سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: 10

صفحو : 15

باب ڏهون

 

شاهه مراد طرفان مريدن کي ٻين اولياء الله جي زيارت

۽ انهن وٽ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو بيان

حضرت شاهه مراد رحمته الله عليه پير البي جي حق ۾ فرمايو ته: اي مارڪ! (پير البي جو اصل نالو) تنهنجي پڳ آخر زماني ۾ ظاهر ٿيندي.

مصنف (حاجي حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو ته، هن عبارت مان مراد آخر زماني ۾ ڪرامت ۽ ولايت سان سندس نالو مشهور ۽ روشن ٿيڻ آهي.

جيئن پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد علي (اول) شيرازي (وفات: 877 هه) جي حق ۾ چيو هئائين. هڪ دفعي سيد شاهه مراد گهوڙي تي چڙهيو پئي آيو. (سيد علي) سندس گهوڙي جي اڳيان اڳيان پنڌ هلندو پئي آيو. دل ۾ خيال ڪيائين ته، آءٌ به ٻين سڀني مريدن وانگر آهيان. شاهه مراد جڏهن باطني فراست ۽ ڪشف ذريعي پنهنجي ڀاءُ (سيد علي) جو دلي ارادو ۽ خيال معلوم ڪيو ته پوءِ ان جي حق ۾ چيو: ابيضڪ الله في الدنيا والاخره مطلب ته الله تعاليٰ تنهنجو (منهن) دنيا ۽ آخرت ۾ روشن ۽ چمڪدار ڪري!

وڌيڪ اهو به فرمايو ته: اسان جي اولاد مان جنهن جي عمر وڏي ٿيندي، اهو علم تفسير، حديث ۽ فقه ۾ ماهر هوندو ۽ انهن علمن تي عمل به ڪندو. (ڪتاب جو مصنف حاجي حسين صفائي) چوي ٿو ته، اهو حق آهي، پاڻ جيئن فرمايائين ائين ٿيو .....

شاهه مراد جي مريدن مان ڪنهن پڇيو ته، اسان مريدن مان ڪو مريد (ٻين) اوليائن جي زيارت ڪرڻ وڃي ته اجازت آهي؟

(ان سلسلي ۾ هيءَ حڪايت مشهور آهي)

حڪايت: شاهه مراد جي مريدن مان الهه ڏني نالي مريد هو، پر ان جو پنهنجي مرشد ۾ ڪامل اعتقاد ڪونه هو. ان جي ڪري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر جمعي تي شيخ (پير) پٺي (وفات 606 هه) رحمته الله عليه جي درگاهه تي ويندو هو. (الهڏني کي) پنهنجي ڀيڻ جهليو ته، اي منهنجا ڀاءُ! اسان کي پنهنجي مرشد طرفان ٻين اوليائن تي مقصد کڻي وڃڻ جي منع ٿيل آهي. (باقي رڳو زيارت ڪرڻ جي اجازت آهي.)

ان شخص پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته، توکي ڪهڙي خبر؟ شاهه مراد وٽ ماڻهن جي تمام گهڻائي ۽ مصروفيت آهي. پير پٺي تي واندڪائي ۽ فرصت آهي.

پوءِ اي مريدؤ ڄاڻو (ته الله وارن جي غيرت آهي) ۽ ٻڌو! ته اهو شخص هڪ ڏينهن گهر ۾ ويٺو هو. هڪ سوالي عورت خيرات وٺڻ لاءِ اتي آئي. (الهڏني کي ڏسي ان سوالي عورت چيو) اي الهڏنا! منهنجي مٿي ۾ سخت سور هو. ائين هڪ رات مون کي ننڊ اچي وئي ۽ مون خواب ۾ ڏٺو ته، هڪ (بزرگ) ماڻهو بيٺو آهي. چوي ٿو ته: اي منهنجا خادمو! هن عورت کي وٺو ۽ سر ڪپيو ۽ هن مان سور ٻاهر ڪڍو. منهنجو مٿو وڍي سور ۽ بيماري ڪڍيائون ته منهنجي مٿي جو سور لهي ويو. (ڇرڪ ڀري) ننڊ مان جاڳي پيس. جيئن خواب لڌو هوم تيئن سور به لهي ويو.

(الهڏني) اهو خواب جو واقعو ٻڌي، ڳالهه ڦيرائي پنهنجي ڀيڻ کي سمجهائيندي چيو ته، پير پٺي جي ڪرامت ڏٺئي؟ شاهه مراد وٽ ته ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي فرصت ئي ڪانهي. سندس ڀيڻ ته چپ ٿي وئي، پر ان ڳالهه ۽ ڀاءُ جي هن عادت کان پريشان رهندي هئي.

سندس ڀاءُ هر جمعي تي پير پٺي تي ويندو رهيو. ائين ڪندي ڳچ عرصو گذريو ۽ سندس ڀيڻ هڪ رات خواب لڌو ته، ماڻهو شهر مان ٻاهر نڪتا بيابان ڏي پيا وڃن. ماڻهن کان پڇيائين ته، ”ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ اهي ماڻهو چوڻ لڳا: حضرت شاهه مراد جي مريدن مان هڪ مريد (پنهنجي مرشد کي ڇڏي) پير پٺي وٽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٿو وڃي. هينئر مرشد ان کي مارڻ جو حڪم ڪيو آهي. ان ڪري اسان (ان کي مارڻ لاءِ) اوڏانهن پيا وڃون.

پوءِ عورت چيو ته،”آءٌ به توهان سان گڏ هلان ٿي.“ ماڻهو هلندي شاهه مراد جي درگاهه تي ڏاڪڻ وٽ هيٺ پهتا ۽ اچي ان شخص تي مڙيا. اوچتو اهو شخص رستي ۾ مئو پيو هو. پوءِ مون ان مئل شخص جي منهن ڏي چتائي ڏٺو ۽ سڃاتم، ته هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي. پوءِ ان تي تمام گهڻو روئڻ لڳيس ۽ روئڻ جي ڪري ننڊ مان جاڳي پيس، اها ڇنڇر جي رات هئي.

منهنجو ڀاءُ جمعي تي پير پٺي تان ٿي گهر آيو، اچي ستو. ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو آءٌ ڀاءُ جي گهر ويس ته، راتوڪو خوفناڪ خواب ڀاءُ کي وڃي ٻڌايان.

جڏهن سندس گهر جي دروازي وٽ پهتيس ۽ ماڻهن کان ٻڌم ته، تنهنجو ڀاءُ مري ويو. (يعني خدا جي قدرت سان خواب حقيقت بنجي چڪو هو.) تڪڙي ان وٽ اندر ويس. وڃي ڏٺم ته سندس وات ۽ نڪ مان رت وهي رهيو آهي. پوءِ آءٌ ته دانهون ڪري روئڻ لڳيس. مون پوءِ اهو خواب ڀاءُ جي وفات بعد ٽئين ڏينهن ماڻهن کي ظاهر ڪري ٻڌايو (ته ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا!)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org