سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: 5

صفحو : 10

باب پنجون

مسجد صفه مان بتن ڪڍڻ جو احوال

حضرت شاهه مراد جو هي واقعو ڄام نندي (ڄام نظام الدين سمو - وفات: 914 هجري) جي حڪومت جي پوئين دور جو آهي. ڄام نظام الدين معروف ڄام نندو پنهنجي وقت جو عادل ۽ سخي بادشاهه هو. هو روزانو صبح جو دعا گهرندو هو ته:اي منهنجا الله! آءٌ ڪنهن به بادشاهه تي ظلم سان حملو نه ڪندس. هن صبح جي برڪت سان اسان تي به هرو ڀرو ظلم سان ڪو حملو نه ڪري!

جڏهن ڄام نندي بادشاهه حضرت شاهه مراد جي سخاوت، ڀلائي، زهد ۽ ڪرامت جي ڳالهه ٻڌي، ته ان ڏي هديو موڪليو.

حڪايت: ڄام نندو وضو ڪرڻ لاءِ ويهندو هو، ته ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هو. آسمان ڏي به بنا وضوءَ جي نه نهاريندو هو.

هڪ ڏينهن پاڻ وضو ڪرڻ لاءِ ويٺو ته، کيس هما پکيءَ جي خبر ٻڌايائون. (هما، هڪ مشهور پکيءَ جو نالو آهي، جنهن ماڻهوءَ تي ان پکيءَ جو پاڇو پوندو، ته اهو ماڻهو بادشاهه ۽ ڀاڳ وارو ٿيندو.) پاڻ چيائين ته: آءٌ بنا وضوءَ جي آهيان، ان ڪري مٿي (آسمان ڏي) نه ڏسندس. ايتري ۾ هما پکي اڏامي هليو ويو، پر وضوءَ کان سواءِ ان ڏي مٿي نظر نه ڪيائين. جيتوڻيڪ کيس هما پکي ڏسڻ جو دل ۾ تمام گهڻو شوق هو. ڄام نندو گذريل زماني ۾ شريعت جو پابند حڪمران هو.

حڪايت: جڏهن حضرت شاهه مراد، ڄام نظام الدين سمي جي ديوان (لکي مل) جي جاءِ مان بتن ڪڍڻ جو حڪم ڪيو. هندو دانهن کڻي ڄام نندي بادشاهه وٽ ويا ته: بادشاهه! تون عدل انصاف وارو حڪمران آهين، تنهنجي وقت ۾ اسان سان هيءُ ظلم ٿي رهيو آهي. بادشاهه پڇيو ته: توهان سان ڪهڙو ظلم آهي؟ انهن هندن چيو ته، ”اصل ۾ آڳاٽو اسان جي وڏن، ابن ڏاڏن (هن جاءِ ۾) بت رکيا هئا. هينئر توهان جي وقت ۾ سيد مراد انهن بتن ڪڍڻ جو حڪم ڪيو آهي.“

ڄام نندي (پنهنجي ڀاڻيجي) ڄام مارڪ کي، شاهه مراد کي گهرائڻ لاءِ موڪليو. ان کان پوءِ نٿر نالي ماڻهوءَ کي موڪليو. ان بعد آخر ۾ شيخ ماله کي موڪليو. هن جاءِ جو قصو انشاء الله ڇهين باب ۾ آڻينداسون.

جڏهن ڄام نندي، شاهه مراد ڏي موڪليل پنهنجن ٽن ماڻهن کان سندس ولايت ڪرامت جو بيان ٻڌو ته چوڻ لڳو: آءٌ شاهه مراد جي خادمن مان هڪ خادم آهيان. هو هن معاملي ۾ اختيار وارو آهي. پوءِ ته ان هدين پويان هديا ۽ سوکڙين پٺيان سوکڙيون شاهه مراد ڏي موڪليون. شاهه مراد وري اهي سوکڙيون ۽ هديا فقيرن ۽ غريبن کي ڏيندو ويو. پوءِ ته ماڻهن ۾ سندس وڏو نالو مشهور ٿي ويو. پاڻ ماڻهن کي جاءِ مان بتن ڪڍڻ جو امر ڪيائين ۽ فرمايائين: اي سچا محب خادم مسلمانو! هن جاءِ مان هندن جا بت ٻاهر ڪڍو. ماڻهن کي جيئن امر ڪيو هئائين، ماڻهن به جاءِ مان بت ٻاهر ڪڍي ڇڏيا. ان ئي وقت اها جاءِ مسجد ۾ تبديل ڪئي وئي. هينئر اها جاءِ عام ماڻهن ۾ سيد مراد جو صفو مشهور آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org