سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :6

 

مئل روح

هيڏي ته ڏسو!

هوُ گهورڙيا

پينوُ

۽

سڙڪن تي سمهندڙ

ڪِن ڌپ ۾ رهندڙ.

ڳڻتيءَ ۽ غريبيءَ ۾

گسن تي ۽ جهڳين ۾

آدم ۽ فرشتن جا

هزارن ۾

مئل روح

هڏ ماس ۾ پاڇا:

ماتائون جليل جي، ته وحشت ۾ ڪنيائون

پٽ نقل پُين جا

بي علم ۽ برباد

مظلوم . . ٻه ڀيرا

آدم ۽ فرشتن جا

هزارن ۾

مئل روح.

 

هڏائون پڃرو             آيو رام

ماس کائي ويا مقاطعدار         هِن سان آهيان

خوُن چوُسيو ملي عملدارن       هُن سان آهيان

هاڻ                              ڪنهن سان آهيان

آهن رهيوُن                       ڪنهن سان ناهيان

سڙڪ جون هڏيوُن               مان ئي ٿو ڄاڻان پنهنجو پاڻ

پاسريوُن                          پاڻ سڃاڻان پاڻ ئي پاڻ

ڪجهه ملم                      آهيان

ڪي ڦٽ                         مان

۽ پٽيوُن.                         هر ديگي چمچو

هن جو                   سڻس پوي جي ڪنهنجي

هن جو                                 کٽڻ جي

تُنهنجو                          اُن وٽ

سڀ جو                          پاڻ کي پايان ٿو.

ڪوئي مون لءِ           ڪنهن جي هار…اِبليس

ڌاريو ناهي                                     جي هار

ڌاريو پڻ پنهنجو ئي آهي

ڪوئي هاري             اُن تي اعمالن جي مار

ڪوئي جيتي            چڙهندڙ سج کي… ڊگهو

سلام

ڪير جو منهنجو آسڻ   ۽ لڙهندڙ سان… قطع

لوڏي؟                         ڪلام

سڀ جي سوڀ منايان ٿو        ڇا جي عزت؟

پاڻ کي                          ڇا جي غيرت؟

وچ ۾                    ڌرم ڪرم يا اِنسانيت؟

آڻيان ٿو                          هي سڀ آهن لفظ چوڻ جا

                                  جو ڪجهه آهن… ڌن ۽

    طاقت:


 

 

کيئلداس ”فاني“ (1914)

او منهنجا وطن!

 

او منهنجا وطن! دلدار وطن!

ڪيا ڪيڏا ڀُلائڻ جا مون جتن

لڳي لنءَ لنءَ ۾ آهي اهڙي لگن

ڀل کان نه ڀلن تنهنجا ڀاڻ ڀوَن

ڪوشش مون ڪئي وئرٿ سا وئي

ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي.

 

هت ڏاڍو ڏکايو آهي ڏکن

سک ياد ڪري اُڌما ٿا اُٿن

ڳڻ ياد ڪري ڳالهيون نه کٽن

پل پل ٿا دلاسا دل کان پڇن:

گهر ۾ ڇو رهي ڌاريو ٿي گهمين

خوش رهه ڇو غمن ماريو ٿي گهمين؟

 

3- مشڪل ٿي پيو واپس آ ورڻ

مشڪل ٿي پيو ڳڻتين ۾ ڳرڻ

چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ

سمجهي ٿو سٺو اُڃ رڃ ۾ مرڻ

سنسار جو تنگ خيال سڏي

دل قرب جو تنهنکي ڪمال سڏي.

 

4- ڪري نيڻ نکنڊ ٿي پهرا ڏنم

ڌاڙن ۽ ڌڪن کان به دل نه ڊنم

ڏک ياد نه هو، ڏک ڪو نه ڏٺم

سؤ ڇرڪ سهي ياري نه ڇنم

سرديءَ جي سٽن، گرميءَ جي گهٽن

ڪجهه ڪين ڪيو ٻوڏن ۽ ٻٽن.

 

5- اُها جهانگين جي جهونگار ڪٿي!

اُهي چنگ گهڙا يڪتار ڪٿي!

اُهي کوهه ڪٿي! اُهي نار ڪٿي!

اُها باغن جي آ بهار ڪٿي!

اُهي کيرونگا گدرن جون وليون

اُهي واڙ ڀلا ڇانهن جون ڇليون.

 

6- سمجهان ٿو مگر موٽڻ آ محال

موٽان به، اڳيون ڪٿ ايندو ڪمال

ظاهر ٿو ڏسان هت پنهنجو زوال

ڀل خلق سڏي اِهو خام خيال

توڏي ننگي پير جي نڪري پويان

هوند اونڌا ڀاڳ پون ٿي سنوان.

 

7- بيوس ٿي ڇڏيم توکي يار وطن

ڇڏي سونهن ڪيئه سينگار وطن

ياريءَ جا ڏٺا مون نه پار وطن

گلزار مان ٿي پئين خار وطن

ڀلا خار ٿي پئين مونکي ڇو نه جهليئه

ڇو نه پلئه وجهي پڪڙي ٿي پليئه؟

 

8- هت جان، جدائيءَ ۾ ٿو ڏيان

هڪ آس تي مان جيڪس ٿو جيان

شل تو ڏي اچي ٿائيڪو ٿيان

هر شخص ڇڏيا هت هاري هيان

لاهي هيانءُ جدائيءَ ۾ جهايون جهري

پيو ڀؤنءِ سان ڀاڪر پائي ڀري.

 

9- هت پنهنجي پلين جا حال ته ڏس

اُهي سيٺ سگها ڪنگال ته ڏس

گوندر ۾ گتل هت لال ته ڏس

ظالم هي زماني جي چال ته ڏس

هت هوند وارا حيران ٿيا

ڌنوان ولها ويران ٿيا.

 

10- ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي، وطن!

ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي، وطن!

لڏي جن آ لڏايو مون کي، وطن!

جن روهه رلايو مون کي، وطن!

فاني سي ڏسان دردن ۾ دکي

سالن ۾ ٿين ساعت نه سکي!

 

احساس

پٿر جي ديوتا ۾               هڪ ڏينهن جان ائي

ورهين جي ويدنا جنهن        ٻاڦي نه ٿي ٻڌائي

لنءَ لنءَ ۾ لوڇ لاشڪ لوڪن کان پئي لڪائي

آواز ڏيئي آخر          پٿر جي ڇاپ ٻوليو

                                پيڙا کان پاپ ٻوليو:

”ڪنهن سنگتراش سنگدل    منهنجو هي جسم جوڙيو

ڀڳوان مونکي ڀانئين  سڀڪو ٿي مون ڏي ڊوڙيو

ڀولن ۽ ڀورڙن کي             ڪوتہ نظر نهوڙيو

بي سمجهه صدق آيو ويهو نه سمجهه آئي

                                وشواس لنوَ لڳائي.

ڪمري ۾ بند منهنجو        قائم آ قيد خانو

هيرن جا هار مون وٽ  خاصو رهي خزانو

ڀڳتيءَ جي اوٽ ۾ آ  عشرت جو آشيانو

پيرن ۾ منهنجي امرت        اسٿان ۾ گنگا جل

                                ڀيٽا ۾ پشپ گل ڦل.

گهٻرائجي وئي آ              حالت گلن ڦلن کان

من مونجهه ۾ مري پيو       ويسن ۽ وسترن کان

بيزار ٿي پيئي ڄڻ            بلبل جي دل چمن کان

هن روز جي رسم کان دل ٿي اُداس آهي

                                چوڏس اُماس آهي.

هن واس ڌوُپ دوُنهين گهنڊن کان من ٿو گهٽجي

دوکي ۽ دنڀ سببان   ڀڳتيءَ جو ڀاءُ لٽجي

هن دل جي بيقراري    ڇن پٽ کان ڪيئن ڇٽجي

اُجلو ڏسي افق ۾              منهنجو ڇو من لڏي ٿو

                                اونده ۾ سج ٻڏي ٿو.

مرجهائجي وڃن ٿا             پشپن جا ڍير مون وٽ

پوتر ٿيڻ اچن ٿا               پاپن جا پير مون وٽ

افسوس ڇا ٿين ٿا             ايڏا انڌير مون وٽ

هن ڏيک کان ڏکي ٿي        منهنجي نگاه روئي

                                منهنجو گناه ڌوئي.“

پٿر جي مورتيءَ ۾            احساس ڊوڙي آيو

سالن جي سالن جو            اکين مان جل وهايو

پنهنجو ئي پاڻ تي سر        ڀيٽا ڏيئي چڙهايو

مورت جي دل ٽٽي پئي       پٿر ڀري ٿيو واري

                                وسمئه ۾ پيا پڄاري.

 

 

ٻه غزل

(1)

رات کانپوءِ رات ڪٿ ايندي نه آهه

مون مٿان پر غم تي غم ايندو ويو!

دوُر کان ويجهو ڏٺم ويجهو عزيز

جئن ويس ويجهو پري ٿيندو ويو!

قافلو منهنجو لٽيو اهڙيءَ طرح

جو ڏسي رهزن به روئيندو ويو!

آهه اکين کي به ٻولڻ جي زبان

ڪو نظر سان حال اوريندو ويو!

پاڻ بادل صاف ٿيو ڪارنهن ڪڍي

داغ ڌرتيءَ جا به ڌوئيندو ويو!

ڪو وساريل گيت ڳائي سوز مان

دل کي چوريندو ۽ جهوريندو ويو!

ڪنهن ڏٺو مون ڏي نه جهوليءَ ڏي ڏٺو

جنهن ڏيڻ چاهيو ٿي سو ڏيندو ويو!

 

(2)

جدائيءَ ڇڏيو تير اهڙو چڀائي

نه چوري سگهان سر، نه پاسو ورائي!

اکين کي ئي سچ آهه لقمي جي لالچ

تڏهن ’وات کائي ته اک ٿي لڄائي!‘

اجايو ٿو پٿر هڻين بانولي کي

وٺي واٽ پنهنجي ها هؤ بڙ بڙائي!

نه واقف هو هوُ حسن کان، عشق کان مان

پئي ڄاڻ جئن، ويو مزو موڪلائي!

سندس اصل کان بي نيازيءَ جي عادت

ڌڻي! منهنجي غيرت کي ٿيو ڇا الائي!

اُٿن ٿيون وري دل مان ڇو سيسراٽيون

لنوي اک ڇڏيو ڪجهه آ دل کي ٻڌائي!

پتنگ ڇا ڏسي شمع ڀڙڪي نه اُٿندو

مگر روڄ ڀاري ڪيس پر ڀڄائي!

پئڻ آهي بدڪار، بدڪار سو آ

پئڻ بعد پڇتاءُ جو ٿو پرائي!

ٿيو خار آ خوار، فاني! جڳت ۾

مگر گهاءُ گهرو ته گل ٿو رسائي!

 

پرڀو ”وفا“ (1915)

غزل

(1)

غم نه اهڙو نه ڪا خوشي اهڙي

دل جي حالت ئي ڪجهه بڻي اهڙي!

دل سان آخر الائي ڇا ٿيندو؟

آهه شروعات ئي جي ٿي اهڙي!

هوءَ الائي ڇا سمجهندي هوندي

ڳالهه ڪرڻي نه هئي ڪئي اهڙي!

ٿي پريان ئي ڏسي وٺي ٻي واٽ

بي رخي سان به بي رخي اهڙي!

دشمنيءَ کان به گهرا گهاؤ ڪري

مون ڏٺي آهه دوستي اهڙي!

يار جي ياد چشم تر نه ڪري

ڇا ڪبي خشڪ زندگي اهڙي!

مون بگاڙي بگاڙي دل ٺاهي

ٿي گناهن جي رهبري اهڙي!

جنهن ۾ گمان حق جون لک باتيون

ڪا اچي لب تي خامشي اهڙي!

حسن ۽ عشق جا هي نقش هزار

آرسيءَ سامهون آرسي اهڙي!

جا وفا جي خودي بلند ڪري

ساقيا ڏي ڪا بيخودي اهڙي!

اُفق تي صاف اچي اڄ ٿو آفتاب نظر

 

(2)

اچن ٿيون ڪوششون سڀ پنهنجون ڪامياب نظر!

جو ڪالهه خواب هو اڄ ئي پيو حقيقت آ

هئي جا ڪالهه حقيقت اچي ٿي خواب نظر!

آ ذره ذره اندر بوءِ اڄ بغاوت جي

هوا ۾ ٿو اچي اڄ ڪوئي انقلاب نظر!

عمل جي ڄر اڳيان ٿا پگهرجي پهاڙ پون

بخوبي ٿو اچي پٿر جي هيٺان آب نظر!

ملي ٿو حل وڃي هر مشڪلات جو پاڻهي

ڪڏهن سوال اندر ايندو آ جواب نظر!

هلي ٿو جڳ جو هي چرخو اڃا تائين ڇو جو

ٿو گڏ گناه سان ڪٿ ڪٿ اچي ثواب نظر!

اسان ٿا دوستي چاهيون مگر سو دشمن آ

اسان جي ملڪ تي جيڪو رکي خراب نظر!

ڏسون ٿا ڇا ڪندو اڄ پنهنجي زندگيءَ جو جام

اچي منجهس ٿو جوانيءَ سندو شراب نظر!

جوان سڀئي جيئن ٿي پون جواهر لعل

۽تن جي ڪوٽ ۾ ٽڙندو اچي گلاب نظر!

زماني پلٽو آ کاڌو جو اڄ ولائت ۾

ٿو هٿ ۾ ڪن جي اچي شاهه جو ڪتاب نظر!

ڪندو ٿو ذڪر وڃان، وجد ۾ ٿو ايندو وڃان

اچي ٿو سارو زمانو وفا کي خواب نظر!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org