سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: 4

صفحو : 9

باب چوٿون

حضرت سيد المراد قطب الاقطاب

جي اخلاق، سڀاءَ ۽ سخاوت جو بيان

شاهه مراد کائڻ پيئڻ (اٿڻ ويهڻ) سڀني عادتن ۽ عبادتن ۾ شريعت جي پيروي ڪندو هو. حضرت شاهه مراد وٽ دريائي نالي خدمتگار رهندو هو. هڪ ڏينهن ڪو سوالي شاهه مراد وٽ آيو. پاڻ ان سواليءَ کي دريائي ڏي موڪليائون ته، ان کان وڃي ڪجهه ڏوڪڙ وٺي. دريائي، سواليءَ کي چيو: مرشد مون کي ڪهڙي دنيا دولت ڏني آهي، جو تو کي ڏيان! سوالي فقير موٽي اچي شاهه مراد کي ماجرا ٻڌائي ته، ”سائين! مون کي دريائي فقير ته ڪجهه نه ڏنو.“ تنهن تي پاڻ خاموش رهيو.

ائين ٿوري دير ۾ شاهه مراد وٽ هڪ ٻيو ماڻهو آيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو: سائين! آءٌ تنهنجو خادم آهيان ۽ ٻه شيون خدمت ۾ پيش ڪيائين. هڪ نماز جو مصلو، ٻي سون جي سر. وڌيڪ عرض ڪيائين، ته ”هي سوني سر عدن شهر جي آهي. اسان ٻيڙيءَ ۾ هئاسون ته ٻيڙي ٻڏڻ لڳي. ان وقت اسان يا سيد المراد پڪارڻ لڳاسون ته توهان جلديءَ ۾ پهچي ويا. (اهڙي طرح ٻيڙي ٻڏڻ کان بچي وئي ۽ اسان سلامت رهياسون.) هينئر هيءُ هديو حاضر آهي. نه موٽائجو، قبول ڪجو، ڇاڪاڻ ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن به هديو نه موٽائيندا هئا.

شاهه مراد، سواليءَ فقير کي چيو ته، هيءَ سون جي سر دريائي وٽ کڻي وڃ، ان کي ڏي ۽ چئو ته، مرشد طرفان هيءَ سوني سر وٺ ۽ هاڻي ته مون کي خيرات ڏي.

حڪايت: حضرت شاهه مراد هڪ دفعي مسجد جي محراب ۾ ويٺو هو ته پاڻ، اوچتو مصلي جي هيٺان پنهنجو ساڄو هٿ وڌائون ته سندن پيشانيءَ مان پگهر ٽمڻ لڳو. اهڙي ريت سندن پهراڻ به پگهر ۾ آلو ٿي ويو. جڏهن مصلي جي هيٺان پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائون ته،ان هٿ مان پاڻيءَ جا ڦڙا ٽمي رهيا هئا. مريدن عرض ڪري سبب پڇيو، ته پاڻ چوڻ لڳا: منهنجو هڪ مريد ٻيڙيءَ تي سفر ڪري رهيو هو ته اوچتو برسات ۽ طوفان ان کي اچي وڪوڙيو. مريد ٻڏڻ تي هو ته، يا مرشدي يا مرشدي! چئي مون کي پڪارڻ لڳو. مون ان جو سڏ ٻڌو ۽ ورنايو. مصلي جي هيٺان هٿ وجهي بحر عميق مان ان مريد جي ٻيڙي تاريم.

ڪن چيو آهي، ته هيءُ ٻي ٻيڙيءَ جو واقعو آهي. چيو ويو آهي، ته هيءَ اها ٻيڙي آهي، جنهن جو ذڪر حڪايت ۾ ٿي گذريو آهي.

حڪايت: سال جي پڄاڻيءَ تي پاڻ شاهه مراد گهر مان ٻاهر نڪري، فقيرن کي سڏ ڪندو هو. فقيرن کي چوندو هو ته: اچو منهنجي گهر مان جو ڪجهه توهان کي وڻي، مال ملڪيت، ميوات، ڪپڙا، سڀ کڻو. مون لاءِ پوئتي ڪابه شيءِ نه ڇڏيو.

اهو سندن سخاوت جو حال هو. جيسين تائين سندس حياتي هئي، هر سال ائين ڪندو هو.

شاهه مراد هر ڪم ۾ شريعت محمدي جي پابندي ۽ عشقِ رسول صلي الله عليه وسلم جن جي پيروي ۽ تابعداري ڪندو هو. جڏهن حديثن ۾ ٻڌائين ته، محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن چاليهن سالن جي زندگيءَ ۾ جيڪي جوَ کاڌا آهن، پاڻ به ٽيٽيهن سالن ۾ اوترا جوَ کاڌائين.

حڪايت: حضرت سيد شاهه مراد جي خادمن مان عثمان نالي هڪ سچو خادم هو. هڪ ڏينهن سيد جي خدمت ۾ ويٺو هو ته، نماز جو وقت ٿي ويو. شاهه مراد ان خادم کان نماز لاءِ ڪپڙو ورتو. ان چادر ۾ پيسا ٻڌل هئا. شاهه مراد اهي پيسا فقيرن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيا.

ٻئي ڏينهن سيد، خادم (عثمان) کي چيو ته،تنهنجي چادر ۾ جيڪي پيسا هئا، انهن جو حساب ٻڌاءِ (ته توکي ڏيان). ان تي خادم وراڻيو ته،سائين اوهان سان ڪهڙو حساب ۽ ليکو؟ آءٌ ۽ منهنجو اولاد به اوهان تان گهور آهي.

اهو محبت وارو جواب ٻڌي، شاهه مراد خادم کي چيو: اميد ته الله تعاليٰ قيامت ۾ به تو کان حساب نه وٺندو، يعني پنهنجي مهربانيءَ سان بخشي جنت ۾ داخل ڪندو.

(مثال طور) جهڙي ريت روايت آهي ته، تبوڪ جي جنگ وقت حضرت عثمان بن عفان (شهادت 35 هجري) رضي الله تعاليٰ عنه سون ۽ چانديءَ جا خچر حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ مدد لاءِ موڪليا هئا. پوءِ جڏهن الله تعاليٰ مسلمانن کي تبوڪ جي جنگ ۾ فتح ۽ ڪاميابي ڏني ته، رسول الله  صلي الله عليه وسلم  جن جنگ تان فتح ۽ نصرت جي ڪري خوش ٿي موٽيا ۽ حضرت عثمان غني رضي الله عنه کي فرمايائون: اي عثمان! تو جيڪو سون ۽ چاندي اسان کي ڏنو، ان جو حساب ڪر ته تو کي هينئر ڏيون.

حضرت عثمان غني رضي الله عنه عرض ڪيو ته: اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم! منهنجو پيءُ ماءُ، اولاد ۽ مال ملڪيت سڀ اوهان تان قربان. منهنجو اوهان سان ڪهڙو حساب ۽ ليکو آهي.

(هيءُ محبت ڀريو جواب ٻڌي) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: الله جي اِذن سان آءٌ تنهنجو ضامن آهيان. الله تعاليٰ قيامت ۾ به تنهنجو حساب نه ڪندو. بنا شڪ شبهي جي هيءَ حديث مشهور آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org