سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :16

 

امان، مان اسڪول ڪونه ويندس

 

        صبح جو ننڊ مان اٿيو ته لڱ پيا ڀڄنس_ اکيون مهٽي پچيون ڪڍڻ لڳو ته ماءُ جو آواز ڪن تي پيس. ”گلڻ! او ابا گلڻ! ابا اٿي، اسڪول ويندين نه“ ”ها امان هن ننڊاکڙي آواز ۾ چيو، مٿان پيل گندي سيري کٽ کان هيٺ لٿو، ٿيڙ کائيندو هو دلن تائين پهتو_ ڪرو کڻي منهن ڌوتائين ۽ اچي ماءُ کان نيرن گهريائين_ راتوڪا چانور رکيا هئا، ماڻس لپ ڪڍي ڏنس. لسي چڪو وٽي ۾ وجهي چانور کائڻ شروع ڪيائين. پاروٿا چانور نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا، سي هن لسيءَ ڍڪ سان ڳيتون ڏئي پئي هيٺ لاٿا.

        نيرن کائي بس ڪيائين ته اٿيو_ جاري ۾ پيل اڻ لکيل ڦرهيءَ تي نظر پيس ته ٿڌو ساهه ڀريائين_ گهڙي سوا اتي ئي بيهي رهيو پوءِ هوريان هوريان جاري ڏي وڌڻ شروع ڪيائين، پر ٻه چار پير ڀري هو وري ٻيهر بيهي رهيو. ماءُ ڏي منهن ڪيائين_ سندس منهن مان ڏک ۽ ڀؤ پي بکيو. ”امان.... امان... اڄ اسڪول نه وڃان....“ هن مڻ مڻ ڪري ماءُ کي چيو. ”ڇو؟“ ماڻس تکو ٿي پڇيو. کيس خوف ٿيو ته ماڻس کيس ماري نه. ڪنڌ هيٺ ڪري جاري ڏانهن وڌيو بجڪيءَ ۽ ڦرهيءَ ۾ هٿ وجهي هو گهر کان ٻاهر نڪرڻ لڳو.  در تي پهتو ته اکين مان ڳوڙها وهي اچي ڳلن تي بيٺس. سڄي واٽ هن جو ڪنڌ هيٺ هو. هو ڏڪندو پي ويو هن جي خيال ۾ ماستر جي راڪاس جهڙي شڪل اسڪول ۾ رول گهمائيندي پي ڦري.

        اسڪول ۾ پهچي هو پنهنجي جاءِ تي ويٺو ۽ پنهنجي چولي جي پلوَ سان ڳوڙها اگهڻ لڳو. هن ڦرهي ڪين لکي هئي. لکڻ ته ٺهيو پر ميساري به ڪين هئائين، پر هن ۾ ان جو ڪهڙو ڏوهه؟ جڏهن هن کي موڪل ملي ۽ نٽهڻ اس ۾ ميل پنڌ تان اسڪول مان موٽيو هو ته ماڻس هن کي چاچس کي ٻنيءَ تي ماني ڏيڻ لاءِ مُڪو هو. ٻني به ويجهو ته ڪين هئي پوري ڪوهه پنڌ تي هئي، ويچارو ويندي ٿڪجي پيو. ايندي ته اصل وئل ٿي پيس. رکي رکي خيال ٿي آيس ته استاد کي سربستو احوال ڪري ٻڌائيندو پر استاد مڃيندو. سا ڳالهه هن کي اعتبار ۾ نه ٿي آئي.

        هن انهن ڳڻتين ۾ ويٺو رهيو. ڦرهي نه لکي اچڻ سبب کيس جيڪا مار ملڻي هئي، ان جي فڪر ۾ ڦاٿل هو. سندس ساٿي نينگر پنهنجا پنهنجا سبق ياد ڪندا رهيا ۽ هو دل ئي دل ۾ روئيندو رهيو. رکي رکي دل ۾ خيال ٿي آيس ته ڀڄي وڃجي. پر ڪيڏانهن؟ سو کيس سمجهه ۾ ڪين ٿي آيو ۽ پوءِ سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي پي آيون ۽ هن پنهنجي چولي سان اگهي ٿي ڇڏيون.

        نيٺ اها مهل اچي وئي جنهن جو کيس ڊپ هو. استاد کانئس سبق پڇيو ته هو ٻڌائي نه سگهيو. هو چپ ڪري بيهي رهيو. ان بعد ماستر ڦرهيو ڏٺيون ته به هيءُ ماٺ ڪري بيٺو هو. ماستر گهڻيئي سوال ڪيس ۾ هن وراڻيو ڪين. اکين مان پاڻي ائين ٿي آيس. ڇاڻَ نيسارا هئا، جي بيهڻ جو نانءُ ئي نه پيا وٺن. سندس ماستر گهڻيئي ڪوشش ڪئي ته هو ڪجهه ڪڇي پَر هو ڪونه ڪڇيو. ماستر کيس تڙيون ڏيڻ شروع ڪيون، پر اڃا به ڪين ڪڇيو. پوءِ ماستر کيس مارڻ شروع ڪيو. ٺا... ٺاٺا... ٺا... ٺا... چماٽون هن جي ڳلن تي وڄڻ لڳيون پر هو ڪين ڪڇيو. ماستر جي ڪاوڙ وڌي ويئي. ڄڻ هن ننڍڙي ٻار پنهنجي خاموشيءَ سان سندس بي عزتي ڪئي هئي..... ڌم .....ڌم، ماستر هاڻي لتن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. ڇوڪر پَٽ تي ڪري پيو هو. ڪسندڙ ٻڪر وانگر ٻيڪٽ ڪري رهيو هو ۽ ماستر مٿانئس لتون وسائي رهيو هو...... ۽ پوءِ ڇوڪر جا ٻيڪٽ به بند ٿي ويا ...... هو خاموش ٿي ويو ...... ماستر ڪجهه ٺريو. نوڙي ڏٺائين، ڏندڻيو پيو هو. ٻئي هڪ ڇوڪري کان پاڻي گهرائي ڪجهه مُنهن تي وڌائيس. تڏهن هوش آيس. اٿي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. سندس اکين مان ڳوڙها ساڳي رفتار سان ڳڙي رهيا هئا. روئندو رهيو، جيسين کيس اسڪول مان موڪل ملي.

        موڪل ملڻ تي هو گهر ويو ته کيس رستي ۾ الٽي آئي. گهر جي دوازي تي رسيو ته کيس ٻي الٽي آئي. ماڻس ڊوڙي اچي هٿ وڌس ته پَئي ٻريو. ڳراٽڙي پائي وڃي هنڌ ۾ وڌئينس. ويچارو تپجي پيو هيو. شايد ڊپ کان يا مار کان. رکي رکي پئي وڦليو. ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس..... مان ..... اسڪول ڪونه ويندس......“ ”ها ابا تون نه وڃجانءِ“ ماڻس روئڻهارڪي ٿي چيو. سندس تپ وڌي رهيو هو. اکيون لعل ٿي ويون هئس ۽ لڱن مان نسوري باهه ٿي نڪتس. ”امان ...... مان ..... اسڪول ..... امان مان ...... اسڪول ڪونه ويندس..... امان ..... امان ..... مان ... ۽ هو بيهوشيءَ ۾ رئڻ لڳو. ماڻس وهلور پئي ويئي. ڪهڙي ڪاريءَ کاڌم، چئي به پيو ته اسڪول نه وڃان، زور ڪري مڪم_ هَئي الله! مون پاڻ پير تي ڪهاڙي هنئي.“ ماڻس پار ڪڍڻ لڳي. ڇوڪرو وري پئي وڦليو ۽ ماڻس جي هانو وڍ پئي کاڌا. پڻس سانجهه تي وريو ته ماستر کي پرپٺ ٻه ٽي گاريون ڏيئي ويهي رهيو. ڇوڪري جي بيماريءَ عجب رنگ پئي ورتو. تپ لهڻ جو نانءُ ئي نه پيو وٺي. ماڻس راتيون اوجاڳا ڪري گهاريون. چار ڏينهن گذري ويا، پر ڇوڪراک ڪين پٽي. بس اها وڦل ۽ اها آنڌ مانڌ_ ويچاريءَ ماءُ جا روئي حال رُليا، پر ڇوڪري جي حالت اهائي، پڻس پورهيت ماڻهو، سو صبح سان مزدوريءَ تي وڃي ته پيشن جو گهر وَري، گهر اچي جو ڇوڪر جي حالت ڏسي ته ٿڌو ساهه کڻي ويهي رهي. چار ڏس جيڪي ڳوٺ جي وڏڙين ڏنا، سي ماڻس سڀ پورا ڪيا، ٻيو ته چارو ڪونه هو. بس الله تي رکيو ويٺا هئا. هڪڙي ڏينهن ماستر اچي در جهليو. چئي: ”سڀاڻ ڊپٽي صاحب جي منزل آهي. گلڻ جي ٻانهن ڏيو نه ته ڏنڊ پوندو.“ ويچاري زال ذات گهڻيئي رڙيون واڪا ڪيا ته ڇوڪر چاڪ ڪينهي، پر ماستر ٻڌي ڇو؟ ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ ڊپٽي صاحب جي منزل ٿي، ماستر ڇوڪرن جي غير حاضريءَ جي شڪايت ڪئي.

        ڳوٺ جي ماڻهن جي بيپرواهيءَ جا شڪوا ڪيا. مطلب ته پنهنجي کل بچائڻ لاءِ جيڪي پڳس، سو چيائين_ ڊپٽي صاحب سڀني تي سمن جاري ڪرايا. گلڻ جي پيءُ کي به  سمن مليو. سمن وٺي ماستر کي گاريون ڏيڻ لڳو_ گلڻ جي ماءُ پار ڪڍي روئڻ لڳي_ ٻيو ويچارا ڪري به ڇا ٿي سگهيا.

        سمن ۾ پندرهن ڏينهن جو مدو رکيل هو، پر گلڻ جي حالت جيڪا سا هيڻي_ پندرنهن ڏينهن پورا ٿيا ته گلڻ جو پيءُ ڪورٽ ۾ حاضريءَ لاءِ ويو. ڊپٽي کي منٿيون ميڙيون گهڻيئي ڪيائين، پر هت ماستر جي چغلين ڪي ڪم ڪيا هئا. ڊپٽي صاحب ڏمر ۾ هو_ ڏهه رپيا ڏنڊ ڪيائين. ويچارو گهران هليو هو ته اميد هئس ته ڊپٽي صاحب معاف ڪندو، پر هت ڊپٽي صاحب جي دل ڪجهه سمجهي ته ڪهڪاءُ اچيس. آزي نيزاري ڪيائين، تڏهن مس مس ٻن ڏينهن جي مهلت مليس. گهر وريو ته ڇوڪري جي حالت هيڪاري نازڪ ڏٺائين_ ٻه ڏينهن خير سان گذريا ٽئين ڏينهن شهر جا سانباهه پئي ڪيائين ته گلڻ جي حالت صفا خراب ٿي ويئي.

        ”امان ... مان ...... اسڪول ....... نه وڃان ...... هو آهستي وڦلڻ لڳو ..... ”امان.... اسڪول....“ ائين هن جو ڪنڌ هڪ طرف جهڪي ويو. ماڻس اوڇنگارون ڏيئي کيس چنبڙي پئي. پڻس جي اکين مان پاڻي هلڻ لڳو. ”گلڻ! ابا گلڻ! ماڻس واڪا ڪرڻ لڳي. پر گلڻ اتي هليو ويو هو، جت ٻنين تي ماني ڏيڻي ڪانه آهي، جت اسڪول ڪين آهين، جت ماستر ڪين آهن. جت معصومن کي مار ڪين ملندي آهي.

 

مبارڪون

 

        رات آڌيءَ کي اچي سڻائي ٿي هئي ۽ بيل گاڏين جي قطار رينٽ ڪندي، آهستي آهستي ڳوٺ طرف وڌي رهي هئي. ڳوٺ سڻائو اچي پيو هو ۽ هلڪي چانڊوڪيءَ رات ۾ ڳوٺ جا اُڀا اُڀا وڻ ۽ انهن جي وچ ۾ گهيريل لانڍيون محيط ديونَ سمان ڪر کنيو بيٺيون هيون. گاڏيون آهستي آهستي ڳوٺ طرف وڌي رهيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گاڏر پنهنجي ڏاندن جي پڇ تي هٿ رکي ڏٽڪر ڏئي ٿي هڪل ڪئي، نه ته سڄيءَ ڄڃ مان اداس ڀڻڪن کانسواءِ آواز ڪين ٿي نڪتو. اَٺ ڪوهي منزل هئي، سڀ ڄاڃي ٿڪجي پيا هئا. سڀني تي ننڊاکڙو ڇانيل هو. سڀ پنهنجي خيالن ۾ مگن جهوٽا کائي رهيا هئا ۽ جانل جا اڄ پرڻجي آئي هئي، گاڏيءَ ۾ ويٺي پنهنجي نئين گهر بابت سوچي رهي هئي. سندس ساهرن جو گهر، جتي کيس سندس مائٽن پرڻائي ڏنو هو. هن کي پنهنجي ماءُ جون ڳالهيون ياد آيون. موڪلائيندي مهل هن جي ماءُ ڏاڍو رنو هو. هوءَ به ڏاڍي رني هئي. پرائي گهر وڃڻ سٿرو ته ڪين آهي. الاجي ڪهڙا ماڻهو هجن، الاجي ڪيئن هلت هلن! ۽ اهڙا ٻيا هزار انديشا هر نئين ڪنوار جي دل تي ڇانيل رهندا آهن. هوءَ به انهيءَ سوچ ۾ گم هئي. هن کي معلوم هو ته هن جو گهوٽ عمر ۾ چڙهيل هو. هن  جي ماءُ هن کي سمجهائيندي چيو هو: ”امڙ! لڄ رکجانءِ، مڙس جيئن پڪو تيئن سچو! عمر ۾ چڙهيل آهي ته ڇا ٿيو؟ هٿئون توکي گهڻو ڀائيندو. غريب آهيون، ٻيو ڪو سٺو گهر ڪونه ٿو ملي. تنهنجي سک جو خيال ڪري ئي توکي اتي پرڻايو اٿسي. گهر ۾ گهوٽنهن کان سواءِ پهر ئي ڪانهي. راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ. تون دل نه لوڙهه! اسان توکي سک سڃاڻي ڏنو آهي....“ ۽ هن جي ماءُ سندس نئين گهر جي تصوير لفظن ۾ چٽي، هن آڏو پيش ڪندي رهي.

        گاڏيءَ ۾ ويٺي، هوءَ ماءُ جي ٻڌايل احوالن مان پنهنجي نئين گهر جي تصوير جو تاڃي پيٽو سموئي رهي هئي. طرح طرح جون تصويرون هن جي دماغ ۾ اسري ٿي آيون ۽ پوءِ ”نه، انهيءَ کان سٺو هوندو“ چئي، هن ٻي تصوير ٺاهڻ شروع ٿي ڪئي! لائون لهندي، هن لڄ وچان پنهنجي گهوٽ جي شڪل به ڪانه ڏٺي هئي. دراصل هن مهل تائين هن پنهنجي گهوٽ جي شڪل چڱي طرح ڏٺي ئي ڪانه هئي. هن جي دماغ ۾ سندس گهوٽ جي تصوير اسرڻ لڳي. چاليهن ورهين جو ڪرڙوڍ ٻلوان مڙس هن جي دماغ جي پردي تي اسري آيو ۽ هن لڄائجي پنهنجو خيال مٽي ورتو.

        گاڏيون ڳوٺ جي منڍي کي سڻايون اچي ٿيون هيون. ڄاڃين ميراثين کي هڪل ڪري هوشيار ڪيو هو ۽ گاڏين جي رونگٽ، شرناين ۽ دهلن جو آواز اچي رهيو هو. ڪچن گهرن جي قطارن مان لگهندي، گاڏين جهوٻا پئي کاڌا ۽ هوءَ پنهنجي نئين گهر کي ويجهو خيال ڪري شرمائجي وئي هئي. ڄاڃين ۾ منزل تي پهچي هڪ نئين جان اچي وئي هئي. هينئر هر طرف کان ڳالهائڻ جو آواز اچي رهيو هو ۽ ماڻهو هڪ ٻئي کي سڏ ڪندا پئي وتيا. ڪنهن پنهنجي ڀاءُ کي ٿي سڏ ڪيو ۽ ڪنهن پنهنجي دوست کي.

        ڳوٺ ۾ پيهي. گاڏيون اچي چونڪ تي بيٺيون. مرد گاڏين مان اڳيئي لهي ويا هئا. زالن لهڻ شروع ڪيو. ننڍڙا ٻار ڪي ڪي پنهنجي مائرن ڀينرن جي هنجن ۾ سمهي پيا هئا، ڪي من اٿل پٿل ۾ جاڳي پيا ۽ شرناين جي آواز سان  آواز ملائي روئڻ لڳي ويا. مائر پنهنجي ٻارن کي پرچائي به رهيون هيون ۽ ساڳئي وقت پنهنجا ٽپڙ به سنڀالي رهيون هيو. ”اڙي ادي منهنجو رئو ڪاڏي ويو؟“ هڪڙيءَ چيو، ”اڙي! هي گلوءَ جو چولو ڪاڏي ويو؟ هت جو رکيم! ٻيءَ چيو. ”امان او امان! اچي هي جتي جو پادر لڌم! پويان هڪڙي ڇوڪريءَ رڙ ڪئي. ”مائي! شڪر ٿيو جو لڌو. منهنجو ته هانءُ کاڄي ويو هو....“ ڇوڪري جي ماءُ ڪنهن ٻيءَ کي چوڻ لڳي ۽ انهيءَ گوڙ شور ۾، هن کي گاڏيءَ مان لاهي سندس نئين گهر پهچايو ويو. پير پير ۾ پائي پنهنجي جسم جو پورو بار انهن ٻن عورتن تي اڇلائي جيڪي کيس وٺي هلي رهيون هيون، هوءِ پنهنجي نئين گهر ۾ داخل ٿي. هن جي اچڻ لاءِ سمورو انتظام اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو ويو هو. هوءَ انهيءَ پلنگ تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي، جتي هو عورتون کيس ڇڏي ويون هيون.

        ڪيتري دير هوءَ چپ چاپ اتي ويٺي رهي ۽ پوءِ اتي ئي کٽ تي اجرڪ ۾ ويڙهي سيڙهي هوءَ ليٽي پئي. هن کي ننڊ کڻي وئي ۽ خوابن ۾ هوءَ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي گهوٽ گڏ خوشيءَ جا گيت ڳائيندي، کلندي چرچا ڪندي ڏسڻ لڳي. اسر ويل هن جو گهوٽ ڄاڃين کي روانو ڪري اندر پيهي آيو. هوءَ سمهي پئي هئي. هن اچي کيس ڌونڌاڙيو. ”سمهي پئينءَ ڇا؟ ٿڪجي پئي هوندينءَ. ٺهيو ننڊ ڪر! چئي هو پلنگ جي ٻي ڪنڊ ۾ سمهي رهيو. ڌونڌاڙي تي هوءَ جاڳي پئي هئي. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. لڄ کان هوءَ اٿي ڪانه. هوءَ انتظار ڪرڻ لڳي ته شايد وري ڌونڌاڙي، پر هن جو گهوٽ چپ ڪري سمهي پيو ۽ ڪجهه  وقت کان پوءِ فضا هن جي کونگهرن سان رچي وئي. پوئين پهر جي انڌاريءَ رات ۾ اهي کونگهرا ڀيانڪ روحن جو آواز لڳي رهيا هئا. هن کي ڊپ ٿيڻ لڳو، پر هوءَ خاموش پئي رهي. تان جو صبح ٿي ويو. هن جو مڙس به اٿي پيو ۽ پوءِ وري سڄو ڏينهن هوءَ سهاڳڻين جي گهيري ۾ شرم ٻوٽيءَ جيان شرمائيندي لڄائيندي رهي.

        ٻي رات هن پنهنجي گهوٽ جي شڪل چڱيءَ پر ڏٺي. هن جي خوابن جو محل قلابازيون کائيندو اچي پٽ تي پيو. سٺ ورهين جو پوڙهو، هن جي پيءُ کان به وڏو، موت ۽ حيات جي جنگ سندس گهوٽ هيو ۽ هن جي دماغ ۾ سندس ماءُ جا لفظ وڄي رهيا هئا. ”اسان توکي سنگ سڃاڻي ڏنو آهي.“ هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي ماءُ هن سان هڪ ڌوڪو ڪيو هو. ٻه نير هن جي شفاف گلن تي سڄي بيهي رهيا. هن آه ڀري ڪڍي_ آه، جيڪا آڪاش تي پهچي ته آسمان ڏري پوي. جوان روح جي بي تاب آه!

        راتين پٺيان راتيون آيون ۽ هو انهن کان بي نياز گهر جي ڪمن ڪارين ۾ جنبي وئي. هن جي رات ۽ ڏينهن ۾ ڪو فرق ڪين هو. سڄو ڏينهن ڳهندي هئي. پنهنجي پوڙهي مڙس جي گهر کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي هئي ۽ رات لڙي ٿڪجي ٽٽجي کٽ تي سمهي رهندي هئي. شاديءَ بابت هن جيڪي ڳالهيون ساهيڙين کان ٻڌيون هيون، سي سڀ خوابن جي دنيا سان گڏ هوا ۾ اڏامي ويون هيون. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ويچاريندي هئي ته آخر هن جي ماءُ پيءُ هن کي پرڻايو ڇو؟ ڇا جيڪي پورهيو هوءَ وٽن ڪندي هئي. سو سندس مانيءَ جي مُلهه جيترو به ڪين هو ۽ جي هو ته پوءِ هن پرائي گهر ۾ لوڙڻ لاءِ کيس ڇو موڪليو ويو هو؟ سندس اندر ۾ ويٺل ”ماءُ“ ڪڏهن ڏهن ڪَر موڙي اٿندي هئي ۽ هن جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي وينديون هيون. پاڙي ۾ ڪنهن سهاڳڻ جي هنج ۾ هوءَ ٻار ڏسندي هئي، ته هن جي دل ۾ هڪ امنگ اٿندو هو ته جيڪر کيس به اهڙو ٻار هجي ۽ پوءِ هوءَ ٿڌو ساهه ڀري چپ ٿي ويندي هئي.

        رُتيون بدليون، اونهاري پٺيان سرءُ آئي، ڪڍ سيارو ۽ بهار به آيو. ڳوٺ جي چوڌاري ٻنين ۾ پوکيل سرنهن گل ڪيا ۽ سڄي فضا ڀنل ڀنل بوءِ سان رچي وئي. سرنهن جا پن گل ساڳ لاءِ پٽيندي، سهاڳڻيون پنهنجي گهوٽن سان خوشيءَ جا گيت جهونگارڻ لڳي ويون، ۽ ڳوٺ جي پوري فضا هڪ مُرڪ ۾ مٽجي پئي. ها البت هوءَ. هن جي وجود انهيءَ مُرڪ تي هڪ ٽهڪ هو، هڪ اهڙو ٽهڪ جنهن ۾ هزار طنزون لڪل هيون. هن جي جوان مکڙي تي سدائين هڪ اداسي ڇانيل رهندي هئي. اداسي، جي جيڪا ڳوٺ جي پوري سماج لاءِ هڪ گار هئي، جنهن ۾ ”اميري“ ۽ ”غريبيءَ“ جي جنگ جي ڇپيل ڪهاڻي نمايان هئي. ڳائينديون کلنديون الهڙ نينگريون هن کي ڏسي خاموش ٿي وينديون هيون. هن جي اداسي سڀني جي اداسي هئي. هن جو مڙس ڳوٺ جو پريو مڙس هو. چار چؤنڪڙيون زمين جون هيس. چڱو چوکو زميندار ليکبو هو ۽ انهيءَ ڪري ئي ڪو هن ڏي ميري نظر سان ڪين ڏسندو هو. ڳوٺ جي ننڍڙيءَ دنيا ۾ پيار ۽ محبت جي ڪمي ڪانه هئي. نوجوان ۽ نوجوانڻين مان ڪي اهڙا به هئا جيڪي دنيا کان لڪي چوريءَ پنهنجي سڪ جا سنيها هڪ ٻئي کي مجندا هئا. شام جو کوهن تي. واٽرن جي تڙن تي ۽ راهه رند. ائين ٻنين ۾ محبت پنهنجا گس ڳولهي لهندي هئي. مگر هن لاءِ اهي ڳالهيون ڪا معنيٰ نه رکنديون هيون. هوءَ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي زال هئي ۽ بس.

        ڏينهن گذريا، هو تڙپندي رهي ۽ پوءِ نيٺ لابارن پئي هن جي دعا قبول پئي. هن جي منهن تي به هلڪي هلڪي ڊنل مُرڪ تري آئي. هن جي دنيا ۾ به ڪنهن پير پاتو.

        گلڻ هن جي پنهنجي ڳوٺ جو رهاڪو هو. ٻئي هڪٻئي کي ننڍي لاءِ کان سڃاڻندا هئا. ذري گهٽ هڪ جيڏا هئا يا سال به کڻي هوءَ گلڻ کان ننڍي هئي ۽ هاڻي گلڻ موڪري سيني سان شهپري جوان هو. گڏو وَلِ جو ڪلهي تي کڻي هو ائين ٻانهن لوڏينديو کري تائين هليو ويندو هو، ڄڻ هٿين خالي ويندو هجي ۽ کرو ڪو سڻائو ڪونه هو. ڀريا ٻه اٺاس اڪري کري تي پهچبو هو. گلڻ هت لابارن تي ڪمائڻ آيو هو. سندس ڳوٺ ۾ هيل فصل مارجي پيو هو. هت گلڻ جو ٻيو واقف ته هو ڪونه. هنن وٽ ئي لڙي آيو هو ۽ اڃان هفتو راتين جي ڪين گذريو هو ته لاباري ڪندي هنن جا نيڻ اٽڪي پيا هئا. اکين ۽ اکين ۾ هنن هڪ ٻئي کي پيغام ڏنا ورتا. هن پنهنجي اداس جوانيءَ جي پُردرد ڪهاڻي چئي ٻڌائي. ۽ هن پنهنجي ويران زندگي جو رئڻو رنو. ٻنهي کي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ ٻئي ڄاوا ئي هڪ ٻئي لاءِ هئا ۽ جانل کي پنهنجي ماءُ جا لفظ ياد آيا.... ٻيو ڪو سٺو گهر ڪون ٿو ملي“ ۽ هن دل ئي دل ۾ چئي ڪڍيو. ”ڪوڙي رَن! گلڻ سندس آڏو بيٺو هو. گلڻ، جيڪو ساڻس کيڏيو هو ۽ سندس جيڏو هو. ان بعد هنن دنيا جي نظرن کان لڪي لڪي پل گهڙي جون هڪ ٻه ملاقاتون ڪيون. ملاقاتون وڌنديون ويون ته ماڻهن ۾ ڀڻڪو شروع ٿيو ۽ گلڻ کي ڳوٺ ڇڏڻو پيو. ويندي ويندي البت هن جانل سان ڪن ۾ ڪي ڳالهيون ڪيون. هن جي هٿ ۾ ڪا شيءَ ڏنائين ۽ پوءِ پنهنجا ٽپڙ کڻي ويو هليو. هن جي هلئي وڃڻ تي ڳوٺ ۾ هن جي پچار ڪنهن نه ڪئي.

        گلڻ کي وئي اڃان مهينو ٻه مس ٿيا هئا. ته هڪ رات جو جانل جي مڙس کي پيٽ ۾ اچي سور پيو ۽ صبح جو نه تو ڏٺو نه مان ڏٺو. جانل رنڙ ٿي پئي. ڳوٺ جو چڱو مڙس مري ويو هو. ڪنهن چئي ڪڍيو ته ”مڙس کي زهر ڏنل آهي! پر پوءِ هن چيو هن ٻڌو، ڳالهه جتي هئي تِتي رهي ۽ جانل جي مڙس کي پُوري آيا.

        عدت جا ڏينهن پورا ڪري مهينو به مٿئون رهي جانل پيڪن گهر هلي آئي. ڏينهن گذريا ۽ ماڻهن وساري ڇڏيو ته ڪو جانل جي شادي به ٿي هئي. جانل جي سڱ لاءِ ٻه چار ڌريون ڇڪ ڪرڻ لڳيون. سندس ساهري ڳوٺ مان به هڪڙو نپايو آيو هو ۽ جانل اهو به ٽاري ڇڏيو هو ۽ خيال ئي نه ڪيائين ته ڪو دشمني ٿيندي پوءِ گلڻ جو نياپو آيو ته هن انڪار نه ڪيو ۽ هنن ٻنهي جي شادي ٿئي وئي.

        شادي رات دهل وڳا شرنايون وڳيون، جانل جي ساهيڙين لاڏا ڳايا ۽ هوءَ اجرڪ جي جهنڊ مان سڀ ڪجهه ڏسندي مرڪندي رهي. ڏاڍي چاهه چوڄ مان گلڻ هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو. هو پلنگ تي ويٺي گلڻ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهي هئي ۽ گلڻ ٻاهر ڄاڃين سان منهن ڏيڻ ۾ مگن هو. آڌيءَ لڙي هو مس مس واندو ٿيو ۽ جانل وٽ آيو. اجرڪ جي جهنڊ مان اک لڪائي هن گلڻ کي ڪوٺيءَ جي در ڏيندي ڏٺو ۽ هڪ مرڪ هن چپن تي ڇائنجي وئي.

        گلڻ اڃان در ڏئي هن تائين پهتو ئي ڪين هو ته در کڙڪيو. هن ڇرڪ ڀري در دانهن نهاريو، گلڻ به در ڏانهن نهاري رهيو هو، ڪنڌ ورائي پنهنجي ڪنوار ڏانهن نهاريائين. ٻنهي جون اکيون مليون ۽ اکين ئي اکين ۾ ٻنهي هڪٻئي کي چئي ڪڍيو ”سوڻ سٺو ڪونهي“ در وري کڙڪيو، گلڻ وڌي وڃي در کوليو ۽ هن کان دانهن نڪري وئي هن کي ڌڪو ڏئي پري ڪندي پوليس صوبيدار اندر پيهي آيو.

        ”توهان ٻئي وڏيري شاهه محمد جي خون جي ڪيس ۾ گرفتار آهيو. اڙي سپاهي! هڻين هٿ ڪڙيون! صوبيدار پنهنجو حڪم جاري ڪيو ۽ گلڻ ۽ جانل جي ميندي رتن هٿڙن ۾ هٿڪڙيون پئجي ويون. گلڻ ۽ جانل جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي سندن ڳل ڌوئي رهيا هئا ۽ هو اکين ئي اکين ۾ قسمت جو روئڻو روئي رهيا هئا. صوبيدار جي پاسي ۾ بيٺل ماڻهو جانل طرف ڏسي طنز مان کلي رهيو هو. جانل هن ڏانهن نهاريو ته ڏڪي وئي، ڇو ته انهيءَ ماڻهو جو نياپو جانل موٽائي موڪليو هو ۽ هوئي دشمني ڪري پوليس چاڙهي آيو هو. جانل کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو، پر هنجن هارڻ ڌاران هوءَ ڪري به ڇا ٿي سگهي!

        سيشن ڪورٽ مان گلڻ کي، زهر آڻي جانل کي ڏيڻ ۽ کيس وڏيري شاهه محمد کي کير ۾ گڏي پيارڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ جي سزا ملي هئي ۽ جانل کي جنم ٽيپ ڏني هئائون. ٻنهي چيف ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي ۽ اڄ شنوائي تي وڃي رهيا هئا. ريل گاڏيءَ ۾ پوليس جي گاڏيءَ ۾ ويٺي ٻنهي رکي رکي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي ٿي ورتو ۽ پوءِ نيرن جي تيز ڌار، موتين جي لڙي وانگر، هنن جي اکين مان ڇلڪي، ڳلن تان ترڪي، ڪپڙن تي ڪري ٿي پيئي. ويچارا پوليس وارا هنن پريمين جو پيار ڏسي دل ئي دل ۾ لڇي رهيا هئا. هنن جو وس پڄي ها ته شايد ٻنهي جون ڪڙيون لاهي کين چون ها: ”بابا! وڃو، توهان جيتيو اسان هارايو. اسان ۾ همٿ ڪانهي، جو توهان کي روڪي سگهون! پر هو ائين ڪين ٿي ڪري سگهيا. نير نيڻن مان ڳڙندا رهيا ۽ پوليس وارن جون دليون ڀڄنديون رهيون ۽ جڏهن جنگشن اسٽيشن تي گاڏي مٽڻ لاءِ هو لٿا ته ويٽنگ روم ۾ پوليس جمعدار کان رهيو نه ٿيو ۽ چيائين: ”ڀائو گلڻ! روئڻ مان ڇا ٿو وري؟ نويڪلا ٿي ويهو ٻئي پاڻ ۾ پيار جون ڳالهيون ڪيو. اسان کئون ٻيلي توهان جو ڏک نٿو ڏٺو ٿئي! ۽ پوءِ گلڻ ۽ جانل ويٽنگ روم ۾ اڪيلا پيار ونڊڻ ويهي رهيا.

        ويٽنگ روم جي سانتيڪي ماحول ۾ گلڻ سري وڃي جانل ڀيڙو ٿي ويٺو. ٻاهر هوا سرڙاٽ ڪري گهلي رهي هئي ۽ اندر ويٽنگ روم ۾ هنن ٻنهي جي ٿڌن ساهن ۽ گهٽيل سڏڪن پوري ماحول کي اداس ڪري ڇڏيو هو. هو ڪيتري دير تائين روئندا رهيا. هڪٻئي کي ڳڙاٽڙيون پائي. اهو احساس ته شايد گلڻ کي ڦاسي اچي وڃي ۽ هو وري نه ملي سگهن. ٻنهي جو هانءُ کاڄي رهيو هو. ۽ ائين جهيڻن جهيڻن سڏڪن وچ ۾ گلڻ چيو: ”جانل! اپيل شايد رد ٿئي. مان شايد نه رهان. تون منهنجي نشاني ته وٺي ڇڏ! ۽ جانل پنهنجي اکين مان نير اگهي، ائين ڪنڌ لوڏي. هامي ڀري، ڄڻ چوندي هجي ”ها، انهيءَ کان ته نه وڃون! ويٽنگ روم جي ٻاهران پوليس وارا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. فضا تي فطرت جو ساز طاري هو. ٻه روح پاڻ ۾ وچڙيا هئا. هڪ نئين روح جي تعمير جو سامان هو ۽ پوءِ ... باکن ڦٽيءَ ويل گلڻ ۽ جانل ريل ۾ ويٺا هئا. گاڏي هلي رهي هئي. پٽن تي گاڏيءَ جا ڦيٿا پنهنجي خاص سُر تار تي دهڪا ڌڏڪا ڪندا ٿي ويا. وڻ، ڳوٺ، ٻنيون، پليون، واهيون سڀ پوئتي ڊوڙندا ٿي ويا ۽ گاڏي ڌڏڪا جهوٻا کائيندي پوري رفتار سان منزل طرف وڌي رهي هئي. پوليس وارن جي چهري تي مرڪ هئي، گلڻ جي دل خوش هئي ڄڻ کيس ڦاسي جي تختي تان لاهي، امر زندگي بخشي ڇڏي هئي. جانل خوش هئي ڄڻ کيس ڪنهن جنم جنم جي موٽ بخشي ڏني هئي.

        وڏيءَ ڪورٽ گلڻ ۽ جانل جي اپيل رد ڪري ڇڏي هئي. فيصلو ٿئي عرصو ٿي چڪو هو. اڄ گلڻ کي ڦاسي اچڻي هئي. جيل جي فضا تي هڪ عجيب اداسي ڇانيل هئي. وارڊر ڦاسيءَ جي چاڙهيءَ تي بيهي نوڙي ٺيڪ ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر گلڻ جي نبض ڏسي سندس تدرستيءَ جي تصديق ڪرڻ لاءِ سيڙيو ويٺو هو. صبح جو ٿڌڙي ٿڌڙي هوا هلڪا سرڙاٽ ڀريندي گهلي رهي هئي ۽ گلڻ ٻن وارڊن جي وچ ۾ ڦاسي گهاٽ طرف وڌي رهيو هو. هن جي منهن تي نه ڊپ هو نه ڊاءُ، نه مرڪ هئي نه خوشي. سانيتڪو چهرو کڻي، هو ڦاسيءَ طرف ائين وڌي رهيو هو، ڄڻ ڄاڻندو هجي ته زندگيءَ ۾ اهڙا به مرحلا ايندا آهن ۽ انهن کي منهن ڏيڻو ئي پوندو آهي. ڄڻ ڄاڻندو هجي ته هي پڻ زندگيءَ جي هزار منزلن مان هڪ آهي جنهن کي پار ڪرڻو ئي آهي. آهستي آهستي اچي هو ڊاڪٽر جي روبرو بيهي رهيو. ڊاڪٽر هٿ وڌائي هن جي نبض ڏٺي، سيني تپاسڻ جو اوزار کڻي سينو تپاسيائين ۽ پوءِ چيائين: ”بلڪل ٺيڪ آ.“ وارڊر گلڻ کي هٿ مان ڇهي، کيس اڳتي وڌڻ جو اشارو ڪيو ۽ گلڻ رڙهي اچي ڦاهيءَ ڀر ۾ بيهي رهيو. جيلر آيو ۽ اچي ڪورٽ ۾ فيصلو پڙهي ٻڌايائينس.

        ”تنهنجي ڪا آخري خواهش هجي ته چئه.“ جيلر فيصلو پڙهي ٻڌائڻ پڄاڻان چيو.

        ”پوري به ڪندين! گلڻ ائين چيو ڄڻ کيس اعتبار ڪونه هو ته سندس آخري خواهش پوري ٿيندي.

        ”ڪوشش ڪبي، تون چئه ته سهي! جيلر ڀڻڪيو.

        ”چڱو .... جاچ ڪري ڏي ته جانل پيٽ سان آهي؟“ گلڻ ٻڏتر جي نوع ۾ چيو.

        جيلر ڊاڪٽر کي وٺي زناني وارڊ ڏانهن هليو ويو، جيسين جيلر موٽي، تيسين حڪم پٽاندر وارڊرن گلڻ کي ڦاهيءَ جي تختيءَ تي بيهاري، ڦاهي جي نوڙي سندس ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي هئي. هاڻي جيلر جي اچڻ ۽ حڪم ڏيڻ جي دير هئي ۽ گلڻ خاموش بيٺو هو. هو جيلر جي