سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪرة المراد

باب: 12

صفحو : 17

باب ٻارهون

شاهه مراد جي وفات جو بيان

حضرت شاهه مراد جي هن فاني دنيا مان موڪلائي دارالبقا ڏي لاڏاڻي ڪري وڃڻ بابت مختلف ڳالهيون آهن.

هن ڳالهه تي سڀني اتفاق ڪيو آهي، ته حضرت شاهه مراد جو وصال ربيع الاول ۾ ٿيو آهي. ڪن مريدن جو چوڻ آهي ته، سندس وصال وقت مهيني ربيع الاول جو ٻيو ڏينهن هو. هن مهيني جو چنڊ خميس جي رات ڏٺو هو. ان سبب ڪري درگاهه تي ماڻهو جمعي تي اچي گڏ ٿين ٿا.

ڪن چيو آهي ته، ان مهيني جو چنڊ آچر جي رات ڏٺو هو. ان ڪري ٻيو ڏينهن (يا ٻي تاريخ آچر؟ (سومر) جو ڏينهن ٿيندو.

مطلب ته شاهه مراد جو وصال ٻي تاريخ، ربيع الاول مهيني ۾ ٿيو. سومر جو ڏينهن سنه 893 هجري هو.

هن سنڌ ملڪ ۾ سندس عرس مشهور آهي. پوءِ سيد علي ثاني (وفات: 981 هجري) جي هٿان هيءُ عرس گهڻو مشهور ٿيو. سيد علي ثاني، شاهه مراد جي ڀائٽي (سيد جلال بن سيد علي اول) جو پٽ هو.

سيد علي اول (ولادت: 795 هه - وفات: 877 هه) شاهه مراد جو سڳو ڀاءُ آهي. سيد علي ثاني، شاهه مراد جي تاريخ وصال بابت ٻه سبب ڏنا آهن.

1. ان جي ننڍي ڏاڏي ربيع الاول جي ٻئي ڏينهن (تاريخ) تي وفات ڪئي.

2. حضرت سيد مراد رحمته الله عليه جي وڏي ڏاڏي محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ربيع الاول جي ٻي يا ٻارهين (تاريخ تي برقعو مٽايو) (ٻارهين ربيع الاول تي) سڀ متفق آهن.

اصل ۾ سيد علي (؟) رحمته الله عليه جي وقت ۾ شاهه مراد جو عرس مسجد ۾ ٿيندو هو. اهو عرس شروع ربيع الاول جي ٻي تاريخ تي ٿيندو هو.

هن وقت عرس جي ابتدا ربيع الاول جي پهرين تاريخ کان ٿئي ٿي.

جيئن سيد علي رحمته الله عليه ٻنهي جهانن جي سردار محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم) جن جي برقعي مٽائڻ بابت ٻه مختلف قول (ڪتابن ۾) ڏٺا. اهڙي طرح نبي صلي الله عليه وسلم جن جي برقعي مٽائڻ بابت مختلف روايتون آهن.

ڪتاب مواهب (اللدنيه) ۾ آهي ته، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ربيع الاول جي ٻي تاريخ تي برقعو مٽايو. اهو سومر جو ڏينهن منجهند جو وقت هو. پاڻ سڳورن جي هن دنيا ۾ تشريف آوري به سومر جي ڏينهن ٿي هئي ۽ مديني منوره ۾ سومر جي ڏينهن منجهند جو پهتا هئا ۽ مڪو شريف فتح به سومر جي ڏينهن منجهند جو ٿيو هو.

(نبي صلي الله عليه وسلم جن جي برقعي مٽائڻ بابت) اڪثر روايتن ۾ اتفاق آيو آهي ته، ربيع الاول مهيني جي ٻارهين تاريخ هئي.

پوءِ ڄاڻو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن بنا شڪ شبهي سومر جي ڏينهن برقعو مٽايو آهي.

ابن مسعود رضي الله عنه جي حديث ۾ آهي ته، نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن جي برقعي مٽائڻ واري تاريخ  يارهين رمضان المبارڪ آهي. ان حديث کي “بزاز” روايت ڪيو آهي.

ٻي روايت موجب، اتفاق سان مهينو ربيع الاول (12 تاريخ) سومر جو ڏينهن منجهند جو وقت هو. ائين قاضي بيضاوي لکيو آهي. الله تعاليٰ حقيقت حال وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ۽ الله تعاليٰ ڏي موٽڻو آهي.

----  پورو ٿيو  ----

پوءِ ان ڪري الله تعاليٰ جو تمام گهڻو حمد ۽ شڪر آهي.

(ڪتابت: 3- ربيع الاول 1347 هجري)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org