سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :25

 

پنهنجي دوست ”زمان“ ڏانهن

 

        زمان دوست.

        اڄ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو توکي خط لکڻ ويٺو آهيان، اڳ ڪڏهن ڪين لکيو اٿم ۽ آئينده به شايد ڪڏهن ڪين لکندس. تنهنجي راهه الڳ منهنجي راهه نرالي. چاهيون به ته هڪ ٻئي سان ساٿ ڪين ڏئي سگهنداسين ۽ اهڙي طرح جيئن وقت گذرندو ويندو هڪ ٻئي جي دلين کان ائين ميسارجي وينداسين جيئن ٻار پنهنجي ڦرهيءَ تي نوان سبق لکڻ لاءِ پراڻن کي ميساري ڇڏيندا آهن.

        توکي اڳ ڏٺو اٿم يا نه، سو پڪي طرح چئي ڪين ٿو سگهان. تون مونکي ڪيئن سڃاڻين، تنهن جي به ڄاڻ ڪين اٿم. البته ڪالهه جڏهن هڪ دوست سان ملاقات ٿي ۽ هن تنهنجو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايائين ته تون مون بابت ڪهڙا ويچار ٿو رکين، ته مونکي تو ڏانهن متوجهه ٿيڻو ئي پيو. توکي جنهن صورت ۾ ڏٺو به ڪين ساريان تڏهن اها پڪ اٿم ته تون، مون بابت جيڪي به ويچار رکين، تن جو توکي حق آهي. آءُ نه توکي روڪي ٿو سگهان ۽ نه ٽوڪي.

        پر انهن ويچارن تي وجهه ملئي ٽيڪا ٽپڻي نه ڪيان سومون لاءِ اڻ ٿيڻي ٿيندي ۽ وجهه وري انهيءَ ڌارانءَ ٻيو ڪهڙو ٿيندو ته ڄاڻ پئجي چڪي اٿم ته تون مون بابت ڇا ويچاريندو رهيو آهي. ايترو مون لاءِ ڪافي آهي. آءُ عار ڪري ڪين ڄاڻان. جيڪي ويچار هوندا اٿم سي سڀ ڪنهن دوست کي ٻڌائي ڇڏيندو آهيان. پوءِ آئڙنس يا نه سو سندس سمجهه ۽ پسند تي ڇڏيل آهي.

        ڪڏهن زمانو هيو، الڙ ٽهيءَ ۾ وڻ گهوڙو ڪين ٻڌڻ ڏيندو هيس. شرارت انهن ڏينهن به عبادت مثل سمجهندو هيس ۽ ڪئي بنا ننڊ سمهڻ ڪين ورندو هيو. واٽ ويندي واٽهڙن سان ڪلهو هڻي جهيڙو ڪرڻ کان به ڪين رهندو هيس ۽ اهڙي طرح .......... آڱرين ٺي ڳڻڻ جيترا ڪي گناهه هوندا جيڪي مون نه ڪيا هوندا. ............ پنهنجي گناهن کي به ڏاڍي چوڄ مان يارن آڏو بيان ڪبو هيو ۽ زمانو بدلو رهيو. سڀ دوست آهستي آهستي بدلجي ويا. اها اڳين بيپرواهي باقي نه رهي. گناهه هاڻي به ٿيندا هيا پر انهن کي فخر سان بيان ڪرڻ بدران انهن تي پردا وڌا ويا ۽ اکين لڪايو ويو. آءُ ڏسندو رهيس. مونکي سمجهه ۾ ڪين آيو ته ڪالهه جيڪا شيءَ فخر جو باعث هئي سا اڄ شرم جو باعث ڪيئن بنجي وئي آهي. ڪجهه وقت ائين وائڙپ جي حالت ۾ گذاريو ۽ آهستي آهستي آءُ گناهه  ۽ ثواب جي فلسفي ۾ الجهي رهجي ويس.

        وقت جو چڪر پنهنجا ٻيا ڪيترا ڦيرا پورا ڪري ويو. ڪيئن اونهارا سيارا آيا ۽ ويا. حالتن جي هير ڦير مونکي به هڪ هنڌ ٽڪڻ جو موقعو ڪين ڏنو ۽ اهڙي طرح آءُ پنهنجي ديس کان دور ڪڏهن هماليا جي پاڙن وٽ وڇيل شملا ٽڪرين تي جهومندي بادلن سان الجهندو رهيس ۽ ڪڏهن ايلورا جي غارن جي خاڪ ڇاڻينديو رهيس. ڪڏهن درياهن جي ديس ۾ ڏڪر کان مس مس ساهه پٽي اٿيل مخلوق کي ڏسندو رهيس ته ڪڏهن ڪراچيءَ جي بندر تي ڪنول جهڙن ڪومل هردي وارن دوستن کي، سيني تي پٿر رکي، پرديس اسهندو ڏٺم ۽ اهڙي طرح تجربن ۽ مشاهدن جي ڪسوٽيءَ تي گناهه ۽ ثواب جي قدرن کي ڳهي پرکيندو رهيس. جيڪي پڙ پيم سو ٻين دوستن کي ٻڌايم، گڏ کيڏيل جيڏن کي ٻڌايم ۽ پنهنجي ننڍڙي سماج جي هر انهيءَ شخص کي ٻڌايم جنهن سان ڏيٺ هئي يا جنهن سان ڳالهه ٻولهه جي ريت هئي. پر انهيءَ وچ ۾ ويڇا تمام وڏا پئجي ويا هيا. سمجهه سمجهه جو ڦير هاڻي ڌرم ايمان جو ڦير ٿي پيو هيو ۽ منهنجي دوستن منهنجي نرالي واٽ ڏسي منهنجي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. پنهنجي سمجهه آهر، جن شين کي مون برو سمجهيو هيو، وس وت آهر انهن تي روڪ وجهڻ شروع ڪيم ۽ جن کي برو نه محسوس ڪيم تن کي ظاهر ظهور ڪرڻ لڳس. دوست جيڪي هاڻي بدلجي ذري گهٽ دشمن ٿي چڪا هيا. انهيءَ تي رڙيون واڪا ڪرڻ لڳا. مون سندن اعتقادن جي معيار کي ٺوڪر هئين هئي. هنن پنهنجي ڌرم ايمان کي بگڙندو ڏٺو.... آءُ مرڪيس ۽ اڳتي وڌي ويس ..... زندگيءَ جي ڊگهي وڙ وڪڙ راهه منهنجي اڳيان وڇائي پئي هئي ۽ آءُ هلندو هليس.

        اڄ جڏهن پنهنجن دوستن ۽ پنهنجي وچ ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ته عجب وچان ڏندين آڱريون ڏيڻيون پونديون اٿم. ويچاريندو آهيان ته ”جيڪڏهن هي به مون وانگر پنهنجي گناهن تي پردا وجهڻ ڇڏي ڏين ته سندن سماج ۾ سندن عزت  ڪهڙي رهندي.“ پردن پويان، ڍڪ رکي، هو ڇا ڇا نٿا ڪن! گلا، غيبت ته خير معمولي ڳالهه آهي. هو ته اهڙا اهڙا گناهه به ڪرڻ کان ڪين گسن جو آءُ هت لکي به ڪين ٿو سگهان. پر آءُ اهو سڀ ڏسي ڪو خوش ڪين ٿو ٿيان. منهنجي دل انهن جي حالت ڏسي رت پئي رئي. ڇو ته انهن سان منهنجي ماضيءَ جون مٺيون يادگيريون ڳنڍيل آهن ۽ دل پئي چوي ته ڪنهن پر اهو زمانو  وري اچي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته گناهن کي لڪائڻ سبب آءُ ڪيترن گناهن کان بچيو پيو آهيان. ڇو ته جيڪي ڪيان سو لڪايو ڪين پڄيم ۽ ظاهر ٿئي مون لاءِ پاڻ ئي شرم جو باعث ٿيندا جو سڀ ماڻهو ورجائي ورجائي انهيءَ ڳالهه جو ڪندڙ چوندم جيڪا ڪرڻ آءُ پاڻ خراب ٿو سمجهان.

        انهيءَ زماني ۾ جڏهن شرارت مون لاءِ عبادت هئي. سڀ دوست عزت ڪندا هيا. سڀ منهنجي حرڪتن ۽ حرفتن جو قدر سڃاڻيندا هيا، ڇو هنن ويچارن کان اهو ڪي ڪين پڄندو هيو جيڪي آءُ ڪري وٺندو هيس. مثلن واه جي ڪڙ تي باغن مان ابنڙيون چورائڻ ۾ پوئتي ته هو به ڪين پوندا هيا پر ڪڙ جي ڀر ۾ بيٺل مٺي انب جي انبڙين پٽي اچڻ جي همت تڏهن رڳو مونکي ٿيندي هئي. آءُ تڏهن انبڙين جي چورائي اچڻ تي فخر ڪندو هيس. هينئر چوري ڪرڻ کي خراب سمجهندو آهيان ته انهيءَ پڙ ۾ پير ئي ڪين پايان. پر منهنجا دوست ....... اهي دوست جيڪي ڪڏهن منهنجي پويان هلي کٽيون انبڙيون چورائيندا هيا، ۽ اڄ به جنهن  جو مال پڄين ٿو هضم ڪيو وڃن، سي منهنجي انهن انبڙين چورائڻ تي کلون ڪندا آهن. ڄڻ پاڻ ته ويچارا نهايت ئي معصوم هيا.

        نوجوانيءَ جي عمر ۾ عشق بازي فرض ڀاسيندي آهي .. ڪڏهن آءُ به هر سهڻي صورت ڏسي يڪدم نعرو هڻندو هيس ”هن دل جا ٽڪڙا هزار ٿيا .... پر پوءِ وقت گذريو ته انهيءَ دماغي ۽ جنسي عياشيءَ جي اصليت جي ڪل پيم. اڄ منهنجا يار ..... اهي يار جيڪي منهنجي اهليت جو قدر ڪندا هيا ته آءُ هر حسين صورت کي پنهنجي حرفتن سبب پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿو سگهان، سي پاڻ اڃا تائين اها ساڳي جک ويٺا مارن پر منهنجي ماضيءَ کي اڇالڻ پنهنجو فرض ٿا سمجهن. مونکي سندن حال تي کل ٿي اچي..... ٻيو آءُ ڪري به ڇا ٿو سگهان. تازو هڪ دوست هڪ نهايت عجيب افواهه ڦهلايو آهي. سمجهان ٿو، توکي وڻندو، تنهنڪري لکان ٿو. هن دوست جو وڏو ڀاءُ ڪنهن زماني ۾ منهنجو دوست هيو ۽ منهنجي حرڪتن تي ڏاڍو حسد ڪندو هيو. منهنجي حرڪتن ۾ هميشه عقل ۽ سمجهه ڪم ڪندي رهي آهي پر هن يار سڀ ڪجهه طاقت جي ٻل تي حاصل ڪيل سمجهيو ۽ تنهن ڪير حد کان وڌيڪ ڪثرت ڪرڻ لڳو. نتيجو اهو ٿيو ته اسانجو دوست بنهه ڪثرتي ٿي پيو يعني پاڳل ٿي پيو. ننڍي ڀاءُ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي واتان منهنجي ماضيءَ جا قصا ٻڌا ۽ تنهن گڏ منهنجي اعتقادن جي فرق جون ڪهاڻيون ٻڌيون. ڪاليج ۾ اچي هڪ دوست کي چيائين ”حفيظ سان نه ڳالهاءِ..... ڪافر اٿيئي. پنهنجي پيءُ کي چيو هيائين ته ڀيڻ سان شادي ڪندو.“ مونکي خبر نه آهي ته ڳالهه ڪٿان نڪري اتي پهتي. پر ويچار ڪرڻ تي اهو سمجهيم ته هن ننڍڙي دوست پنهنجي دل ۾ ويچاريو هوندو، ”جيڪڏهن مون تان اخلاقي پابنديون لهي وڃن جيڪي حفيظ بغاوت ڪري لاهي ڦٽيون ڪيون آهن ته آءُ هوند ڇا ڪيان“ ۽ منهنجي ننڍڙي دوست جي ننڍڙي دماغ جواب ڏنو ”ڀيڻ سان شادي.“ ويچاري کي اها به ته خبر ڪين آهي ته ڀيڻ سان شادي نه رڳو اخلاقي طرح منع آهي بلڪه فطري اصولن ۽ ڊاڪٽري خيال کان پڻ ڇيهو ڪندڙ آهي. شاديءَ جو مقصد ۽ انهيءَ بابت ڇا ڇا ويچارڻ گهرجي سو هن غريب کي ڪهڙي خبر. هن کي حفيظ بابت چوڻ لاءِ ڪجهه جُڙي آيو سو کڻي ڳنڍ ٻڌائين. هاڻي تون ئي چئو ته هن يار جي حال تي کلڻ گهرجي ڪي نه؟ وڌيڪ ٻڌي ڇڏ ته هي دوست منهنجو ڏورانهون مائٽ آهي. ڪاوڙ نه ڪجان. منهنجو ڀاءُ هجي ها ته به آءُ توکي انهيءَ بابت اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ها. دوستن جي دوست داريءَ جا احوال ٻڌءِ. دل کولي احوال اورڻ ويهندس ته رات وهامي ويندي. صبح جو آفيس وڃڻو آهي ۽ پيٽ ڪَرت جو فڪر ڪرڻو آهي، نه ڪري سگهيس ته ڏکيو ٿيندس.

        تون دل ۾ ويچاريندو هوندين ”حفيظ سان واقفيت به ڪين اٿم پر تنهن هوندي به هيڏو ڊگهو موڪرو خط لکي ڪڍيو اٿس.“ دوست، آءُ تنهنجا پراڻا دوست وڃائي ڏاڍو امير ٿي ويو آهيان. هر اهو فرد جنهن جو ڏس پتو سمجهيم تنهن کي پنهنجو دوست سمجهندو آهيان ۽ ان سان قرب ائين ونڊيندو آهيان جيئن توسان خط ۾ ونڊيو اٿم. تون ڇا چوندين ۽ ڇا ڪندي، تنهن جو نه فڪر اٿم نه ڳڻتي. ڇڪي تاڻي چار اکر پٽي ويهي رهندين ته آءُ چوندس. ”جتي سئو تتي سوائي، مونکي ڏک نه ارمان. دل جا اڌما اجهائڻ لاءِ ڪنهن سان رهاڻ رهڻ جي ضرورت ڀاسيم. ڪو اهڙو ڪين جڙيم جنهن سان ويهي حال اوريان. تنهنجو ذڪر نڪتو ته توکي خط لکي ڪڍيم.

        امتحان جا ڏينهن آهن ۽ توکي پڙهڻو هوندو تنهن ڪري خط کي وڌيڪ اينگهه ڪين ٿو ڏيان.

        دل گهريئي ته ڪڏهن ڪڏهن اتان ويهي ڪو خط لکي ڇڏيندو ڪر. مونکان پئي ته جواب ڏيندس.

 

والسلام

حفيظ شيخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com