سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :8

سيد حسام الدين راشدي

سنڌيڪار: امام راشدي

 

اصفهان جي هڪ يادگار شام

 

(پير حسام الدين راشديءَ جو هيءُ مضمون اسلام آباد مان سال1977ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”پيوندهاي فرهنگي ايران پاڪستان“ ۾ شايع ٿيو هو. راشدي صاحب جو سوانح نگار غلام محمد لاکو، ايران ۽ سنڌ جي حوالي سان پير صاحب جي اهڙن چئن مقالن جو ذڪر ڪري ٿو. (”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“. مقدمو ص 25) هن مقالي جي دستياب ٿيڻ سان اهو تعداد پنج ٿي ويو آهي. هي مقالو پڻ لاکي صاحب وٽان سنڌي ترجمي لاءِ مهيا ٿيو.1_ر)

*        *        *

 

جهان را اگر اصفهاني نبود

جهان آفرين را جهاني نبود

ايران جي آرٽ، عمار تسازيءَ جي فن ۽ ٻين فنون لطيفه کي ٻه محسن اهڙا مليا آهن، جن انهيءَ جي تحفظ ۽ ان تي تحقيق ۽ ان کي ابد تائين زنده رکڻ ۾ پنهنجي سڄي عمر صرف ڪئي آهي. هڪڙي سڄي ايران کي پنهنجي دامن ۾ گڏ ڪيو ۽ ٻئي رڳو هڪ ئي شهر يعني ”اصفهان نصف جهان“ تي لکڻ کي پنهنجو فرض ڄاڻي، ان جي هڪ هڪ عمارت ۽ هڪ هڪ گهٽي ۽ پاڙي کي ڏٺو؛ بربادين۽ آبادين جي تحقيق ڪئي ۽ انهن جي تاريخي نوعيت کي معلوم ڪري سندن تاريخ کي هميشه هميشه لاءِ مٽجي وڃڻ کان محفوظ ڪيو.

اوبم پوپ :

پهريون اوبم پوپ (Arthur upham pope) هيو، جنهن 90 ورهين جي وڏي ڄمار ماڻي ۽ شعور کان وٺي آخري دم تائين پوري زماني ۽ وڏي عمر ۾ ايران جي خاڪ ڇاڻي ۽ تاريخي آثار ۽ عمارتون، خط، نقش نگار، ڪتبا ۽ ٻين سجاوٽي آرٽ تي ٻارنهن ضخيم جلدن ۾ هڪ ڪتاب (survey of  Persian art) يعني ”تاريخ هنر ايران “ لکي. جڏهن حياتيءَ جي آخري پساهن ۾ موت جي ويجهو پهتو تڏهن هن وصيت ڪئي ته کيس اصفهان ۾ ”زنده رود“ جي ڪناري دفن ڪيو وڃي، جيئن مرڻ کان پوءِ به ”زنده رود“ جون موجون ۽ لهرون مدفن جي دامن کي چمنديون رهن. اڄ هن جو خوبصورت مقبرو،جنهن جڳهه تي هن چاهيو هو، انهي هنڌ تي ايران حڪومت ٺهرائي، هڪ طرف هن مرحوم جي روح کي تسڪين پهچائي آهي ته ٻئي طرف پنهنجي بزرگواري ۽ علمي قدردانيءَ جو زنده مثال قائم ڪيو آهي.

انهيءَ پوڙهي بزرگ سان آخري ڏينهن ۾ منهنجي به ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتون رهيون. وفات کان ڪجهه مهينا اڳ هن جي طرفان شيراز ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس جو دعوت نامو آيو، ليڪن ڪانفرنس ٿيڻ کان اڳ ۾ هن جو انتقال ٿي ويو ۽ ڪانفرنس به ملتوي ٿي وئي.

بهت شوق سي سن رها تها زمانه،

همين سوگئي داستان کهتي کهتي.

لطف الله هنر فر:

ٻيو عالم آهي ڊاڪٽر لطف الله هنرفر، جنهن ”گنجينئه آثار تاريخي اصفهان“ جي نالي سان هڪ هزار صفحن ۽ سون تصويرن تي مشتمل ڪتاب لکي شهر اصفهان ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن آثارن ۽ ثقافتي ورٿي کي هميشه جي لاءِ روشن ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو. هي حضرت به منهنجو عزيز دوست ۽ عنايت فرما آهي. اصفهان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر ۽ انهيءَ شعبي جو سربراه آهي. هن جو صبح يونيورسٽيءَ ۾ گذرندو آهي ۽ سندس شام اصفهان جي آثارن کي ڳو:ڻ ، ڏسڻ ۽ انهن جي تحقيق ۾ گذرندي آهي. هن جون رايون لکڻ پڙهڻ ۾ گذري وينديون آهن. جوانيءَ جي ڏهاڙن کان وٺي اڇي مٿي ٿيڻ  تائين هن جو ڏينهن رات اهو ئي معمول ۽ مشغول رهيو آهي. هڪ ضخيم ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي مضمونن لکڻ جي باوجود سندس خيال آهي ته اصفهان تي اڃا ڪجهه نه لکيو ويو  آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻ اڃان باقي آهي.

گمان مبرکه، بپا يان رسيد کار مغان،

هزار باده ناخورده، در رگ تاک است.

هاڻي ڇا ڏسڻو آهي:

مان ڪيترائي ڀيرا اصفهان ويو آهيان، مشهور جايون، مسجدون، بازاريون ۽ مقبرا بار بار ڏٺا آهن، ليڪن اصفهان حقيقت ۾ پورو جهان نه تڏهن به  ” نصف جهان“ واقعي آهي. موٽي اچي جڏهن پڙهندو آهيان ته معلوم ٿيندو اٿم ته هي آثار هئا، هي مقبرا هئا ۽ هي تاريخي ڪتبا هئا، جي ڏسڻ کان رهجي ويا ۽ اڃان گهڻو ڪجهه آهي جنهن کي ڏسڻ ضروري آهي.

هن ڀيري مارچ(1974ع) ۾ ٻه اڌ ڏينهن هن ”نصف جهان “ ۾ رهڻ نصيب ٿيو. سترهين تاريخ جي ٻنپهرن جو پهتس ۽ ٻئي ڏينهن يعني ارڙهين تاريخ ٽنپهرن کان پوءِ اتان روانو ٿيس. هن ڀيري پڪو ارادو هيو ته ڏٺل جايون ن ڏسندس ، بلڪ انهن بجاءِ،

1. نظام الملڪ طوسي جي مزار

2. ملڪ شاهه سلجو قي ۽ ان جي خاندان جو مدفن.

3. ۽ مسجد لنبان،

ڏسڻا آهن. تنهنڪري جهاز مان لهندي ئي پنهنجي دوست ڊاڪٽر هنرفر کي مون ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي مشهور هنڌن کي ڇڏي فقط ماضيءَ جي تاريخي جهروڪن ۾ ڏسنداسين.

زماني جي رسم کي پورو ڪرڻ ضروري هو. يورپي ملڪن جا اٺ ”ايران شناس“ ساڻ هيا. پهرين اسان ميدان شاه، عالي قاپو، مسجد شاه، مسجد لطف الله، چهل ستون ۽ ٻيون قابل ديد عمارتون ۽ هنڌ ڏٺاسين. هي اهي هنڌ آهن جن جي ڪري اصفهان کي شهرت حاصل آهي ۽ هر ايندڙ انهن کي ڏسڻ، اصفهان جي سفر کي حاصل مقصد سمجهندو آهي.

مدرسه ملڪ شاهه سلجوق:

اصفهان جي هڪڙي محلي جو نالو ”احمد آباد“ آهي، ان  ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن کي ”دارالبطيخ“ چوندا آهن ۽ عوام جي زبان تي ان جو بگڙيل نالو ”دالبيتي“ يا ”دالبتي“ چڙهي ويو آهي. اها گهٽي تاريخي آهي. سلجوقين جي دور ۾ هي محلو، جنهن جو قديم نالو ”محله ڪران“ آهي، ڏاڍو وسندڙ ۽ علم و فن جو مرڪز هو. ملڪ شاهه سلجوق جو جوڙايل وڏو مدرسو به انهيءَ محلي ۾ واقعي هيو، جنهن ۾ ڌورانهن ملڪن جا طالب علم اچي علم پرائيندا هئا. انهن جو ۽ استادن جو خرچ وغيره حڪو مت طرفان ادا ڪيو ويندو هو.

مدرسي جو نالو نشان مٽجي ويو آهي ۽ محلو به پنهنجو پراڻو رنگ ڍنگ، بناوٽ ۽ نقشو به وڃائي چڪو آهي. نوان گهر، سڌيون گهٽيون ۽ جديد طرز جا محلا وجود ۾ اچي ويا آهن. محلي جو پراڻو نالو ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. هاڻي ”ڪران“ جي جاءِ تي ان کي ”احمد آباد“ چون ٿا. تاريخي آثارن ۾ ملڪ شاهه سلجوق جو قبرستان ۽ سندس مشهور عالم وزير نظام الملڪ طوسي جي مزار هڪ ئي احاطي ۽ هڪ ئي ڇت جي هيٺان باقي رهجي ويا آهن.

سلجوق سلاطين:

 سلجوق سلاطين جو پنج شاخون، اسلامي ملڪن جي پنج مختلف حصن تي حڪمران هيون. بنيادي شاخ اها هئي جيڪا ايران تي حڪمران هئي. ٻي شاخ عراق تي حڪومت ڪندي هئي. ٽين شاخ ڪرمان تي حاڪم هئي ۽ چوٿين شاخ اها  هئي جيڪا روم ۽ رومي سلطنت جي قبضي هيٺ يعني ترڪي تي قابض هئي. پنجون سلسلو شان تي مسلط هيو.

ايران جي بنيادي شاخ کي تاريخ ۾ ” سلاجقئه بزرگ“ جي نالي ياد ڪيو ويندو آهي. انهيءِ  سلسلي ۾ ئي سلاجقه جا ناليوار بادشاه ٿي گذريا آهن.

سلاطين جو مدفن:

هي بادشاهه هڪ شهر يا هڪ ئي هنڌ مدفون نه آهن. مختلف شهرن ۾ دفن ٿيا ۽ زماني جي لاهن چاڙهن ڪيتريون ئي قبرون اجاڙي ڇڏيون ۽ ڪيترن جي مقبرن جو نالو نشان به مٽائي ڇڏيو . هن بنيادي ”سلاجقئه بزرگ“ جا سلاطين هن طرح دفن ٿيا آهن:

1. طغرل بيگ بن ميڪائيل(429_465)ري (طهران)

2.الپ ارسلام بن چغري بيگ (455_ 465)مرو.

3.ملڪ شاه بن الپ ارسلان (465_485)اصفهان

4.برڪيارق بن ملڪ شاه (487_498)اصفهان

5.محمد بن ملڪ شاه (498_511) اصفهان

6.محمود بن محمد بن ملڪ شاه (511_ 545)اصفهان

7.سنجربن ملڪ شاه (511_552) ،مرو.

عراق جيئن ته ايران جو حصو هيو، انڪري اتان جا سلجوق سلاطين گهڻو ڪري’همدان‘ ۽ ’ري‘ ۾ دفن ٿيا.

جن جي فهر ست هي آهي:

1.طغرلبن محمد بن ملڪ شاه (526_527)مدرسه طغر همدان.

2. مسعود بن محمد بن ملڪ شاه (527_547)مدرسه طغرل همدان.

3.محمد بن محمود بن محمد بن ملڪ شاه (548_554) همدان.

4.سليمان بن محمد ملڪ شاه (554_556) همدان.

5.ارسلان بن طغرل بن محمد بن ملڪ شاه (556_573) همدان.

6.طغرلبن ارسلان بن طغرل بن محمد (573_.59) مقبرو طغرل بيگ ري.

مسجد لنبان:

مون کي هن دفعي هڪ ته ملڪ شاه ۽ نظام الملڪ جون قبرون ڏسڻيون هيون ۽ ٻي ”مسجد لنبان“ ڊاڪٽر لطف الله هنرفر پهريان ”مسجد لنبان“ جو رخ ڪيو. ميدان شاهه کان نڪري ”چهار باغ“ جي شاهي رستي کي پار ڪري خيابان شيخ بهائي جي ذريعي اسان جي موٽر ’مسجد لنبان‘ جي دروازي تي اچي بيٺي،

مسجد لنبان، صفوي دور ۾ خدا جو گهر کان علاوه هڪ سماجي ۽ ثقافتي مرڪز جي حيثيت به رکي ٿي. هي پراڻو محلو اصفهان جي شروعاتي آباد ٿيندڙ محلن مان آهي، انڪري ٻاهران هي نئون ايندڙ مسافرهن مسجد جو هڪ ٻه ڦيرو ضرور ڏيندو هو. شهر جا پڙهيل لکيل عالم، اديب ۽ شاعر روزانو هت اچن. انهن جون محفلون ڄمن، مبا حثا ٿين ۽ شعر و سخن جون مجلسون برپا ٿين. ٻئي هنڌ ملاقات نه ٿي سگهي ته هتي ملاقات يقيناً ٿئي. ڄڻ ته سڄي اصفهان جو ثقافتي ۽ سماجي مرڪز هي هيو.

طاهر نصر آباديءَ پنهنجي مشهور ”تذڪره شعراه“ (83. اهه) ۾ هن مسجد ۽ مسجد ۾ ميل ملاقاتن جو ڏاڍ ۾ ذڪر ڪيو آهي. هي ميرزا طاهر اهوئي آهي جنهن جو جدا مجد مرزا محمد صادق مينا (1) هندستان ۾ اچي رهيو ۽ ٻه نهايت اهم تاريخون لکيائين: ”صبح صادق“ جنهن کي هن 48. اهه ۾ مڪمل ڪيو ۽ شهزادي شجاع جي نالي منسوب ڪيو. ٻي تاريخ آهي ”شاهد صادق“ جنهن کي هن 56. اهه  مڪمل ڪيو. مان جنهن زماني ۾ ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ مرتب ڪري رهيو هوس ته ان وقت ”تذڪره نصر آبادي“ ۾ اڪثر شاعرن ۽ عالمن جي محفلن ۽ دلچسپ مجلسن جو ذڪر پڙهيو هو ۽ ائين لڳو ته هي مسجد اصفهان جوهڪ نهايت اهم علمي مرڪز هو. قدرتي طور مون کي هن جي ڏسڻ جو خيال ٿيو ۽ وقت تائين ان خواهش کي نپائيندو رهيس.

”لنبان“ هن سڄي محلي جو قديم نالو آهي. اصل ۾ هي شهر کان ٻاهر هڪ ديهه جو نالو هو ۽جڏهن شهر وڌيو ته اها ديهه اصفهان جو هڪ محلو ٿي ويئي. ان جي دروازي جو نالو ”دروازه لنبان“ هو. هن محلي م ڪيترائي عالم، صوفي درويش ، اديب ۽ شاعر رهندا هئا. جن جو ذڪر تاريخ ۾ انهيءَ محلي جي مناسبت سان درج آهي. چوٿين صدي هجريءَ جا محدث ۽ عالم ”لنباني“ نسبت سان مشهور ۽ معروف آهن. ”تذڪره عرفات العاشقين“ جو موُلف تقي اوحدي (973_.3.اهه) هن ئي محلي جو هيو، جيڪوهندستان ۾ آيو ۽ هتي رهي پنهنجو مشهور تذڪرو لکيائين.

مسجد لنبان اٺين صدي هجريءَ ۾ جمال الدين وزير ديلمي ٺهرائي. مسجد جي هينئر اها پراڻي عمارت نه رهي آهي. وقت بوقت ٿيندڙ مرمت هن جي اصل شڪل کي بدلائي ڇڏيو آهي. هن وقت اها بلڪل جديد عمارت آهي. فقط گچ جي  ديوار جو هڪ حصو، صفوي عهد جي ڪاشي ڪاريءَ جا چند نمونا ۽ انهيءَ دور جا ڪجهه تاريخي ڪتبا يادگار طوررهجي ويل آهن. البت اڱڻ ۾ هڪ وڏو ۽ گهاٽو وڻ اٺين صديءَ جي ياد ڏياري رهيو آهي. هي چنار جو وڻ آهي، جنهن سڄي اڱڻ ۾ ڇانوَ پکيڙي ڇڏي آهي. مسجد جي هال جي هيٺان هڪ نهر وهي ٿي ، جنهن ۾ حاجت مند پنهنجون مرادون ۽ ضروريات جا عريضا لکي لوڙهي ڇڏيندا آهن. انهن جو عقيدو آهي ته سندن مرادون پوريون ٿي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح اهو به مشهور آهي ته هن مسجد ۾ حضرت امام حسن نماز پڙهي آهي. مسجد جو منبر ”منبر صاحب الزمان“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو اصفهان جي منبرن ۾ پنهنجي خوبصورتيءَ سبب نفيس ترين منبر شمار ڪيو ويندو آهي ۽ ان تي 1114 هه سال لکيل آهي.

”رساله محاسن اصفهان“ جو فارسي مترجم بنياد رکڻ وقت پاڻ به موجود هيو ۽ هُن ”عمارت جمال الدين“ جي نالي سان ان کي ياد ڪيو آهي ۽ باني جو  نالو لکيو آهي: ”صاحب معظم. قدوته اعاظم الامم، جلال الوزراء، جمال الدولته والدين، محمد ديلم دستجر دي الاصفهائي“.

سعيد هروي انهيءَ زماني جو شاعر هو، هُن ان جي تعريف ۾ شعر لکيا آهن:

ازپئي ذوق و تفرج، گربه لنبان ميروي

مسجد بيني مروح، برسر آب روان

در جوارش صاحب ”صاحب قدم“ رابقعهء

کز لب تعظيم بوسد، آسمانش آستان

صاحب عادل جمال الدين محمد، کا ورد

سبز خنگ آسمان را، حکم او در زير ران

ڪاشيءَ جي قديم ڪتبن ۾ ٻه ڪتبا محمد رضا الامامي الا صفهاني (80. اهه) جا آهن ۽ هڪ ڪتبو محمد باقر شيرازي (1256هه) جو آهي. هن ڪتبي جي مٿان دروازي جي بلڪل پيشانيءَ تي تذڪره مصنف محمد اهر نصرآبادي جا شعر رضا امامي جي خط ۾ ڪاشيءَ جي تختي تي لکيل آهن:

درزمان دادور گيتي ستان بحردل

آفتاب دولت مشرق، سليمان پادشاه

پاد شاهي، کز برائي کسب اقبال و شرف

 فتح در ظل هائي رايتش گيرد پناه

 يا فت تعمير اين بنا از لطف آن گردون شکوه

شامل حال شريفش بار الطاف اله

 تا بود مسجد برائي سجدهء اهل ورع

 آستانش پادشاهان جهان راسجده گاه

خامه بهر سال تاريخش، عبارت زد رقم

نو، شد اين مسجد، ز امر عادل عالم پناه

نصر آباديءَ پنهنجي تذڪري ۾ اهي شعر ڏنا آهن.

اندر ٻاهر، گنبڊ، مناري درن ۽ ديوارن تي ڪاشيءَ جو بهترين ڪم ٿيل آهي. جنهن وقت اسان اتي پهتاسين ته  ان  وقت به مناري جي مرمت ٿي رهي هئي. مسجد ڏاڍي خوبصورت اڱڻ ۽ عمارت ويڪرا ۽ محلو اهڙي هنڌ واقع آهي جو هر ايندڙ ويندڙ جو گذر هتان ضرور ٿئي ٿو.

معاشرو بدلجي ويو آهي. محفلن جي مرڪزن جي نوعيت به مختلف ٿي وئي آهي ۽ اسان جي تهذيب به وقت جي تبديليءَ سان بدلجي ويئي آهي، انڪري  هاڻي مسجدون تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز نه رهيون آهن، سواءِ تاريخي اهميت جي . خود مذهبي معاشري ۾ نه انهن کي ڪو خاص مقام حاصل نه رهيو آهي. مسجدن ۾ اڪثر چوڪيدار ويٺل آهن ۽ سياح هيڏانهن هوڏانهن فوٽو ڪڍندي ڏسجن ٿا.

جڏهن اسان مسجد لنبان ۾ داخل ٿياسين ته ڪير به ڪونه هو. تقريباً هڪ ڪلاڪ اسان ان کي ڏسندا رهياسين ۽ جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته ان وقت به ڪو اچڻ وارو نه مليو.

دارا البطيخ:

مسجد لنبان مان نڪري اسان جي موٽر هاڻي ميدان شاهه طرف هلي. خيابان حافظ کان ٿيندي محله احمد آباد جي هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ٻن گهٽين ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي چنار جي گهاٽي وڻ جي ويجهو اچي بيٺي.

ان وقت موسم ڏاڍي خوشگوار هئي. ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ٽڪرا سج سان گڏ اکٻوٽ کيڏي اس ۽ ڇانوَ جو سمو پيدا ڪري رهيا هئا.

گهٽي آباد هئي. ڪرياني جا دڪان کليل هئا، عورتون ڪارا برقعا پائي کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪري رهيون هيون ۽ گهٽيءَ ۾ ڪم تي ويندڙ مردن جي اچ وڃ مسلسل جاري هئي.

هي چنار جو وڏو وڻ بيٺو آهي، انهيءَ ڪري ان حصي کي ” مقبرهء“ پائي چنار، “، ”تڪيه پائي چنار” ۽ ” تربت نظام“ چيو وڃي ٿو. هي چنار ڊاڪٽر هنرفر جي تحقيق مطابق انهيءَ ”مدرسهء ملڪ شاه“ جو باقي بچيل يادگار آهي.

ان قسم جا ڪجهه قديم وڻ اصفهان ۾ موجود آهن، جن کي پنهنجي قدامت سبب تاريخي حيثيت حاصل آهي.

مثلا.”چنار امام زادهء اسماعيل“. ”چنار دستگرد، ۽ ”چنار باغ زرشک“.

انهيءَ جڳهه کي ”دارالبطيخ“ انڪري چوندا آهن. جو قديم دور ۾ هتي منڊي هئي، جنهن ۾ سبزي کان علاوه هر قسم جا ميوا، خاص ڪري اعليَ قسم جا گدرا، گهڻي مقدار ۾ ايندا هئا.

هتي ملڪ شاه سلجوقيءَ مدرسو قائم ڪيو هو ۽ هڪ وسيع باغ ان جي ڀرسان لڳرايو هو. انهيءَ باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ خواجه نظام الملڪ طوسي کي دفنايو ويو. جنهن کان پوءِ هي حصو” تربت نظام“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سال 724هه ۾ هن جاءِ کي انهيءَ نالي سان ڪتابن ۾ لکيو ويو.

گورستان:

هتي، برصغير ۾ عبدالرزاق ڪانپوري مرحوم پهريون شخص هو، جنهن نظام الملڪ طوسيءَ جي مفصل ۽ مستند سوانح عمري لکي، هن جي عظمت ۽ هن جي ڪارنامن جي اسان کي ڄاڻ ڏني. پڙهيل لکيل طبقو ان کان بعد ئي هن جي شخصيت سان متعارف ٿيو، نظام الملڪ جي حياتي تي غالباً ان قسم جو  مفصل ڪتاب ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اڃا تائين نه لکيو ويو آهي.

خواجه نظام الملڪ طوسي، سلطان ملڪ شاهه سلجوقي سان گڏ بغداد وڃي رهيوهو ته نهاوند جي حدن ۾ منزل ”سحنه“ تي هڪ باطنيءَ درخواست جي  بهاني ويجهو اچي کيس خنجر هڻي ماري وڌو. هي 12_ رمضان 485 هه جو واقعو آهي. هي تمام وڏو حادثو هيو، جنهن تي عالم اسلام ماتم ڪيو. سندس لاش کي اتان کڻي اچي اصفهان جي  هن محلي ۾ ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو.

هن چنار جي وڏي وڻ جي سامهون هڪ معمولي دروازي مان اسان هڪ چار ديواريءَ جي اندر داخل ٿياسين. ننڍي اڱڻ کان پوءِ چار فوٽ مٿي هڪ ٿلهو هيو، جنهن تي ڇت هئي. کليل اڱڻ جي وچ ۾ ڪجهه ميويدار وڻ هيا. جيڪي هر ايرانيءَ جي گهر جي سونهن پڻ آهن.

انهيءَ ٿلهي تي مقبرن جو اهو مجموعو آهي، جنهن ۾ خواجهء بزرگ جي قبرستان کان سواءِ ڪجهه سلجوقي سلاطين به مدفون آهن. انهن سلجوقين ۾ سلطان سنجر کان بعد ملڪ شاهه سڀ کان  گهڻو ناليوار بادشاهه ٿي گذريو آهي، ليڪن خواجه نظام الملڪ جهڙي نامور وزير، عالم ۽ اديب جي ڀرسان دفن ٿيو، انهيءَ ڪري سندس نالو دٻجي ويو ۽ خلق جي زبان تي ”قبر نظام“ نالو رهجي ويو. خواجهء بزرگ جي اوچتي مارجي وڃڻ جو واقعو ايترو ته وڏو هيو، جوان کان هڪ مهينو پوءِ جڏهن ملڪ شاهه جي لاش کي کڻي اچي هن هنڌ تي دفن ڪيو ويو ته سندس مدفن کي ڪنهن به اهميت جي قابل نه سمجهيو ويو.

خواجه نظام الملڪ جي مزار:

ٿلهي تي ايندي ئي پهرين قبر خواجه جي اچي ٿي. مزار تي لڳل تختي سنگ مرمر جي ، ڪنارا چٽيل ۽ قرآني آيتن سان سجيل ، مٿي ڪنارن تي آيتون آهن ۽ سيرانديءَ کان گهڻن هنڌن تان ڊٺل ڪتبو آهي جنهن جي عمارت هن طرح آهي ۽ هيئن پڙهي وڃي ٿي.

”واصل گشت بجوار مرحمت وغيران، وفايزشد

بغر فات جنان و روضهء رضوان، حضرت مغفرت

 ماب قيام بصفت رحمته ديان...المفاخروافتخار

الاکابر واعاظم الوزراء... خواجه.... الملک“

مون کي ڊاڪٽر هنرفر ٻڌايو ته هي ۽ ٻين قبرن جا پٿر صفوي دور جا ڏسجن ٿا. موجوده عمارت ويجهڙائيءَ واري دور جي ٺهيل آهي.

انهيءَ قبر جي آس پاس خواجه جي پٽ ابوبڪر عبيدالله مؤيد الملڪ جي قبر به هئي، جنهن کي سلطان برڪيارق پنهنجو وزير بڻايو ۽ پوءِ 494 هه ۾ پنهنجي هٿن سان سندس سسي اڏائي ڇڏي. هاڻي اها قبر ظاهرناهي. مرمت ۽ زماني جي لاهه چاڙهن ۾ ، ٻين قبرن سان گڏ هيءَ قبر به مٽجي وئي آهي.

مان، انهيءَ عظيم الشان شخصيت جي تاريخي قبر جي چوڌاري هرهر ڦريس ۽ حيرت مان پٿر جي ان نشان کي ڏسندو رهيس جنهن جي  هيٺان گمان آهن ته نظام الملڪ جهڙي عظيم شخصيت ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي. تصويرون ڪڍيم ۽ قدم اڳتي وڌايم.

ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي قبر:

چند قدمن جي فاصلي تي ٻه قبرون هڪٻئي سان گڏ آهن. ٻنهي جي مزار جو پٿر سنگ مرمر جو آهي. هڪ چٽسالي ۽ آيتن سان سجيل آهي ۽ ٻي ان جي ڀيٽ ۾ گهڻي نقش نگاريءَ سان آراسته آهي. ٻنهي تي نالا نه آهن. گمان آهي ته جيڪا گهٽ نقش دار قبر آهي. اها سلطان ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي آهي، جيڪو خواجه نظام الملڪ جي شهادت کي هڪ مهينو بعد، شوال485هه ۾ جمعي جي ڏينهن بغداد ۾ مري ويو. ملڪ شاهه جي درٻاري شاعر امير معزي ان واقعي تي هي شعر چيا هئا:

 

رفت در يک مه به فردوس برين، دستور پير

شاهه برنا، ازبس او رفت، درماه دگر

کرد ناگه قهر يزادن، عجز سلطان آشکار

قهر يزداني ببين و عجز سلطاني نگر

سلطان جو لاش پهريان امانت طور بغداد ۾ ”شونيز“ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتان  سندس پٽ محمود شاهه کڻي اچي اصفهان جي هن ”مدرسهء ملڪ شاهي“ ۾ خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ڪيو.

ترڪان خاتون:

ترڪان خاتون ملڪ شاهه جي عظيم وار ي ملڪه هئي. جهڙو عظيم مڙس هيو اهڙي ئي هيءَ بيگم هئي. سال 487 هه ۾ مڙس جي وفات کا ن تقريباً ٻه سال پوءِ اصفهان ۾ ۽ هتي ئي سلطان جي ڀرسان دفن ٿي. قبر چئني پاسن کان چٽيل آهي. ان تي نالو لکيل نه آهي، فقط قرآني آيتون نقش ٿيل آهن.

 

سلطان برڪيارق_ سلطان محمد:

هي ٻئي ملڪ شاهه جا پٽ هئا. زندگيءَ ۾ هي ٻئي ڀائر هڪٻئي جا سخت مخالف ۽ جاني دشمن هئا. ليڪن جڏهن هي جهان ڇڏيائون ته سندن قسمت ۽ بيوسيءَ ٻنهي کي هڪٻئي جي ڀرسان جڳهه ڏئي ڇڏي. ملڪ شاهه جي سيرانديءَ کان ٻه اڍائي فوٽ مٿاهينءَ تي ٻن قبرن جا نشان آهن ۽ اهي ٻئي قبرون انهن ٻنهي ڀائرن جون ٻڌايون وڃن ٿيون.

انهيءَ سڄي ڍڪيل ايوان جو فرش ۽ ديوارون سائي رنگ جي ٽائلين جون آهن. سلطان برڪيارق جي قبر صندوق نما ٿلهو، انهن ساين ٽائيلن جو ٺهيل آهي. ڪابه چٽسالي يا ڪتبو لڳل نه آهي. روايت اها ئي آهي ته اها قبر برڪيارق ۽ محمد جي آهي.

ٻيون قبرون:

معلوم ٿئي ٿو ته ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ جي هيءَ ڪنڊ، جنهن ۾ پهرين نظام الملڪ کي دفن ڪيو ويو. بعد ۾ ”سرڪاري قبرستان “ جي شڪل اختيار ڪري ويو. اصفهان سلجوقي سلاطين جي هن شاخ جو دارالسلطنت رهيو. انهيءَ ڪري جو سلجوق سلطان فوت ٿيو، سندس دفن گاه به اهائي ڪنڊ بنيو. بعد جي دوُرن ۾ ٻيا ماڻهو به دفن ٿيا آهن، ڪجهه قبرون نائين ۽ ڏهين صديءَ جون به موجود آهن جن جي شخصيتن جي  تاريخي حيثيت معلوم نه آهي. نالو ۽ سال انهن تي لکيل آهي. اسان انهيءَ عبرت گاه تي تقريباً ٻه ڪلاڪ گذاريا ۽ قبرن جي پاسي بار بار گهمندا رهياسين. بحث ڪندا رهياسين ۽ انهن جي قتل ۽ ظلمن جا داستان ياد ڪندا رهياسين.

تاريخي شخصيتن جو آغاز ۽ انجام ۽ پوءِ هيءَ ڪسمپرسي واري حالت ڏسي. دنيا ۽ دنيا وارن جي بي ثباتي تي ملامت ڪندي اسان  چار ديواريءَ کان ٻاهر نڪري آياسين، ۽ انهيءَ قديم چنار جي شاخن ۽ ٿڙ کي هڪ دفعو غور سان ڏسندا موٽر ۾ سوار ٿي“ مهمان خانهء شاه عباس“ طرف هلياسين، موٽر هلندي رهي ۽ منهنجي ذهن ۾ خاقانيءَ جو هي شعر ڦرندو رهيو:

 

ملک شه، آب وآتش بود، رفت آب ومسرد آتش

کنون، خاکستر وخاک است مانده، در صفا هانش

سلطان ملڪ شاه خوش قسمت هيو جو خواجه نطام الملڪ جي ڀرسان دفن ٿيو ۽ ان نامور وزير، منشيءَ مصنف جي ڪري سندس قبر اڄ تائين قائم رهندي آئي آهي. جيڪو پڙهيل لکيل نظام الملڪ جي زيارت لاءِ ويندو آهي اهو هن عظيم سلجوق باد شاه جي قبر کي به حيرت مان ڏسندو آهي.

 

محمد قاسم سومرو

 

سيد حسام الدين راشدي جي سوانحي ماخذن جو جائزو

 

سنڌ جي  ادبي تاريخ ۾ جيڪي به چند تمام وڏا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، انهن ۾ پير حسام الدين راشدي به هڪ آهي. راشدي صاحب سنڌ جو هاڪارو اديب ممتاز مورخ ۽ نامور محقق ٿي گذريو آهي. پاڻ 2. سيپٽمبر 1911ع تي پيدا ٿيو ۽ 1_اپريل 1982ع تي وفات ڪري ويو. راشدي صاحب جي ادبي خدمتن جو جائزو گهڻ پهلو ۽ نهايت وسيع آهي. ان هوندي به پاڻ سنڌ جي تاريخ لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن، ان سبب صدين تائين کين اسان جي ادبي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. پير صاحب اردو، سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ خاصو ڪتابي ورثو ڇڏيو آهي. ٽنهي ٻولين ۾ سندن لکيل ، ايڊٽ ڪيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو ڪل تعداد چوئيتاليهه آهي.

سيد صاحب جيڏو وڏو اسڪالر، اديب، محقق ۽ موُرخ هو، ذاتي زندگيءَ ۾ پڻ اوتروئي معتبر، سرگرم ملنسار، مهمان نواز، يار ويس ۽ هڏ ڏوکي انسان ٿي گذريو آهي. هڪ عالم ۽ اديب جي حيٿيت ۾ لڙي آيل اديب ۽ قلم ڪار جي هر لحاظ کا دلجوئي ڪيائون. علمي تحقيقي ۽ تلاش ۾ به پاڻ هڪ سخي انسان هو. ڪڏهن به بُخل کان ڪم نه ورتائون. حوالو هجي يا ڪتاب، مقالو هجي ياعلمي مسئلو، هميشه فراخ دليءَ سان، سوالي ٿي آيل ليکڪن جي مدد ڪيائون. ان ريت سندن ياري دوستيءَ جو دائرو به نهايت وسيع هو. اهو دائرو هندستان کان ايران توڙي يورپ ۽ ماسڪو تائين پکڙيل هو. هنن خوبين جي ڪري راشد صاحب بابت،سندس زندگيءَ ۾ ئي مضمون، مقالا ۽ خاڪا لکجڻ، شروع ٿيا. سال 1982ع ۾ سندن وفات کان پوءِ پير صاحب بابت گهڻو مواد لکيو ويو آهي. ان قسم جي مواد جي گهڻائي ڏسي خيال آيو ته ڇو نه راشدي صاحب بابت لکيل ۽ ڇپيل اهڙن سوانحي ماخذن جو مطالعو پيش ڪجي. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هيل تائين ٻن شخصيتن تي هن نوعيت جو ڪم ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ابتدا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي ببليو گرافي شايع ٿي ۽  بعد ۾ سچل سرمست تي محمد علي حداد صاحب جي ببليوگرافي ڇپجي پڌري ٿي. ان نوعيت جي هن ٽين ببليو گرافي سمجهڻ گهرجي. اميد ته اڳتي هلي ان کي ڪتابي شڪل ۾ پڌرو ڪرڻ وقت وڌيڪ جامع ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن ببليوگرافيائي جائزي کي طباعت جي تاريخ جي حساب سان ترتيب ڏنو ويو آهي. سيد حسام الدين راشدي مرحوم بابت هي ببليو گرافيائي  اڀياس هن ريت تجويز ڪيو ويو آهي.

1. راشدي صاحب تي لکيل ڪتاب ۽ رسالن جا خاص نمبر.

2. راشدي صاحب تي سنڌي زبان ۾ ڇپيل مواد (ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون).

3. راشدي صاحب تي اردو، پنجابي ۽ فارسي ٻولين ۾ لکيل مواد (ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون).

4. راشدي صاحب تي انگريزيءَ ۾ ڇپيل مواد (ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون).

5. راشدي صاحب کي منسوب ڪيل ڪتاب.

پهرين ۽ پنجين نمبر ۾ سڀني ٻولين جو گڏيل مواد شامل ڪيو ويو آهي.

1. راشدي صاحب تي لکيل ڪتاب ۽ رسالن جا خاص نمبر

(1)   خان محمد پنهور (مرتب): ”پير حسام الدين راشدي نمبر“، سنڌي پبليڪيشن ڄام شورو، اپريل 1973ع.

هن ۾ خان محمد پنهور صاحب جو راشدي صاحب کان ورتل انٽرويو شامل آهي ۽ راشدي صاحب جو هڪ اڻ ڇپيل مضمون بعنوان” مرزا قليچ بيگ جي ڪتب خاني ۾ چند گهڙيون“ پڻ ڇپيو آهي.

(2)  جميل الدين عالمي ۽ سيد شبير علي کاظمي (ايڊيٽرس) ماهنامه ”قومي زبان“ بياد پير حسان الدين راشدي مرحوم، انجمن ترقي اردو پاڪستان ، ڪراچي، ڊسمبر 1982ع.

مواد هن ريت آهي.

اداريه:

_ ير حسام الدين راشدي کي علمي و ادبي کارنامي_اداري پاران

_ سندهه کي اردو شعراء _ راشدي صاحب کا مقالا

_ پنبه کجا کجا نهم _ راشدي صاحب کا مقالا

_ صاحب الفضيلته حسام الدين راشدي_ ڊاڪٽر سيد عبدالله

_ حسام الدين مرحوم کيسي حسام الدين بنا_ :پير علي محمد راشدي

_پير حسام الدين راشدي_:ڊاڪٽر جميل جالبي

_پير صاحب کي فرمائش_:ڊاڪٽر صفيه بانو

_اردو کي پير_:ڊاڪٽر محمد ايوب قادري

_ سيد حسام الدين راشدي_: عبدالرؤف عروج

_پير حسام الدين راشدي_: اي ايس بزمي انصاري ترجمه: سعيد حسن قادري

_پير حسام الدين راشدي کو علم سي عشق تها:_مصنف؟

_پير حسان الدين راشدي کي علمي اور ادبي خدمات_: شيخ عزيز

_سيد حسام الدين راشدي اور ان کي تصنيف و تاليف _: غلام محمد لاکو

_گردوپيش _ پير صاحب جي وفات ۽ مدفن جو اکين ڏٺو احوال

(3). نفيس احمد شيخ (ايڊيٽر): ”پير حسام الدين راشدي نمبر: سماهي مهراڻ، ناشر غلام رباني آگرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شررو، نمبر 1، سال 1983ع.

مهراڻ جي هن ياد گار نمبر ۾ ڳچ جيترا فوٽو ۽ خطن جي عڪسن کان علاوه، مواد جي ترتيب هن ريت آهي_

_نذرانه عقيدت  (باتصوير فيچر): غلام رباني آگرو

_حسام الدين مرحوم، حسام الدين ڪيئن بنيو؟ پير علي محمد راشدي

_حسام الدين راشدي_ هڪ انسان، هڪ عالم: بيگم ممتاز راشدي

_پير سيد حسام الدين شاهه راشدي ولد محمد حامد شاهه راشدي: سيد غلام مرتضيَ شاهه

_ آه ! حسام الدين: رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

_ آه ! راشدي: ڊاڪٽر سدارنگاڻي ’خادم‘

_علم جو عاشق _ حسام الدين راشدي: جي . الانا

_سيد حسام الدين راشدي_ بحيثيت محقق ۽ مورخ: قريشي حامد علي خانائي

_پير حسام الدين راشدي_ هڪ سُڄاڻ محقق: ڊاڪٽر غلام الانا

_ صاحب فضيلت_حسام الدين راشدي : ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله

_پير حسام الدين راشدي _ بيت الضياء کان الحمرا تائين: ڊاڪٽر رياض الاسلام

_پير حسام الدين_ منهنجو قدردان : اعجاز الحق قدوسي

_بي تعصبي، محبت، صداقت، محنت، لياقت ۽ عظمت جي علامت: جميل الدين عالي

_سچائيءَ جو سچ_ حسام الدين راشدي: پريشان خٽڪ

_منهنجو محسن، منهنجو رهبر_ راشدي صاحب: ڊاڪٽر نواز علي شوق

_پيهي جن پروڙيو: رشيد ڀٽي

_منهنجو مهربان، سنڌ جو وڏو محقق ۽ مورخ پير حسام الدين راشدي: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

_پياري پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾: سيد صباح الدين عبدالرحمان

_ پير حسام الدين، منهنجو دوست: حڪيم محمد سعيد

_ اسان جو پير صاحب: ڊاڪٽر جميل جالبي

_پير حسام الدين راشدي_ اسان جي قديم تهذيب جو نقيب : مرزا نظام الدين بيگ

_ هالاري هليا ويا: الياس عشقي

_اردوءَ جو پير : ڊاڪٽر محمد ايوب قادري

_ پير روشن ضمير: شاًن الحق حقي

_ حيات حسام ، معنيَ ۽ مقصد : ڊاڪٽر محمود الحسن صديقي

_ آقاي راشدي: شيرين خان

_ حسام الدين راشدي_ منهنجو دوست، منهنجو بزرگ: محمد ابراهيم جويو

(پير صاحب جي باري ۾ جويي صاحب جا ٽي ليک گڏ ڪري هت ڏنا ويا آهن)

_محترم پير حسام الدين شاه راشديءَ جي ياد ۾ : غلام مصطفيَ ڀيو

_ڏوٿين کان ڏور : خادم شيخ

_ چند ياد گيريون:  عنايت بلوچ

_ تاريخ کي نئون رنگ ڏيندڙ_ راشدي صاحب : ارشد انڍڙ

_موت نه ماريا جي : عبدالله ورياهه

_ مون سي ڏٺا ماءُ: خان محمد پنهور

_ راشدي صاحب جو علمي مان مرتبو، ادبي اثاثو ۽ اسان جو ن جوابداريون: غلام محمد لاکو

_ اعتراف : امر جليل

_نم جي ڇانو: ماهتاب محبوب

_ پير صاحب جون ڳالهيون، منهنجون يادون : مرزا ظفر الحسن

_ پير حسام الدين شاهه راشدي مرحوم : بدرالدين اڄڻ

_ مرهياتي پير حسام الدين شاًهه راشديءَ جو علمي اهاءُ: فقير امداد علي سرائي

_سُورن لڌو سجهه، پاڻهه پيهي آئيا: غلام مصطفيَ قاسمي

_سنڌ جي تاريخ جو محقق_ پير حسام الدين راشدي: غلام رباني

_نه وايون وڻجارن جون : محمد امين بلوچ

_ پروانه صفت، بشمع رويت: الله بچايو يوسف زئي

_ منهنجو محسن_ راشدي صاحب: نفيس احمد شيخ (ناشاد)

_منظوم خراج غقيدت: احمد خان آصف، رحيم بخش قمر، ۽ ادل سومرو

_سڄڻن جا سنيها: ڪرنل خواجه عبدالرشيد، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ”خادم“، سيد محب الله شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ، ابو سلمان شاهجهانپوري، محمد ولي الله خان، شريف المجاهد، ظفر حسن

_بابو ڊيٽا: پير صاحب جو سوانحي خاڪو ۽ ڪتابن جي لسٽ انگريزيءَ ۾ (آخر ۾ ڏنل).

(4) مهتاب اڪبر راشدي: سووينيئر ٻي روسي: پير حسام الدين شاهه راشدي. ڄامشورو، سنڌ الاجي، 1 اپريل 1984ع.

هن سووينئر ۾ سوانح جا مکيه پهلو. ڪتابن جي فهرست ۽ تصويرن جي آلبم سان گڏ هي مقالا ۽ مضمون آهن_

پير علي محمد راشدي: حسام الدين مرحوم حسام الدين ڪئين بنيو؟

جي. الانا: علم جو عاشق: حسام الدين راشدي

محمد ابراهيم جويو: حسام الدين راشدي: منهنجو دوست منهنجو بزرگ

هي ٽيئي مقالا ” مهراڻ راشدي نمبر“ تان کنيل آهن

(5) مولانا صباح الدين عبدالرحمان: ”حسام الدين راشدي  اور ان کي علمي کارنامي“ ، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، ڪراچي يونيورسٽي، 1984ع.

هي اصل ۾ ڊسمبر 1983ع ۾ پير صاحب بابت هڪ يادگار ليڪچر تي مبني ڪتاب آهي.

هن ڪتاب ۾ مواد جو وچور هن ريت آهي.

پيش گفتار_ ڊاڪٽر ابوالليث صديقي

پيش نام _ حڪيم محمد سعيد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com