سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :21

 

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا

 

شَدن سان منهنجي واقفيت ڪا نئين ڪانه آهي. نڪي هن جي اکين مان ڳڙندڙ نير مون پهريون دفعو ڏٺا ۽ نه وري هن جي ڪهاڻي ئي ڪا نئين آهي. اهائي محبت جي پراڻي ڪهاڻي جيڪا اهڙن رسالن ۾ عام جام ڇپيل هوندي آهي، جيڪي ڪتابن جي دڪانن تان اڻ وڪيا کڄي رديءَ جي اگهه تي جهونن پراڻن ڪتابن وارن دڪانن تي پهچندا آهن ۽ پوءِ ڪو سودائي اتان هڪ اڌ ڪاپي کڻي خريد ڪندو آهي ۽ باقي دال ڇولي وارن وٽ پاتل جي پنن بجاءِ پترو پترو ٿي هلندا آهن. اهڙين ڪهاڻين ۾ اهوئي ته هوندو آهي ته هڪ ڇوڪرو، هڪ ڇوڪريءَ کي پيار ڪندو آهي ۽ پوءِ ڇوڪريءَ جا مائٽ هنن جي پيار جي راهه ۾ رڪاوٽن جا پهاڙ آڻي بيهاريندا آهن ۽ پوءِ ٻئي محبت ڪرڻ وارا پنهنجي پنهنجي دل کان مجبور ٿي. نير وهائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن يا خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن. ڪڏهن وري انهن ڪهاڻين ۾ غريبي ۽ سرمائيداريءَ جو چڪر ڏيکاريل هوندو آهي جنهن ۾ غريب ڇوڪري کي امير ڇوڪري ٺڪرائي ڇڏيندي آهي يا وري ائين هوندو آهي ته امير ڇوڪرو غريب ڇوڪريءَ جي محبت جو ناجائز فائدو وٺي پنهنجون نفسياتي خواهشون پوريون ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ويچاري ڇوڪري نير هارڻ ويهي رهندي آهي. اهي ڪهاڻيون ڪي نيون ڪين آهن. يوناني ديوتائن جي قصن ۽ ويدن جي ديو ڪٿائن کان وٺي اڄڪلهه ڇپجندڙ ٻه آنڪي رسالن تائين اهي ڪهاڻيون پٿاريون پيون آهن.،جڏهن کان انسان لکڻ پڙهڻ جو فن سکيو آهي اهي ڪهاڻيون لکيون ۽ پڙهيون ويون آهن پر تنهن هوندي به انهن کي ور ور ڪري لکيو پيو وڃي. ور ور ڪري پڙهيو پيو وڃي. نه لکڻ وارا ٿا کٽن نه پڙهڻ وارا. سو مون شَدن جي پئي ڳالهه ڪئي. شَدن منهنجو يار آهي، کل مک ۽ پيارو. سدائين پيو قرب ونڊيندو آهي. سدائين ٻيو وندرائيندو پر ڪڏهن ڪڏهن وري مون کي شَدن کي وندرائڻو پوندو آهي. کيس خوش ڪرڻ لاءِ هزار حيلا هلائڻو پوندو اٿم، لک ترڪ تال ڪري، ناٽڪ رچي، کلي، ڪنهن نه ڪنهن ريت هن کي کلائڻو پوندو اٿم ۽ انهيءَ پورهئي ڪندي پنهنجي دل ۾ آءُ پنا کي هزار گاريون ڏئي وٺندو آهيان ۽ جيڪو پٽ پاراتو ايندو اٿم سو ڏئي وٺندو آهيان. دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ ٻيو ماڻهو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟

        اهڙا موقعا، جڏهن مون کي شدن کي پرچائڻ لاءِ اهي ناٽڪ رچڻا پوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ئي ايندا آهن. البت سانوڻ رت ۾ جڏهن ڪارا ڪارا ڪڪر چوڄ مان جهومندا آسمان تي ڇائنجڻ لڳندا آهن ۽ سنهي بوند رچيل ٿڌي ٿڌي هوا سون سون ڪندي هاسٽل جي ڪمري ۾ ڪاهي پوندي آهي ته شدن جون اکيون پڻ سڄڻ ساري وهنديون آهن. اهڙي ويل آءُ ڀل ڪٿي به هجان مون کي شدن ياد اچي ويندو آهي: آءُ هاسٽل واري شدن وٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ پوءِ کيس ريجهائڻ پرچائڻ لاءِ ناٽڪ شروع ٿي ويندا آهن. شدن منهنجو پيارو دوست آهي. تڏهن هن جو سور مون کان سٺو ڪين ٿيندو آهي.

        ڪيتري ڳالهه ڪري ويس پر شدن جي پيار بابت ڪجهه ڪين چيم، نڪي پنا بابت ڪجهه چيم. جنهن کي ساري شدن ڳوڙها ڳاڙيندو آهي. ۽ جنهن کي آءُ پاراتا ڏيندو آهيان. اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهيان ته ڳالهه ڪا نئين ڪانه آهي، بس ٿورڙو فرق آهي_  اصل ته جيترو. خير ڳالهه ڪيان.

        شدن، منهنجو يار، پنهنجي پيءُ ماءُ جو هڪڙو ئي پٽ آهي. الله جو ڏنو سڀڪجهه اٿن. هن جو پيءُ هڪ بيٺل ماڻهو آهي ۽ اٺ ڪوهي ۾ هُن جو مٽ ڪوبه ڪونهي ڪو. راڄ برادريءَ جا سڀ تڪرار شدن جي پيءُ وٽ ئي فيصلي لاءِ ايندا آهن. هو ماڻهو به معتبر آهي ۽ وس پڄئي ڪنهن سان انياءُ نه ڪندو آهي. اهڙا ماڻهو ٿورا هوندا آهن ۽ شدن جو پيءُ انهن مان هڪڙو آهي. سڀ ڪو سندس ساراهه ڪندو آهي ۽ کيس چڱو چوندو آهي. سرڪاري نوڪريءَ ۾ هوندي به هن ڪنهن غريب جو ڪڏهن ڪو حق نه ماريو ۽ سڀ ڪنهن سان پريت جي واٽ رکندو آيو آهي. شدن جو پيءُ شدن کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. پيءُ کي پٽ هڪڙو هجي ته ان سان ڪهڙو پيار ٿي سگهي ٿو، سو ته سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو. شدن جو پيءُ ته وري پٽ جي سلسلي ۾ نهايت ئي جذباتي ماڻهو آهي. هڪ لڱا شدن ڪراچي مان گهر پهتو ته پيءُ کي ڏٺائين ته پنهنجي پيتي مان شدن جي هڪ ميري قميص ڪڍي سنگهي رهيو هو. پيءُ کي ائي پنهنجي قميص سگهندو ڏسي شدن کي ڏاڍو اچرج ٿيو ۽ هو ڪجهه شرمائجي ويو. پڻس هن کي آيل ڏسي کڻي سيني سان لاتو ۽ ڏاڍو پيار ڪيائينس.

        پنا، شدن جي ڳوٺ جي هڪ معمولي هاريءَ جي ڌيءُ آهي. ٻين هارياڻين سئون هو پڻ پوکن ۾ گاهه ڪندي يا وونئڻن جي چونڊ تي ڦٽيون چونڊيندي ڏسبي آهي. شدن جڏهن موڪلن ۾ ڳوٺ ورندو آهي ته پوءِ ويچاري کي ائين اُس ۾ گاهه ڪندي يا ڦٽيون چونڊيندي پنا جي ڪڍ چڪر هڻڻا پوندا آهن. هزار بهانا، لک اٽڪلون ڪري، ويچارو انهيءَ چاري تان چڪر هڻندو آهي جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ٻني سان لنگهندو آهي جتي پنا هوندي آهي. شدن جي پيءُ شدن کي هزار دفعا اُس ۾ رلڻ کان جهليو آهي، پر شدن جي دل وس ۾ هجي ته پيءُ جي ڳالهه ٻڌي. ڏينهن اڌ پاڻ پلي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ وري اهي لاٽون اهي چگهه. وريو پيو گهاٽ گهڙيندو، وريو پيو چارا ڪڇيندو.

        اهي ڳالهيون ته خير اڄ به هلنديون ٿيون اچن. ڀيري ڀيري موڪل تي وڃي شدن پنا جي چؤڌاري ائين چڪر هڻي ٿو اچي، جيئن پروانا ڏيئي جي لاٽ تي ڦرندا آهن ۽ ڳالهه ائين ئي هلندي پئي اچي. انهيءَ قصي جو ته شايد ڪڏهن انت ئي ڪونه ايندو.

        اها ڳالهه ته اڳ ۾ ئي چئي آيو آهيان ته شدن پيءُ ماءُ جو هڪ ئي پٽ آهي ۽ سندس پيءُ کيس ڏاڍو پيار ڪندو آهي ۽ هن جي پيءُ جو اهو پيار ئي هن جي سور جو سبب بڻيو آهي. پنا سان پريت شدن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه آهي. ڀريا ست سال ته مان به اها ڪهاڻي ٻڌندو آيو آهيان ۽ سمجهان ٿو ته انهن ستن سالن ۾ پنا اها پنا ڪانه رهي هوندي جنهن کي شروع شروع ۾ شدن پيار ڪيو هوندو. پر پوءِ انهيءَ کي ڇا ڪيان ته شدن کي ريجهائڻ لاءِ مون کي اڄ به اهي ناٽڪ ڪرڻا ٿا پون، جيڪي ست سال اڳ ڪيا هئم ۽ شدن جون اکيون اڄ به ائين ئي نير ٿيون هارَن جيئن اڄ کان ست سال اڳ هارينديون هيون.

        پنا جي سونهن بابت جيڪي ڪي شدن مون کي ٻڌايو آهي تنهن مان مون اهوئي سمجهيو ته هو صحتمند جسم جي هڪ جوان ڇوڪري آهي. وڏيون اکيون، ڊگهو سنئون نڪ، سنها چپ، ڊگهي ڳچي، سنئون سنڌائتو جسم ۽ اهڙيون سڀ ڳالهيون جيڪي ڪنهن وڻندڙ صورت بابت سوچي سگهجن ٿيون. ڪراچي ۾ صدر گهمندي شدن جڏهن به ڪنهن سهڻي عورت کي ڏسندو آهي ته ان جي ڪنهن نه ڪنهن وصف کي پنا جي ساڳي وصف سان مشابهت ڏيندو آهي ۽ اهڙي ريت منهنجي ذهن ۾ پنا جي شڪل جو هڪ هلڪو نقش قائم ٿي ويندو آهي ۽ آءُ سمجهان ٿو هوءَ پڪ ڏائڻ هوندي جنهن پنهنجي جادوءَ جي زور تي پاڻ کي ايڏو سهڻو بڻايو آهي ۽ شدن کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿس.

        پر انهيءَ سڄي روڄ راڙي، ڳوڙهن، نيرن، لڙڪن، هنجن ۽ سڏڪن جي تر ۾ ڪيڏي نه مختصر ڪهاڻي آهي؟ پنا بيوفا ڪانه آهي. شدن مون کي قسم کڻي ٻڌايو ته پنا هن لاءِ هر اها ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڪندي رهي ٿي، جا ڪابه عورت محبت کان مجبور ٿي ڪري سگهي ٿي.

        ڳالهه ته بس ايتري آهي ته شدن جو پيءُ هڪ امير ماڻهو آهي، شدن پاڻ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي ۽ پنا هڪ غريب هاريءَ جي جاهل ڌيءُ آهي ۽ هاڻي ته هڪ غريب هاريءَ سان شادي به ڪري چڪي آهي. هوءَ جُوءِ جي رئيس جي نونهن ڪين ٿي، ٿي سگهي ۽ انهن ڳالهه جو شدن کي احساس آهي. پر پوءِ شدن کي پنهنجي پيءُ جي پيار جو ۽ هن جي قربانين جو به احساس آهي. پنا به ڪجهه قربانيون ڪيون آهن، شدن جي پيءُ به ڪجهه قربانيون ڪيون آهن ڪنهن وڌيڪ مانُ لهڻو، سو شدن نبيري نه سگهيو آهي.

        ۽ انهيءَ وچ ۾ جڏهن جڏهن ڪارا ڪارا ڪڪر آسمان تي ڳاهٽ ٿا ڪري اچن، جڏهن جڏهن مينهن جي هلڪي هلڪي بوهر واءَ ۾ رچي ٿي وڃي ته شدن جا نيڻ ڀنيو پون. پنا جو جهيڻو جهيڻو خاڪو جُهڙ تي ڦرندو شدن جي اکين آڏو اسريو اچي ۽ شدن جي اکين مان نير ڇڻيو پون. ان وقت شدن حال کان بيحال هوندو آهي، ڪا ڳالهه ڪانه وڻندي اٿس. کيس پنهنجي وجود کان نفرت ٿي پوندي آهي پنهنجي پيءُ جي پيار لاءِ ڌڪار پيدا ٿي پوندي اٿس. هو پوري ڪائنات کي ڌڪارڻ لڳندو آهي ۽ هن جون اکيون سڄڻ سارينديون رهنديون آهن ۽ وڏي ڦڙ جيان وسنديون رهنديون آهن.

 

۽ مکڙي مرجهائجي وئي

 

        ها، فرزانه مري وئي هئي...... هن جي ڀاڻيجي مري وئي هئي.

        سڄو ڏينهن اسڪول ۾ ٻارن سان مٿا ڪٽ ڪري، هو منجهند جو گهر وريو هو، ته ڪتاب کڻي ٻئي ڏينهن لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون هئائين. ٻانگي سانجهيءَ جي نماز لاءِ ٻانگ ڏني، ته هن ويچاريو ته جهٽ پلڪ وڌيڪ ڪم ڪري، هو سمهي رهندو. اڳين رات به، هو گهڻي تائين جاڳيو هو. ۽ ائين ڪندي ماڻهوءَ اچي کيس ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جي جهولي خالي ٿي پئي آهي. هو اٿيو، ۽ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ماتم ۾ شريڪ ٿي ويو. پاڻ وهيڻي مشين جيان، هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو. هن جي چهري تي نه ڏک هو، نه خوشي .. رنج، نه مسرت. هڪ پٿر جي مورتيءَ جيان، هو اچي ٻين سئون ويهي رهيو. ننڊ سندس اکين ۾ ڀري پئي هئي. ۽ هن کي ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن ازلي ننڊ مان ڪنهن ڀوت يا ڪنهن ڀٽڪيل روح کيس ور ور ڪري ڌونڌاڙي اٿاري ٿي ڇڏيو. اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ جي انهيءَ ڪيفيت ۾، هن جي دماغ ۾ عجيب عجيب خيال اسرندا رهيا، ۽ هو سوچيندو رهيو.

        هن کي ياد آيو .. فرزانه جڏهن پيدا ٿي هئي، ته هن پنهنجي ڀيڻ کي مبارڪون ڏنيون هيون، اٽلو کيس چيو هئائين: ”هي ڇا ڪيئي، ادي! ۽ هن جي ڀيڻ کلندي وراڻيو هو: ”اهو ته زندگيءَ جو مرڪ آهي“ ۽ پوءِ هن هڪ ڦڪي مرڪ مرڪي چيو هو!”ادي! گل کنڊائڻ ته بيشڪ باغبانن جو ڪم آهي، پر انهيءَ جو ڪهڙو علاج ڪجي، جو گلستان ۾ سرءُ جون چؤماسي هوائون ويل وهايون ويٺيون آهن! هن ڀيڻ ڪجهه به ڪين سمجهيو، هن کي ڪاوڙ اچي وئي، ۽ هن چيو ”جک ماريا اٿيئي.“ پر ڀيڻس اڃا به مرڪندي رهي ۽ پنهنجي لاڏلي سڪي لڌي پهريٺيءَ فرزانه کي لوڏيندي رهي. هن هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو. انهيءَ ڳالهه کي گهڻا ڏينهن گذري ويا هئا، ۽ اڄ فرزانه جي مرڻ تي هن کي اها ياد اچي وئي هئي.

        هن جي خيالن جو سلسلو اتان ٿڙي، وڃي ان ڏينهن جي نظاري سان اٽڪيو، جنهن ڏينهن ننڍڙي فرزانه کي ڊاڪٽر لاعلاج چئي موٽائي موڪليو هو؛ ۽ سندس ڀيڻ جي گهر ۾ سانت ديرو ڄمائي ويٺي هئي. انهيءَ ڏينهن به هو سڄي رات ڪم ڪندو رهيو هو. ۽ صبح جو جڏهن هو اسڪول وڃڻ لاءِ سنڀري رهيو هو ته کيس ڀيڻس سڏرايو هو ۽ اتي وڃي هن ڏٺو ته ننڌڙي فرزانه پوين پساهن ۾ پئي هئي. پاسي ۾ سندس ڀيڻ ويٺي هئي. ڀيڻس هڪ دفعو اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو، ۽ وري پنهنجي ڌيءُ ڏانهن نهارڻ لڳي وئي. انهيءَ هڪڙي نگاهه مان هن ائين محسوس ڪيو. ڄڻ هن جي ڀيڻ دفتر داستانن جا ٻڌائي ڪڍيا هئا. هن محسوس ڪيو، ته هن جي ڀيڻ چئي رهي آهي: ”ڏس! منهنجي ننڍڙي معصوم ڌيءُ پوين پساهن ۾ پئي آهي. تنهنجي لاپرواهيءَ ڪري هن جي اها حالت ٿي آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جيڏهن تون انهيءَ کٽل کاتي ۾ هٿ نه وجهي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڳنڍيو اچين ها. پوءِ هوند توکي ايتري فرصت هجي ها، جو تون هن معصوم جي علاج لاءِ به ڪجهه وقت ڪڍي سگهين ها. شايد هفتو ٻه هفتا موڪل وٺي، باقاعدي هن جو علاج ڪرائي وٺين ها!

        هن سوچيو_ هن جي ڀيڻ ائين ئي سوچيندي هوندي: ويچاريءَ کي سرڪاري نوڪري ۽ سندس موجوده ڪرت جي فرق جي ڄاڻ جو ڪانه آهي! کيس اها ڄاڻ ئي ڪانه آهي ته لک پابنديون هوندي به، هو جنهن اسڪول ۾ ڪري رهيو آهي، تنهن ۾ هو روزانو ڪوڙئين ٻارن جي ذهني تربيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ويچاري ڀيڻس کي ڪهڙي خبر ته جيڪڏهن هو ۽ هن جهڙا ٻيا سر ڦريا، پنهنجي رت ست جي قرباني ڏئي، اسڪولن ۾ هٿ نه اٽڪائن ته ڪائنات تي انڌوڪار ڇانئجي وڃي .. هزار هٽلر ۽ مسوليني پيدا ٿي وڃن، ۽ ڌرتيءَ کي دوزخ بڻائي ڇڏن. هن کي پنهنجي ڀيڻ جي سادگيءَ تي رحم اچي ويو. ۽ سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو.

        سامهون سندس ڀيڻيوو ويٺو هو. هن پنهنجي ڀيڻوئي جي اداس چهري ڏانهن نظر ڪئي. هن کي ياد آيو ته هن پنهنجي ڀيڻوئي سان به ٻارن پيدا ڪرڻ جي مسئلي تي بحث ڪيو هو. ايترو ڇو، هن ته پنهنجي ڀيڻوئي سان دنيا جي انيڪ مسئلن تي بحث ڪيو هو. ڪائنات ۽ ڪائنات کان ٻاهر وارين شين کي به ته ڪين ڇڏيو هئائين، ۽ نتيجو ........! هن جي خيالن جو سلسلو ٿوريءَ دير لاءِ، اڳتي وڌڻ کان رڪجي ويو. نتيجو ڪجهه به ته نه نڪتو هو. ٻه چار دفعا، انهيءَ اصولي بحث تي هن جو ڀيڻويو هن سان وڙهي چڪو هو، ۽ وري ڪجهه وقت کان پوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه .. ۽ پوءِ فرزانه پيدا ٿي هئي. هن جو ڀيڻويو، فرزانه جي پيدا ٿيڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو. ها، سندس ڀيڻ به خوش ٿي هئي. ۽ هن کي ياد آيو ته هن جي ڀيڻ هڪ ڏينهن چيو هو: ”هاڻي آءُ به پنهنجي ساهرن وٽ ڳاٽ کڻي سگهنديس. هو روز روز، منهنجي مڙس کي ٻي شادي ڪرڻ جي صلاح پيا ڏيندا هئا. هن سوچيو، شايد هن جي ڀيڻوئي کي به اهڙي ئي قسم جو خيال دماغ ۾ هوندو .. ۽ پوءِ فرزانه پيدا ٿي ته يارهن مهينن جي اندر اندر، هن پنهنجي پيءُ کان سلهه جا ڪجهه جيوڙا اڌارا ورتا .. کيس به سلهه ٿي پئي، ۽ ڏينهن ٻن ۾ اهو بخار فرزانه جي دماغ تي چڙهي ويو ۽ کيس سرسام ٿي پيو. ڪراچيءَ جي بهترين اسپتال ۾ فرزانه کي داخل ڪيو ويو، پر پنجن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر جواب ڏئي، اڌ مئل فرزانه کي گهر موٽائي موڪليو.

        ها، فرزانه جو سرد ٿيل جسم هن جي آڏو پيو هو. ۽ تنهن جي پاسي ۾ گلن جي اها چادر پيل هئي، جيڪا ڪريا ڪرم ڪرڻ وارن، فرزانه جي قبر تي وجهڻ لاءِ آندي هئي. گل اڌو گابرا مرجهايل هئا ۽ هن ويچارو: فرزانه جي هڪ گل هئي، پر مرجهائجي وئي .. شايد، موسم کان اڳ مرجهائجي وئي ۽ هن جي دماغ ۾ اهو خيال هٿوڙا بڻجي وڄڻ لڳو ته سندس ماحول ۾. گل ٽڙڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ٿا وڃن.

        هن جو خيالن جو سلسلو گلن تان، گلستان تان ٽپندو، انهن جا راڳ آلاپيندڙ شاعرن جي گيتن ۾ وڃي اٽڪيو ۽ هڪڙو گيت هن جي ذهن تي تري آيو:

”گل ٽڙن ٿا چنڊ ٿو چهڪي،

ڇا بابت سندءِ بات آ پيارا!

        هن سوچيو .. هي شاعر ڪهڙو نه مورک آهي؛ هن گلن جي ٽڙڻ کنڊڻ جي رخ کي ئي ڏٺو آهي؛ تصوير جو ٻيو رخ هن کان بلڪل ئي لڪل رهيو آهي. گل ٽڙن ٿا ... ها ها ... گل ٽڙن ٿا، پر مرجهائجي ٿا وڃن .. مفت، بيڪار، اجايو! ۽ هن شاعر کي انهيءَ جو احساس ئي ڪين آهي.

        هن سوچيو .. هي جهان به ته هڪ گلستان آهي ... ۽ گل؟ ........ ها، هن کي ياد آيو: دوستن سان بحث ڪندي، هن هڪ لڱا چيو هو ته جهان جا فنڪار، اديب شاعر هن گلستان ۾ اهڙا گل آهن، جن ۾ سڳنڌ به آهي ۽ سونهن به. هن جي نظر وري وڃي فرزانه جي سرد پيلي چهري تي پيئي ۽ هن سوچيو ته هي سڀ شاعر به ته فرزانه جيان موت جي گود ۾ پئجي رهندا. هي محبت جا گيت، هن سوچيو، پوءِ به جڙندا هلندا، جڳ ڳائيندو هلندو، چريا چاهه ڪندا رهندا .. چند ڏينهن لاءِ ۽ وري موت جو سرد  هٿ .........

        هو موت ۽ حيات جي انهيءَ ويچار وگيان ۾ کوئجي ويو. اڪيچار ويچار هن جي ذهن ۾ اسرندا رهيا. جيڪڏهن ڪائنات ۾ وڌيڪ گل اسرڻ ئي بند ٿي وڃن، ته سنسار جي سونهن جو ڇا ٿيندو؟ هن سوچيو. جڳ ۾ جوت قائم رکڻ لاءِ ڪي ڏيا ته جرڪندائي رهندا... پر هن کي خيال آيو: گهٽ ۾ گهٽ ڏيئن لاءِ ماحول ته اهڙو هجي، جتي هو طوفانن جي لپيٽ ۾ نه اچي سگهن .. جتي انهن جي اجهامڻ کي ازلي قانون نه سمجهي سگهجي. ۽ ڏيئن، شمعن، شاعرن تان ٽپندو هن جي خيالن جو سلسلو وري وڃي گلستانن ۽ گلن تي بيٺو. هن سوچيو .. ڇا اهڙو ماحول پيدا نٿو ڪري سگهجي، جتي کڻي ڪيتري به ٿوري تعداد ۾ گل پوکجن، پر اهڙا پوکجن، جوموسم جي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن، ۽ بهار ماڻڻ کان اڳ نه ڪومائجي سگهن؟ اهو سوال هن جي دماغ ۾ ڪيتري دير وڄندو رهيو، ۽ هن جي دل چيو: جيڪر جڳ کي جاڳ ڏئي، انهيءَ سوال جو جواب پڇي ڪڍي. هن کي خيال آيو .. جهنگ ۽ گلستانن ۾، انيڪ گل ٽڙن ٿا؛ ڪنهن کي ڪل به ڪانه پوي ۽ هو مرجهايو وڃن. شايد، هن سوچيو، انسان اڃا تائين اوجهڙ ۾ اٽڪيو پيو آهي ۽ گلستانن لاءِ زرخيز زمين هموار نه ٿي سگهي آهي. ڪيستائين ائين بيراهه زندگي هلندي هلندي؟ ڪيسين گل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجي ويندا، هن جي خيالن جو سلسلو وري پنهنجي وطن جي شاعرن جي گيتن ڏانهن لڙي ويو. هن جي خشڪ چپن تي هڪ ڪڙي مُرڪ تري آئي، ۽ هن جي دل چيو ته جيڪر سڀني شاعرن  کي گڏ ڪري چوي: ”ڳايو، ڳايو: گل ٽڙن ٿا، چنڊ ٿو چهڪي .. ها، چنڊ ٿو چهڪي، گل ٽڙن ٿا! ۽ پوءِ هن جي دل چيو ته جيڪر جهنگ مان وڃي، سڀ ڇڻيل گل کڻي، جيڪي پٽ تي پئي، سڙي ڀاڻ ٿي ويا آهن، ميڙي انهن شاعرن جي مٿان وسڪارا ڪري اُڇلي، ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ هڻي چوي: ”ڳَايو! گل ٽڙن ٿا ... گل ٽڙن ٿا.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com