سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :41

 

عبدالقادر صديقي

 

هڪ فنڪار جو موت

         جڏهن مون کي حفيظ جي موت جي خبر ملي ته مان، دهلجي ويو هوس، ان ڪري نه ته هو مري ويو هو،_ ڇو جو سڀني کي ڪنهن گهڙيءَ مرڻو آهي، پر ان ڪري جو هو غير رسمي طور مري ويو. خبر ڏاڍي سادي هئي: ”حفيظ کي صبح بستري تي مئل ڏٺو ويو.“ يقيناً سنڌ جي ”ڊان ڪيئزو“ (Don Quixonte)  لاءِ ان قسم جو انت، اسان نه سوچيو هو. اهو وسهڻ ڏکيو پئي لڳو ته عظيم، سگهارو ۽ تڪڙو حفيظ هڪ عام موت مري ويو. هو هڪ ڪراڙيءَ ماڻهو جيان بستري ۾ مري ويو. "Old man and the sea" (پوڙهو ۽ سمنڊ) ۾ ساتياڳو جا لفظ: ”ماڻهو مٽائي سگهجي ٿو، پر مات نٿو ڪري سگهجي“، جي فنڪار جي مراد ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ پاڻ ويساهه جي عڪاسي ڪن ٿا، منهنجي ڪنن ۾ گونجن لڳا. حفيظ جي موت جي ٻڌي، مان انهن لفظن مان آٿت ڳولڻ لڳس. مان گهٽ ۾ گهٽ موت جي آڏو، هن جي فنڪار جي حيثيت ۾ وجود مڃرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳس. پر نه! اهو سچ نه هو. هن حالت ۾ سچ پچ فنڪار مات ٿي چڪو هو.

        مان هميشه عجب پئي کاڌو آهي ته ڇا لاءِ، جڏهن هو ويهن ورهين جو لڳندو هو، هو چوندو هو ته، ”هو ٽيهن ورهين جو هو.“1954ع ۾، جڏهن هو ويهن ورهين جو هو ته، هن کي مون چيو هو ته، هو چاليهن کي پڳو هو.“ مون کي منجهيل ۽ وائڙو ڏسي هن کليل ٽهڪ سان وضاحت ڪئي هئي ته، هن جي منهن تي عمر جا سنڌا نه هئا. ڇاڪاڻ ته هو وقت جو اسير نه هو. ڪيتري ته اچرج جهڙي ڳالهه آهي جو حفيظ، جيڪو حياتيءَ ۾ هڪ شڪي چاهه ۽ دلچسپيءَ جي هام هڻندو هو ۽ وقت ۽ موت سان پڻ_ مقابلي ۾ مشغول ٿي چڪو هو، موت کي صبر ۽شڪر سان قبول ڪيو. نه آسمان گجيو، نه ڌرتي رني ۽ نه ئي ڪنهن رُنو!

        حفيظ جي زندگي ۾ چند سال هيجان ۽ گهمسان وارا آيا. بحران ڪوٺي ۽ انهن مان پار پوڻ ۾ هو هڪ خاص سرور ماڻيندو هو. هن جو ذهن بلند پرواز ڪندو هو. هن جو روح  عام حياتيءَ جي فضا کان مٿانهون ترندو هو. هن ڪڏهن به زمان سان يا مڪان سان وک ملائڻ ۾ ايمان نه رکيو. هو زمان ۽ مڪان کان اڳناڊ ڪندو هو. آرنالڊ جي شيلي بابت شڪايت ته: ”هن ڪڏهن به پٽ تي پير نه ڌريو.“ ٿوري گهٽتائيءَ سان حفيظ سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي. ته پوءِ، پوين ورهين ۾ اها روح جي اوچتي اُٻاڻڪائي، وک جي ڍلائي، وارن جي اڇائي، اکين ۾ اونداهه آڻ ۽ اندر جي الٽا ڦيري، سڀ ڇا لاءِ ۽ ڇو؟ (اهو وقت ڏاڍو غير معمولي هو.) اسان جي پياري سنڌ لاءِ اهو بحران جو عرصو هو. ڇوٽڪاري جي راهه ڏکئي پئي نظر آئي. اسان جي اديبن ۾ مونجهاري ۽ نراسائيءَ جذبي ۽ آشا جي جاءِ ورتي هئي. ان قسم جي بحراني دور ۾ ئي اديب عارضي (آڻ مڃيندو آهي، پر ترت ئي موٽ کائي نئون حملو ڪندو آهي.)

        پر حفيظ ان صدمي مان وري پاڻ سنڀالي نه سگهيو. فضائن ۾ رقص ڪندڙ (هن ڌرتي تي) اوپرو (Arialbecame (out- sider)  ٿي پيو. ڪاموءَ (Comus) جي مارسالت (Meurasault) جي ذهني نازڪ حالي ائين ئي جيئرو رهندو هلجي يا مورڳو انت آڻجي.“ (ذهني مسئلو رڳو خودڪشي آهي) سندس انت کان اڳ ضرور کيس کٽڪندي هوندي. موت کان ٻه ورهين اڳ هن پنهنجي هڪ دوست کي لکيو هو، ”مان سمجهان ٿو ۽ محسوس ڪيان ٿو ته ڄڻ مان مري اڳ ئي مري چڪو آهيان. هاڻي مئل اديب جي تصنيف جيان جي رهيو آهيان“ اسان جي اڳيان هڪ پنهنجي قسم جي نرالي اديب جو مثال آهي، جنهن جي گود خالي ٿي چڪي آهي ۽ جو محسوس ٿو ڪري ته هن کي ڪو به زندگيءَ جو مقصد پورو ڪرڻو نه آهي.

        اهو زوال ڇو؟ ليکڪ جي حيثيت ۾ حفيظ، دنيا جي مڙني بڇڙاين، غربت، بک، بيماري، بي انصافي، تي ڀرپور چوٽ نه هنيئن هئي ڇا؟ هو سچ جو ڳولائو نه هو ڇا؟ ڇا هن نئين، خوش حال ۽ نياءَ واري دنيا لاءِ صليب نه کنيو هو؟ جيتري قدر حفيظ جي لکڻين جو سوال آهي ته هن تي رڳو الزام اهو هو ته هو ”ڏاڍو اونهو ۽ ڏاڍو ڪڙو“ هو. پر اهو الزام هنجي فنڪار جو قدر بلڪل نٿو گهٽائي. هن تي تهمت اها، گهڻو ڪري هنئين ويندي آهي ته هو پنهنجي لکڻين ۾ وڳوڙي طبعيت (Anarchy) جو گهڻو___ ڏاڍو گهڻو، اپٽار ڪندو هيو. اها تهمت هرگز جائز نه آهي. هو ته رڳو جاگيرداري سماج جي عزو جاهه جي ٺلائيءَ تي طنز ڪندو هو. ڪن لاءِ کڻي اها ڪوڙي گوري هئي، پر ڪو نئون رجحان هر گز نه هو. بالزڪ کان لارينس تائين سڀني اديبن ائين ڪيو آهي. اها بغاوت ته سندس همعصر اديبن مان به اڪثر، جهڙوڪ جمال، رباني، رشيد وغيره ۾ به نمايان هئي، پر رڳو ڪجهه گهٽ چڙ ڏياريندڙ هئي.

        مان سمجهان ٿو ته هاڻي اسين ان سوال جي جواب ڏيڻ لائق آهيون، ته اهو زوال ڇو؟ حفيظ جي غمناڪي (Tragedy) ان حقيقت ۾ لڪل آهي ته هو عام ماڻهوءَ ۽ فنڪار ۾ فرق ڪرڻ جي هل نه هو. هو سمجهي نه سگهيو ته حياتي، سندس سمورن سورن، مفلسين ۽ ڪڙاين سميت، بسر ڪرڻي ئي پوي ٿي. ۽ فنڪار کي سپڻ. سندس ماحول، جو هن واري دنيا جي خيالي ارتقاءَ سان ٺهڪي نه ٿي پئي آيو، حفيظ تي ڀاري ۽ حاوي پئجي ويو. بي انت مونجهارو پيدا ٿيو ۽ ان، هن جي انسان ۽ فنڪار ٻنهي کي ماري ڇڏيو. حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هن_ جي دوستن ڏي خط لکيا تن ۾ ذهني ڇڪ، ڏک ۽ نراسائي جهلڪي ٿي. اهي وئن گاگ Vangaugh جي ”آخري فنڪشن“ (Last Canvass) ان جو فصل ۽ ڪانوَ“ (Crnfield with crows) جيان آهن. وئن گاگ جيان حفيظ کي به زندگيءَ سان بي انتها انس هو. آخر ۾ هو ڪنهن شيءِ تي ڏک ۽ نراسانيءَ جا نشان ٿي پون ٿا، جي اوچتو ئي اوچتو آسمان مان ڪرن ٿا. حفيظ جو انت به وئن گاگ جيان دکدائڪ هو. وئن گاگ پنهنجي ڀاءُ ”ٿيو“ ڏانهن آخري لفظ هي لکيا هئا: ”ڏک ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.“ حفيظ به پنهنجي موت کان ٿورو اڳ ضرور اهو ئي سوچيو هوندو.

 

 

 

مدد علي سنڌي

 پنهنجي پچار

 

        حفيظ شيخ مري ويو _____

        ممڪن آهي ته اسانجن ڪيترن نون پڙهندڙن لاءِ حفيظ جو نالو اوپرو ۽ ”اڳتي قدم“ جو هيءُ پرچو، حفيظ نمبر ڇرڪائيندڙ هجي_ ۽ اها ئي ٽريجڊي آهي. ادب جي لفظن ۾، حفيظ مرڻ کان اڳ مري چڪوهو، ادب ۽ فن جي دنيا ۾، يا ماريو ويو هو. حميد جي لفظن ۾، "Group Rivalary" جي شڪار سان. ادبي شڪارين طرفان: پنهنجي هڪ هٽي بچائڻ لاءِ!

        اسين پڙهندڙن کي، سنڌ جي هن ٽهيءَ کي ٻڌايون ٿا: شيخ حفيظ سنڌ جو اهو الهه جينئس، اصول پرست دانشور، عظيم انسان، بلند اخلاق، سچو هڏ ڏوکي ۽ اهو اعليٰ ڪهاڻيڪار هو، جنهن جو نمبر ڪهاڻيءَ جي فن ۾ جمال ابڙي کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهي. سندس ڪهاڻيون لازوال آهن، سندس ذات وانگر. اڄ جي عام هٿ ٺوڪين دانشورن وانگر، سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو. انتهائي خوددار، سچو ۽ پيارو؛ پياروانسان، هن ذهني موت قبول ڪيو، ڀٽڪيو، ڌڪا کاڌا، جهڪيو نه، حفيظ شيخ ٻين ڪيترن ليکڪن ۽ ڪارڪنن) جو ذهني موت آڻيندڙ ڪارا نانگ، اڄ به، پنهنجي هٿ ٺوڪي دانشوريءَ جي گديءَ تي، ڦڻ ڪڍيو ويٺا آهن. قوم پرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جو چوغو پهريو. پر اصل ۾ پيرن، سائين جا غلام، وفادار ٻانها بڻيل. منافق، ٻچاپڙا، اصول وڪڻندڙ، مقصد وڪڻندڙ، ضمير وڪڻندڙ، موقعي پرست، مصلحت تپرست، هوا جي رخ سان پنهنجون وفاداريون بدلائيندڙ، بزدل، پيٽي بيورو ڪريٽس جي گندي، ڪريل ذهنيت رکندڙ، جن هميشه، پنهنجي ۽ رڳو پنهنجي ذاتي مفاد خاطر نظرئي کي، قومي ڪاز کي، قومي ڪارڪنن کي پئي استعمال ڪيو آهي ۽ حفيظ جهڙن ارڏن کي ذهني انت آڻڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.

        حفيظ ۽ ٻين حفيظ جهڙن کي، ذهني طور ماري، ڪُچلي فراريت اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي. سنڌ هينئر جاڳي پئي. وقت جي ضرورت_ اهڙن موقعي پرستن، هٿ ٺوڪيل ۽ وڪاڻل، قومي ڪاز کي پنهنجي ذاتي مفادن ۽ ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪندڙ دانشورن کي سندن بتن تي پهريل خوبصورت چوغن کي چيري ڦاڙي؛ ڇيهون ڇيهون ڪري، ڌَڄيون اڏائي ۽ سندن چهرن تي قوم پرستي ۽ ترقي پسنديءَ جو مليل ميڪ اپ رُهنڊي، کين سندن اصلي روپ ۾ پڌرو ڪجي. وقت جي گهرج آهي: انهن بتن کي ٽوڙيو، ڀڃيو پاش پاش ڪيو وڃي. جيئن ٻيو ڪو حفيظ وقت کان اڳي نه مري. ڪو ٻيو حفيظ پنهنجو ذهني آپگهات ڪرڻ تي مجبور نه ٿئي.

 

 

ريڊيائي تقرير

حميد سنڌي

 

 

منهنجو ساٿي، منهنجو دوست

         مون ته ائين ڄاتو آهي ته هر ڪا ڄاڻ تجربي سان لاڳاپيل آهي ۽ اها ٻار جي ڄاڻ هجي، جيڪو بائوءَ جي هائوءَ ۾ خوف کان واقف ٿئي يا کڻي وڏي جي ڄاڻ هجي، جيڪو وڏو ٿي خوف سان گڏ اميد سان پڻ روشناس ٿئي ٿو. اسان جو هاڻوڪو ڪهاڻيڪار پڻ تجربي جو محتاج آهي. زندگي جي هڄ هڄان ۾ جنهن به جذبي کان هو آشنا ٿئي ٿو، اُهو نئين ڪهاڻي بڻجي اسان تائين هڪ پيغام جي صورت ۾ پهچي ٿو. اهو جذبو يقيني طور سان نيڪ نيتي ۽ خلوص جي آڌار تي ٻڌل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڪهاڻيڪار انهي سماج جو فرد آهي، جنهن جي تارازي کوٽي ۽ وَٽ پڻ ڪوڙا آهن.

        همعصر ڪهاڻيڪار منهنجي خيال ۾ ڪهاڻيڪار بڻجي ئي تڏهن ٿو، جڏهن سماجي گهٽ وڌايون مٿس اثر انداز ٿين ٿيون. حفيظ شيخ به انهن ڪهاڻيڪارن مان هو، جيڪو ڪي جُڳ ته ڌڪاريل رهيو ۽ ڪو وقت وري اهڙو هيو جو، سندس رڙ واڪن کي ڪنهن به نه ڪنايو. جيتوڻيڪ اسان جي ڪهاڻيڪارن هن دور ۾ مبلغ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. شايد ان لاءِ جو سماج سڌارڪ مبلغ هئا ئي ڪونه، يا ٿيندا ئي ڪونه آهن. پر حفيظ يقينن مبلغ ڪونه هو. کيس لکڻ جو ڏانءُ ته هو پر ان سان گڏ سندس خيالن جي پهچ جيتري تکي ۽ ڪڙي هئي، ايتري مون اڏيءَ تي ڌڪ هڻندڙ ڪاتيءَ جي تکائپ به نه ڏٺي هئي. مون پهرين سندس ڇرڪ ڀرائيندڙ ڪهاڻي: ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ پڙهي، ته مون کي يقين ٿي ويو ته هي انهن ڇرڪ ڀرائيندڙ ڪهاڻيڪارن مان نه آهي جيڪي رڳو پيغام پهچائين ٿا، پر حفيظ جي هيءَ ڪهاڻي سڌو سنئون ڏس پئي ڏئي ته اسان کي ڪرڻ ڇا گهرجي؟ حفيظ جي لکڻيءَ جو ڇهاءُ هيانءُ ائين محسوس ڪندو آهي جيئن ڪو ڏک ويلي من پرڀائي ۽ دل وٺڻ! جي ڪري. سندس ڪهاڻي، ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ هن ترقي يافته، منطقي، سائنسي ۽ فلسفي واري دور کي ڪيئن بي حس ثابت ڪري ٿي، اهو پڙهڻ وٽان آهي. اهو سڀ ڪجهه ائين لڳو ٿو جيئن روبوٽ انساني جذبي، خلوص قرب، محبت ۽ پيار کان آشنا نه هوندو آهي. حفيظ جي ڏس ڏيندڙ، هينئون ڇهندڙ ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ وانگر ٻارن جي ذهني طرح وڏائپ جو اهڃاڻ ڏيندڙ سندس ٻي هڪ ڪهاڻي آهي: ”ڀُلي پيو ڀاڳ“ ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ هڪ ٻار جي ڪهاڻي هئي، ”ڀُلي پيو ڀاڳ“ ٻن ٻارن جي ڪهاڻي آهي، پر مون کي لڳي ٿو ته هي انهن سڀني ٻارن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي سماجي ڏاڍائي ۽ اهنج ڪري بغاوت ڪن ٿا. ڪو مرندي مري وڃي ٿو پر اسڪول نٿو وڃي. ڪي وري معاشي مسئلي حل ڪرڻ لاءِ استاد جي گهران چوري ڪن ٿا. جو سندن نظر ۾ ته هو سرمائي جي علامت آهي. پر حقيقت ۾ سندن ئي ولر جي وٿ آهي ۽ ائين ٻنهي نينگرن جو ڀاڳ ڀُلي پوي ٿو. ”ڀلي پيو ڀاڳ“ پوري ٿيڻ سان ذهن وري به ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ سڄو زهر ٿيو پوي ۽ تلخيءَ جو احساس ٿئي ٿو. حفيظ شيخ جي قلم جي ڪڙاڻ تڏهن وڌيڪ وڌي ويئي. جڏهن هن هڪ ڪهاڻي ”هزماسٽرس وائيس“ لکي، جيڪا ايڏي ته ڪڙي ۽ تيز هئي جو حفيظ پاڻ ڪهاڻيءَ جو سب ٽائيٽل ڏنو هو: ”پهرين ڪڙي ڪهاڻي“. مون کيس سماج جي گهٽ وڌاين، ڏاڍاين ۽ براين جي سلسلي ۾ جنهن نموني سان زهر اوڳاڇيندي ڏٺو آهي. تنهن مان ظاهر اهو ئي ٿئي ٿو ته ان يار به ڄاڻ لاءِ، تجربي جي زهر جا پيالا پُر ڪري پيتا آهن ۽ وقت اچڻ تي هو اهو زهر اوڳاڇي ٿو ۽ اسانکي خبر دار ڪري ٿو ته اُن زهر کي اول ته نه پيئو، جي پيئو ته سقراط جي زهر جي پيالي وانگر پيئو. حفيظ سڄي ڄمار حق پرستي ۽ سچائي لاءِ ويڙهه جاري رکي، اُن سان گڏ پيار محبت جي رُڃ ۾ جيئن روح رليو هو، تيئن پڙهندڙ کي به انهيءَ رڃ ۾ رلائيندو رهيو حفيظ شيخ جي اهڙي جذبي جو ڏيکاءُ وڌيڪ پسڻو هجي ته سندس ”آتم ڪهاڻي“ جا چند ورق پڙهجن. هيءَ آتم ڪهاڻي مختصر هوندي به طويل آهي. ڪو ماڻهو پنهنجي باري ۾ ايڏو سچو ۽ کرو ٿي سگهي ٿو، اهو پسڻ لاءِ سندس ”آتم ڪهاڻي: ”سليا ڪنهن نه سوال“ اسان کي هڪ اهڙو فرشتو پسائي ٿي، جيڪو هن ڌرتيءَ تي اچي ڪريو آهي ۽ ويڳاڻو ٿيو در در سچ ۽ حق جا ڏس پيو ڏي. سندس انهن ڏسن پنڌن اسان کي هميشه اُهي ڏيکاريا جو اڄ به، سندس ڏسيل واٽ وٺيو وڃن پيا ۽ لڳي ائين ئي پيو ته حفيظ وانگر اسان جي حياتي به مختصر آهي. پر وئي پڄاڻان به ماڻهو اسان کي گهٽ، پر حفيظ کي وڌيڪ ياد ڪندا  جو سچ، حق، قرب، پيار ۽ امن جو دڳ سڌو سنئون ڏيکاريندڙ اهو ئي شخص هو، جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ تکاڻ، ڪڙاڻ، جي آندي ته ايتري جو وهه جا مٽ به کٽيو وڃن_ جي امن، پيار، قرب جي ٻولا چاري ڪجي ته اڄ به حفيظ جا مصريءَ جهڙا ٻول وسرن نٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com

 

 
جا مصريءَ جهڙا ٻول وسرن نٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com