھو نه رڳو وڄتن ۽ ڳائڻن کان بخوبي واقف ٿيو ۽ انھن کي ڪانفرنس دوران سنڀالڻ لڳو پر ان فن کان به واقف ٿيو ته راڳ جي محفل کي ڪيئن مچائجي. يارنھن ٻارنھن سالن جي وڏي عرصي تائين ھو مون سان انھي مشغلي ۾ منھنجو ساٿي رھيو. سنه 1973ع ۾ مئن جي دڙي تي سڏايل بين الاقوامي سيمينار جي موقعي تي سنڌي راڳ رنگ جي جيڪا شاندار محفل مچائي وئي جنھن تي ٻاھرين ملڪن مان آيل مھمانن وزيراعظيم ڀٽي مرحوم آڏو وڃي واه واه ڪئي، تنھن ۾ ممتاز مون سان گڏوگڏ پورو ٻانھن ٻيلي رھيو.

ممتاز کي مون ترڪيب ڏني ته ھو پڙھي ۽ امتحان پاس ڪري. ھن اُن تي پورو عمل ڪيو ۽ مئٽرڪ، بي .اي . ۽ بالاَخر سنڌيءَ ۾ ايم . اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.74 _ 1973ع ۾ جڏھن آءُ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ٿيس ته مون سندس صلاحتن کي مدنظر رکندي کيس يونيورسٽي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ڪيو. اميد ھئي ته ھو ڊاڪٽري جي ڊگري به حاصل ڪندو ۽ اڳتي ھلي يونيورسٽي ۾ پروفيسر ٿيندو، جو منجھس ليڪچر ڏيڻ توڙي تحقيق تاليف واريون سڀ صلاحيتون موجود ھيون. ان وقت ڪن صاحبن کيس مشورو ڏنو جو ھو ٽي .وي جي عملي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ اتي نالو ڪڍيائين. ان بعد ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن کي سندس صلاحتون ڪم آيون ۽ اتي به ھن ادبي، ثقافتي توڙي انتظامي ذميدارين کي بھترين نموني ۾ نباھيو. باوجود مون کان پري ھئڻ جي ۽ موسمي ڪڪرن جي ڇانون پاڇن جي، ھن مون سان پنھنجي قرب ۽ محبت جي ناتي کي آخر گهڙي تائين پوريءَ طرح نباھيو:

کاري جئن کَرن، وَنگ مڙيئي واسيا،

پر سُونھڻ جئن سيڻن، مِٺو ساءُ نه مٽيو.

ممتاز 9_ 9_ 1996ع تي مون کي ھڪ خط لکيو، جيڪو ھتي ڏيڻ مناسب آھي.

قبله سائين، السلام عليڪم،

اڄ ويٺي ويٺي دل ڳالھين جا اُھي دور چڙھي آيا، جيڪي ڪي سال ٿيا جو اوھان جي محبت ۽ صحبت ۾ گهاريم. ڪي ڏينھن ھئا جو اوھان کان سواءِ ڪا ساعت به نه سرندي ھئي. ھاڻي اھي حال آھن جو سالن جون وٿيون پئجيون وڃن، نه حال نه احوال، بس ٻين جي ٻڌ سُڌ تي پيا حوال حاصل ٿين شايد مون ۾ ئي ڪا اَل آھي، ڪا ڪوتاھي آھي جو اوھان جي حال کان اڻ واقف رھندو پيو اچان. اھا منھنجي بدقسمتي چئبي جو جنھن ھستيءَ، آڱر کان وٺي، اکر جو انداز سمجھايو. جنھن حرف جي معتبر ھئڻ جي ساڃاھه ڏني، جنھن ذات توڙي ڏات، بي عقلي جي بازار مان ڪڍي، علم ۽ عقل جو پنڌ پَسايو، تنھن سان ايڏي دُوري! حيرت آھي مون جھڙن شاگردن جي جيئڻ تي. ايڏي ناسپاس جو حياتيءَ جي اجائي ڊوڙ ۾ ، اُھي سائين سڄڻ وساري ويٺس، جن جي مھابي ۽ محنت سان ھيءُ ماڳ ماڻيو اٿم. ڳالھين جي انھن پُورن دل کي بنھه اداس ۽ ھيڻو ڪري ڇڏيو. ٻي صورت نظر نه آيم سو ڪاڳر ويھي ڪارو ڪيم. شايد ائين ڪرڻ سان دل جو ڪو بار جھَڪو ٿي پئي ۽ من جو مونجھارو لھي پوي. ھونئن به مون جھڙا اڌ_ اکريا آھن ئي مونجھارن ۾ مبتلا، سو اوجھڙ اورانگهڻ به ڏکئي پئي لڳي. بھرحال زندگيءَ جي جانڊھه جا پُڙ پيا ھڪٻئي ۾ ٽڪريا، جيڪو اُن ۾ پيو، اُھوئي پوءِ توريندو ته مون ھن آرڻ ۾  ڇاپوکيو ڇا حاصل ڪيو. ان ڳالھه تي ڪنھن حد تائين اطمينان اٿم ته مون اوھان جي ڏنل سبق موجب نه ڪي ڪي وڃايوآھي ۽ نه وڃائڻ وارو آھيان. پنھنجي پر ۾ ، لوڪان لڪي جيڪي ڪجھه ڀڄي ٿو ڪريان ٿو. افسوس اھم اٿم جو اوھان جي ڪيل علمي ڪشالن ۾ ھاڻي منھنجو ڪو حصو نه آھي. سچ ته اھو آھي ته ھن منصب رسڻ جي باوجود ، لغت آفيس جي نقل نويس ۽ پروفن پڙھڻ واري ڪم کي آئون پنھنجي زندگي جو خاص ثمر سمجھندو رھيو آھيان، ۽ ھيٺاھين وٺي، پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ واري اوھان جي ڏسيل واٽ تي ھلندڙ آھيان.

قبله سائين! آئون جتي به رھيو آھيان، ۽ جتي به ھوندس، اوھان جا ڳڻ، اوھان جون ڳالھيون ۽ اوھان جون ھدايتون سدائين ساھه ۾ سانڍيون اٿم. ان جو سبب جيڪڏھن آئون غلط نه ٿيان، اوھان جو سنڌ سان عشق، سنڌين سان محبت وارو درس ئي آھي. ھتي اسان ڪنھن کي به جس ڏيڻ لاءِ تيار نه آھيون. وڏون ڪڍڻ ۽ پنھنجن کي پراون آڏو ڏکيو ڪرڻ اسان جو ڄڻ مَرڪُ آھي. اھڙي ماحول ۾ حساس دل وارا، علم ادب سان عشق ڪرڻ وارا ڪڏھن ته مايوس به ٿي ويندا آھن. چاھي اھي ڪيفيت وقتي ھجي پر ھانَو کي گهڙيءَ سوا لاءِ جھوٻو ته ڏئي ڃي ٿي، پوءِ ڪم وارن جي ته ڪار اھائي ته قلندرن پٺيان اوپرا آواز ته سدائين ٻڌا ويا آھن، سو انھن پنھنجا بار لاٿا ته ڪونه، اڳتي ويا آھن وڌندا. سو آئون به اوھان واري پر پاريو پيو اچان. ھتي ڪم جي گهڻائي، ڪتابن جي ڇپائي، ٻيون سرگرميون سبب آھن انھن وٿين جون، نه ته اوھان ته منھنجي ساھه پساھه سان سلھاڙيل آھيون. جي ويسر ٿئي ته ڄڻ نه سج چڙھيو نه رات ٿي. ڌڻي اوھان کي تمام گهڻو حوصلو ڏنو آھي. سھپ جا اوھان ۾ مَڻ موجود آھن، تڏھن ئي ته اڄ به قلم جو پورھيو جاري آھي _  نه ته سنڌي ادبي بورڊ جي وچين دور واري روش، غلام مصطفيٰ شاھه جون اُلرون، اسان واري کاتي جون الغرضايون، اھي مڙئي مامرا ماڻھو کي حال ته ھيڻو ڪري ڇڏڻ جھڙا آھن. ڌڻي در دعائون آھن ته اوھان جي سگهه سدائين سلامت رھي، ۽ اوھان سونھاري سنڌ لاءِ خدمتون ڪندا رھو ۽ مون جھڙن اٻوجھن جي سڃاڻ ۽ شناس ڪندا رھو.

شاھه جو رسالو (ڇھون جلد ) پڙھي راس ڪيم. ٻين جي خبر يارن کي به ڏيکاريم ۽ پڙھايم. مڙني واھه واھه ڪئي. انھيءَ سطح تي لطيفي ڪلام جي پچار ڪرڻ وارو نه ڪو اڳ ٿيو ۽ نه ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اُڀ اکئين پيو پسجي. شاھه جو ھاڻي ته معروف ۽ مشھور صاحب سڌو بيت به نٿا پڙھي سگهن. اُنھن جا پونير ڪھڙو ٻوٽو ٻاريندا، تنھن جي سڌا سان سڀني کي آھي. ان سلسلي جي ايندڙ جلدن جو انتظار آھي. اميد آھي ته اھو ڪم به اڪري ويندو ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ بي مثال واڌارو ثابت ٿيندو.

قبله سائين، گذريل جولاءِ _ آگسٽ ۾ مون کي يونيسڪو جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ، تھران وڃڻ جو موقعو مليو. ڏھن ڏينھن جي ڪانفرنس جي موضوع ھو، ”ايشيا جا روايتي ساز.“ پاڪستان طرفان آئون اڪيلو نمائندو ھئس. اوھان جي مضمونن جي آڌار تي ، ”شاھه جي دنبور“ تي ھڪڙو مضمون تيار ڪري ويو ھوس. دنبور به کڻي ويو ھئس، اُن سان گڏ، دنبور جون مڙئي وڄتون به ويڊيو تي رڪارڊ ڪري کڻي ويو هوس. مضمون ۽ اُن متعلق ڪيل نماءُ ماڻھن پسند ڪيو. ھڪ نشست جو چيئرمن ٿي ڪاروائي به ھلايم. اُن مکيه اسپيڪر جاپان جو ھڪ پروفيسر ۽ ٻيو ھندوستان جو  ھڪ ڊاڪٽر صاحب ھو. آئون به سڄي دنيا ۾ ڌڪا کايو ويٺو آھيان ، پر ھتي عقل حيران ٿيو جو ھڪ سخت مذھبي رياست ۾ موسيقي ۽ سازن تي اھڙي نموني جون ڪانفرنسون! اسان وارا ڪماچه، سرندا، دنبوريون.سڀ ايران ۾ موجود . انڊونشيا وارا وري ساز کڻي آيا، جنھن کي چون ”دُھل“ _ نمونو ساڳيو سنڌ وارو. اھو ساز وڄائڻ وارو ”سماترا“ جو ھو. بھرحال ھڪ وڏو تجربو حاصل ٿيو.

ايراني انقلاب کان پوءِ، ماحول گهٽيل ضرور لڳو، پر ايراني صاحبن وڏي ڏاھپ سان پنھنجي نوجوانن جي ترتيب ڪئي آھي،  ۽ اھڙي طرح جو ھاڻي ته ھنن کي ڪو لھر نه لوڏو، ويٺا حڪمران الوليون ڪن. معلوم ٿيو ته فقط تھران شھر ۾ سترنھن موسيقي سيکارڻ جا ادارا آھن، جيڪي تھران يونيورسٽي سان لاڳاپيل آھن. ھنن پنھنجي لوڪ موسيقي کي نھايت ترقي وٺرائي آھي، ۽ اُنھيءَ تي شاندار تحقيق به ڪرائي آھي.

قبله سائين، نھايت عقيدت ۽ احترام مان اڄ ھيءُ خط لکيو اٿم. دل تي ھڪ بار ھو جو لھي ويو. انشاء الله جلدي حيدرآباد اچي روبرو حاضري ڀريندس.

وڌيڪ عرض ته مون ھڪ ڪتاب ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ لکيو آھي، جيڪو ڇپائي ھيٺ آھي. جيئن ئي شايع ٿيو ته خدمت ۾ عرض رکندس. _ اوھان جو نيازمند، ممتاز مرزا 9_ 9_ 1996ع

  

_ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ھڪ صوفيءَ جو لاڏاڻو

 

7 جنوري 1997ع تي سنڌي اخبارن ۽ ھڪ مقامي انگريزي اخبار ۾ ھڪ اھڙي صوفيءَ جي وفات جي خبرکي وڏي ڪوريج سان شايع ڪيو ويو، جيڪو شاھه لطيف جي شيدائي ھجڻ سان گڏ جديد سنڌي ادب جو مشھور نالو پڻ آھي، سو ممتاز مرزا آھي.سندس عمر 57سال ھئي. مان کيس ٽيھن سالن کان وٺي ويجھڙائيءَ کان سڃاڻان . مون کيس ڪڏھن به ھلڪڙائپ وارا جملا ڳالھائيندي نه ٻڌو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان سندس اٿاھه محبت کيس ٻين ٻولين جي ادب سان ناتي کان نه روڪيو. ھو احمد فراز جو ويجھو دوست ھو. سندس آخري ڪتاب ”سدا سوئيتاڪاپڙي “ ۾ علڻ فقير کي وڏي اھميت مليل آھي پر ان ۾ ممتاز مرزا، اردو جي وڻندڙ ڪھاڻيڪار مظھرالاسلام سان پنھنجي پھرين ملاقات ڏاڍي گهرائي سان بيان ڪئي آھي. ڪراچي مان ڇپجندڙ اردو اخبارن ممتاز مرزا جي وفات واري خبر کي ڪابه اھميت نه ڏني. اھا ڳالھه ڏاڍي افسوس جوڳي آھي. ممتاز مرزا ھڪ صوفي ھو، غير واجبي علائقائيت پرستي نه ڪندو ھو. زندگيءَ ڏانھن ھن جو روحاني لاڙو آفاقي ھيو. ھڪ سچي صوفيءَ وانگر ھو. سچ کي دنيا جي ھر مذھب کان اوچو سمجھندو ھو. ھو سچ جي اڻٿڪ ڳولا ڪندو ھو. سندس بي چيني روح کي صوفياڻي شاعري ۽ شاھه لطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ تسلي ملندي ھئي. ھن کي نظرانداز ڪرڻ جو مطلب ھڪ صوفيءَ کي نظرانداز ڪرڻ آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com