سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :11

افغان وزير اعظيم خان بار ڪزئي کي جڏهن اها خبر پيئي تڏهن ميرن ۽ شاهه شجاع کي ڊيڄارڻ لاءِ ايوب خان جي هٿ هيٺ هڪڙو لشڪر سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جيڪو پڻ شڪارپور ۾ آيو. ٽالپرن ايوب خان سان صلح ڪيو ۽ ٻارنهن لک چٽي ڀري ڏني ۽ بارنهن لک ساليانو خراج ڀري ڏيڻ لاءِ به اقرار ڪيائون ۽ افغاني سڪو هلائڻ قبول ڪيائون. شاهه شجاع راتو رات لڌياني ڏانهن هليو ويو ۽ ايوب خان افغانستان موٽي ويو. (12)

مير حسن علي خان ٽالپر لکي ٿو ته،

”شجاع آيو آواره ٿي بي پناهه

اچي در تي ميرن جي ٿيو داد خواه

شڪارپور ۾ وارد ٿيو باسوز وغم

 ڏٺئين پنهنجو نام و نشان ٿيندو گم

محمد عظيم خان کي هيءَ خبر

  رسي جا سراسر هئي وحشت اثر

ته هن بي هنر پور تيمور شاهه

وڃي سنڌ ۾ ورتي آهي پناهه

عظيم خان تڏهن باسپاهه گران

 زخويشان واز ڪار ديده سران

وڏي ساز سامان سان ٿي تيار

رسيو ڪاهي پوءِ جانب اين ديار

شجاع الملڪ کي ڪاڏئي گوشمال

رهي سلطنت جو نه ان کي خيال

ٻڌي مير صاحب جنهن دم هي خبر

خبر جا سراسر هئي وحشت اثر

 عظيم خان سنڀريو اچي ٿو بجنگ

 شجاع الملڪ تي ڪري ڪارتنگ

تڏهن ڪيائون لشڪر جي جمع آوري

بسر خود وڃن اندران داوري

 هتان مير سنڀريا به شان وشڪوه

 روانو ٿيو لشڪر گروها گورهه

وڃي لاڙڪاڻا ۾ جنهن دم رسيا

ٿيا ڪوهن ۾ خرگاهه خيما بپا

انهي حال ۾ مير سهراب خان

۽ رستم سندس پٽ به هو نوجوان

اچي ٿياسي وارد به در آن مقام

ته هن امر جو گڏجي ڪن اهتمام

شجاع الملڪ جو شڪارپور ۾ هو

اهو هنڌ ڇڏي لاڙڪاڻي رسيو

ڪيو فوج ميرن جي اُن هنڌ مڪان

جتي هئي پٺاڻن جي فوج گران

جو پهري ۽ چونڪي جودستور هو

ٻنهي طرفن ان پر مقرر ڪيو

پرڪنهن طرح سان ازقضا ياءَ پڪار

وڙهي پهري وارا ويا انجام ڪار

ڪي لشڪر پٺاڻن مان ويا مارجي

ته هيڏي به ويا ڪن جا  رت هارجي

مگر شيردل مامو هو خان جو

سو ڀي اتفاقا اُتي قتل ٿيو

 جڏهن ان طرح ساڻ ٿي پيو فتور

تڏهن ان جو ٿيو دفعو پڻ ضرور

ٿيا وڪلاءَ طرفين مان اُت تعين

نه ٿئي برطرف شور ۽ بغض و ڪين

ولي محمد کي ڪيئون ڪفيل

اسماعيل شاهه ٻيو مقرر وڪيل

۽ هن طرح وزرا مان ڪو نا مدار

مقرر ٿيو از بهر تدبيرڪار

ها طرفين خواهان صلح و سداد

ته نڪري وڃي وچ مان جورو فساد

هنن چيو، شجاع کي ڪري دستگير

اسان جي حوالي ڪريو ناگزير

هي خواهش ٿي ميرن کي وئي ناگورا

 پناهه گير کي ڪئن ڪريون خوار و زار

اسان کي تون هن امر کان ڪر معاف

نه ٿيندو اسا کان ڪڏهن هي خلاف

جي مرضي هجي تنهنجي ان طرح سان

شجاع المڪ کي ڪڍون ملڪ مان

انهي امر تي ڪيائون قبول و قرار

ته فهوالمراد ائن ڪيم اختيار

وڏي دوستي ٿي وئي ان آن ۾

دئي ڪانه رهجي وئي درميان ۾

ملاقاتون پوءِ ڪيائون باهمدگر

وڏي شان شوڪت سان باڪر و فر

عظيم خان دعوت جو ڪيو اهتمام

 رکيئن آڻي ان هنڌ ملذذ طعام

ڏئي خان کي پوري تعظيم و جاهه

وري مير صاحب ياد در خيمه گاهه

عظيم خان جي شاهي ضيافت ڪيئون

۽ هڪٻئي کي تحفا تحائف ڏنئون

عظيم خان جو هرڪا مرضي رکيئون

شجاع الملڪ پر نه ان کي ڏنئون

شجاع الملڪ کي وٺي پاڻ سان

 ٿيا دارالا مارت ڏي پنهنجي روان

شجاع الملڪ کي  ڪري شادمان

ڏيئي زر منجيائونس هندوستان،“

يعني عظيم خان نالي پٺاڻ سردار شجاع الملڪ کي ڪابل مان ڀڄائي ڪڍيو. پنهنجي ٿورڙن ماڻهن سان شڪارپور ۾ اچي رهيو ۽ مير صاحبن کان پنهنجو بچاءُ گهريائين. عظيم خان کي خبر پيئي ته شجاع الملڪ سنڌ ۾ آهي، سو پٺاڻن جو زبردست لشڪر وٺي شجاع الملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو. مير صاحب به عظيم خان جي اچڻ جي خبر ٻڌي پنهنجو وڏو لشڪر وٺي شجاع الملڪ  لاڙڪاڻه ۾ اچي منزل انداز ٿيا. شجاع الملڪ شڪارپور ڇڏي لاڙڪاڻه ۾ اچي مير صاحبن جي فوج ۾ پناهه گزين ٿيو، ته عظيم خان به پنهنجو لشڪر وٺي اچي لاڙڪاڻه پهتو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اڃا جنگ يا صُلح بابت ڪابه گفتگو ڪانه ٿي هُئي، ته اُنهي وچ ۾ مير صاحبن جو چوڪيدارن ۽ عظيم خان جي چوڪيدارن جي وچ ۾ اوچتو ڪو تڪرار ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ڳچ چوڪيدار مارجي ويا ۽ عظيم خان چوڪيدارن سان گڏ ان جو سڳو مامو شيردل خان به قتل ٿي ويو. انهي اوچتي واردات مان ڪو وڏو خرابو نه ٿئي، تنهن لاءِ ٻنهي طرفن جا وڪيل اچ وڃ ۾ لڳي ويا. مير صاحبن جي طرفان نواب ولي محمد خان لغاري ۽سيدآغا اسماعيل شاهه وڪيل هئا. پٺاڻن زور رکيو ته شجاع الملڪ جي ٻانهن ڏيو ۽ مير صاحبن چيو ته جنهن اسان وٽ پناهه اچي ورتي آهي، تنهن جي ٻانهن ڏيڻ اسان جو شان نه آهي. آخر هن ڳالهه تي صلح ٿيوته مير صاحب، شجاع الملڪ کي ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن روانو ڪن ، پر پاڻ وٽ نه رهائين.

 مير صاحبن اهو شرط قبول ڪيو، تنهنڪري عظيم خان ۽ اُن جو ننڍو ڀاءُ دوست محمد خان جو پڻ ساڻس هو، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سان  پڳ مٽ دوست ٿي پيو ۽ هڪٻئي جون مهمانيون ڪيائون. پوءِ عظيم خان ۽ دوست محمد خان پنهنجو لشڪر وٺي ڪابل روانا ٿيا ۽ مير صاحب، شجاع الملڪ کي حيدرآباد ۾ وٺي آيا. اُتا خرچ ۽ سامان ڏيئي هندستان ڏي روانو ڪيائونس.

(مير حسن علي خان ٽالپر، ”سنڌ جو شاهنامو“ ڇاپو پهريون 1952 مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد. صفحو 88_90.)

عطا محمد حامي، آندل فقير ماڇي جي کرڙي واري جنگ متعلق چيل سنڌي بيت جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”پوءِ شاه شجاع (معزول ٿيڻ کان پوءِ ) بر منهن ڪري هلندو ٿو رهي ۽ لاهور ڏانهن رُخ ٿو ڪري. هن جي  لشڪر جا ڪيترا ماڻهو ڀڄي ٿا وڃن ۽ قليل سپاهه سان رنجيت سنگهه وٽ پهچي ٿو، جيڪو کيس ريهي ريبي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ قيد ۾ ٿورکي ۽ هن کان ڪوهه نور هيرو ڦري ٿو وٺي. نيٺ هوانگريزن جي مدد سان سکن جي قيد مان ڀڄي ٿو نڪري ۽ شڪارپور پهچي ٿو وڃي. اُن کان پوءِ هوُ ٻه ٽي سال هتي رهي ٿو پوي ۽ ميرن جي رعايا کي تنگ ٿوڪري. حيدرآباد ۽ خيرپور جا مير هن جي ظلم ۽ بد افعالي جي ڪري ڏاڍا تنگ ٿا ٿين ۽ شاهه شجاع مان جان ڇڏائڻ  جي ڪوشش ٿا ڪن. هوڏانهن عظيم خان به سنڌ تي چڙهي ٿو اچي. عظيم خان ۽ مير مصلحت ڪري هن کي سنڌ مان نڪرڻ تي مجبور ٿاڪن. هو ٻيو حيلو نه ڏسي درازن جي  درويشاڻي درٻار ۾ ٿو اچي ۽ پنهنجا ٻار ٻچا اُتي رهائي پاڻ جيسلمير وڃي ٿو.“ (13)

لطف الله بدوي به ساڳي طرح لکيو آهي ته” شجاع تخت تان معزول ٿيڻ کان پوءِ پهريائين لڌيانه ويو ۽ پوءِ ڪوهه نور هيرو ڦرائي، راجا رنجيت سنگهه جي قيد مان ڀڄي ڪشمير کان ٿيندو حيدرآباد اچي نڪتو. ميرن کي جڏهن هن جي اوچتي آمد جي خبر پيئي، تڏهن هو سندس استقبال لاءِ آيا ۽ سندس خدمت ۾ حاضر رهيا ۽ پوءِ کيس شڪارپور اُماڻي ڇڏيائون. شڪارپور ۾ اُن وقت شهزادو تيمور شاهه سدوزئي نواب هو، هن شاهه شجاع جي آجيان ڪئي ۽ شڪارپور سندس حوالي ڪري ڇڏي. شاهه شجاع هڪ سال آرام سان رهيو. شايد هن زماني ۾ شاهه شجاع، ڄيٺمل نالي هڪ دولت مند هندو جي ڀيڻ سان شادي ڪري کيس شاهي حرم ۾ داخل ڪيو هو. هن هندو نينگر کي اُن وقت سنڌ جي سونهن ڪري سڏيندا هئا. بهرحال محمود شاهه کي جڏهن شاهه شجاع جي شڪارپور ۾ موجود گي جي خبر ملي، تڏهن هن فتح خان جي ڀاءُ سردار محمد اعظم خان کي شڪارپور تي چاڙهي موڪليو. محمد اعظم جي اچڻ جي خبر ٻڌي شاهه شجاع شڪارپور ڇڏي حيدرآباد روانو ٿي ويو.“ (14)

ڊاڪٽر حامي صاحب ۽ لطف الله بدوي جو هي بيان غلطي تي مبني آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه شجاع معزول ٿيڻ کان پوءِ پهريائين سنڌ ۾ آيو ۽ عظيم خان يا سردار محمد اعظم خان جي اچڻ کاءِ پوءِ سنڌ ڇڏي لڌيا نه ڏانهن هليو ويو ۽ اهو بلڪل غلط آهي ته هُو معزول ٿيڻ کان پوءِ اڳ ۾ لڌيانه ويو ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيو. هو سنڌ ۾ ٻه ٽي سال رهي جيسلمير رستي لڌيانه ڏانهن هليو ويو.

رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ” شاهه شجاع ٽنڊي آغا ابراهيم شاهه ۾ ٽي ڏينهن تائين آرام وٺي پوءِ هٿ ٺوڪيندو لڌيانه پهتو.“(15)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” وري شاهه شجاع اچي شڪارپور پهتو ته نواب ولي محمد خان به اچي نوشهره ابڙي طرف منزل ڪئي. پوئتي ڪابل ڏانهن شاهه شجاع جي موٽڻ جون واهون بند هُيون، جو ڪابل تي محمدعظيم خان جو قبضو هو. انهي ڪري هو کپ کوڙي يڪا ٻه سال شڪارپور ۾ ويهي رهيو. نواب ولي محمد خان شڪارپور جي چوڌاري سڄي علائقي کي پوري طرح پنهنجي ضابطي ۾ رکيو هو، مگر شهر شڪارپور ۽ ان جي نزديڪي پسگردائي ۾ شاهه شجاع ۽ سندس ماڻهو ڦريندا رهيا. جيئن ته کين مهمانن جي حيثيت هئي، انهي ڪري کين ڪجهه به ڪو نه ٿي چيو ويو. بالاخر جڏهن شاهه شجاع ۽ سندس سپاهه شرافت جا ليڪا لتاڙي اشرافن جون لڄون ۽ ملڪيتون لٽڻ لڳا، تڏهن نواب ولي محمد خان رعايا تي ظلم ٿيندو ڏسي شجاع کي شڪارپور ڇڏائڻ جي تجويز اميرن جي آڏو رکي، جا منظور ٿي. اُن موجب نواب ولي محمد خان حيدرآباد طرفان ۽ حمزو خان ٽالپر خيرپور طرفان فوجي دوستن سان  اچي شهر شڪارپور ۾ منزل انداز ٿيا، جنهن ڪري ڇڙواڳ افغانن طرفان رعايا کي ايذائڻ واريون حرڪتون بند ٿيون. ٻئي طرف سنڌ طرفان سنئون سڌو محمد عظيم خان سان تعلق قائم ڪيو ويو ۽ هو فوج وٺي اُتان چڙهيو. سنڌ جي متحده فوج به اميرن سان گڏ اچي نواب ولي محمد خان جي رٿيل تجويز موجب لاڙڪاڻي پهتي ۽ اُتان وڌي  اچي ميان شاهل محمد عباسي جي قُبي وٽ ڇانوڻي هنيائون. شاهه شجاع به  پريان محمد عظيم خان جو لشڪر ايندو ڏسي شڪارپور جي جند ڇڏي ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر اچي سنڌ جي ڇانوڻي ۾ پناهه ورتي.

محمد عظيم خان جي فوجي دستن اٻهرائي ڪري پيشقدمي ڪئي جنهن کي سنڌ جي فوجي دستن ختم ڪري ڇڏيو. محمد عظيم خان کي پوءِ صلح ڪري پوئتي موٽڻو پيو. شاهه شجاع به سنڌ ڇڏي جيسلمير جي راهه وٺي لڌياني (پنجاب ) ڏي روانو ٿيو.”

(خليل مورياڻي ”مرتب“ شڪارپورسونهن جو شهر“ ڇاپو پهريون1994ع، شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور سنڌ. صفحو 83_84، مقالو”شڪارپور سونهن جو شهر“ از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

شڪارپور تي ٽالپر جو قبضو:

مٿي لکي آيا آهيون ته ”1158هه/1745ع“ ۾ نادر شاهه جو هڪ سپه سالار طهماسپ جلائر سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ سنڌ جي شڪارپور واري ڀاڱي کي ايراني يا افغاني حڪومت سان ملائي ڇڏيو. اُنهي کان پوءِ سنڌ جي شڪارپور واري حصي تي افغان گورنر يا نواب حڪومت ڪرڻ لڳا.

سنه 1239هه/1824ع ۾ مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان ۽ مير رستم خان ٽالپر گڏجي شڪارپور تي قبضو ڪيو ۽ افغاني نواب عبدالمنصور خان يا منصور علي خان کي ڀڄائي ڪڍيو. حيدرآباد جي ٽالپر حاڪمن طرفان سيد ڪاظم علي شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه ۽ خيرپور وارن ميرن طرفان نواب عالم خان مري کي شڪارپور جو ناظم مقرر ڪيو ويو. نقش ناياب منگي غلطي مان لکيو آهي ته ” خيرپور جي ٽالپرن طرفان شڪارپور تي گولي شاهه کي نائب مقرر ڪيو ويو.(16)

شاهه شجاع جو ٽيون ڀيرو سنڌ ۾ اچڻ ۽ کرڙي جي  جنگ جو لڳڻ:

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه شجاع سنڌ مان نڪري لڌيانه (پنجاب) ڏانهن هليو ويو. اُتان راجا رنجيت سنگهه پهريائين ته هن جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ بعد ۾ کانئس ڪوهه نور هيرو ڦُري کڻي قيد ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ قيد مان فرار ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ کرڙيءَ جي جنگ جو سبب بڻيو. کرڙيءَ جي جنگ متعلق سنڌ جي مقامي موُرخن ۽ محققن تمام گهٽ احوال لکيو آهي. مقامي راوين مان سڀ کان پهريائين“ آندل فقير ماڇي“ هن جنگ جي احوال کي سنڌيءَ ۾ منظوم قلمبند ڪيو. انهي متعلق پاڻ چئي ٿو ته:

”سن ٻارهن سو اڻونجاهه هو، مهينو شعبان

شروع ڪيڙم شعر کي ٻڌي بهر بيان.“ (17)

هن پنهنجي بيتن ۾ شاهه شجاع جي سنڌ ۾ آمد ۽ گوڏو کوڙي ويهي رهڻ ۽ سنڌي سورمن سان جنگ جو احوال مختصر طرح سان بيان ڪيو آهي. جنگ ۾ شامل ڪجهه بهادرن جي بهادري کي ڏاڍو ساراهيو آهي. هن جي بيتن مان انهن سنڌي قبيلن ۽ ماڻهن جانالا به معلوم ٿين ٿا. جن هن جنگ ۾ خوب ملهايو.

خليفي نبي بخش لغاري (وفات 1280هه/1863ع) به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر ڪيڏاري جي تتبح تي هن جنگ متعلق سر ڪيڏارو چيو آهي. هن پنهنجي بيتن ۾ جنگ جو ڪوبه تفصيل نه ڏنو آهي، صرف شاهه شجاع ۽ لشڪر کي ننديو اٿس ۽ سنڌي لشڪر جي سپه سالارن جي تعريف ڪئي اٿس.

مقامي مؤرخن ۾ جنگ کرڙي جو ٿورو تفصيلي احوال آخوند محمد عالم خيرپوري پنهنجي منظوم فارسي مثنوي”شاهه نامه تالپوران“ ۾ ڏنو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن مثنوي جو سنڌي ۾ اختصار ڪيو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

”عجب اهو جو  شاه شجاع بادشاهه، جو خانه جنگي سببان پنهنجي ملڪ مان تڙجي چڪو هو، تنهن سمندر جي سپه سالاري هيٺ روهيلن جي بي اندازفوج چاڙهي موڪلي، جا درياءُ جي پريان اچي صف آرا ٿي. ساڻن توبون  هيون ۽ ٻي گهوڙي سوار فوج هُئي، جن ٽڪرن مٿان اوچتو حملو ڪيو. هتان مير نامدار مير رستم خان مقابلي لاءِ فوج موڪلي، خونخوار جنگ لڳي، جنهن ۾ سيد ڪاظم علي شاهه صفون چيري ڇڏيون ته دشمن کانئس ڀڄي پري کان مٿس بندوقون ڇوڙيون ۽ کيس شهيد ڪيو. ان بعد سندس چاچو سيد ابوالحسن تلوار کڻي ميدان ۾ ڪُڏي پيو ۽ بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو.

ابراهيم خان صفون چيري چوٽ ڪري، توب هڻندڙن تي حملو ڪري وڃي ڪن کي ماريو. جهان خان پرواني مثل ميدان ۾ ٽپي پيو. جهڙو سندس پيءُ (عالم خان ) جنگ جو جهونجهار هو، تهڙو ئي جهان خان ٿيو، جو سورهيائي سان سر ڏئي سرهو ٿيو. ساڻس گڏ سندس رفيق ۽ خاصخيلين جو سردار هاشم شهيد ٿيو. پهلوان بهادر (خدمتگار) پڻ بهادري سان وڙهندي مارجي ويو. وزير مشير ۽ امير ڪبير دريا خان نظاماڻي درياءَ جي موجن وانگر پلٽ ڪئي ۽ پنهنجي رفيقن سا ن گڏ سرگهوري ميدان جنگ م گهڙي پيو ۽ سيف الدين جي نيزي لڳڻ سان مري مانائتو ٿيو. پر آفرين هجي غلام مرتضيٰ شاهه کي جو پنهنجي اٽالي سميت ميدان ۾ شهيد ٿيو.

غلام مرتضيٰ شاهه جي مارجڻ تي باقي لشڪر بي دليو ٿي پوئتي هٽيو. جي مقابلو جاري رکن ها ته فتح سندس ٿئي ها. جي پوئتي ڀڳا، تن مان گهڻا درياءُ ۾ ٻڏا. هاڻي سندس فرزند اجمند کي ڌڻي شل پنهنجي حفاظت ۾ رکي……اي عالم، سنڌي ۾ گهڻن شاعرن شعر چيا آهن پر تنهنجو هي شعر يادگار رهندو.(18)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نظر مان، روهڙي جي قاضين مان ڪنهن شخص جو لکيل هڪ قلمي (فارسي) بياض به گذريو، جنهن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته نواب عالم خان مري ۽ سندس ساٿي کرڙي جي جنگ کان هفتو کن اڳ پهرئين حملي ۾ شهيد ٿيا ۽ کرڙي واري جنگ 27 شعبان سنه 1249 هه تي لڳي. انهي قلمي بياض جي فارسي عبارت هن طرح آهي.

”20 ماه شعبان روز چهار شنبه سنه 1249هه : عالم خان مري، چاڪر خان جيسڪاني، رحيم خان کهوسه و ديگر بلوچان در  مقابله جنگ از آخوندزاده الهداد درلشڪر شاهه شجاع الملڪ شهيد شدند.“

27 ماهه شعبان روز چهار شنبه سنه 1249: ديگر مقابله، امير الامراءَ العظام آسودالڪبار الفخام ، عالي منصب، بهادر جنگ ، شاهه غلام مرتضيَ و عاليجاهه رفيع جايگاهه عمده اميرالعظام والا حشمت امير ڪاظم شاهه وعمدته الخوانين عظام بهادر جنگ جهان خان مري دريا خان نظاماني و بهادر خدمتگار وغيرهم بلوچان در صف جنگ خان والا شان دارا شڪوه سڪندر حشمت سمندر خان و ديگر افغانا لشڪر شاهه شجاع الملڪ بنزد يڪي شهر بالاي ڪوهه شهيد شدند، انا الله و انا اليه راجعون.“

انهي بياض ۾ هڪ هنڌ

مسخ شده عبارت به لکيل هئي،

”باشجاع سمندر خان افغان

سمندر ز آتش دوزخ نترسد.“ (19)

هن معرڪي ۾ عالم خان مري سان گڏ چاڪر خان جسڪاڻي، رحيم خان کوسو، علي مراد خان، لقمان خان، باقرخان، پياري خان ۽ جنگو خان به شامل هئا، ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ ۽ عطا محمد حامي جي لکڻ مطابق”عالم خان مري، شاهه شجاع جي هڪ سپه سالار هدايت الله سان مقابلو ڪندي گوسڙ جي واري معرڪي ۾ شهيد ٿي ويو.“ (20)

ڪئپٽن گولڊ سمٿ پنهنجي ڪتاب“ هسٽاريڪل ميمائرس آف شڪارپور“، لطف الله بدوي پنهنجي مقالي ”شاهه شجاع الملڪ“ (جيڪو ٻن قسطن ۾ ٽماهي مهراڻ1_1968ع ۽ نمبر2_1968ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ڇپيو.) ۽ مولانا اعجاز الحق قدوسي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ جلد ٻيو (اردو)“ ۾ هن جنگ جو تفصيل سان احوال لکيو آهي، ليڪن اهو سمورو احوال انهي سڀني ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ تان کنيو آهي.

بعد ۾ ٻين مقامي مؤرخن هن جنگ متعلق صرف چند سٽون تحرير هيٺ آنديون آهن ، جنن مان انهي جنگ جي باري ۾ ڪابه تفصيلي ۽ صحيح ڄاڻ  نٿي ملي . خانبهادر خدا داد خان پنهنجي ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ صرف ايترو لکي ٿوته، ”در آخرين سال از عمرش( مير مراد علي خان ) شاهه شجاع الملڪ به شهر شڪارپور رسيده، بر آن قبضه کرده، توابع آن را در تحت تصرف خود آورده، بنا بر آن به اميران سند جنگي صاحب بوقوع آمد و دران جنگ بعضي سرداران نامور از طرف اميران حيدرآباد ۾ خيرپور شهيد شدند، واين جنگ بيرون سکهر کهنه بوقوع رسيده بود و معروف به جنگ کهرري است، که کهرري نام مکان در حدود شهر سکهر آن جانب درياءُ سند است. فتح از طرف بادشاهه گشت.“ (21)

مرزا قليچ بيگ لکي ٿوته: ” آغا ڪاظم شاهه، جو .شڪارپور جو ناظم هو، تنهن جو ڪاغذ پهتو ته شاهه شجاع الملڪ، جنهن کي مهمان ڪري رکيو هئائون، سو انهي پرڳڻي جو پاڻ مالڪ ويهي رهيو آهي ۽ مون کي ڪڍي ڇڏيو اٿس.هي خبر ٻڌي مير لشڪر گڏ ڪري روانا ٿيا ۽ خيرپور جنهن کي انهن ڏينهن ۾ سهراب پور سڏيندا هئا، تنهن مان اُتي جا مير به پنهنجي لشڪر سميت اچي گڏيا. پوءِ گڏجي شڪارپور هليا ۽ شڪارپور کان ٽن ڪوهن تي منزل ڪيائون ۽ هڪڙو  وڪيل شجاع الملڪ ڏي  موڪليائون. ميرن جو لشڪر ارڙهن هزار هو ۽ پٺاڻن جو ٻه ٽي هزار مس هو، پر انهن ٿورن افغانن هنن کي شڪست ڏيئي ڇڏي ۽ حيدرآبادي لشڪر جوسردار ڪاظم شاهه ۽ خيرپوري لشڪر جو سردار گولي شاهه جو پٽ غلام مرتضي شاهه ٻيئي مارجي ويا. بلوچ ڀڄي پنهنجي منزلگاهه تي آيا. آخر اسماعيل شاهه کي وڪيل ڪري موڪليائون، جنهن شجاع الملڪ سان وڃي هن شرط تي صلح جو  ٺهراءُ ڪيو ته شجاع الملڪ سنڌ مان نڪري وڃي ۽ کيس ٻارنهن لک سنڌي رپيا يعني اٺ لک انگريزي رپيا ملندا. اُن موجب هو پيسا وٺي لڌيانه هليو ويو ، پوءِ آغا اسماعيل شاهه شڪارپور جو حاڪم ٿيو ۽ سندس پٽ آغا زين العابدين شاهه سندس نائب ڪيو ويو ۽ مير پاڻ پُٺ تي روانا ٿيا. اهو واقعو 1249هه/1833ع جو آهي.“ (22)

لطف الله بدوي لکي ٿو ته:“ 1234هه  ۾ مير ڪرم علي خان فوت ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي ننڍو ڀاءُ مير مراد علي خان تخت نشين ٿيو. ان زماني ۾ شاهه شجاع لڌيانه ۾ انگريزن جي پناهه هيٺ هو ۽ آرام سان وقت گذاري رهيو هو. اُن وقت افغانستان ۾ خانه جنگي پوري زور تي هئي، جنهن کان شاهه وقت بوقت متاثر ٿي رهيو هو۽ سندس دل ۾ افغانستان جي حڪومت جو حرص بي آرامي پيدا ڪندو ٿي رهيو.هو اوچتو لڌيانه کان سنڌ روانو ٿي پيو، جنهن کان سندس مقصد هو ته سنڌ ۾ رهي قندارجي حالت کان واقف ٿيندو رهي ۽ جيڪڏهن موقعو حاصل ٿي سگهي ته قنڌار تي حملو ڪري. مگر تاريخ تازه نواءِ معارڪ جو مصنف لکي ٿو ته، شاهه شجاع کي ڪنهن مصلحت جي باعث مير مراد علي خان حيدرآباد ۾ اچڻ جي  دعوت ڏني هئي. مگر خبر نٿي پوي ته اها ڪهڙي مصلحت هئي، جنهن لاءِ مير مراد علي خان سنڌ ۾ شاهه شجاع جو هئڻ ضروري ٿي سمجهيو ۽ فتني کان پاڻ بيدار ٿي ڪيو. بهرحال هو سنه 1248هه ۾ لڌيانه کان منزلون هڻندو سنڌ ڏانهن وڌندو ٿي آيو، جتي حيدرآباد جا مير سندس آمدکان خوش هئا ۽ اتي خيرپور جامير سندس آمد کان سخت ناراض هئا. مگر مير مراد علي خان بي خيالي کان انڪار جي جرئت نٿي ڪري سگهيو. جڏهن شاهه موجود رياست بهاولپور جي اندر داخل ٿيو ته جي ميرن سندس استقبال لاءِ پنهنجا عيوضي ڏياري موڪليا. حيدرآباد جي طرفان سيد مير ڪاظم شاهه جو اُن وقت شڪارپور جو  گورنر هو ۽ خيرپور جي طرفان فتح محمد خان غوري جو اُن وقت مير رستم خان جو وزير هو، هي ٻيئي شاهه جي پيشوائي لاءِ اڳواٽ سبزل ڪوٽ ۾ وڃي مقيم ٿيا، جتان شاهه کي وڏي عزت سان شڪارپور وٺي آيا. شڪارپور ۾ حيدرآباد جي ميرن طرفان مير جهان خان ۽ خيرپور جي ميرن طرفان مير زنگي خان سندس مرحبا ڪئي.

بهرحال شاهه شجاع شڪارپور ۾ پراڻي ڪليڪٽري جي ميدان تي، جنهن کي اُن وقت شهزادي جو باغ ٿي سڏيائون (شڪارپور ۾ ڪليڪٽري موجود هو پفل اڪيڊمي جي ڀر واري ميدان تي هئي. انهن جاين جا نشان هاڻ بلڪل مٽجي ويا آهن.) منزل انداز ٿيو. اُتي رهي سامان جنگ گڏ ڪندو رهيو. ميرن سندس خرچ لاءِ هزارين رپيا ٿي خرچ ڪيا. جيئن گرمي جي مند مٿان اچي ويئي هئي . ان ڪري شاهه گرمي جي موسم اُتي ئي گذراڻ مناسب سمجهي. ميرن ۽ شاهه جي وچ ۾ هي فيصلو ٿيل هو ته مير چاليهه ڏينهن ۾ چاليهه هزار شاهه کي ڏيندا ۽ شاهه ايترائي ڏينهن شڪارپور ۾ رهي پنهنجي منزل مقصود ڏانهن هليو ويندو. مگر چاليهه ڏينهن جي بجاءِ شاهه کي شڪارپور ۾ چاليهه هزار روپيه ورتي به ٽي مهينا گذري ويا. مير زنگي خان ۽ مير جهان خان به خدمت ۾ موجود رهيا. هنن کي ڪابه خبر پئجي نٿي سگهي ته شاهه ڪڏهن ٿو شڪارپور کي ڇڏي وڃي. هُو شاهه جي روش کان بلڪل بيحد تنگ اچي ويا. هوڏانهن شاهه شجاع مير مراد علي کان اُٺن جي خرچ ۽ ريزڪي خرچ جي تقاضا ڪئي، پر مير صاحب طلب ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، جنهن تي شاهه شجاع کي غصو ايندو رهيو. هن پرآ شوب زماني ۾ جڏهن حالتون بدتر کان بدتر ٿي رهيون هيون، سنه 1248هه ۾ مير مراد علي خان وفات ڪري ويو. جڏهن شاهه شجاع کي سندس وفات جي خبر پيئي ته مٿس بيحد اثر پيو. شاهه  شجاع مير صاحب جي وفات جو اطلاح ملڻ تي پنهنجي متعمد قاضي محمد حسن ۽ مير ڪاظم شاهه کي سندس تعزيب لاءِ ڏياري موڪليو. شاهه مو صوف خلعت سان گڏ هڪ خط به  موڪليو، جنهن ۾ اُٺن جي موجود ڪرڻ جي تقاضا به هئي. مگر هن جو نتيجو ڪو چڱو نه نڪتو، حالتون زياده پيچيده بڻجي ويون.”(23)

پروفيسر غلام احمد بدوي لکي ٿو ته:” 1234هه ۾ مير ڪرم علي خان جي وفات ٿيڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي مير مراد علي خان تخت نشين ٿيو. ان زماني ۾ شاهه شجاع انگريزن جي پناهه ۾ هيو ۽ حڪومت جي هوس ۾ بي آرام هيو. اُن خيال کان هن سنڌ جي طرف رُخ رکيو ۽ موقعي ملڻ جي تاڪ ۾ رهيو. مير مراد علي خان شان ۽ شوڪت سان آجيان ڪئي. هو پراڻي ڪليڪٽري جي ميدان تي لٿو. جتي جنگ لاءِ سامان گڏ ڪندورهيو. ميرن سندس سارو خرچ برداشت ٿي ڪيو. مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ سيد ڪاظم شاهه شڪارپور جو ناظم مقرر ٿيو، جنهن خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن کي اطلاح ڏنو ته شاهه شجاع شڪارپور جو مالڪ بڻجي ويٺو آهي. ميرن مشورو ڪرڻ کان پوءِ صلاح ڪئي ته شاهه شجاع کي شڪارپور مان هڪالي ڪڍجي. شاهه کي جڏهن اُن ڳالهه جي خبر پيئي ته ڏاڍو بگڙيو ۽ سيد ڪاظم کي حڪومت کان برطرف ڪري اُن جي جاءِ تي بهادر خان کوکر کي شڪارپور جو نواب مقرر ڪيو.

سيد ڪاظم جي برطرفي سبب مير نور محمد جنگ جي لاءِ مجبوراً احڪام جاري ڪيا. سيد ڪاظم حيدرآباد جي ميرن ۾ ڏاڍو تاءُ پيدا ڪيو. مرڪزي حڪومت کي خلاف ڏسي خيرپور جو حاڪم مير رستم خان به شاهه شجاع جي خلاف ٿي بيٺو. مير ڪاظم پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻين ڪامورن کي شڪارپور ڇڏي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو. مير محمد عالم خان مري، شاهه شجاع جي سخت مخالف ڪئي ۽ گوسڙجي تي ڪاهي ڦرلٽ شروع ڪئي. هن حالت شاهه شجاع کي وڏي غصي ۾ آندو هو. وري جو عالم خان جي شهادت جو بدلي وٺڻ لاءِ سندس پٽ جهان خان گوسڙجي تي ڪاهي ويو ۽ شاهه شجاع جي مقرر ڪيل نواب هدايت الله کي ماري وڌو ته شاهه شجاع وڌيڪ بيتاب ٿيو. هن پنهنجي سپه سالار سمندر خان کي حڪم ڏنو ته سڄي فوج کي تحرڪ ۾ آڻي ميرن کي ان جي سزا ڏئي.

هوڏانهن ميرن طرفان به فوج تيار ٿي خيرپور کان روهڙي پهتي. جنهن ۾ سيد ڪاظم شاهه به شامل هو. اها فوج سکر ۾ موجوده سينٽرل جيل واري ميدان ۾ خيمه زن ٿي . هن ميدان کي ”کرڙي وارو ميدان“ سڏيو ويندو هو. شاهه شجاع جو سپه سالار آدم شاهه جي ٽڪري هيٺان اچي ترسيو. پنهنجون ٻه توبون مٿي ٽڪري تي پهچائي هنن جو رُخ ٽالپرن جي ڇانوڻي ڏانهن ڪري انهن مان اوچتو باهه وسائڻ شروع ڪئي. سيد غلام مرتضيٰ شاهه دشمن جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو ۽ نهايت دليري سان وڙهندي مارجي ويو. اهڙي طرح جهان خان ۽ سيد ڪاظم شاهه ۽ ٻيا ڪيترا دلاور ميدان جنگ ۾ شهيد ٿي ويا، اهڙيءَ طرح ٽالپرن کي شڪست آئي.

هن لڙائيءَ کان پوءِ ٽالپرن ۾ طاقت نه رهي. سڀني لاڙڪاڻي ۾ گڏ ٿي صلاح ڪئي ته مقابلي جي بدران صلح ڪجي. مير، حضرت پير نظام الدين سرهندي جي طرف رجوع ٿيا، ڇاڪاڻ ته ابدالي خاندان سندس معتقد هو. پير اُن ڳالهه کي چڱو سمجهي شاهه شجاع وٽ پهتو. شاهه شجاع حقيقت ٻڌي خاموش ٿي ويو ۽ ميرن ڏانهن پنهنجا ٻه وڪيل محمد شريف ۽ قاضي محمد حسن موڪليا. فيصلو ٿيو ته تازي جنگ جي چٽي چار لک روپيا، پنج سو اُٺ ۽ هڪ لک رپيا سردارن کي ڏنا وڃن. ميرن اها ڳالهه قبول ڪئي. شاهه شجاع اهومال هٿ ڪري قندار روانو ٿيو.“ (24)

غلام احمد بدوي وانگر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر ميمن عبدالمجيد سنڌي ۽ دادا سنڌي به لکيو آهي ته، ”شاهه شجاع شڪارپور ۾ پهچڻ کان پوءِ ميرن جي ناظم سيد ڪاظم شاهه کي برطرف ڪري بهادر خان کوکر کي نواب مقرر ڪيو.(25) اهو غلط آهي، ڇاڪاڻ ته بهادر خان کوکر ميرن جو خاص ماڻهو هو ۽ هُو اُن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو، تنهنڪري بهادر خان کوکر خود ڪڏهن اهو نه چاهيندو ته هُو ميرن کي ناراض ڪري سندس مقررڪيل ناظم سيد ڪاظم شاهه جي جاءِ تي شڪارپور جو نواب ٿئي ۽ نه وري شاهه شجاع به اهو چاهيندو ته هو ميرن جي هڪ ماڻهو کي معزول ڪري ۽ انهن جي ٻئي خاص ماڻهو کي مقرر ڪري. تنهنڪري گُمان اهو آهي ته شاهه شجاع، سيد ڪاظم شاهه کي معزول ڪرڻ کان پوءِ انهي جاءِ تي پنهنجي ڪنهن خاص ماڻهو کي مقرر ڪيو هوندو.

جيئن مٿي غلام احمد بدوي لکيو آهي ته:” ميرن جي فوج سکر ۾ موجوده سينٽرل جيل واري ميدان ۾ خميه زن ٿي،“ ليڪن عطا محمد حامي لکي ٿو ته:” ٽالپرن جو لشڪر واري تڙ تي اچي منزل انداز ٿيو.“ (26)

رحميداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”شاهه شجاع الملڪ، جنهن کي مير مراد علي خان شڪارپور ۾ بطور مهمان ڪري رهايو هو سو مير جي وفات جو ٻڌي ٽالپرن جي نائب آغا اسماعيل شاهه جي پٽ سيد ڪاظم شاهه کي شڪارپور مان لوڌي پاڻ مالڪ ٿي ويٺو. حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن ارڙهن هزار لشڪر گڏ ڪري شڪارپور تي ڪاهه ڪئي. سٺ ملين جي مفاصلي تي جنگ لڳي. شجاع الملڪ جي ٽن هزارن فوجين کان ٽالپري فوج شڪست کاڌي. نائب ڪاظم شاهه ۽ خيرپور وارن جو نائب گولو شاهه مارجي ويا. آخر سيد اسماعيل شاهه جي معرفت ٻنهي طرفين صُلح ٿيو. شجاع الملڪ ٻارنهن لک ٽالپري رپيا، جيڪي انگريزي اٺ لک روپين جي برابر هئا، سي وٺي لڌيانه ڏانهن روانو ٿي ويو. ٽالپرن سيد اسماعيل شاهه کي اُتي جو نائب مقرر ڪيو. هي واقعو سنه 1833ع ۾ ٿي گذريو.“

رحيمداد خان وري ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ” شاهه شجاع ٻه چار سوُ سپاهي ڀاڙي جا خريد ڪري ڪابل فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ 1834ع ۾ روهڙي پهتو. شهداداڻين جي سپه سالار سيد ڪاظم شاهه ۽ سهراباڻي جنرل گولي شاهه معزول بادشاهه جو مقابلو ڪيو، پر ٻيئي جرنيل قتل ٿي ويا. شجاع سکر۽ سکر شڪارپور واري رستي قندار پهتو.“ (27)

رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجي لکت ۾ ڪيتريون غلطيون ڪري ويو آهي. جهڙوڪ، انهي واقعي جو سال پهريائين 1833ع ۽ پوءِ 1734ع لکي ٿو. حالانڪه صحيح 1834ع آهي. ٻيو ته رحيمداد خان خيرپوري ٽالپري جي سپه سالار ”غلام مرتضيٰ شاهه“ جي بجاءِ اُن جي پيءُ گولي شاهه لاءِ لکيو آهي ته اهو انهي جنگ ۾ شجاع سان وڙهندي قتل ٿي ويو.

اهڙي طرح رحيمداد خان وانگر خدا خان، مرزا قليچ بيگ ۽ عطا محمد حامي انهي جي سال واري ساڳي غلطي ڪئي آهي يعني انهن واقعي جو سال 1833ع لکيو اٿن. خدا داد خان ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي اهو به لکيو آهي ته اها لڙائي حيدرآباد سنڌ جي حاڪم مير مراد علي خان جي زندگي ۾ سندس وفات واري سال يعني سندس مرڻ کان ڪجهه اڳ ۾ لڳي هئي. هالانڪه اها لڙائي مير مراد علي خان ٽالپر جي وفات کان پوءِ سندس جانشين مير نور محمد خان ٽالپر جي حڪومت جي پهرين سال ۾ لڳي هئي. مير مراد علي خان جي وفات 6جمادالثاني 1249هه/آڪٽوبر 1833ع ۾ ٿي اها لڙائي 27شعبان 1249هه/جنوري 1834ع لڳي هئي. (28)

ڊاڪٽر عطا محمد حامي هن جنگ متعلق صرف ايترو لکيو آهي ته، ”مير رستم خان جي دوُ ر ۾ شاهه شجاع الملڪ افغانستان مان تڙجي شڪارپور ۾ اچي ميرن جو مهمان ٿيو. ميرن ڪافي ڏينهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، مگر هو واپس وڃڻ جي بجاءِ سندس سرحدن تي قبضو ڪرڻ لڳو. جنهن تي مجبور ٿي حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن گڏجي سندس مقابلو ڪيو. ميرن جي لشڪر جا مهندار غلام مرتضيٰ شاهه ڪهيري ۽ آغا ڪاظم شاهه هئا ۽ شجاع الملڪ جي لشڪر جو علمبردار سمندر خان پٺاڻ هو. پٺاڻ چوري اچي آدم شاهه جي ٽڪري تي توبون نصب ڪيون، کرڙي جي ميدان تي سنه 1833ع ۾ فوجين جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ميرن جا بهترين سالار شهيد ٿي ويا، جن مان ڪاظم شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه ۽ جهان خان مري نالا قابل ذڪر آهن. نيٺ صلح ٿيو ۽ شجاع الملڪ اٺ لک روپيا وٺي واپس موٽي ويو.“ (29)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن جنگ متعلق هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي، موصوف به اهو سمورو احوال “ تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ ۽ ٻين مٿي ڄاڻايل ڪتابن تان ورتو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي انهي جنگ متعلق لکيل مقالي جو سمورو مواد وري ڊاڪٽر بلوچ واري مقالي تان کنيل آهي. اهڙي طرح دادا سنڌي به پنهنجي ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ ۾ شاهه شجاع الملڪ متعلق هڪ تفصيلي باب لکيو آهي، جنهن جو سمورو مواد، موالائي شيدائي جي ڪتاب “جنت السنڌ“ ۽ اعجاز الحق قدوسي جي ڪتاب ”تاريخ سنڌ جلد ٻيون (اردو)“ تان ورتل آهي. (30)

”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ جي مصنف عطا محمد شڪارپوري انهي جنگ جو احوال پنهنجي انهي ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي. هي جيتوڻيڪ حمله آورن يعني افغانين جو ماڻهو هو ۽ شاهه شجاع جو منشي هو ۽ اُن وقت پٺاڻن سان گڏ شڪارپور ۽ رهيل هو، تنهنڪري هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي سو هڪ طرفو لکيو آهي، يعني غير جانبدار ٿي نه لکيو اٿس. هن انهي جنگ جو سمورو الزام ثالپر حڪمرانن تي هنيو آهي ۽ شاهه شجاع جي حملي کي حق بجانب ڄاڻايو آهي. افغانن جي سورهيائي کي ساراهيو اٿس. جتي مجبوري مان سنڌي سپه سالارن جي سورهيائي جي تعريف ڪئي اٿس ته انهن کي بيوقوف به سڏيو اٿس. سنڌي لشڪر جي شڪست ۽ ڀاڄ کي دل کولي تفصيل سان بيان ڪيو اٿس ۽ افغانن جي ظلمن کي فاتحن جو ڪردار ڄاڻايو اٿس.

کرڙي جي جنگ 27 شعبان 1249هه/ جنوري 1834ع بروز اربع تي هاڻوڪي نئين سکر ۾ آدم شاهه جي ٽڪري کان وٺي سنڌو درياءُ جي ڪپ تائين، مسجد منزل گاهه جي سامهون مٿانهين ٽڪري واري ميدان تي لڳي هئي، جتي هاڻ سيشن ڪورٽ ۽ جيل جون عمارتون ٺهيل آهن. درياءُ کان لاڳيتو اُتر ۽ پراڻي سکر شهر کان ڏکڻ اولهه واري ايراضي سڄو جنگ جو ميدان هو. موجوده جيل جي اُتران پوليس جو ٿاڻو اڃان تائين کرڙي وارو ٿاڻو سڏجي ٿو، جو اڳئين کرڙي واري ميدان جي نالي جو يادگار آهي. هن وقت جا ايراضي کرڙي جي نالي سان سڏجي ٿي، ان جون حدون هي آهن. ڏکڻ کان درياءَ، اوڀر طرفان دنگ، شاهه جو اوتارو ۽ ڀائي ٻالي جو مندر، اولهه طرف جي حد واٽر ورڪس کان قدري اولهه ۽ اُتر طرف پراڻي ۽ نئين سکر واري وڏي رستي ۽ کرڙي پوليس ٿاڻي کان به اُتر اولهه وارو ڀاڱو. (31)

هيٺ انهي جنگ جو تفصيلي احوال “ تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ مان پيش ڪجي ٿو. ”شاهه شجاع جڏهن شڪارپور پهتو ته پهريائين هن هڪ خط پنهنجي صحيح سان قاضي محمد حسن جي ذريعي ۽ سيد ڪاظم شاهه جي صلاح سان حيدرآباد جي ميرن ڏانهن روانو ڪيو. سفر جي خرچ ۽ اُٺن لاءِ به اُنهي قاضي جي معرفت زباني چوائي موڪليو، ليڪن حيدرآبادي ميرن جي مشيرن، مير صاحبن کي مشورو ڏنو ته سفر جي خرچ ۽ اُٺن موڪلڻ کان بلڪل انڪار ڪيو وڃي. تنهنڪري مير صاحبن صفا انڪار ڪري ڇڏيو. بلڪ خواب ۾ به سخت لهجو اختيار ڪيائون.

شاهه شجاع الملڪ ۽ سندس اميرن تحمل ۽ بربادي کان ڪم ورتو. هنن چاهيو ٿي ته فتنو ۽ فساد نه ٿئي ۽ معاملو صلح سان طئي ٿي وڃي. شاهه شجاع جا امير انهي ڪوشش ۾ هئا، ليڪن مير صاحبن انهي طرز کي غلط سمجهيو ۽ سمجهيائون ته شاهه شجاع جا امير اسان جي والد جي وفات بعد اسان کي ٻار سمجهي رهيا آهن، تنهنڪري اسان کان ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ ۽ ملڪ تي قبضي ڪرڻ جي فڪر ۾ آهن. کين مشيرن ۽ دوستن اڃان ٻه وڌيڪ چيو ته اگر اوهان شاهه شجاع جا اهي مطالبا مڃي ورتا ته بسم الله به غلط ٿيندي. اوهان جي حڪومت جو شروعاتي دؤر آهي. بادشاهه جيڪو پاڻ سان گڏ چند بکيا ۽ ننگا هندستاني ۽ افغاني ورتيو ٿو وتي، اوهان اگر انهي جي دٻاءُ ۾ اچي سفر جو خرچ ۽ اُٺ ڏنا ته پوءِ اوهان جي حڪومت اڳتي ڪيئن هلندي. هر ماڻهو جي جرئت وڌي ويندي ۽ پوءِ هر هڪ اوهان کان ڍل ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳندو. ميرن پنهنجي مشيرن جي اهڙين ڳالهين تي لڳي شاهه شجاع الملڪ سان سرڪشي اختيار ڪئي ۽ جنگ جي تيارين ۾ مصروف تي ويا . شجاع الملڪ کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن ميرن ڏانهن نصيحت آموز خط لکيا، ليڪن ميرن ذري برابر به انهي تي ڌيان نه ڏنو. تنهنڪري شاهه شجاع مجبوراً اهو فيصلو ڪيو ته هن کي اڃا ڪجهه وقت شڪارپور ۾ ترسڻو پوندو. انهي کان پوءِ هن حيدرآباد جي ميرن کي اطلاح ڏنو ته چند ضروري ڪمن ڪارين سبب اسان جي روانگي في الحال خر اسان ڏانهن نه ٿيندي، البته جڏهن انهن ڪمن کان فارغ ٿيندس ته پوءِ خراسان روانو ٿي ويندس.¨

حيدرآباد جي ميرن کي جڏهن شاهه شجاع جو اهو پيغام پهتو ته هو غصي ۾ اچي ويا ۽ سوچيائون ته مصلحت انهي ڳالهه ۾ آهي  ته شاهه شجاع جي فوج به گهٽ آهي ۽ هو پريشان به آهي، انهي ڪري مناسب آهي ته جلدي ۾ لشڪر گڏ ڪري انهي تي حملو ڪجي ۽ هن کي شڪارپور مان ڪڍي ڇڏجي. اها خبر جڏهن شجاع الملڪ کي پيئي ته هوبه جنگي تيارين ۾ لڳي ويو.

انهي واقعي کان اڳ ۾ سيد ڪاظم شاهه حيدرآباد ميرن طرفان ڪجهه قيمتي تحفا ۽ گهوڙا شاهه شجاع لاءِ آڻي رهيوهو. هن کي انهي واقعي جو اطلاح خيرپور ۾ مليو. تنهنڪري خبر ٻڌندي ئي اُتي رهي پيو. توڙي جو شاهه شجاع هن ڏانهن ڪيترائي خط موڪليا. انهن خطن ۾ هن کيس لکيو ته تون مون کي پٽ وانگر آهين ۽ توتي منهنجون گهڻيون ئي مهربانيون آهن. شڪارپور جڏهن منهنجي قبضي ۾ ايندو ته توکي ئي شڪارپور جو حاڪم ڪيو ويندو، توکي دل ۾ ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته وڪيلن جي تذليل ۽ هتڪ ڪنهن به دين ۾ جائز نه آهي. ليڪن سيد محمد ڪاظم شاهه انهن خطن ۽ لالچ جي باوجود به خيرپور نه ڇڏيو. هن جو ننڍو ڀاءُ سيد محمد تقي شاهه ، جيڪو اُن وقت شڪارپور ۾ هو، سيد ڪاظم شاهه هن کي گهرائڻ لاءِ پنهنجي دوست رحيم خان کوسي کي موڪليو ته هو انڌيري رات ۾ هن کي خيرپور وٺي اچي ته جيئن ٻئي ڪنهن کي خبر نه پوي. ليڪن سيد تقي شاهه خوف کان لڪي اچڻ  پسند نه ڪيو، بلڪه شاهه شجاع کان اجازت وٺي راتو رات خيرپور پهتو ۽ اچي پنهنجي ڀاءُ سيد ڪاظم سان ملاقات ڪيائين.

آخر ڪار ايستائين نوبت پهتي جو ميرن طرفان جيڪي عملدار شڪارپور ۾ مقرر هئا. سي جان جي خوف کان فرار ٿي ويا ته انهي وقت شڪارپور جو عوام شاهه شجاع وٽ پهتو ۽ عرض ڪيو ته سنڌ جي حاڪمن طرفان مقرر عملدار خودبخود ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، هن وقت سمورو ملڪ حاڪمن کان خالي آهي، جڏهن ته حاڪمن جي هوندي به ڊاڪو ۽ رهزن اسان غريبن کي ڦريندا رهندا هئا ۽ هاڻي ته ملڪ تي ڪوبه حاڪم نه آهي، تنهن ڪري انهن ڌاڙيلن وڌيڪ ڦرلٽ مچائي ڏني آهي، رات ڏينهن ڦريندا پيا وتن، تنهنڪري حضور اگر هن ملڪ جو انتظام نه سنڀاليندا ۽ هتان جي رعايا جي حفاظت ۽ نگهباني نه ڪندا ته پوءِ بلوچ اسان کي ڦريندا رهندا، رعايا جي انهي درخواست تي شجاع الملڪ، ملڪ جي حفاظت لاءِ شڪارپور جي سموري علائقي تي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا. شاهه جي ماڻهن رعايا کي تسلي ۽ تشفي ڏيئي چيو ته، هو ڪيڏانهن به نه ڀڄن ۽ پنهنجي گهرن ۾ اطمينان سان رهن.·

ميرن کي جڏهن پنهنجن عملدارن جي شڪارپور مان ڀڄي وڃڻ جو معلوم ٿيو ته سخت ڪاوڙيا. سڀ کان پهريائين خيرپور جي ميرن ڪجهه لشڪر گڏ ڪيو. اهو لشڪر مير مبارڪ خان ۽ مير زنگي خان جي سرڪردگي ۾ روهڙي پهتو. انهن ٻنهي، لشڪر کي حڪم ڏنو ته هودرياءُ ٽپي سکر ۾ منزل ڪن. انهي کان پوءِ هوُ ٻيئي پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ لڳا ته ڪهڙي طرح شاهه شجاع کي شڪاپور مان ڀڄائي ڪڍجي.

فقير عالم خان مري جيڪو ڪجهه وقت تائين شڪارپور جي حڪومت تي به رهي چڪو هو ۽ حڪومت جا مزا ماڻي چڪو هو، انهي جي دل ۾ پنهنجي حڪومت جي ياد ڪنڊي وانگر چڀندي رهندي هئي، تنهنڪري هو پنهنجي پٽ جهان خان ۽ لشڪر سان گڏ درياءُ ٽپي سکر اچي نڪتو. هي سڀ گڏجي شڪارپور کي حاصل ڪرڻ جا نعرا هڻڻ لڳا. ٻئي ڏينهن تي عالم خان مري سکر مان روانو ٿي عوام کي لٽيندو ڦريندو جعفرآباد ۽ قريه آباد ۾ آيو ۽ لُٽ جي بازار گرم ڪيائين.


¨  عطا محمد حامي، اندل فقير ماڇي جي بيتن جي حوالي سان لکي ٿو ته ”شاهه شجاع جڏهن ڌڪا کائيندو شڪارپور پهتو ته هن ميرن کي درخواست ڪئي ته هُو کين پنجاهه ڏينهن لاءِ هتي رهڻ ڏين، ان کان پوءِ هوقنڌار ڏانهن هليو ويندو. ميرن سندس درخواست قبول ڪئي ۽ مهمانداري جا فرض به سٺي نموني ادا ڪيا ۽ شڪارپور جي آس پاس وارو علائقو به کيس مهماني طور ڏنو، ليڪن اٺن مهينن ۾ گذرڻ بعد به هي وڃڻ جي نه پيو ڪري.“ (وکريل موتي، صفحو 75-76/ شڪارپور ماضي حال، صفحو 57.)

·  اصل حقيقت هن طرح آهي ته شاهه شجاع شڪارپور ۾ اچڻ سان ئي ميرن جي عملدارن سيد ڪاظم شاهه ۽ ٻين کي شڪارپور مان ڀڄائي ڇڏيو ۽ اُتي پنهنجا عملدار مقرر ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com