سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: 1

صفحو : 2

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادبي بورڊ ويجهڙ واري دور ۾ اشاعتي سرگرميءَ ڏانهن سرگرميءَ سان ڌيان ڏيندي نهايت علمي، ادبي ۽ تاريخي شهپارا شايع ڪري هڪ مثال قائم ڪيو آهي. هينئر هيءُ جيڪو ڪتاب ”تذڪرة المراد“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، سو به ساڳئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

هيءُ تذڪرو تاريخي شهر ٺٽي سان واسطو رکندڙ بزرگ سيد محمد حسين شاهه شيرازي، جنهن کي عرف عام ۾ شاهه مراد شيرازي ٺٽوي چيو وڃي ٿو، متعلق آهي، جيڪو حاجي محمد حسين صفائي ٺٽويءَ ڏهين صدي هجريءَ ۾ لکيو. ڪتاب جو اصل مسودو عربي متن ۾ تيار ڪيو ويو. جنهن جو سنڌي ترجمو عربي ۽ فارسيءَ جي هاڪاري عالم جناب عبدالرسول قادريءَ سنه 1426هجريءَ ۾ تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو. بورڊ ترجيحي بنيادن تي هن ڪتاب کي ڇپي باذوق پڙهندڙ حضرات لاءِ هڪ وڌيڪ ڪارائتي ۽ مفيد ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي.

بورڊ جي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش آهي، ته سنڌ جي علم و ادب ۽ تاريخ سميت انهن بزرگ شخصيتن تي به تحقيقي ۽ تاليفي ڪم ڪيو وڃي، جيڪي نه رڳو سنڌي سماج بلڪ پوري دُنيا ۾ وڏو علمي مقام رکن ٿا. هونئن به تاريخ ۽ علم و ادب جو اصل سرچشمو ۽ روح وري به اعليٰ شخصيتون ئي هجن ٿيون. انهيءَ تسلسل ۾ اسان چاهيون ٿا، ته انهن موضوعن تي بي شمار ڪتاب شايع ڪري پاڻ تي رکيل ذميداري احسن طريقي سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪريون.

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org