سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :24

 

خط

ماءُ ڏانهن ۽ ٻيا

حفيظ شيخ

 

 

ماءُ ڏانهن

 

ڪراچي،

مورخه .....

مٺڙي امڙ.

        تنهنجو ڪارڊ مليو .. ڏاڍي خوشي ٿيم. توکي خط لکرائي موڪلڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هوندي. ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن تون پڙهيل هجين ها. پوءِ جيڪر تون کي منهنجو احوال پڙهائڻ ۽ پنهنجي احوال لکائي موڪلڻ لاءِ ٻين جون منٿون ڪين ڪڍڻيون پون ها. خير ڌڻيءَ ڪندو ته زيبو ۽ حسنا پڙهي پونديون ۽ تنهنجي تڪليف گهٽ ٿي پوندي.

        امڙ جيجي، تو پڇيو آهي ته مون آئينده لاءِ ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي. توکي بيشڪ اڻ تڻ هوندي. آءُ تنهنجي جگر جو ٽڪرو جو ٿيس. پر ٻڌ جيجي، جيڪي خيال ۾ اٿم سو سڀ توکي ٻڌايان ٿو. هنيانءَ جهلج، امان، ائين نه ٿئي ته ڪنبي وڃين. هت آئي ڀريا ٻه مهينا ٿيا اٿم. انهن ٻن مهينن ۾ هڪ ئي اڻ تڻ، هڪ خيال ۽ هڪ ئي فڪر منهنجي دماغ ۾ سمايل رهيو آهي ۽ اهو خيال هي آهي ته آءُ ڇا ڪيان، مونکي ڇا بنجڻ گهرجي ۽ ڪيئن؟

        دل چيو ته ڊاڪٽر ٿيان، پر خيال وري انجنيئري جو آيو. ڪليڪٽري، مختيارڪاري، صوبيدار، واپار، چوريون، ڌاڙا، فريب، جوا ۽ فقيري سڀ هڪ هڪ ڪري دماغ ۾ داخل ٿيا ۽ نڪري ويا. سڄا سارا ٻه مهينا سوچيندو رهيو آهيان.

        انهيءَ وچ ۾ گذريل ڏينهن جون يادگيريون به اينديون رهيون. پنهنجو ننڍڙو گهر ۽ ان ۾ رهندڙ زيبو حسنا ۽ تون به ياد آئين. بابي جي جيئري جو زمانو به ياد آيو. تنهنجي حالت ۽ ڏکن ڏاکڙن تي به ويچار ڪيم. تنهنجي آسن اميدن ۽ تمنائن تي به غور ڪيم ۽ تنهنجي پورهئي کي به ساريم. اهي ڏينهن جڏهن آءُ بيمار هيس ۽ تون سڄي سڄي رات منهنجي سيرانديءَ کان ويهي گونگيون هنجون هاريندي هئينءَ، سي ياد آيا. بابي جي توسان بي جا روش به ياد آئي ۽ اهو خيال به آيم ته بابي جي روش سهڻ رڳو تنهنجو ئي ڪم هيو. ٻيو هوند اصل ڪين ڪري سگهي ها. سندس نشو ڪري گهر اچڻ پوءِ گارگند، مارڪٽ، سڀ ياد آيا.

        لولين ڏيندي تون دعائون گهرندي هئينءَ، مون لاءِ منهنجي ڀينرن لاءِ..... چوندي هئينءَ ته ”لال وڏو ٿيندو ته ڪلڪٽر ٿيندو پوءِ ..... ۽ پوءِ تنهنجي هوائي قلعن جي ڊگهي زنجير جڙي ايندي هئي. بنگلا، محل ماڙيون، ڪاريون موٽرون، نوڪر ۽ ٻانهيون، سڀ انهيءَ زنجير ۾ ڪڙين مثل جڙجي ويندا هئا ۽ تون انهيءَ زنجير کي پاڻ کان به پيارو سمجهندي هئينءَ ۽ پڪ اڄ به سمجهندي آهين. ۽ امڙ، تنهنجون انيڪ اميدون اکين آڏو اسري آيون. مگر مان سوچيندو رهيس.....

        سوچيم ته صوبيدار ٿيان، پوليس جي نوڪري ملندم ته ماڻهن تي رعب ٿيندو. دشمنن کي دهشت ٿيندي، پگهار سٺي ۽ اپت جهجهي ٿيندم. شادي ڪندس، گهر ٺاهيندس ۽ سکيو ستابو رهندس. مگر وري خيال آيو. انهيءَ ڏينهن جڏهن پوليس وارن چاچي خان محمد جي گهر جي تلاشي ورتي هئي، چاچيءَ زينب کي دڙڪا ڏنا هيائون ۽ چاچي کي ٻڌي ويا هئا. پوءِ بابو قرض پني 50 رپيا ڏيئي کيس ڇڏائي آيو هو.

        ڪهڙو ڏوهه ڪيو هئائين؟ اهو ئي نه ته مختيار ڪار جي بيجا روش جي ڳالهه ٿي ڪيائين پوءِ انهيءَ ۾ ڪوڙ ته ڪين هيو. مختيارڪار هيو به ته رشو تخور، ظالم ۽ ڊوهي.

        امڙ انهن ڳالهين کي ويچاريندي آءُ نيٺ انهيءَ فيصلي تي پهتس ته آءُ نه صوبيدار بنجان، نه مختيارڪار ۽ نه ڪليڪٽر، ڇو ته جيڪڏهن آءُ انهن مان ڪو به هڪ بڻيس ته مونکي به ائين ئي ڪرڻو پوندي جيئن هو پيا ڪن. تون ڳوٺ ۾ رهي پئي آهين. رشوت رياڪاريءَ جي انهيءَ لنبي ڏور کي، جنهن ۾ هزار ور وڪڙ آهن، مشڪل سمجهي سگهندينءَ اعتبار ڪر. سچ ٿو چوان. انهن نوڪرين سان رشوت جو اصل ناتو آهي. نه ته پوءِ نوڪري جي سلامتيءَ اصل ڪين رهي. هروڀرو جو ڪو ايمانداريءَ تي لهي پيريءَ ويل پينشن وٺڻ تي اهو ڏوڪڙ ڪين جڙيس جو ٻچا سکيا ڪري. سندم هڪ دوست آهي ”رند“ هو پڻ انهيءَ کاتي ۾ نوڪري ڪندو آهي. جنهن ۾ مختيارڪار ڪم ڪندا آهن. چوندو آهي ته ”جيڪو ماڻهو اسانجي کاتي ۾ رهي رشوت نٿو وٺي تنهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ گهرجي، ڇو ته رشوت اسانجي کاتي جو دستور آهي ۽ جيڪو دستور کي ڀڃندو سو باغي چئبو آهي ۽ انهيءَ لاءِ سڀني ملڪن ۾ ساڳي سزا آهي، يعني موت.“

        اتان خيال مٽيو ته ڊاڪٽري ۽ انجينئري دماغ ۾ ڦرڻ لڳيون پر پوءِ نيٺ انهيءَ لاءِ به ساڳي فيصلي تي پهتس. اتي به ساڳي رشوتخوريءَ جي بازار گرم لڳي پيئي آهي. تنهنڪري منهنجو وڃڻ عبث.

        تنگ اچي مون سوچيو ته وڃي ٿو ڪو چور ڌاڙيل بڻجان. ڌاڙا هڻندس ۽ گذر ڪندس. اميرن کان کسي غريبن کي ڏيندس. انهن جون دعائون ملنديون ته سڀ ٺيڪ ٿي وينديون. مگر اتفاق اهڙو ٿيو جو اهي ڳالهيون اڃان دماغ ۾ ئي هيون ته اخبار ۾ هڪ عجيب احوال پڙهيم. ڳالهه هن ريت هئي ته ڪنهن سوناري وٽ ڪو زميندار پنهنجا ڳهه ڳٺا نوان ڪرائڻ لاءِ رکي ويو هيو. ڪنهن بدمعاش کي جا پيئي خبر، سو وڃي سانجهي جو ان سوناري جي دڪان تي سهڙيو. هن غريب کان مال ته ڦريائين پر کيس ڦٽي به وڌائين ۽ غريب ٻه ڏينهن اسپتال ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. سوچڻ لڳس ته آخر ڪيئن خبر پوي ته ڪنهن وٽ ڪيتري ناحق جي مايا آهي. ڌاڙي هڻندي به اصل خبر ڪين پوندي ۽ تنهن کانسواءِ پنهنجي جيئڻ جو سامان ڪرڻ لاءِ ڪنهنجي جان وٺڻ...... ڪهڙو نه خراب ڪم آهي ۽ اهڙي طرح ٻيون انيڪ اوڻايون پسي انهيءَ ڌنڌي کان به دل ڌڌڪو کاڌو.

        رهي فقيري سا گهڻو وقت دماغ ۾ گهرڪري ويٺي. فقيري تي ڪيترا ڀيرا ڪتاب به پڙهيم. مگر هر حالت ۾ لاڳاپا لاهڻ ضروري هيا. سوچڻ ويٺس ته جيڪڏهن لاڳاپا لاهڻا ئي آهن ته پوءِ ڇو نه اهڙو ڪو ڪم ڪجي جو هي جي لکن جا لک ماڻهو مصيبتن ۾ پيا ڳاهه ٿين تن کي آجي ڪرڻ جو ڪو سامان ٿئي. پنهنجي ڳوٺ خواهه هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي. انهن جي سماجي جوڙجڪ ۽ انهيءَ اندر رکيل اوڻاين تي غور ڪيم ۽ نيٺ .......

        مٺي امڙ، آءُ انهيءَ فيصلي تي پهتس ته مونکي ڪميونسٽ ٿيڻ گهرجي.

        تو پڪ پڇندينءَ ڇو؟، ٻڌ، اسانجي هن موجوده سماج ۾ جو غريب ۽ امير جي ورڃ رکي ويئي آهي. اوچ ۽ نيچ ۾ فرق رکيو ويو آهي، اهو دراصل اسانجي سڀني مصيبتن جو ڪارڻ آهي. اسانجا ڊاڪٽر توڙي فوجدار، ڪلارڪ توڙي ڪاروارا سڀ مجبور آهن ته رشوت وٺن، ظلم ڪن ۽ بيداد نگري مچائن ڇو ته سندن مٿان غربت جو مهيب ڀوت هردم سوار ٿو رهي. هو هميشه انهيءَ ڀوت کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. لک نه پر ڪروڙ ميڙي به هنن جو ڀڀ نٿو ڀرجي، ڇو ته غربت جو ڀوت سندن پويان ايترو ئي تکو لڳو اچي جيترو تکو هو انهيءَ کان ڀڄڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هو ڄاڻن ٿا ته ڪروڙ کٽڻ جي شيءِ آهن ۽ کٽي ويندا: پر تنهن هوندي به هو ڪوشش ڪندا ٿا اچن.

        ويچارا هاريل جواري..... ڄاڻن ٿا ته هي جوا آهي. ڄاڻن ٿا ته انهيءَ ميڙ ميڙان مان ڪجهه ڪين ورندو، تنهن هوندي به ميڙ ميڙان کان مڙن ڪين ٿا. ظلم ڪري ميڙن ٿا، ناحق ڪري ميڙن ٿا ۽ ميڙيندا رهن ٿا. جيئن ڪو هاريل جواري جوا مان اٿڻ جي سڌ ئي نه ڪندو هجي. هجڻ ته ائين کپندو هو ته اسان  انهيءَ ميڙ ميڙان کي ڇڏي ڪا اهڙي روش اختيار ڪيون جو اسان کي ميڙڻ جي ضرورت ئي نه پوي، جيئن اسان انهيءَ مايا کانسواءِ به پاڻ کي سکيا، سلامت ۽ آسودا سمجهون، مگر ائين نه آهي.

        البته ائين ٿي ضرور سگهي ٿو. رڳو جيڪڏهن اسين سڀ گڏجي هر ٻار جي پالنا ۽ هر پوڙهي جي سار سنڀال جي ذميواري پاڻ تي کڻون، ته ائين ٿي پوندو. پوءِ ڪنهن کي رشوت خوريءَ جي ضرورت ڪانه پوندي. پوءِ ڪنهن کي ڦر ڪرڻ جي ضرورت ڪانه پوندي؛ ڇو ته کيس پڪ هوندي ته سندس ٻارن جي نگهداشت ڪرڻ لاءِ هيڏو سارو سماج ويٺو آهي ۽ سندس پيريءَ جي لٺ بنجڻ لاءِ پوري قوم تيار آهي. پوءِ هن کي لٽ مچائي مايا ميڙڻ جي ضرورت به ڪانه رهندي؛ ڇو ته آخر به ته مايا اسين انهيءَ لاءِ طلبيندا آهيون ته انهيءَ سان، سک، سهنجائي ۽ سلامتي خريد ڪري سگهون.

        پر اهو ڪير ڪري؟ هيڏن سارن ٻارن جي نگهداشت جو ذمو ڪير کڻي؟ ڪير هيترن پوڙهن جي پيريءَ جو سهارو بڻجي؟ موجوده سماج ته انهيءَ لائق ڪين آهي.

        انهيءَ سماج کي بدلائڻو پوندو، سندس رواجن، دستورن ۽ خيالات ۾ ڦيرو آڻڻو پوندو. انهيءَ لاءِ جيئن گهٽ ۾ گهٽ آئنده انسان انسان بڻجي سگهي.

        ۽ جيجل، مون ارادو ڪيو آهي، ته آءُ انهيءَ لاءِ جيئندس. انهيءَ لاءِ مرندس. پوءِ کڻي مونکي تنهنجي تمنائن جي قرباني ڏيڻي پوي. کڻي مونکي معصوم زيبو ۽ حسنا کي بک وگهي مرندو ڏسڻو پوي ۽ کڻي مونکي سڄي عمر دک، درد، مصيبت، تڪليف، غم ۽ غربت ۾ گهارڻي پوي.

        منهنجي امڙ، جي پڄيئي ته هن نيڪ ڪم ڪارڻ ٿڃ بخشج نه ته به پوءِ مالڪ وٽ ته آءُ ڳاٽ کڻي چوندس ته مون جيجل ماءُ جي تمنائن جي ڀيٽا هن سماج جي قدمن ۾ رکي هئي پر .........

 

تنهنجو لال

 

 

 

ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ۾ خيال ايندو آ

جيجي زينت عبدالله چنا ڏانهن

 

        جيجي:

        خَط مليو .. مهرباني، افساني جي فرمائش عجيب لڳي. ڳپل ڏينهن آهن. مون افسانو ڪين لکيو آهي. ايترين افسانن جا پلاٽ دماغ ۾ رجهي رهيا آهن ۽ انهن مان هڪ کي ڇانٽي ڌار ڪين ٿو ڪري سگهان. اڻ ميا انسان روزاني زندگيءَ ۾ ڪلهي گس پيا ڪنم. انهن جون پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون جندڙيون آهن، پنهنجا سک سور اٿن ۽ پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون اٿن. سڀني تي گڏي نظر ٿو وجهان ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته هڪ لنبي ڪهاڻي آهي .. جيڪا ڪنهن منجهيل سڳي جيان ٿو ويڙهو ٿي پئي آهي: يا ڪو ڊگهو وار ڪينئون آهي جو انساني هانوَ جي ڦٽ ۾ گهنڊيون هنيون ويٺو آهي ۽ پيو ان کي ڪوري. ڪيئن انهيءَ سڳي کي سلجهايان، ڪيئن اهو چڪندو ڦٽ ڇٽايان. سو واجهائيندي ورهيه گذري ويا آهن ۽ مون ڪجهه ڪين لکيو آهي. ڪنو چڙهيو رکيو آهي اڀامي، خبر پوندي ته ڇا ٿو نڪري .. يا کڻي ائين چئجي ته جهڙ ته ٺهيو بيٺو آهي، بس، گهٽ ڇٽي ته خبر پوي ته ڇا ٿيندو.

        بهرحال مارويءَ لاءِ ڪجهه ته لکڻو ئي آهي. افسانن لاءِ ٻڌائي چڪو آهيان ته گهٽ ۾ گهٽجي بيٺا آهن. بس، افسانن جهڙيون ٻه چار حقيقتون لکي چڙهان ته لک ٿيو. وري ساڳيو سوال دماغ تي اسري آيو آهي: ڪٿان شروع ڪيان؟ خير.

        ڀيڻم جي هڪ ساهيڙي آهي، نالو اٿس نورجهان سڌي سنواٽي وچولي درجي جي پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري آهي ۽ ڀيڻم جي سڪ ڪري اسانجي گهر ڀيرو ڀريندي رهندي آهي. پڙهيل ڳڙهيل چئي ڪم وڃائي ڇڏيم. ڇو ته انهيءَ مان ته ڪو پتو نه ڪين پوندو ته هوءَ ڪيترو پڙهيل آهي. اهو به چئي سگهجي ٿو ته خير سان ميٽرڪ پاس هوندي. خير. تت کڻي ڏيان ته نوريءَ بي ايس سي امتحان پاس ڪيو آهي ۽ اڄڪلهه ايم ايس سي پئي پڙهي، تنهن سان گڏ هوءَ ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ ماستري به پئي ڪري. عمر هوندس اها ٽيويهه ڪي چوويهه سال يا سال ٻه هيڏي هوڏي. اسانجي سنڌي حساب موجب ته هوءَ ٽهي چڙهي هلي آهي يا ٻين لفظن ۾ اڌڙ ٿي هلي آهي. خير، اهڙو احساس نوريءَ کي ڏٺي ڪين ٿيندو آهي. انهيءَ ٽهيءَ جون پرڻيل ڳريل ڇوڪريون جيڪي آءُ سڃاڻان سي سڀ ٻه ٻه ٽي ٽي ٻار ڄڻي انهيءَ حال تي پهتيون آهن جو ڪراڙيون پيون لڳن. نوريءَ جي حالت ۾ ائين ڪين آهي. هوءَ چڱي کل مک آهي ۽ ايندي آهي ته جهٽ پل چهچٽو مچي ويندو آهي. پر ..... پر انهيءَ کل مک چهري اوٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن آءُ ڪجهه ڏسي وٺندو آهيان ۽ منجهي پوندو آهيان ته اهو ڇا آهي. کلندي کلندي نوريءَ جي اکين ۾ جهيڻيون جهيڻيون گلابي ليڪون اسري اينديون آهن. سندس اکيون ڀني پونديون آهن ۽ کل ۾ ٻهڪيل منهن ڏسندي ڪومائجڻ شروع ڪندو آهي، وسامي اجهامي ويندو آهي. ائين جيئن ڪنهن ڀٽڪيل راهيءَ کي منزل تي پهچي پنهنجي ڀل جو احساس ٿيو هجي، جيئن ڪنهن رڃ رليل کي سڃ پڙ پوي.

        نوري گريجوئيٽ آهي. عزت سان آب داڻو پئي ڪمائي، ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ٿي ڪڍڻ پويس. زندگيءَ جا چوويهه سال گذري ويا اٿس ۽ باقي بابت اهو چڱي پر چئي سگهجي ٿو ته سک سانت سان گذري ويندي. پر هوءَ ته ائين پئي ڏينهن گهاري ڄڻ چوندي هجي:

        ڪٿي آ منهنجي منزل سائين، ڪٿي آ منهنجو ماڳ .....

        ڀُلي پيو آ ڀاڳ سائين، ڀلي پيو آ ڀاڳ.

        نوري منهنجي هڪ افساني جو ڪردار آهي. آءُ ڪڏهن نه ڪڏهن سندس ڪهاڻي لکندس.

        ۽ اديءَ جي ٻي ساهيڙيءَ جو نالو آهي شميم. اسان کيس شمي ڪوٺيندا آهيون. هيءَ به گريجوئيٽ آهي. نهايت سلڇڻي سٻاجهي، چوکي وڏي گهراڻي جي ڇوڪري آهي. کيس ڏاج ۾ ڏيڻ لاءِ پڻس هڪ بنگلو ٺهرايو آهي. در تي موٽر اٿن ۽ گهر ۾ نوڪرياڻي ماني ڪندي اٿن. شمي پنجويهه ٽپي هلي آهي ۽ اڃا شادي ڪانه ٿي اٿس. سندس پيءُ جو خيال آهي ته ڇوڪرو گهٽ ۾ گهٽ اهڙو هجڻ گهرجي جو ڇهه ست سئو رپيا مهينو ڪمائيندو هجي ۽ نوڪري پڪي هجيس. مون هڪ ڏينهن کلندي شميءَ کي چيو:

        ”اسان ڪاليج جي ڇوڪرن فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ مان ڪجهه چونڊي انهن جو آچار وجهنداسين. سال ڇهه ماهيءَ اهو آچار رجهندو ته  انهيءَ مان تنهنجي پيءُ جي پسند جا ڇوڪرا نڪري ايندا ۽ پوءِ اسان انهن جون درخواستون تنهنجي پيءُ ڏانهن موڪلي ڏينداسين.

        شمي انهيءَ تي مرڪي پر انهيءَ مرڪ ۾ اهو سوز سمايل هو جو منهنجي قلم ۾ اها طاقت ڪانه آهي جو اکرن ۾ ڇٽي آڇيان. شميءَ جي سوز ڀري مرڪ منهنجي ٻئي افساني جو مواد ٿي سگهي ٿي. پر آءُ اها ڪهاڻي ڪڏهن لکڻ شروع ڪندس؟

        اجهو پاسي ۾ منير ويٺو اٿم. ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪلارڪ آهي. اردوءَ ۾ افسانا ۽ ڊراما لکندو آهي. بي اي پاس ڪئي اٿس ۽ مون سنئون انگريزي ادب ۾ ايم اي ۽ تنهن سان گڏ وڪالت پيو پڙهي. هن جو سيني ۾ ايترا سور آهن جو جيڪا به ڳالهه ڪندو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ پوري جڳ کي جڳائي، پنهنجا ڇوهه ڇنڊڻ ٿو چاهي. سندس اهو جنوني انداز سندس افسانن ۽ ڊرامن ۾ به جهليڪون ڏيندو آهي ۽ اسان اهي افسانا پڙهي کيس نعري بازيءَ جو مهڻو ڏيندا آهيون ۽ پوءِ هو چوندو آهي هي نعري بازي آهي .... اڙي هيءَ ته منهنجي دلجي دانهن آهي.“ ڪڏهن ڪڏهن آءُ سوچيندو آهيان .. دلين ۾ رکيل دونهان ۽ دٻيل دانهون جڏهن نڪرن ٿيون ته چيٽ ڪوڪ جو انداز کنيو اچن. ڪيڏو مظلوم آ انسان .. ڪڇي ته ڪافر، ماٺ ڪري ته منڪر.

        هڪ ٻيو دوست اٿو لطيف .. سراپا سور، ڪٽوري جهڙيون اکيون، جرڪنديون ته وڄ، وسنديون ته مينهن، لطيف جي رهڻي ڪهڻي ائين آهي جو ڳالهه ڳالهه تي افسانو، ادا ادا ڪهاڻي جڙيو پوي. مان انهيءَ ڪافر بابت ڪڏهن ڪا ڪهاڻي لکي به سگهندس يا ڪين. سو چئي ڪين ٿو سگهان. هن ظالم جي دل اهڙي ٽانڪئي آهي جو اظهار به جهير وجهيو ڇڏيس.

        ۽ آءُ ويٺو سوچيان ته هي سڀ ڪير آهن؟ نوري، شمي، منير، لطيف سڀ ڪير آهن؟ ڪيڏانهن پيا وڃن. ڇا ٿا چاهن. نوريءَ جا ايتري تعليم حاصل ڪئي آهي سو ڇا لاءِ. شميءَ جو بنگلو ٺهرايو آهي سو ڇا لاءِ، منير جون دانهون چيٽون ڇو ٿيون نڪرن، لطيف جون اکيون سدائين سانوڻ ڇو ٿيون سارن، هي سڀ ڪير آهن، ڪٿان آيا آهن، منزل ڪٿي اٿن، ڪهڙي واهه ويندا؟

        ۽ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ۾ خيال ايندو آ ته ازل جي انگور جي  رس پيان، نشن ۾ جهومي اٿان، پاڻ لڏان، جهان کي لوڏيان، پير مغان کان پيمانو کسي پري اڇلائي ڇڏيان. مٽ اوتيان، پيٽيان، پيان ۽ پياريان. جڳ جهان کي پياريان ۽ پورو جهان جهومي اٿي. هر هڪ تي ازلي خمار ڇانئجي وڃي. هر منهن تي هڪ مرڪ اچي وڃي. منير جون چٽيون، لطيف جي اکين جون وڄون، نوريءَ ۽ شميءَ جون خاموش آهون ختم ٿي وڃن.

        هي سڀ ڪڏهن ٿيندو؟

        اها به هڪ ڪهاڻي ٿيندي ....

        مان لکندس، ضرور لکندس......

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com