سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :39

خط

رشيد ڀٽي

ايم اي عالماڻي

 

رشيد ڀٽي

 

دوست وراڪو دل ۾

        اهو عجب اتفاق چئجي يا ٽيليپيٿيءَ جو مثال، جو مون ۽ منور عباسيءَ (اسان ۽ حفيظ جي سنگت جي پراڻي ساٿيءَ) حفيظ مرحوم تي ئي ويٺي ڳالهايوسين پئي، ته تنهنجو خط، ڪجهه حفيظ بابت لکڻ جي فرمائش وارو مليو. ان ئي ٽپال ۾ ٻيو خط دوست عبدالغفور انصاري جو عيد ڪارڊ هو، جنهن ۾ عيد مبارڪ هيٺان هن لکيو هو، ”ڪاش! اڄ حفيظ به زنده هجي ها.“ ان کانپوءِ اسان جڏهن خيرپور ويندي سينٽرل جيل ٽپي، حفيظ واري ٻنيءَ وٽان لنگهيا هئاسين، ته هو وري مون  کي ياد اچي ويو هو. ان ٻنيءَ تي ئي مون هن کي آخري ڀيرو ڏٺو هو. پر اها ملاقات به اڻ پوري ۽ اڃايل ئي هئي. ايتري اُساٽ، جو اسان هڪٻئي جي کيڪر به هٿن جي اشارن سان هئي.

        شايد مئي جي 1 2  تاريخ هئي. مون کي پوليس گهاٽ خيرپور مارشل لا، هيڊڪواٽر ڏانهن وڌيڪ رمانڊ لاءِ وٺيو پئي ويو. جڏهن سندس ٻنيءَ وٽان پڪ اپ مُڙي ته منهنجي نگاهه، سامهون بيٺل حفيظ تي پئي، هو زال کي بيٺل فصل تي ڪو ليڪچر ڏئي رهيوهو. ان وقت هن جي نظر به اوچتي کڄي رستي تي پئي هئي. اسان ٻنهي هٿ مٿي ڪري هڪٻئي کي کيڪاريوسين، خير عافيت ڪئي سين ۽ دلجاءِ ڏياريسين. هو ٻئي زال مڙس تيسين هٿ مٿي ڪيو بيٺا هئا.، جيسين پڪ اپ سندن نظرن کان ڏور نه ٿي_ اُن کانپوءِ هڪ ڏينهن فتاح ملاقات تي آيو، ته حفيظ جي اوچتي موت جي ڇرڪائيندڙ خبر ڏئي ويو.

        اهو سمورو ڏينهن طبعيت ڳوري ڳوري رهي هيم. هڪ وڇڙيل ساٿيءَ جو موت جي خبر جيل جي اڪيلائيءَ جي احساس کي وري اجاڳر ڪري ڇڏيو هو. سندس جسماني موت منهنجي انداز ۾ سندس پنج ڇهه سال اڳ واري حقيقت ۽ وزندار موت جي ياد تازي ڪري ڇڏي. زندگيءَ جي حقيقتن ۽ مادي ۾ ويساهه رکندي، مان ڀلا حفيظ، ڪٽنبي رٿا جي آفيسر جي موت تي متحرڪ ٿي به ڪيئن ٿي سگهيم. مان ته ان حفيظ شيخ جي موت تي سوچي رهيو هوس، جو هن پاڻ هرتو، ڪي ورهيه اڳ اسان کان جدا ٿي، ورتو هو.

        حفيظ، جنهن اسان سان گڏ سوچيو هو، سٽيو هو، سفر ڪيو هو ۽ سَٺو هو، اهو ته ڪي ورهيه اڳ مري چڪو هو، جڏهن هن جاکوڙ ڪرڻ ۽ جيئڻ جنجال ۾ وجهڻ مان ڪولاڀ پراپت نه ٿيندو ڏسي، عوام مان موٽ ملندي نه ڏسي، ۽ دوستن جي دل آزاريندڙ ورتاءَ کان بيزار ٿي، نراسائي ۽ نااميديءَ جو شڪار ٿي، هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. هن پنهنجي اندر جي عظيم انسان ۽ امر فنڪار کي گهٽو ڏئي، پنهنجي پر ۾  ماري ڇڏيو هو ۽ پوءِ انجي ايذاءَ کان ۽ پيڙا مان ڪئي سال ۽ شايد مرڻ گهڙي تائين، لڇندو ۽ ڪنجهندو رهيو هو. ڇو جو ائين ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي باوجود سندس اندر وارو حساس دل رکندڙ انسان ۽ امر اصول ۽ قدر رکندڙ فنڪار مري نه سگهيو هو. اهو غشيءَ ۾ اچي چڪو هو، سُرت وڃائي چڪو هو، پر مري نه سگهيو هو. مري به ته ڀلا ڪيئن ۽ ڇو!؟ ڪڏهين انسان ۽ فن به مري سگهيا آهن ڇا! هو جڏهن به جهونن جانين مان ڪنهن سان ملندو هو، ته سندس اندر وارو حفيظ اوٻاسيون ڏئي اٿڻ جي ڪندو هيو. هن کي اهو احساس ٿيندو هو ته، اوچتو ئي اوچتو اڌو گهابري موڪلاڻي ڪري اٿي ويندو هو. هو پويون سڄو عرصو ائين ۽ ان ڇڪتاڻ ۾ گهاريندو رهيو.

        مرڻ کان سال ڏيڍ اڳ هو مون کي اوچتو سکر ۾ ٽڪرجي ويو. اوچتو ان ڪري، جو هو ڄاڻي واڻي دل جي خواهش هوندي به، اسان سان ملڻ کان پاسو ڪندو هو. مون ميار سان کيس چيو هو:

        ”يار! ساٿ ته ڇڏي وئين، سلام عليڪم کان ته نه وڃ!

        ”نه يار! هن ٿڌو ساهه ڀري چيو هيو، ”تون ڀليل آهين. توهان جهڙن ساٿين جو سنگ ڇڏڻ ته ڪو نپٽ چنڊو به نٿو سوچي سگهي. توهان سان ته جنم جنم جو ساٿ آ پيارا! ٿوڙي ساهي پٽڻ ڏيم. ڏاڍو آزاريل ۽ ايذايل آهيان. دل جا زخم چڪايان، ڪو ان اڻانگي سفر لاءِ ثمر ٺاهيان، ته وري ساڳيا لاٽون هوندا ۽ ساڳيا چُگهه. مان مري نه ويو آهيان. توهان کي اجايا ڀَو ۽ وهم آهن. هاڻي اچي هنڌ ڪيو اٿم. ٻنيءَ تي هڪ سادي هٽ ٺاهي، نوڪري ڇڏبي. ڪم شروع ڪبو، اها جهوپڙي انقلابين ۽ قوم پرستن جو اجهو، اڏو ۽ آرو هوندي.“  ۽ مان فيصلو نه ڪري سگهيو هوم ته هو سچ پچ ساڀيا ۾ ڳالهائي رهيو هو، يا پاڻ کي يا اسان کي لڳي رهيو هو ۽ پوءِ جيل ۾ خبرون پيون هيم، ته هو سنجيدگيءَ سان ان پراڻي منصوبي کي مڪمل ڪري رهيو هو. ٻنيءَ تي اچي ويٺو هو ۽ ساٿين سان لهه وچڙ وڌائي ڇڏي هئائين.

        سندس اهو ارادو ايترو جهونو هو، جيتري سندن سوچ ۽ سمجهه. ڊسمبر 1954 ع ۾ هڪ رات مان، حفيظ ۽ يار پوهو جڏهن اسر جو چئين بجي ڌاري ڪراچيءَ جي ڀتين تي سنڌي زبان کي قومي زبان ۽ سرڪاري زبان بنائڻ بابت نعرا لکي، ٿڪجي ٽٽجي لائيٽ هائوس جي سامهون واري سبحان الله هوٽل تي چانهه پي رهيا هئاسين، ته حفيظ ان ارادي جو اظهار ڪيو هو. هن ٻڌايو هو ته رڳو قومي آزاديءَ ۽ برتريءَ سان اسان جو مقصد پورو نه ٿيندو. سماجي انصاف جي اڻ کٽ جدوجهد ته اڃا پري آهي ۽ سماجي برابري ۽ آزادي ماڻڻ لاءِ، اسان مان هر هڪ کي ڪميونسٽ ٿيڻو پوندو.

        سچ پچ مون کيس سندس روحاني موت تائين، ائين ئي ڏٺو، جيئن چيو هئائين. هو هڪ ڪٽر، ضدي ۽ اڏول قوم پرست انقلابي هو. هن جي هر افساني ۾، هر گفتگوءَ ۾، هر هلت چلت ۾، هر سوچ ۾ مون کي هڪ اشتراڪي نظر ايندو هو. هن جو وجود قوم پرستي جي دشمن ۽ رجعت پسند لاءِ هڪ گار هو. اسانجي قومي تحريڪ ڪجهه تکائي ورتي ۽ اردو پرست ڪامريڊ ڪترائڻ لڳا. هو رڳو طبقاتي جنگ کي هر درد جي دوا ڄاڻائي اسان جي راهه ۾ سرنگهون وجهڻ لڳا. اسان مان حفيظ پهريون شخص هيو، جنهن کان جان ڇڏائي. اسان پنهنجي ڪُني ڌار چاڙهي. اڀياس دوران هو چوندو هو، ”مارڪسزم ڪا سندن بابي جي ميراث ڪانهي.“ اسان قوميت ۽ سماجواد کي گڏوگڏ عمل ۾ آڻڻ جا ازم ڪرڻ لڳاسين، جنهن جو نتيجو ڏسڻ کان اڳ ئي حفيظ نراسائيءَ ۽ فراريت جو شڪار ٿي راهه ڇڏي ويو. سندس ان عمل جو سبب، هڪ ته ان وقت ستل سنڌين جي بي حسي هئي ته ٻيو نام نهاد اڙدو دان اشتراڪين جو اشتراڪيت متعلق پيٽوڙي مُلن جهڙيون غلط تاويلون ۽ تفسير!

        ۽ ان ڏينهن پنهنجي اندر ۾ امر فنڪار ۽ عظيم انسان سڏائيندڙ جي دل سدا لاءِ بيهجي چڪي هئي. حفيظ، جو اٿاهه ننڊ مان اٿي، ڪَر موڙي، ڪاروان ۾ شريڪ ٿيڻ جا سابناها ڪري رهيو هو، سو سدا لاءِ مري ويو. هو پنهنجي آدرش جو انت نه ڏسي سگهيو. جنهن مارڳ ۾ هن رت ست ڏنو، ان جو ماڳ نه ماڻي سگهيو. اڄ سنگت وارو حفيظ مري ويو هو، شاگرد رسالي وارو حفيظ موڪلائي ويو هو. ”نوائي سنڌ“ جو نيوز ايڊيٽر اسان ۾ نه هو. رقيه منزل، ڌني رام بلڊنگ ۽ پاڪستان چوڪ جي ريسٽارينٽن ۾ گرما گرم بحث ڪندڙ حفيظ ٿڌو ٿي چڪو هو. سڄو ڏينهن حفيظ منهنجي نور ۽ دماغ ۾ ٻرندو رهيو. ڪڏهين کيس ايس. ايم ڪاليج جي ڪامن روم ۾ سامراجي ”سُرخن“ سان وڙهندو ڏسي رهيو هوس ته، ڪڏهن سنگت جي ميڙ ۾ افسانو پڙهندو. ڪڏهن هو ميٺارام هاسٽل جي سرڪيءَ واري ڪمري ۾ ڇتو بحث ڪري رهيو هو ته ڪڏهن کڏي ۾ اُتي جي ڏتڙيل عوام جي جيون تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو ۽ پوءِ مون کي اهو احساس ٿيو ته ڪي ورهيه اڳ اسان ڪيڏو نه هاڃو سٺو هو! اسان ڪهڙو نه عظيم انسان ۽ امر فنڪار وڃايو هو. ان رات مون ڏينهن جي سڄي جيل ڊائري حفيظ بنسبت لکي هئي.

        ٻي ڏينهن صبح سان واڪ ڪندي اياز پڇيو هو: ”رات يڪو پئي بتي ٻريئي! ڇا پئي پڙهيئي؟“

        ”لکيم پئي! مون وراڻيس.

        ”وڏي ڊائري لکيئي ڇا؟“ هُن پڇيو،، ڇا تي پئي لکيئي.“

        ”حفيظ تي“ مون جواب ڏنس.

        ”ڇو؟ اوچتو ڪيئن ياد پيئي؟“ اياز هلندي پڇيو هو.

        ”ويچارو مري ويو.“ مون اياز کي به خبر ڏني.

        ”مري ويو! اياز بيهي رهيو. ”ڪنهن ٻڌايئي؟“

        ”ڪالهه فتاح ٻڌائي ويو.“

        "Poor Soul! Now we can only remember him." اياز چيو: پوءِ اسان سڄو وقت حياتي ۽ موت جي منجهيل فلسفي تي ڳالهائيندا رهيا هئاسين. ماڻهو اصل ۾ مري نٿو؛ هن جو رڳو نالو ٿو مري. هو پنهنجي قول ۽ فعل جي روپ ۾ سدائين جيئرو ٿو رهي. حفيظ شيخ مري ويو آهي، پر اسان جو همسفر ۽ ساٿي حفيظ اڃا جيئرو آهي، هو سڀاڻي به جيئرو هوندو. جيسين سنڌي قوم زنده آهي، انسان زنده آهي، سندس فن ۽ ڪردار جيئرا آهن، تيسين هو به جيئرو آهي.

 

ايم اي عالماڻي

 

شاديءَ جي مامري بابت حفيظ جي ڀيڻيوي جا لکيل ٽي دلچسپ خط

 

    30، مين روڊ

        سمن آبا _ لاهور

14.9.68

        ڊيئر حفيظ

        رسمي دعا سلام کان تون خائف.

        سڄي دعا سلام اسين  کان غير واقف. سو قصو ٺهي ته ڪيئن ٺهي؟

        خالد مسعود جي تجويز تي سندس ئي نالي ۾ اسانجي ايڊريس تي، تنهنجي شاديءَ لاءِ، ”مشرق اخبار“ ۾ اشتهار ڏنو ويو. ڇنڇر ڏينهن اشتهار ڇپيو. شام کان مون هي خط لکڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت تائين ڏهه رشتا اچي چڪا آهن. ڏينهن ٻن ۾ شايد ڏهاڪو کن ٻيا به اچي ويندا. خطن جو سلسلو به شايد شروع ٿي وڃي. ٽن چئن اوهان جون ايڊريسون به ورتيون آهن. شايد سنئون سڌو اوهان سان لهه وچڙ ۾ اچن. خدا گهريو ته هن مهيني اندر ئي اوهان جي قسمت جو فيصلو ٿي ويندو. اوهان جي فوٽوءَ جي ضرورت آهي. تنهن ڪري ٻه چار ڪاپيون پاسپورٽ سائيز موڪلي ڏيندا. پر سائين هاڻ اسان جي مڙيئي اڇن وارن جي لڄ رکندا. ائين نه ٿئي ته اسين هتي پيا ڳالهيون هلايون ۽ اوهين هٿ ڪڍي ڀڄي وڃو! جيڪي رشتا آيا آهن، انهن جي مختصر حقيقت هي آهي:

        1_ ڇوڪري F. A پاس آهي. ماءُ بيوهه آهي. جنهن کي ڪجهه ملڪيت آهي. ان مان ڇوڪريءَ جو جيڪو حصو ٿيندو سو ملندو.

        2_ ايم اي فيل. رنگ ڪڻڪائون. احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل. پيءُ فوت_ ماءُ ٻي شاديءَ ۾ گرفتار_ هڪ ڀاءُ شادي ڪيل. جنهن ۾ هڪ مربو زمين ڇوڪري جي نالي ۾.

        3_ وڪيل صاحب جون ٻه ساليون. وڏي B. A ننڍي M. A وڏي زياده خوبصورت. ننڍي گهٽ خوبصورت. جهيز ۾ هڪ ڪئنال جو پلاٽ ۽ فرج وغيره. پڙدو ٻئي ڪونه ڪن. ڇوڪرين کي ٻڌائڻ کان سواءِ چانهه پاڻي جي دعوت. جنهن ۾ اوهان اجنبي وانگر انهن سان خود ڳالهه ٻولهه ڪري سگهو ٿا. ڇوڪريون پٺاڻ آهن يعني ايوب خان جي ذات واريون.

        4_ هڪ اپ ٽو ڊيٽ همراهه آيو شاهه ڳڙهي مان. اصل ڪشميري. پاڻ ائين چيائين ته مون کي ڪنهن ماڻهو موڪليو آهي ته پڇا ڪري اچان. انهيءَ کي اوهانجي سڄي هسٽري ٻڌائي ويئي. اوهانجي والدين بابت، ڀائرن بابت، ڀينرن بابت، غرض جيئن جيئن هو سوال ڪندو ويو تيئن تيئن کيس صاف صاف حقيقت ٻڌائي ويئي. شايد وري ملاقات لاءِ آفيس ۾ مون وٽ اچي. پارٽي مالدار ٿي لڳي. حفيظ ڪريسينٽ وارن جهڙي.

        5_ ڪشميري_ بلڪل نمبر 4 پارٽي جهڙي پر مالدار ڪجهه گهٽ.

        6_ ڇوڪري B. A فيل_ ڀاءُ پوليس آفيسر، صدر صاحب جي سيڪيورٽي پارٽي ۾. ٻيو ڀاءُ ڪنهن فرم ۾ آفيسر.

        7_ ڇوڪري M. Sc فرم ۾ ملازم، تنخواهه540رپيا. رهائش هاسٽل. والد ڪراچي ۾ ساڳي فرم ۾ سيلزمين. ڪل ڀينر ٽي. اصل وطن دهلي. والد جو رنگ ڪارو.

        8_ ڀٽي فيملي M. A جو امتحان ڏنل. وڌيڪ معلومات ڏيندا، جي اسان رخ ڏيکاريو.

        9_ رهائش داتا گنج والد ريلوي ۾. وڌيڪ تفصيل سڀاڻي آفيس ۾ ملندا.

        10_ هڪ رشتي ڪرائڻ جي ڪاروبار ڪرڻ واري آئي. ان کي اسان ڀڄائي ڪڍيو. وڌيڪ. ڏسجي ته سڀاڻي ڪير ٿا اچن ۽ ڪهڙا ٿا اچن.

        قلم تازو خط لکي اڃان پورو مس ڪيو ويو آهي ته هڪ رشتو اچي ويو. رشتو آڻيندڙ اسلاميه گرلز ڪاليج جي پرنسپل صاحبه هئي. ڇوڪري M. A آهي ۽ انهيءَ ڪاليج ۾ ليڪچرر آهي. پرنسپل صاحبه ان کي پنهنجي ڌيءُ وانگر پاليو آهي. ڇوڪريءَ جو پيءُ به ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر آهي. جواب جلد ڏيندا.

 

اوهان جو

ايم. اي. عالماڻي

 

 

 

سمن آباد

لاهور

68-9-17

 

ڊيئر حفيظ

 هاڻ ته يار آيو گهرجين.

        تنهنجي عمر جي هر سال لاءِ هڪ عدد رشتو آهي. ٻاويهه خط ته ڪالهه آيا ۽ پوسٽ مين کي هڪ روپيو ڏيڻو پيو. سنڌ ۽ بلوچستان کي ڇڏي باقي پوري مغربي پاڪستان مان خط آيا آهن. هڪ رشتو اهڙو به آيو آهي جنهن ۾ چيل آهي ته ڇوڪري ايم اي انگلش ۾ ڪئي آهي. پهريائين ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي ملاقات ڪرڻي پوندي. ان بعد جيڪڏهن انهن هڪ ٻئي کي پسند ڪيو ته پوءِ وڏا وچ ايندا ۽ ڳالهيون ڪندا. هڪ محترما لکيو آهي ته آءُ B. A (e) آهيان. عمر 2 3  سال آهي. شادي ڪرڻ چاهيان ٿي. هڪ ڊبل ايم اي جو به رشتو آهي. هڪ اهڙو به خط آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته ڇوڪري حسينه عالم بنجڻ جي قابل آهي. مختصر ته هاڻ لڳ ڀڳ پنجاهه رشتا آهن. انهن مان ڪونه ڪو توهان جي پسند جو نڪري پوندو. تنهن ڪري هاڻ دير نه ڪندا. بس آيا گهُرجو.

        ڪالهه به خط پوسٽ ڪيو هئم. اميد ته اهو به ملي ويو هوندو.

 

باقي دعا و سلام

ايم اي عالماڻي

 

سمن آباد

لاهور

70-7-28

 

ڊيئر حفيظ·

سلام، دعا  يادگيريءَ لاءِ مهرباني.

        ڪم وڏو_ اسين ننڍا_ ڪوشش ناتمام. باقي سڀ سائينءَ جي وس. وڏي قانون جي وس. انصاف جي وس_ حالات جي وس!!

        رهيو پروردگارجو حوصلو_ اهو ته فيض به ڏٺو، ”غالب“ به ڏٺو، ”ظفر“ به ڏٺو، فلسطين جي فداين به تازو ڏٺو. ٿي سگهي ٿو ته اوهان به ڏسي وٺو. اسين به تماشائين جي گروهه ۾ آهيون. ڪردار ڪرڻ وارن جي قطار ۾ نه آهيون! پر جيئڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ئي ٿو پوي. ڇو ته هتي جي جوڙجڪ ۾ تماشي ڏسڻ تي به ٽيڪس ۽ ٽڪيٽ آهي. سڄي زندگي فري پاس لاءِ ڪوشش ڪئي سين پر اها به هٿ نه آئي! گهر جي رونق اڃان هنگامه آرائي تي موقوف آهي. قدوس ڀائي کي اڃان پنهنجو گهر نه مليو آهي. چنانچه اوهان جي آپا جي مهمانداري ۾ مصروف آهي. باقي ٻيو مڙئي خير خيريت آهي.

 

اوهانجو

ايم اي عالماڻي


·  هنن خطن جي تفصيلي پس منظر ڄاڻڻ لاءِ پڙهو مهاڳ، بعنوان ”اڇو پکي واءُ ۾“. (مرتب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com