سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: --

صفحو : 5

متن

 

تذڪرة المراد


 

مقدمو

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

رب يسر ولا تعسر و تمم باالخير

 

سڀ ساراهه الله تعاليٰ واسطي آهي، جنهن نبين سڳورن کان سواءِ سڀ خلق تي اوليائن ۽ متقي پرهيزگارن کي شرف شان سان نوازيو. اهو الله تعاليٰ حمد ثنا، عظمت ۽ ڪبريائي جو حقدار آهي. اُن ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانءَ وانگر آسمان کي جوڙي بيهاريو. زمين کي پاڪ پاڻيءَ تي چوڌاريءَ پکيڙيو. ٻانهن کي ڏک سک، هر حال ۾ ان جو حمد ڪرڻ حق آهي. نعمتن تي ان جو شڪر ۽ مصيبتن تي صبر ڪرڻ حق آهي.

محمد صلي الله عليه وسلم جن تي صلوات ۽ سلام هجي، جيڪو انسانن جو سردار، اندر جي اجاريل پاڪ چونڊيل انسانن کان ڀلارو آهي. جهانن لاءِ رحمت آهي ۽ قيامت جي ڏينهن گنهگارن لاءِ شفاعت ڪندڙ آهي. ان جي مٿان الله تعاليٰ جي رحمت هجي. سندس آل اصحابن، پاڪ گهر وارين، اولاد ۽ عزيزن قريبن، انهن سان گڏ سڀني شهيدن تي به الله تعاليٰ جي رحمت وسي!

هن ڪتاب (تذڪرې المراد) جو لکندڙ فقير حقير ڪمزور حافظ حاجي (محمد حسين صفائي ٺٽوي)  چوي ٿو: ”آءٌ حضرت سيد (محمد) حسين (شيرازيءَ) جو مريد آهيان، جيڪو سيد مراد (شاهه مراد شيرازي ٺٽوي) جي لقب سان مشهور آهي، بيشڪ منهنجو مرشد (وقت جي) اوليائن کان افضل ۽ ڀلارو آهي.

حمد صلوات کان پوءِ (احوال ته) هي مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻارنهن باب آهن. الله تعاليٰ مراد جي سڀني مريدن کي هن ڪتاب تذڪرې المراد مان نفعو پهچائي!

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org