سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :27

 

۽ ٻيون لکڻيون

 

 

 

  پورٽريٽ

اولڙا اولڙا زندگي اولڙا

بيدل مسرور

 

  

        ڪيتريءَ دير کان ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي. آخري ڀيري هن وڏو ٽهڪ ڏنو هو، جنهن جو پڙلاءُ رکي رکي منهنجي ڪنن ۾ ٿي ٻُريو. هو انلارجر جي ڀرسان لفافن مان نيگيٽو ڪڍي ڏسندو ٿي ويو ۽ پوءِ، ڪجهه ڳالهائڻ کانسواءِ اٿي ڪمري ۾ ٻرندڙ بلب جو سئچ آف ڪيائين. ان ئي گهڙيءَ گهگهه اونداهي ڦهلجي وئي، ائين جيئن هن جي ٽهڪ کانپوءِ خاموشي، اوندهه ۾ منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، ان اونداهه ۾ به  مون کي لڳو ته هو وڌي وڃي انلارجر جي ڀرسان ويٺو، جنهن احساس جي پڪ تڏهن ٿي، جڏهن ڳاڙهي رنگ جي روشني، ڳوٺ جي گهٽين ۾ شام جو بيٺل دونهين جيان، ڪمري جي ڪاراڻ تي ڄمي وئي. پني ڦاڙڻ جو آواز ۽ منهنجي من ۾ اُداسيءَ جو اڀري اچڻ. مون وڏو ساهه کڻي کيس چيو:

        ”نيٺ ايڏي ساري تڪليف پنهنجي سر ڪرڻ مان ڇا حاصل؟“

        چئي ته ويٺس، پر مان ائين چئي .. .. کانئس ٺَاهوڪي گار جو انتظار ڪرڻ لڳس. هن جواب ڪونه ڏنو، ماٺ جي ماحول ۾ انلارجر جو ڪڏهن ڪڏهن اڀرندڙ کڙڪو ۽ مان پنهنجي جواب جو منتظر.

        ”اڙي توکي خبر ناهي ته مان تصويرون به ٺاهي ڄاڻان.“

        ”پر، اهي ٻه چار نيگيٽو ڪنهن دڪان تان به صاف ڪرائي ٿي سگهئين.“

        ”ماٺ ڪري ويهه .. .. ۽ ....

        ”۽ ڇا؟“

        ڀت ۾ لڳل تصوير مان ٻُرندڙ گيت ويهي ٻڌ.“

        مان ڪاراڻ مائل ڳاڙهي ڳوڙهي روشنيءَ ۾ کيس گهورڻ لڳس. هو انلارجر ۾ ڪا نيگيٽو رکي، ان جو فوڪس ڪري رهيو هو. هن ڦاڙيل اڇي ڪارڊ جو ٽڪر ان فوڪس تي رکيو ۽ اڇي روشنيءَ جي مدد سان پازيٽو جي نه ڏسجندڙ اُڪر جو يقين ڪري کيس ڊيولپر ۾ وڌو .. .. مون کيس ٿورو واندو ڏسي چيو:

        ”منهنجو مطلب آهي ته پاڻ ويهي ڪا ڪچهري ڪريون.“

        ”ته هي ڇا .. .. .. پيا .......

        ”منهنجو مطلب آهي ته گهڻي وقت کان پوءِ مليا آهيون، ته ڪجهه ڳالهيون ٻولهيون ڪريون.“

        ”ڇا ڳالهايان؟ ڪهڙيون ڳالهيون ڪريون؟ ڳالهائڻ لاءِ موضوع ئي ڪهڙا آهن پاڻ وٽ؟.... پر مون کي ته ڪجهه ڳالهائڻو ئي ڪونهي.“

        ”ڇو.....؟“ مون کانئس وضاحت لاءِ پڇيو.“

        ”ڇاڪاڻ ته يارن کي يقين ٿي ويو آهي ته حفيظ مري ويو آهي.“

        ”ڪير ٿو چوي؟“

        ”وڏو ثبوت ته مدد علي سنڌيءَ ”اڳتي قدم“ جو ”حفيظ نمبر“ شايع ڪري ڏنو آهي.

        ”تنهنجو مطلب آهي ته هنن توکي مئل سمجهي، حفيظ نمبر شايع ڪيو آهي.“

        ”ٻيو نه ته.... هتي جي ڪنهن اداري جو نالو ٻڌاءِ، جنهن ڪنهن جيئري اديب يا شاعر جو نمبر ڪڍيو هجي.“

        ”ترس ٿورو غور ڪرڻ ڏي.“

        ”پئين نه مُنجهي.“

        ”نه، منهنجيو ناهيان...... مان دراصل تنهنجي ڳالهه تي غور ڪري، جواب لاءِ ذهن تي زور ڏئي رهيو آهيان، پنهنجن جا پرڪار آهن. ڪجهه بقول تنهنجي، پر مون کي ياد ٿو اچي، سنڌي پبليڪيشن طرفان شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام مصطفيٰ شاه وغيره ۽ برسات وارن شيخ اياز نمبر ڪڍيو آهي. سهڻي طرفان امر جليل ۽ نسيم کرل جا نمبر نڪتا آهن.“

        ”انهن ٻن مثالن سان تون مون کي مطمئن نٿو ڪري سگهين پيارا..... تون ئي ٻڌاءِ، جيڪو منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو، توکي پنهنجي خيال مطابق ڪڍڻو هو، سو اسلم لغاريءَ جي سنڌي اڪيڊميءَ ڇو ڇاپايو؟ چڱو هل اڳتي، ڇڏ ان ڳالهه کي، ان مجموعي جا پهريان چار ورق کولي ڏس، ته توکي به يقين اچي ويندو، ته حفيظ مري ويو آهي.“

        ”مان تنهنجي ڳالهه کي مڃان ٿو، پر اهي به ”اڳتي قدم“ ۾ تنهنجي ئي دوستن جي لکيل تاثرن تان ورتل آهن، پر ان جي ابتڙ منهنجو پنهنجو خيال اهو هو ته مان تنوير عباسيءَ کان تنهنجي شخصيت، دوستي ۽ ادبي خدمت متعلق ڪجهه لکرايان.“

        ”پوءِ تنوير ڇا چيو؟“

        ”هن چيو ته مان حفيظ سان شايد پورو انصاف نه ڪري سگهان.“

        هن جو منهن مون ڏانهن هو، سندس پويان ڳاڙهي روشنيءَ شعاع پئي ڪيو، تنهنڪري مان سندس صورت ڀاوَ پرکي نه سگهيس. ڪجهه دير جيئن جو تيئن ويٺو رهيو. پوءِ هو مڙيو ۽ ڪارين ڪاپين کي ڦولهڻ لڳو. ٿوري دير جي خاموشيءَ کانپوءِ چوڻ لڳو:

        ”ڪنهن جو مڌ ڀريو آواز ٻڌين پيو؟“

        ”اون هون .. .. مون کي ته ڪجهه ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.“

        ”ڪن لاءِ ٻڌ .... هوءَ ڳاوَ ئي ٿي .. ٻڌ ٻڌ .. .. هوءَ ڳائي ٿي پيارا. ڪجهه هن کي به ٻڌ.“

        گهڙيءَ لاءِ مان به ساهه منجهائي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، هو به چرپر ڪرڻ کانسواءِ ڪنڌ لاڙي ويٺو رهيو، ڄڻ واقعي ڪو سريلو آواز ۽ سهڻا ٻول ٻڌي رهيو هجي .. جلد ئي وڏو ساهه کڻي پنهنجي منهن چوڻ لڳو:

        ”جڏهن روح جا ريلا سڪي ويندا آهن، تڏهن؛ نه تو تي ميار آهي نه مون تي.“ هن جي آواز ۾ درد جو احساس هو.

        ”ڇا پيو چوين؟“

        هن ڪو جواب نه ڏنو. مون به وڌيڪ کانئس پڇڻ جي ڪوشش ڪانه  ڪئي، ڇو ته مون کي لڳو ٿي ته مان ساڻس ڪجهه به ڳالهائيندس، ته جواب ۾ روئي پوندو ۽ مون کيس روئارڻ نٿي چاهيو .. .. ڪجه لمحن کانپوءِ ڪمري ۾ وري زندگيءَ جا آثار ڪنن تائين رسيا .. هن ڪارين ڪاپين مان هڪ پازيٽو تصوير ڪڍي مون ڏانهن وڌائيندي چيو:

        ”هيءَ تصوير ڏس.“ سندس آواز اڃا به ڳورو هو. مان اٿي وٽس ويس ۽ ان ڳاڙهي روشنيءَ ۾ تصوير کي ڏسي پڇيم:

        ”ڪنهن جي آ؟“

        ”ماڻهين جي.“ هن جي لهجي ۾ خار هئي.

        ”پر پيارا، منهنجي ماءُ ته مري وئي آ.“

        ”ته مان ڪڏهن ٿو چوانءِ ته جيئري آ.“

        ”پر هي نقش منهنجي ماءُ جا ته ناهن.“

        ”سڃاڻ نه .. ..

        ”مان نٿو سڃاڻي سگهانس.“

        ”تنهنجي پاڙي جي ٿي.“

        ”مون ڪا نه ڏٺي آ.“

        ”ته تو ڏٺو ڇا هي؟“

        ”منهنجي عمر ئي ڇا هي جو مان ڪجهه ڏسڻ جي هام هڻان.“

        ”هون..“ هن وڏو ساهه کنيو، مون ڏانهن نهاري وري چوڻ لڳو: ”تصوير کي پنهنجي ئي هٿ ۾ رک .. .. ۽ کانئس پڇ .. .. سڀ ڪجهه اها تصوير پاڻ ئي ٻڌائيندي توکي؟“

        ”ها پيارا .. .. جيئرن جاڳندن ماڻهن جا وات سبيل هوندا آهن، اکيون هوندي به منجهن ساڃاءِ نه هوندي آهي، پڙهيل ڪڙهيل ذهنن تي به تالا لڳل هوندا آهن .. .. ڪئين هزارين انسان منهنجي ڪهاڻيءَ ”فقير رمندا رهن ٿا“ جي فقير جيان ڄمندا آهن ۽ هڪ ڏينهن فوٽ پاٿ تي مئل نظر ايندا آهن، اهي پنهنجي جيئري ڪجهه به ٻڌائي نه سگهندا آهن .. .. اهڙا انسان مرڻ کانپوءِ ڪهاڻيون بڻجي ويندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو ڳالهائڻ چاهيندا آهن، جيڪي ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهن، انهن سان جيڪا جُٺ هيءَ ماحول ڪري ٿو، تنهن جي ڄاڻ ڪنهن کي ناهي ڇا؟“

        ”پر مان هن تصوير کان ڇا پڇان؟“

        ”ڀُوڪ، پهرين ته اهو پڇينس ته تون آهين ڪير.“

        ”مون کي ته ڪا عورت ٿي لڳي .. .. جنهن کي نظر جي عينڪ پئي آهي.“

        ”هن جي عينڪ جي شيشن مان هن جون واجهائيندڙ نگاهون نٿو ڏسي سگهين ته، ڏي مون کي واپس.“ هن مون کان تصوير کسي ورتي.

        ”پوءِ مون کي ٻڌاءِ ته سهي آهي ڪير؟“

        ”دل ته چوي ٿي ته لک سئو گاريون ڏيانءِ، پر هٿ ۾ جهليل هن عظيم عورت جي تصوير جي احترام کان ڪجهه نٿو چوانءِ. وڃ، وڃي هوڏانهن ويهه.“ هن جي لهجي ۾ چڙ هئي، بيزاري هئي .. .. مان اٿيم ۽ کيس چيم:

        ”بتي ٻاريان؟“

        ”تنگ نه ڪر پيارا.“

        ڪمري ۾ ساڳي خاموشي ڇانئجي وئي. تصوير هن جي هٿ ۾ هئي. ڪجهه منٽن کانپوءِ هو پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳو.

        ”هيءَ روشن آهي پيارا .. .. هن جي آواز ۾ سڏڪا شامل هئا، ”هن ۽ منهنجو گهڻي ئي ڪڙيون ۽ مٺيون ڳالهيون مشهور آهن .. هڪ لمحي لاءِ هو چپ ٿي ويو .. پوءِ چوڻ لڳو: ”هڪ ڀيري عبدالحق عالماڻيءَ منهنجي اکين ۾ آلاڻ ڏسي پنهنجي اکين ۾ به چرپر محسوس ڪئي هئي پر منهنجي ڀيڻ چوڻ لڳي .. اڙي تون ته سچ پچ بيوقوف آهين، حديث ۾ آهي ته مئل لاءِ ڏک ڪبو ته انهيءَ جي روح کي تڪليف پهچندي. تڏهن .. تڏهن ئي شايد مون ائين چيو هو، ته مئلن کي نٿو وساري سگهجي. جيئرن سان ڪو سانگو نٿو رکي سگهجي .. پوءِ به پيار ڇو آهي؟ اڪير ڇو آهي؟ اوسيئڙو ڇو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ڦر جي ڇو ڪونه ٿو وڃي؟ لٽجي ڇو نه ٿو وڃي؟ پابنديون .. حد بنديون، آخر توهان ماڻهو .. .. ميرا من ۽ اُجرا چهرا کڻي ڪيستائين مذهب جي نالي ۾ ڪوڙ پکيڙيندا رهندا؟ مون کي ياد آهي ته منهنجي ڀيڻ چڙي چيو هو: ”سالا ڪميونسٽ، توهان وڏا حرامي آهيو، روز محشر ۾ تو جهڙا دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا. تون اچين ٿو ته اسان جي گهر ۾ رحمت جا فرشتا به پير ڪونه ٿا رکن.“ مان ان ڀيڻ جي گهران نڪري وڃڻ مناسب سمجهيو ۽ ويندي مون ڀيڻ کي چيو هو ته ”فرشتا ضرور ايندا تنهنجي گهر ۾، پر ڀاءُ بڻجي ڪونه ايندا.“ ائين چئي هو چپ ٿي ويو، بي سبب ڪارين ڪاپين کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو، چوڻ لڳو ”مون پنهنجي ڀيڻ خديجه کي پنهنجي زندگي سنوارڻ جي حق ۾ آزادي ڏئي ڇڏي هئي، جنهن جو مون پنهنجي ڪهاڻيءَ ”ساگر جي لهرن تي“ ۾ ذڪر ڪيو آهي، پر تو ٻڌو نه .. ڀيڻون پنهنجي گهرن تڙن واريون ٿي وڃڻ کانپوءِ ڀائرن کي ڪيئن نه بيوقوف ۽ گهٽ سمجهڻ ٿيون لڳن. ڏوهه انهن جو به ناهي. دراصل عبدالغفور انصاري صحيح چوندو هو، ته يار، اسان ڪهڙي قسم جا اديب آهيون، جو پنهنجي گهر ۾ ڪو اديب پيدا نٿا ڪري سگهون ته پوءِ هن سموري قوم کي پنهنجي تخيل سان بدلائڻ جا اجايا خواب ڇو ڏسندا وتون .. .. ڏس ڪيڏو نه زهريلو سچ اٿس .. .. اهي اٿئي اسان جي پنهنجي ماءُ جي پٽيان، ڄڻيل اولاد جو هڪ ٻئي سان رشتو ۽ اُن جي اُبتڙ، هيءَ روشن، منهنجي وات چيل ڀيڻ، جنهن جو مون سان واقعي مثالي ڀيڻ وارو پيار هو، پر هي دنيا وارا .. جن اجايا سجايا بهتان، روشن ۽ مون لاءِ گهڙيا هئا، پر مون ڪڏنهن جو ڪڏهن به اثر نه ورتو. تو منهنجي ”آخري باب“ ڪهاڻي پڙهي آ؟“

        ”ها .. اها 1955ع ۾ ”ماهنامي شاگرد“ تان اتاري به رکي آهي.“

        ”اهو رسالو ڪٿان مليهءِ؟“

        ”رشيد ڀٽيءَ وٽان.“

        ”يار، هڪڙو ٻيو دوست اٿئي، شيام ڪمار، ان وٽ منهنجو ڪجهه اهڙو مواد رکيو اٿئي، جيڪو مون وٽ به ڪونهي، اهو ڪيئن به ڪري هٿ ڪر.“

        ”مون ان لاءِ شيام کي پاڻ به عرض ڪيو هو ۽ ٻه ٽي ڀيرا وٽس رشيد ڀٽي کي به وٺي ويس، پر هن رڳو ڳالهيون ڪري لنوائي ڇڏيو.“

        ”يار، ان وٽ منهنجون ڪجهه اڻ ڇپيل ڪهاڻيون اٿئي، هڪڙي ته مون کي ياد آهي، ”زرينه“ جي عنوان سان ۽ هڪ اڌ، اڌ ۾ ڇڏيل ناول به وٽس آهي.“

 

        ”زرينه ڪهاڻي مون کانئس ورتي آهي ۽ هڪ ٻي ڪهاڻي به ڏني هئائين، جيڪا به مون وٽ موجود آهي، جنهن جو عنوان آهي ”اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا.“

        هن غور مان مونکي پئي ٻڌو ۽ مون کي ائين لڳو، ڄڻ مون کي اڃا ڪجهه چوڻو هو، مون ذهن تي زور ڏنو ته ياد آيو، تڏهن مون کيس چيو: ”رشيد ڀٽيءَ پئي ٻڌايو، ته هڪڙي ڪهاڻي هن ”نواءِ سنڌ“ جي ”سنڌ نمبر“ ۾ شايع ڪئي هئي، تنهن ڪهاڻي جي مون ڏاڍي تلاش ڪئي آهي، پر اخبار جو اهو پرچو ڪٿان به هٿ نٿو اچي. ٻين به ڪجهه ڪهاڻين لاءِ رشيد ڀٽي ئي پئي ٻڌايو، ته تنهنجون ٻه ٽي ٻيون به گم ٿي ويل ڪهاڻيون آهن.“

        ”ڪهڙي لاءِ ٿي چيائين؟“

        دراصل تنهنجي گڏ ڪيل لکڻين کي ڏسڻ کانپوءِ ئي هن ڪجهه ڪهاڻين جا نالا ورتا، جن مان هڪڙي ته ”عيد جي رات“ هئي ۽ ٻي آهي ”زمانا،“.

        اهي ٻئي ڪهاڻيون ته مون وٽ به ڪينهن .. اڃا هڪڙي ٻي ڌماڪيدار ڪهاڻي ”اوستو جاڙو“ به گم آهي. مون کي ياد آهي ته مون حميد سنڌيءَ ڏانهن روح رهاڻ لاءِ موڪلي هئي.“

        ”پر حميد ته چوي ٿو ته تو اها ڪهاڻي موڪلڻ لاءِ لکي هئي پر موڪلي ڪانه هئي.“

        الائي يار، گهڻو وقت گذري ويو آهي. وري به تون حميد کان پڇي ته ڏسجان .. ها .. يار ٻڌ ته.“

        ”چئه“.

        ”تون مون واري آخري ڪهاڻي جلدي ڇاپي ڇڏي.“

        ”ڪيئن؟“

        ”تن ڏينهن ۾ مون سليم چني کي چيو هو ته ان ۾ عبدالحق عالماڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ”ٽڪاڻا ۽ ٽول“ جو ٿورو ريفرنس طور ٽڪرو شامل ڪبو ۽ پوءِ ان جو ڪو عنوان سوچي لکبو.“

        ”پر سائين جن به اهڙو ته کڻي ٽُٻ ڏنو جو في الحال ته سڀني کي يقين ئي ڪرڻ پيو ته، تون واقعي مري ويو آهين.“

        ڳاڙهي روشني اصل ۾ هن جي وجود کانسواءِ جسم جي ڪنهن به حصي کي خاص ڪري منهن کي اجاگر نٿي ڪيو ۽ مون محسوس ٿي ڪيو ته منهنجي ان جملي تي سندس چهري تي ڪو نه ڪو تاثر ضرور هو. هو مون ڏانهن ئي نهاري رهيو هو. مون کي ائين ٿي لڳو ته سندس منهن تي لازوال مرڪ هئي، ڄڻ هن اهو مانڊاڻ ڄاڻي واڻي منڊيو هو، جيئن ڪو اداڪار اسٽيج تي هزارن ڏسندڙن جي اڳيان پنهنجي ڪردار جي زبردست پرفارمنس ڪري پڄاڻيءَ جو منظر ايڏي ته سچائيءَ سان ڪري جو ڏسندڙ پڻ ان جي پڄاڻيءَ جي تاثر کي سچو ۽ صحيح سمجهي ڏک جو اظهار ڪري، ۽ پوءِ پردو ڪري پوي ۽ اهو پنهنجي پڄاڻيءَ جو رول، ڪري ويل اداڪار اٿي پنهنجي ڊرامي جي باقي ٽيم سان وڃي ملي ۽ پنهنجي پرفارمنس تي دل ئي دل ۾ مرڪندو رهي ۽ مون کي لڳو ته هن به پنهنجي انجام ڏسڻ لاءِ اهڙو ناٽڪ رچايو هجي ۽ مون کي پڪ هئي ته مرڪي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته هن ڪجهه به نٿي ڳالهايو يا ٿي سگهيو ٿي هو ڪجهه سوچي رهيو هجي. هن هڪ پل ۾ ڇا ڇا سوچي ورتو هوندو. سو هن ڪو نه ٻڌايو ۽ مان منتظر هئس ته هو ڪو جواب ڏيندو؛ پر ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻي تصوير ٺاهڻ لڳو ۽ ٺاهي ان کي ڊيولپر ۾ وڌائين. ڊيولپر ۾ تيار ٿي ويل تصوير کڻي مون کي ڏيکاريندي چوڻ لڳو:

        هيءَ به روشن اٿئي.“

        ڳاڙهاڻ جي ڌنڌ ۾ مون تصوير ڏٺي، مرڪندڙ مک ۽ اکين ۾ مستقبل لاءِ امنگن جا اهڃاڻ، آلي تصوير تان پاڻيءَ جا ڦڙا پئي ڳڙيا .. .. هو تصوير ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو:

        ”آخري ڀيري هوءَ جڏهن بيمار ٿي اسپتال داخل ٿي هئي ته آءُ هميشه سندس آرام جو خيال ڪري، سندس ڪمري ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندو هئس، پر جڏهن به ويندو هئس ته اکين ئي اکين ۾ هڪٻئي تي پنهنجي پنهنجي مجبوري ظاهر ڪير ڇڏيندا هئاسين.“ هن جي آواز ۾ گنڀيرتا هئي. ٿورو ترسي هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو .. .. ”هڪ ڏينهن اسپتال ۾ روشن کي ڏسڻ لاءِ ويس، روشن جي مونجهه جو خيال ڪري، اسحاق ڪمري جي دريءَ تان پردو هٽائي ڇڏيو هو .. .. آءُ ورانڊي ۾ ئي هئس ته سامهون روشن ليٽيل نظر آيم، هن مون کي ڏسي ورتو هو ۽ در ۾ ئي اکيون وجهيو پئي رهي. آءُ ويجهو پهتس ته اسان جون اکيون مليون، گهڙيءَ پل لاءِ، پوءِ ڄڻ هن ٿڪجي اکيون هٺ ڪري ورتيون.“

        حفيظ، مون کان تصوير ورتي. هڪ نهار ان تي وجهي چوڻ لڳو: ”ساڳي روشن، جنهنجي ٿڪل ۽ جهڪيل نگاهن مان مون گهڻي ڪجهه محسوس ڪري ورتو هو، اڄ به ائين ٿو لڳيم ته ڄڻ چوندي هجي، ”ادا ڏسين ٿو، مان ڪيترو لُڇي پڇي آهيان، ڪيترو نه پاڻ پتوڙيو اٿم، پر هي ڪمبخت موت مون کي نهوڙي نيڻ تي ضد ڪيو بيٺو آهي. ڏس مون چيو ڪين ٿي، ته مون ۾ طاقت ڪانه آهي. زندگيءَ جي اجوڳ پورهئي منهنجو اندر ڪوري ڇڏيو آهي، مان سڄي عمر گهاڻي جي ڏاند جيان ڳهندي رهي آهيان ۽ ڏس، اڄ جڏهن مان مس مس انهيءَ لائق ٿي آهيان، جو پاڻ جهڙن لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ته موت منهنجي چانئٺ تي بيٺو در ٿو کڙڪائي. ڏس، هن کي روڪڻ لاءِ مون ڪيڏا نه وس ڪيا آهن، پر هي ڪمبخت پڻ اميرن جو ساٿي ٿو نظر اچي. پورهيت پورهيا ڪري ڪري سنئين ڳاٽ مس ٿئي، ته هي اچي هٿ وجهندس. ڏس، تون پاڻ ڏس ۽ ٻين کي ٻڌائجان. انهن کي ٻڌائجان، جيڪي مون وانگر سمجهن ٿا، ته پهرين پاڻ سنوين پيرين ٿيو، پوءِ ئي ڪجهه ڪري سگهبو. ادا، انهن کي چئجانءِ ته اها اڻ ٿيڻي آهي، جيسين هو سنوين پيرين ٿيندا، تيسين سندن اندر ڪورجي ويندو .. تيسين موت اچي در کڙڪائيندن. تيسين فنا اچي ڀاڪر ۾ ڀريندن. غريبن لاءِ اميرن جي دنيا ۾ ڪابه جاءِ ڪانهي، اميري غريبي انسانيت جا ٻه فرقا آهن، ٻه مذهب آهن، ٻه طبقا آهن. ادا، تون انهن منهنجي نوجوان ڀائرن ۽ ڀينرن کي چئجانءِ، جيڪي مون وانگر پاڻ پتوڙي رهيا آهن. ها، کين چئجانءِ ته سُنهري سپنا بڻائڻ ڇڏي ڏين.“

        ڳالهائيندي ڳالهائين سندس آواز ڳورو ٿي ويو. مون سندس اکين ۾ چتائي ڏٺو، سندس سدا مُرڪندڙ اکين ۾ ڳوڙها ٿي جرڪيا. مون کيس رئارڻ نٿي چاهيو، تڏهن کيس چيم: ”روئين ٿو ڇا؟“

        ”هي لڙڪ هميشه اکين ۾ لڙي ايندا آهن.“ اکين تي هٿ ڦيرائيندي، بردباريءَ سان چوڻ لڳو: ”هي ڳوڙها اکين ۾ ئي ٿا اٽڪي پون، ڳلن تي ڳڙن ڪونه ٿا، انهن ڳوڙن کي پي وڃڻ جو ڏانءَ به اچي ويو اٿم. مان نؤد آهيان پيارا، بابي جي مرڻ تي به مون نير نه هاريا هئا، پر هيءَ روشن، هميشه مون کي اداس اداس ڪري ڇڏيندي آهي.“ هن تصوير کي ساڳي پاٽ ۾ ترندي ڇڏي ڏنو، نيگيٽو جي وچ مان هڪڙي پازيٽو تصوير ڪڍي، ته مون ڏانهس هٿ وڌائي پڇيو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com