سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: 11

صفحو : 16

باب يارهون

قطب الاقطاب سڳوري سيد جي ڀلائي ۽ ڄمار جو بيان

(مشهور آهي ته) سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه (بغدادي، 470 هه - 561هه) جو ڪل ولين جي مٿان قدم آهي، پر ٻئي (سيد عبدالقادر جيلاني ۽ سيد حسين شاهه مراد شيرازي ٺٽوي) محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي اولاد هجڻ ڪري برابر آهن. حضرت سيد شاهه مراد (سيد عبدالقادر جيلانيءَ کان سواءِ) گهڻن اوليائن کان شان ۾ سرس ۽ فيض بزرگيءَ ۾ ڀلارو آهي.

حڪايت: ڪنهن مڪاشفي واري اولياء خواب ۾ ڏٺو ته، سيد (عبدالقادر جيلاني) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ سيد مراد، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي سٿر مبارڪ تي ويٺو آهي. ان بزرگ حضور صلي الله عليه وسلم جن کان عرض ڪري پڇيو ته: ”سيد مراد اوهان جي سٿر مبارڪ تي ويٺل آهي ۽ سيد عبدالقادر جيلاني اوهان جي ساڄي پاسي ويٺو آهي؟“

رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: هائو، ٻئي منهنجو اولاد آهن ۽ منهنجي سنت تي هلندڙ پيروڪار آهن. خاص ڪري (هن وقت) منهنجو هيءُ پٽ  (سيد مراد) هر هڪ قول ۽ فعل ۾ منهنجي شريعت جي تابعداريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ موافق آهي.

سوال: سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي خادمن مان ڪنهن خادم هن باري ۾ بحث ڪيو ته، سيد عبدالقادر بالاتفاق سڀني اوليائن کان ڀلارو آهي. ان لاءِ سندس هيءُ قول مشهور آهي: ان جو قدم اوليائن جي مٿان آهي. ان لاءِ توهان جو ڪهڙو جواب آهي؟

جواب: اسان لاءِ ان واسطي قرآن شريف ۾ بيبي مريم سلام الله عليها جي قصي ۾ دليل موجود آهي:

يا مريم ان الله صطفٰک و طهرک واصطفٰک عليٰ نِسآءِ العالمين.

(پارو 3، سورت آل عمران، آيت 41)

(ترجمو: بيشڪ الله توکي چونڊيو ۽ توکي پاڪ ڪيو ۽ اڄ توکي جهانن جي عورتن تي چونڊيو.)

هتي بيبي مريم جي ڀلائيءَ مان مراد سندس وقت جي عورتن تي ڀلائي آهي.

ان سان گڏ چيو اٿن ته، حضرت خديجه رضي الله عنها، حضرت عائشه رضي الله عنها ۽ حضرت فاطمه رضي الله عنها بالاتفاق بيبي مريم کان شان ۾ ڀلاريون آهن.

(مثال طور) اهڙي طرح سيد عبدالقادر جيلانيءَ جو قدم به پنهنجي وقت جي اوليائن تي هو. اسان جو مرشد (سيد شاهه مراد) ٻي وقت ۾، ۽ انهيءَ قول کان مستثنيٰ يعني جدا ٿيل آهي. جيئن ان جو دليل قرآن شريف مان بيبي مريم سڳوريءَ جي قصي مان مٿي ڏنو ويو آهي.

ان جو دليل طرفان جي دعا ۾ آيو آهي، جيڪو سندس اخلاق واري باب ۾ گذري آيو. (؟)

ان سان گڏ اسان اهو چيو آهي ته، بيشڪ اسان جو مرشد حضرت سيد مراد ان سان برابر آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن جا اهلبيت (اولاد) آهن.

اسان اهو ڪونه ٿا چئون ته، مرشد شاهه مراد، سيد (عبدالقادر جيلانيءَ) کان وڌيڪ ڀلارو آهي، پر اسان انهن ٻنهي کي (پنهنجي پنهنجي وقت ۾) ڀلائيءَ ۾ هڪجهڙو مڃون ٿا.

اهڙي طرح اهڙو سوال وقت جي قطب مخدوم سرور نوح هالائي رحمته الله عليه (وفات: 998 هه) کان به پڇيو ويو هو ته: يا مخدوم! سيد (عبدالقادر جيلاني) چيو آهي: منهنجو هر وليءَ جي مٿان قدم آهي. ان جي معنيٰ ۽ مطلب ڇا آهي؟

مخدوم سرور نوح رحمته الله عليه فرمايو: هائو! اها ڀلائي سندس زماني ۾ هئي.

محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ڀلائي اول کان آخر تائين هڪ جهڙي آهي. ان کان اڳ ۾ يا بعد، ڪوبه شان ۾ وڌيڪ ڀلارو نه آهي.

باقي اوليائن واسطي پنهنجي پنهنجي وقت ۽ زماني ۾ شان ۽ ڀلائي هوندي آهي.

شاهه مراد جي ولادت 830 هجري تي ٿي. (حاشيه تذڪرې المراد عربي قلمي ص. 31) حضرت سيد مراد جي عمر، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي عمر جيتري ٽيهٺ (63) سال هئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org