سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: 7

صفحو : 12

باب ستون

سيد مراد جو حسب نسب

هن جو حسب حيدري، نسب حسيني، وطن شيراز، دل عرفاني، طريقو شرعي، جهانن جو قطب ۽ خاتم المرشدين آهي. (سندس نالو سيد محمد حسين ۽ والد جو نالو سيد احمد آهي.) سندس نالي وار شجرو هن ريت آهي.

سيد (محمد) حسين عرف شاهه مراد (وفات 933 هه) پٽ سيد احمد پٽ سيد محمد شيرازي پٽ سيد محمود شيرازي (وفات 694 هه مدفن شيراز) پٽ سيد محمد (وفات 714 هه) پٽ شاهه محمود (وفات 753 هه) پٽ سيد ابراهيم (وفات 645 هه مدفن شيراز) پٽ سيد قاسم (وفات 620 هه مدفن شيراز) پٽ سيد زيد (وفات 609 هه مدفن جنت المعليٰ مڪو شريف) پٽ شاهه حمزه (وفات 549 هه مدفن ڪربلا) پٽ شاهه هارون (وفات 532 هه مدفن ڪربلا) پٽ سيد عقيل (وفات 512 هه مدفن ڪربلا) پٽ سيد عقيل ثاني (وفات 492 هه مدفن سرمن ريءَ) پٽ سيد اسماعيل (وفات 439 هه مدفن سرمن ريءَ) پٽ سيد علي اصغر پٽ سيد علي جعفر پٽ سيد محمد پٽ سيد علي نقي پٽ امام علي رضا پٽ امام موسيٰ ڪاظم پٽ سيد امام محمد جعفر پٽ سيد امام محمد باقر پٽ سيد امام زين العابدين پٽ امير المؤمنين سيد امام حسين پٽ علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجهه. الله سڀني تي رحمتون ڪري! حضرت علي المرتضيٰ، حضور نبي (محمد صلي الله عليه وسلم)  جن جا سؤٽ آهن.

حضرت محمد صلي الله عليه وسلم بن عبدالله بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبد مناف بن قصي بن ڪلاب بن مره بن ڪعب بن لوي بن غالب بن فهر بن مالڪ بن نضر بن ڪنانه بن خزيمه بن الياس بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان بن اد بن همسع بن ارد بن حمل بن قيدار بن اسماعيل بن ابراهيم خليل الله. سڀني نبين سڳورن ۽ صالحن تي الله تعاليٰ جون رحمتون هجن!

اهڙيءَ طرح ڪتاب سيرت گاذروني جي باب ذڪر آباء النبي صلي الله عليه وسلم ۾ آيل آهي.

سيد مراد جي نسب جو سلسلو حضرت نبي محمد صلي الله عليه وسلم جن تائين ستاويهن (27) واسطن سان پهچي ٿو. يعني سندس ابتدائي نالي سيد حسين کان وٺي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن تائين. اهڙيءَ ريت محمد صلي الله عليه وسلم جن کان وٺي ابراهيم (خليل الله) عليه السلام تائين به ايترن واسطن سان نسب جو سلسلو ملي ٿو.

ٻارنهن امام آهن، انهن مان ست خلافت سان نوازيل هئا: 1. امام زين العابدين 2. امام جعفر صادق 3. امام موسيٰ ڪاظم بن جعفر صادق 4. امام شاهه علي بن موسيٰ ڪاظم 5. امام محمد تقي 6. امام علي نقي بن امام محمد تقي
7. امام حسن عسڪري بن امام علي نقي رضي الله عنهم.

چوڏنهن (14) معصومن جي رتبي تي هي ڀلارا پهتل آهن: 1. محمد اڪبر بن (علي) المرتضيٰ 2. عبدالله بن امام حسن 3. علي (زين العابدين) بن حسين 4. حسين بن زين العابدين 5. صالح بن امام محمد باقر 6. علي اصغر بن محمد باقر 7. عبدالله بن امام جعفر صادق 8. يحيٰ بن امام جعفر صادق 9. صالح بن امام موسيٰ ڪاظم 10.  طيب بن امام موسيٰ ڪاظم 11. جعفر بن امام تقي 12. جعفر بن امام حسن 13. قاسم بن امام محمد مهدي 14. امام محمد مهدي صاحب الزمان.

اهڙي طرح ڪتاب شجرة السادات الطيبين الطاهرين ۾ لکيل آهي.

امام زين العابدين کي ٻه فرزند هئا: 1. محمد باقر 2. عبدالله. حضرت شاهه مراد، محمد باقر جي اولاد مان آهي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org