سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :23

 

ڊائري جا پنا

 

آچر 19 اپريل 1970ع

         ٻه ڏينهن ساندهه ڊائري ڪانه لکي اٿم.17 تاريخ بوريت چوٽ تي پهتي ته ڪتاب کڻي امتحان جي تياري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيم.

        ثاقب کي فون ڪيم ڪين مليو. پڙهائي چڱو بار هلڪو ڪيو. رات به گهڻي تائين مصروف رهيس.

       

18 تاريخ ثاقب فون ڪيو. وري واعدي تي اعتبار ڪيم. گهڻو پاڻ جهليم پر انتظار کان دل نه رهي سگهي. پڙهائي به پوري ڪانه ٿي سگهي. رات دير سان حميد وريو ۽ ٻڌايائين ته هو سڀ صبح جو ايندا.

        صبح تي انتظار رهيو. منجهند جا ساڍا ٻارنهن لڳي چڪا آهن ........ آس نراس بڻجي پئي وڃي .. يارن منهن نه ڪڍيو. ڀانيان ٿو وري سڀاڻي تي معاملو پيو.

        پڙهڻ  تي به موڊ نٿو ٺهي. انتظار اکين ۾ خمار ڀري ڇڏيا آهن. اَهلان ٿو ته ننڊ ڪانه ٿي اچي. هي معاملو پرايو. ثاقب الڳ پنڌ ۾ آهي ۽ ارشد الڳ .. آءُ نه آئيءَ ۾ نه وئيءَ ۾ پر انهيءَ هوندي به دل قيامتن جي آماجگاهه آهي.

        الائجي ڪٿي لکيو اٿم ته سڪ سودي بازي نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ڪنهن کي سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏجي ۽ کانئس ڪجهه نه وٺجي.

        لاشعور! ها لاشعور ظالم آس جو تاڃي پيٽو کڻي پنهنجا پوڇڻ اڻيندو ٿو هلي. ڪير ٿوپڇي ان کي. پنهنجو پاڻ منهن جي کائيندو. اڳ ڪونه کاڌي اٿس ڇا.

        جڏهن جڏهن آس اسري آهي جندڙي جي گاڏي گڙڪندي نراس جي کڏ ۾ وڃي ڪري آهي.

        سوچيان ٿو ته جڏهن ڪا آس اميد به ڪانهي ته پوءِ جيئڻ جو جواز ڇا آهي. حياتيءَ جا هيترا سال گذري ويا آهن. هينئر موٽ جو معاملو آهي ۽ ائين ويڳاڻي زندگي ڪٿي نه ڪٿي جياپي جي آهڙ جي لپيٽ ۾ اچي لوساٽجي ويندي _ اڻ ڄاتا. اڻ ڳاتا وينداسين.

        حياتي ايتري ئي بي مقصد ۽ بي مدعا ٿي پيئي آهي ....... انهيءَ هوندي به جيئڻ ٿو چاهيان.

       

        گاهي گاهي پنڌ پيچري ڪو ماندو واهرو گڏجي ٿو وڃي. ان جا اشڪ اگهڻ ۽ کيس اڳتي وڌندو هلڻ جي هرک ڏيارڻ ۾ جيڪو لطف ٿو ملي سان منهنجي حياتيءَ جي مايا آهي.

        انهيءَ اجرت تي جياپي جو ڳاهٽ ڳاهڻ ...... دل هن ويل گوارا ٿي ڪري.

        ڏسجي ڪيستائين ٿي گوارا ڪري.

        وطن ڏانهن ورڻ، جيڏن ڪيڏهن سان ڪچهرين جي ڪا سبيل ڪانه ٿي نڪري، ڳڀي جي ڳولا مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

        سياسي صورت حال عجب رنگ اختيار ڪيو آهي. ريڊيو ته اڳ ئي سرڪار جي ملڪيت آهي ۽ سرڪار لاءِ ساڄي ڌر جي حمايت لازمي آهي. اخبارن مان گهڻيون ساڄي ڌر جي نمائندگي ڪري رهيون آهن جيتوڻيڪ اخبار نويسن مان وڏي اڪثريت اڄ ڪلهه ڏائي ڌر ۾ آهن.

        اخبارن جي اسٽرائيڪ اڃان هلي پئي. جيڪي اخبارون نڪرن پيون تن اليڪشن کي ڪفر ۽ اسلام جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي. عام ماڻهوءَ تائين پهچڻ ۽ سو به اولهه پاڪستان ۾ نهايت ڏکيو آهي. زلفي ڀٽي وارا جلسا به عام ماڻهن تائين پهچي ڪين ٿا سگهن. نوجوانن جا جٿا تيار ڪرڻ جو ڪم شايد رڳو نعپ ڪري سگهي ٿي. شايد سنڌ ۾ انهيءَ ڏس ۾ ٿورو ڪم ٿيو آهي. پر ڪا خاطر خواهه ڳالهه ڪانه ٿي آهي. سنڌ نعپ جو مرڪز اڃان اهو رنگ نه اختيار ڪري سگهيو آهي جيڪو زميندارن جاگيردارن ۽ سيٺين جي ارهه زوراين جو جواب ٿي سگهي. انهيءَ کانسواءِ نعپ وٽ ننڍي زميندار ۽ کاتيدار لاءِ ڪا اپيل ڪانه آهي. هو پنهنجون ننڍيون زمينداريون ۽ وڏين زميندارن جا خواب سانڍي ويٺا آهن. هو پاڻ ۾ ڪي خاص تديليون پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ڪين آهن. ٽرئڪٽر جي استعمال ڪرڻ ۽ هارين مان جند ڇڏائڻ جو تصور هو ڪري ڪين ٿا سگهن. هاري وري صدين جي پيڙا کان پوءِ هاڻي اهو تصور نٿا ڪري سگهن ته کين ڪي بهتر ڏينهن ملي سگهندا.

        ملڪ جو 7سيڪڙو مس هاڻي ڪارخانن ۾ آيو آهي. ذهنيتون اڃا سوڌو ساڳيون زمينداري يا هٽ واڻئي واريون آهن. ڪارخاني جي مزوري جياپي جو وسيلو نه بڻيو آهي.

        ملڪ ۾ دولت ۽ سرمائي جي اڻاٺ ٻيو سبب آهي جنهن ڪري ڪارخانيدارن کي جيڪي رعايتون ڏنيون ويون آهن سي بند نٿيون ڪري سگهجن ۽ نه وري پيداوار کي عوام ۾ ورهائي ٿو سگهجي ڇو ته جيڪڏهن ورهائي وئي ته وڌيڪ ڪارخانا قائم ڪرڻ ڏکيا ٿي پوندا.

        ٻئي طرف مزدورن کي جو اجرت تمام گهٽ پئي ملي تنهن ڪري هنن جي هوشياريءَ ۽ تندهي تمام گهٽ درجي جي آهي. ظاهر آهي ته انهن مان ڪجهه حاصل ڪين ٿو ٿئي ۽ پيداوار پنهنجي درجي Quality ۾ مار کائي وئي آهي ۽ ڏيساور ۾ قيمت ڪانه ٿي ملي.

        گول گول چڪر ۾ عجيب ويڌن اچي ڳٽ پئي آهي. في الحال هن چڪر جي ڀڄڻ جي ڪا واه نٿي نظر اچي. جيستائين وچيون طبقو پنهنجي قسمت آزمائي ڪري ٿڪجي نٿو پوي يا مزدور طبقو ايترو وڌي نٿو وڃي جو انقلاب جو باعث بڻجي.

        موجوده اقتصادي صورتحال ۾ ڪفر ۽ اسلام جي ذڪر جو جواب ملڻ ڏکيو آهي. جيڪڏهن زلفيءَ جيان اسلامي نعرا لڳندا رهيا ته ساڄي ڌر انهن نعرن مان پنهنجو مقصد پورو ڪندي رهندي.

        اوچتو انقلاب ته في الحال ڪين ٿو اچي. خود زلفي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ بيهي سوڪارنو جيان سودي بازي ڪرڻ ٿو گهري. سو ڪارنو جو حشر به ڏسڻ نٿو گهري. هو ان کي اتفاق ٿو سمجهي. جيئن ڪو چور ٻين چورن جي پڪڙجڻ مان اهو سبق نه سکندو آهي ۽29ڏينهن چور جا ۽ ٽيهون ساڌ جو. اوڀر پاڪستان جو احوال پورو ڪين ٿو ملي. اتفاق سان آمريڪا پرست مجيب ۽ چين پرست ڀاشاني چئن نقطن تي متفق آهن. ڀاشاني ڪجهه وڌيڪ نقطا رکيا آهن.

        ڏسجي ته ديس اسانجو ڪيڏانهن ٿو هلي.

 

 

ميٺا رام هاسٽل ڪراچي

 

        صبح جو ستين بجي ننڊ مان اٿيس. پاسو ورائي سمهي پيس. کيسي ۾ ڪوڏي به ڪانه هئي. مانيءَ جو به ڪو بندوبست ڪين هيو. ميس به مئنيجر بند ڪري ڇڏي هئي.

        ”کيل ختم پئسا هضم.“

        ساڍي اٺين لاچار ٿي هنڌ ڇڏڻو پيو. ڏندڻ پاڻي ڪندي نَو لڳي ويا. ويٺس ڏاڙهي لاهڻ، بليڊ ڪو نئون ڪين هيو. لاچار گلاس کڻي ويٺس مُڏن کي تکو ڪرڻ.

        رهڙي سهڙي ڏاڙهي لاٿم، چار تي ٽڪا اچي ويا. ويس تڙ ڪرڻ. موٽي اچي لٽا مٽيم ته ساڍا ڏهه پئي لڳا. ڪرسي ريڙهي ويهي ريهس. خيال ڪيم ته چانهه ڪيئن پيئجي. ڪجهه سمجهه ۾ ڪين آيو. ٿڪجي در کولي ٻاهر نڪتس. سامهون مٺوءَ جو ڪمرو هيو. گهڙي ويس، اندر ويٺو هيو، پر مون وانگر ويڳاڻو. سمجهيم ته جو کائيءَ هت به راڱا پئي ڪيا آهن. حال احوال ورتا مانس.

        حال احوال وري ڪهڙا؟ جيڪي پئي ککيو سو پئي سليائين.

        گڏجي ويهي خيال ڪرڻ لڳاسين ته ڇا ڪجي. رکي رکي پئي صلاحون ڪڍيون سين، پر آئڙي ڪا به ڪانه پئي. نيٺ مٺوءَ چيو: ”“نڪر ته نڪرون ٻاهر. من ڪو سيٺ ملي پوي“ سيٺ وري ڪهڙو؟ اسين ڪاليج جانينگر، سيٺ چئون ان کي جنهن وٽ چانهه لاءِ ڪي ٻه چار آنا روڪ هجن.

        باقي جيڪڏهن ڪنهن سچي پچي سيٺ جو پٽ پنهنجي پيڪرڊ ڪار ڪاهي اچي در تي بيهي ته ڪوٺيونس مرغ. مرغن سان پنهنجي مڙيئي گهٽ پوي. هو گهرن مسڪا پالش ۽ ملڪ ۾ گيهه آهي گهٽ سو مڙيئي بچت ڪندا آهيون. سو ڳالهه پئي ڪيم ته مٺو ۽ آءُ نڪتاسين ٻاهر. هاسٽل جي هڪ مٿي کان ٻئي مٿي تائين هيٺ مٿي هڪ چڪر ڏيئي وياسين، پر ڪو به سيٺ نظر ڪين آيو.

        گهڻو ڪري ته سڀ ڪو ستو پيو هيو ۽ هيو به ته آچر! هاڻي ويچارڻ لڳاسين ته ڇا ڪجي. نيٺ مٺوءَ صلاح ڪڍي ته قرض دارن کان قرض وصول ڪجي. موٽي وياسين مٺوءَ جي ڪمري تي. اڌ ڪلاڪ ته نوٽ بڪن ۾ اٿل پٿل وجهندي گذري ويو. نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيوسين. حسن ڏي مٺوءَ جا ساڍا تيرنهن آنا رهيل هئا ۽ آغا ڏي ست آنا.

        هاڻي ٻارنهن لڳي ويا هيا. نوٽ بڪ ڪيوسين هٿ ۾. ڄڻ پرامزري نوٽ هيو. وياسين حسن وٽ. ڪمري ۾ گهڙندي ئي حال احوال سجهي ويا. ستو پيو هيو چادر ويڙهي. ڄڻ گهران رسي آيو هجي يا ڪنهن موچڙن سان ملامت ڪئي هجيس. خير اک پڪي ڪيو چيوسونس ته بابا تيرهن آنا ۽ ٽڪو ڪڍ پر هو به ڪو اهڙو تهڙو ڪينهي. اٿي ويٺو. چئي ”ڪٻٽ پويان پيو اٿوَ پراڻا پادر. ساڍا تيرهن کن ٿيندا. ٻي آني في پادر جي حساب سان کڻي وڃو ۽ ساڍا تيرهن آنا مونکي ڏئي وڃو ته وڃي ڪا ماني ٻاني کانوان.“

        اچي کل ۾ ڇٽڪياسين. بک به بيزار ڪري وڌو هيو. چوڏهن ڪلاڪ  ٿيا هيا ماني کاڌي. منهن ڀيلا ٿي ويا هيا. هڪ ٻئي جي شڪل ڏسي کلي کلي پئي کيرا ٿياسين. نيٺ مٺوءَ چيو ته ”ادل هلون.“ هن يار ته ڪونه گهوٽي. هاڻي هل ته ڪا پنهنجو گهوٽيون ته ڪي نشا ٿين.“

        نڪتاسين حسن وٽان ۽ گهڙيا سين آغا وٽ. آغا آهي مرغو. مگر مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيو سيٺ. ڪجه وري کل مک به آهي. ٻيا مرغا کيس مچلو چون، پر هي مولائي ليکي ئي ڪين. ”هلو هلو“ ڪري گهڙياسين ڪمري ۾. ويٺي رسالو پڙهيائين. پن جي ٻيڙي جا سندس هٿ ۾ هئي. تنهن مڙيئي لال جهنڊي ڏيکاري. پر پاڻ سان هيو لاچار سو قسمت ته آزمائڻي هئي. مٺوءَ به منهن پڪو ڪري کڻي کاتو کولي اڳيان رکيس.

        آغا گهڙي سوا ته مٺوءَ کي منهن ۾ ڏسندو رهيو، پوءِ اچي کل ۾ ڇٽڪيو، اسان ٻنهي جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. پر آغا وري اٿيو .. اتي مڙيئي اميد ڪئي سون. ڀانيوسين ته کليو آهي ستن آنن قرض تي. پر هن يار هٿ وڃي وڌو ڪئلينڊر ۾. ڪئلينڊر لاهي اچي مٺوءَ اڳيان رکيائين. وهاڻي هيٺان هٿ هڻي ڪجهه ڪڍيائين. پوءِ ڪئلينڊر تي هٿ رکي چوڻ لڳو ”هي ڏس تاريخ ڪائين آهي؟ پاڻ وٽ“ (هٿ کولي) اجهو هي ٽڪو آهي، جيڪر آنو پيو هجي ته چانهه پي اچان. پر هاڻي تون مڙس آهين ڀلوڙ، سو کڻ هي ٽڪو ۽ گولي ٿي وڃ.“

        مٺوءَ ۽ منهنجو حال اهڙو اچي ٿيو جو ڳالهه ئي نه ڪجي. اصل رئڻهارڪا اچي ٿياسين. ٻه پيا ٿين ۽ اسان اڃان اَن اکئين ڪين ڏٺو هيو. پيٽ ۾ پوليس پئي پريڊ ڪئي ۽ ڪُئن پئي ناچ نچيا. لڱ به صفا ساڻا ٿي ويا هيا. ٿڙندا ٿاٻڙندا اچي مٺوءَ جي ڪمري ۾ ويٺاسين. آغا وارو ٽڪو هيو مٺوءَ کي هٿ ۾. ڏسيو پياڏسونس. تنگ ٿي ويٺاسين تاس راند ڪرڻ. رميءَ جون ٻه ٽي بازيون اڇلايونسين، پر پوءِ کٽا ٿي پياسين. ليٽي ڪري لڳاسين سوچڻ. ڀلا سوچ به ڪهڙي ڪيون؟ بک باهه ٻاري ڏني هئي. دماغ ڪم ڪٿي ٿي ڪيو. نيٺ صلاح بيٺي ته نڪرجي ٻاهر. من به ڪو سيٺ ملي پوي. چار اچي ٿيا هيا.

        نڪتاسين ٻاهر. ڪلاڪ منو ورانڊي ۾ اچ وڃ ڪئي سين. روس ۽ آمريڪا جهڳڙي کان وٺي سنڌي سڀيتا تائين سڀني ڳالهين تي راءِ زني به پئي ڪئي سين. پر ڪيستائين؟ سيٺين مان ڪنهن کي نه اچڻو هيو نه آيو. ڪڪ ٿي پياسين. موٽي مٺوءَ جي ڪمري ۾ آياسين. وري ساڳي سوچ، پر ڌوڙ سوچ اچي. مون ته تنگ ٿي خيال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو. ٻه ٽي فلمي گانا ڳايم، پر مزو ڪين آيو. اتي اچي مٺوءَ جي ڪتابن کي لڳس.

        مٺو آهي اديب سو ڪتاب به عجيب هوندا اٿس. هڪ هڪ کولي پئي ڏٺم. ڪنهن جو ديباچو ته ڪنهن جو پيش لفظ پئي ڏسندو ويس. شغل سٺو هيو، ڪلاڪ کن لڳو رهيس. مٺو اکيون ٻوٽيو پيو هيو. پر ننڊ ڪٿي؟ پئي واٽون واجهايائين. ڪرسيءَ تي هڪ ڪرو ويهي آءُ به ٿڪو هيس. ڀانيم ته پير ڪجهه ڊگهيڙيان. پير جو سنوان ڪيان ته سنوان نه ٿين. آڏو ڪا رڪاوٽ هئي. ڪٻٽ هيٺان وٿي به چڱي هئي پوءِ به پير پئي اٽڪيا. ڀانيم ته نوڙي ڏسان. پر مٺو اتي کٽ تان ٽپ ڏئي اٿيو. ڄڻ ڪو شڪار جهليو هجيس. ٿيلهو ڏيئي مونکي ڪرسيءَ تان هٽايائين ۽ ڪرسي کڻي پري ڇڪيائين. پوءِ پلٿي هڻي ويهي رهيو پٽ تي ۽ لڳو ڪٻٽ هيٺان پراڻيون اخبارون ڪڍڻ.

        چئي ”يار مون ويٺي سوچيو ته ڪو ٽپڙ نيلام ڪري، پيٽ جي هن باهه کي وسائجي. خيال ۾ بوٽ اچي ويا. وري سوچيم ته بوٽ آهي تنهنجو پراڻو، سوچجي اهو نيڪال ڪجي ته چڱو. اکيون جو کوليم ته تنهنجا پادر هنن اخبارن سان جهيڙو لائي ويٺا هيا. پوءِ ته دماغ روشن ٿي ويو ۽ ٽپ ڏئي اٿيم. هاڻي هل ته هي وڪڻي هلي ٿا چانهه ڪڍون.“ ائين چئي مٺوءَ اخبارن جو بنڊل کڻي ٺاهيو.

        پر هاڻي مونجهارو اچي پيو ٻيو. اخبارون کڻي ته وڃجن پر کڻجن ڪيئن؟ ٿيلهو ٻيلهو ته هيو ڪين ۽ جي ظاهر ظهور پئي کنيوسين ته لٿي پئي کل. ماڻهو ڏسندا ته ڇا چوندا؟ اچي پياسين ويچار ۾. ٿيلها ته هاسٽل ۾ گهڻائي هيا پر گهرجي ڪنهن کان. نيٺ ويچارو مٺو ويو. ٻه چا در کڙڪائي، ٿيلهو پني آيو .اخبارون ويڙهي وڌيونسين اندر. منهن تي پاڻيءَ جا ٻه چار ڇنڊا هڻي آگهه پگهه ڪئي سين. قيص ڇڪي پينٽ ۾ اندر قابو ڪئي سين. وارن کي ڦڻي ڏئي مڙيئي مُرڪ پيدا ڪئي سين. پوءِ نڪتاسين ٻاهر .هاسٽل جي در تي آياسين ته آغا مليو. چئي ”مٺو ڪيڏانهن؟“ هاڻي سائين ڇا چئونس؟ پر مٺو آهي حاضر جواب، چئي ”دوست هڪڙو ٿو وڃي ڳوٺ، سو هي ٽپڙ ٿو ڏيڻ وڃانس.“ آغا به هيو تڪڙو سو رمندو رهيو. مڙيئي ڏڪندا ڏڪندا اچي پياسين گهٽين ۾. ڪراچيءَ جون گهٽيون به ته اڄ ڪلهه اور آهن. نڪ پيو ڌپ کان سڙي. پر پوءِ ڇا ڪجي هڪ ته ڪٻاڙين جا دڪان آهن انهن گهٽين ۾ ٻيو وري وڏن رستن تي دوستن جي ملڻ جو ڀئو به ته هيو. لڪندا ڇپندا اچي جهوني پراڻي جي دڪانن تي بيٺاسين. هڪ ٻن کان پراڻين اخبارن جو اگهه پڇيوسين. ڳالهه مڙيئي ساڳي پئي ٻڌايائون. ”ڇهه  آنا سير.“ نيٺ هڪڙي کي چيوسين ته توري. توريائين ته ٿيون ٽي پائو؛ يعني ساڍا چار آنا. مان ۽ مٺو اچي پيا سين حساب ۾. ٻه ڪوپ چانهه، ٽي آنا ۽ ٻه سگريٽ سي ٿيا ڪل پنج آنا. مٺو دڪاندار کي چيو ته پنج آنا ڪري ڏئي. پر دڪاندار به پڪو هيو. چئي ”صاحب ڪمائي نهين هي بزار ماڙا هئي.“ پر مٺو جهڙو چچڙ ڇڏيس ڪٿي ٿو.  چئي ”ٽڪو وڌاءُ.“ دڪاندار گهڻوئي نه نه ڪيو پر نيٺ تنگ ٿي چيائين، ”ڏيڻيون اٿو ته ڏيو نه ته کڻي وڃو.“ اتي مٺوءَ جو منهن مڙيئي لهي ويو. اوچتو مونکي آغا وارو ٽڪو ياد اچي ويو ۽ مون مٺوءَ کي انگريزي ۾ چيو ”ساڍا چار آنا ئي کڻي وٺيس. پاڻ وٽ آغا وارو ٽڪو آهي.“ مٺو ڄڻ ٻهڪي اٿيو.

        پئسا وٺي اسين هيٺ لٿاسين. مٺوءَ آغا وارو ٽڪو ڪڍي ٻين پئسن مان ملائي پنجئي آنا کڻي مونکي ڏنا. ڀلا هن جوکائيءَ جي زماني ۾ پنج آنا رقم هئي تمام ڳري. سو ويچارو مٺو ايترو جوابداري کڻڻ جي طاقت ڪٿي پئي ساري سگهيو؟

        خير سائين آياسين هوٽل تي. هونئن ته بواءِ کي پري کان ئي آڱرين سان چانهه جو گهربل تعداد ٻڌائيندا هياسين. مگر اڄ سڏ ڪيو مانس ۽ پوءِ ڀر ۾ بيهاري چيو مانس ته ٻه گرم پر ڀريل ڪوپ چانهه جا کڻي اچي. ڇوڪر چانهه کڻي آيو. چانهه سان گڏ پاڻي جا ٻه گلاس آندائين. مون کيس سگريٽ آڻڻ لاءِ چيو ۽ گلاس کڻي چپن تي رکيم. مٺوءَ به ائين ئي ڪيو. پاڻي پي ٻنهي چانهه پيئڻ شروع ڪئي. اتي بواءِ سگريٽ آڻي هٿ ۾ ڏنا. چانهه پي سگريٽ دکاياسين. ڪا گهڙي ويٺي هلڪا هلڪا دم هنياسين. پوءِ اٿي آياسين هاسٽل ۾. اتي سج اچي لٿو. بيتي ٻاري هيءَ ڊائري لکڻ ويٺس. هن وقت نَو پيا ٿين. وڃان ٿو سمهڻ. سڀاڻي عيد آهي ۽ يارن کي دعوت مليل آهي. ٻي ڏينهن تي به دعوت آهي. ٽئين ڏينهن الله ڪندو ته مني آرڊر به اچي در جهليندو. خير.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com