سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :2

 

ليکراج عزيز (1897 – 1971)

 

سنڌ جي سڪ

1. من منهنجا! ڪهڙي شمع جو پروانو آهين تون؟

مجلس جي ڪهڙي جام جو مستانو آهين تون؟

ڇا چاڪ جيب ساڻ ڪو ديوانو آهين تون؟

ٿيا ساهه سرد تنهنجا، ڪو افسانو آهين تون؟

ڏينهن رات ڪنهنجو نام اَٿيئي زبان تي؟

سجدو ڪرين ٿو ڪنهنجي قدم جي نشان تي؟

 

2- دل ۾ دٻائي نيٺ ڇا طوفان ٿو رکين

مينهن واچ جهڙو ساز ۽ سامان ٿو رکين

وڄ جي مثال جوش ۽ جولان ٿو رکين

آخر ته پنهنجي دل ۾ ڪو ارمان ٿو رکين

عالم خيال جي ۾ جو فرياد ٿو ڪرين

دل ۾ ڇا سنڌ ري ڪو ٻيو ياد ٿو ڪرين؟

 

3- دل جو ٿي سوز، سنڌ جي تصوير رات ڏينهن

سر تي ڦري ٿي هجر کان شمشير رات ڏينهن

هر آه، دل جگر جي لءِ ٿي تير رات ڏينهن

روئي رئاري مونکي ٿي تقدير رات ڏينهن

ناسور زخم دل جا نه ڪنهن ڪنهن کلي ڪيا

ماتم بپا خوشيءَ کان نه ڪهڙن ملي ڪيا!

 

 

4- هر هنڌ سنڌ ري ٿي قيامت نظر اچي

ڪٿ شوق آفرين نه طبيعت نظر اچي

دلسوز آه ۾ نه ڪا همت نظر اچي

صورت ۾ شئي جي ٿي نه حقيقت نظر اچي

دنيا جو ڏيک ويک ٿو کوکو لڳي تمام

هنگامي جو هي جوش ٿو دوکو لڳي تمام.

 

5- ساري سڪن هي نيڻ ٿا ديدار سنڌ جو

آهيان مان جان دل سان طلبگار سنڌ جو

دل ۾ رهي ٿو داغ، ٿي آزار سنڌ جو

چڻڪي بڻائي چت کي ٿو بيمار سنڌ جو

ڪهڙو پڇو ٿا سنڌ جي اِملاڪ جو ڪليم

اِملاڪ منهنجي سنڌ ٿي، حق سنڌ تي ٿئيم!

 

6- اي هند! سنڌ جي نه جدائيءَ کي سمجهين تون

ڇاهي وطن، نه تنهنجي وڏائيءَ کي سمجهين تون

بيدرد! درد جي نه پهائيءَ کي سمجهين تون

ٿي چاق، ڪيئن ٻئي جي اگهائيءَ کي سمجهين ٿون

جت باهه ٿي ڀڀرڪي اُتي سيڪ ٿو اچي

پڇ تن کان حال، جنجي هٿان هوت ٿو وڃي!

 

7- هرڪو رهي ٿو پنهنجي وطن ۾ ٿي ڪامران

جو دؤر ٿيو وطن کان، سو خاڪ آهه گلستان

پرديس جي دکن کان وطن ٿو ڏئي اَمان

ٿيو خاڪ ۾ اُنهيءَ جي ڪو اڪسير جو نشان

ڪاڏي وڃي سو، جنهن کان وطن آهه ويو ڦريو

هر نخل آرزو جو چمن آهه ويو ڦريو!

 

8- پرديس ۾ وطن جي ستائي ٿي سڪ تمام

لب دل جو جام ديد جي لءِ آهه تشنه ڪام

سڀ آب و خور ٿو ياد کان اُنجي لڳي حرام

جي ڪجهه مٺو لڳي ته لڳي ديس جو ڪلام

آهي وطن جي خاڪ مان تخمير جسم جي

اُن مان ئي شايد آهه ٿي تعمير جسم جي!

 

9- ٿي باغ ۾ وطن جي تمنا جي سڀ بهار

هر طرح سان زمانو رهي ٿي ٿو سازگار

گل انجو دل کي جي ٿو لڳي جام خوشگوار

ساقيءَ جي ساعد آهه ٿي هر شاخ زيبدار

دنيا جا مست عيش وطن ۾ ئي ٿا سرن

دل ۾ نه ڪهڙا ديس بنا ڍانڍ ٿا ٻرن!

 

10- آهيم سنڌ کي ٻي رئڻ ري نه ڪار ڪا

رئندو هي روح، منهنجو ٿيو جسم جي فنا

فاني جهان ۾ هي تمنا جي ٿي صدا:

مالڪ! وري ملاءِ هٿان ويئي سنڌ جا

ٿيندي نه ٿيندي آه رسا منهنجي، ايشور!

سڀ جي ٻڌي ٿو دانهن، ڪرين داد، دادگر!

 

 

11- منهنجو خيال وهم برابر جي ٿو لڳي

پاڻي جي بدبدي سان سراسر جي ٿو لڳي

محفل ڦٽل جو شيشو ۽ ساغر جي ٿو لڳي

ڪجهه نقش آب کان نه ڪو بهتر جي ٿو لڳي

ڪر مون خزان نصيب تي خندو نه، اي حبيب!

آهي عزيز باغ وطن جو ئي عندليب!


 

 

غزل

هاءِ پنهنجن ۾ آءُ ڀاءُ ڪٿي؟

دل سڪي ٿي هُو لاءُ ساءُ ڪٿي؟

اڳ ٿي راڻي سان ميلي مومل، وهٽ

اڄ سو آدم ۾ آهه تاءُ ڪٿي؟

بيوفائي فضا ۾ آئي ڇا؟

ٿو لڳي وصل جو نه واءُ ڪٿي؟

باغ دنيا ۾ بوُ حيا جي ناهه

حسن وارن جو ويو هڳاءُ ڪٿي؟

ڪانٽو دنيا جو هموزن پيو ٿي

سير سير آهه هرڪو، پاءُ ڪٿي؟

هڪ دليري ٿي پيئي بي ادبي

ڪهڙا ليکي ۾ پيءُ ۽ ماءُ ڪٿي!

حسن تي زر جو عشق غالب آهه

دل غريب اڄ نه دوکو کاءُ ڪٿي.

غم به دل کي نه ٿو ڀري اڄڪلهه

اهڙو برڪت جو هو آڀاءُ ڪٿي؟

ٿي ڏسي جنکي دل به ٿي روشن

اهڙا چهرا ڪٿي، اُهاءُ ڪٿي؟

بي ڪمان تير ڪن نه ظلم اڳيان

بي نشان آهه ٿيو نه گهاءُ ڪٿي.

عشقوارن مان جي هليو ويو درد

ناز وارن ۾ آهه نياءُ ڪٿي!.

ماڻهپي جا لنگهيو پون ليڪا

دلگهريو هٿ لڳي جي داءُ ڪٿي،

چاپلوسيءَ نڪي دغا کي شمار

ڳوٽ کڻ، ڇا جي ٿيو وڻاءُ ڪٿي؟

جو ڏسان ٿو اُهو وتي سٽيو

پُور کڏ ڪا کڻي وڏاءُ ڪٿي.

ٿيو طبيعت کي خلق جي ڇا، عزيز

دل کي موهي جو سو سڀاءُ ڪٿي؟


 

 

عاشق جي خودداري

ڪير توتي ٿو مري، پاڻ لڪائين ڇو ٿو؟

دُور کان مونکي ڏسي، واٽ مٽائين ڇو ٿو؟

گهنڊ ابروءَ ۾ وجهي، چشم هلائين ڇو ٿو؟

حسن جي تيغ کي هئن تاب سان تائين ڇو ٿو؟

تنهنجي ماڻي تي ٿئي ڪو نه ٿو مفتون هاڻي

ناهه ديدار جو هڪ ڀي ڪٿي مجنون هاڻي.

 

ناز ڪنهن تي ٿو ڪرين، ناز کڻڻ وارو ناهه

زلف پيچان جي سودا ۾ ڪو آوارو ناهه

ڪنهنجي دل ۾ به تنهنجي عشق جو مونجهارو ناهه

سچ چوان: تنهنجو طلبگار ڪو ويچارو ناهه

شمع رخ تي نه جلڻ ٿو اچي پروانو ڪو

حسن تنهنجي تي نه ڏسجي ڪٿي ديوانو ٿو.


 

 

ياد ڪر، توتي جڏهن عاشق شيدائي رهيس

سارو آئيني جيان محو تماشا ٿي رهيس

سڪ هئي تنهنجي گهڻي، مست تمنا ٿي رهيس

روز سودا ۾ ڌڪا کائيندو هرجا ٿي رهيس

تنهنجي مرڪڻ ۽ نهارڻ تي ٿيس ٿي قربان

نقد جان ڏيئي به تنهنجو مان رهيس ٿي خواهان.

 

شوق مان سانڍي رکيم دل ۾ محبت تنهنجي

دين ايمان کان سوائي هئي الفت تنهنجي

عشق منهنجي کان وَڌي قدر ۽ قيمت تنهنجي

مہ جبينن جي پيئي صف ۾ حڪايت تنهنجي

عشق منهنجي ئي ڏني توکي دوامي شهرت

منهنجي مستي کان وڌي تنهنجي مدامي شهرت.


 

 

جي رنين ٿي ته گهڻي عجز سان پرچايم ٿي

ڪير تون توکي ڪري ڪيتريون ريجهايم ٿي

پاند پينن جان وجهي هر گهڙي ٻاڏايم ٿي

رات ڏينهن راضي ڪرڻ لءِ توکي ليلايم ٿي

جان پنهنجيءَ ۾ ڪئي جاءِ مون، پيارا! تنهنجي

ٿي رکيم دل سان رضا، دوست دل آرا! تنهنجي.

 

زهر فرقت جو خوشيءَ سان مون سدا نوش ڪيو

عشق اِئن تنهنجي، مٺا! مونکي هو مدهوش ڪيو

چاه ۾ تنهنجي مون هر شئي کي فراموش ڪيو

بيخوديءَ ساڻ جنون مونکي هو همدوش ڪيو

تو سوا مونکي نه ٻي شئي ٿي ڏسڻ ۾ آئي

دل ۾ الفت، ته رهي وات ۾ تنهنجي وائي


 

 

رات ڏينهن نانءُ وٺڻ تنهنجو عبادت سمجهيم

بندگي تنهنجي ڪرڻ، کي ئي سعادت سمجهيم

چشم خونين کي تنهنجي عين عنايت سمجهيم

تنهنجي ڪاوڙ کي ڌڻي پاڪ جي رحمت سمجهيم

ڪفر اِسلام سان هئي ڪا نه ڪا الفت منهنجي

ڌرم منهنجو هو فقط پيار محبت تنهنجي.

 

درد تو جيڪو ڏنو تنهنکي دوا ٿي سمجهيم

زهر پي تنهنجي هٿان آب بقا ٿي سمجهيم

دل جي مرضن لءِ تنهنجو سور شفا ٿي سمجهيم

خاڪ پيرن جي اکين ڪاڻ ضيا ٿي سمجهيم

هر جفا ۾ ٿي نئين، روز وفا آئي نظر

سور جي تهه ۾ لڪل مهر و عطا آئي نظر.


 

 

مون ٿي سمجهيو ته سندم يار وفادار آهين

ڪين ڄاتم ته ڪو سفاڪ ستمگار آهين

ههڙو نازڪ ٿي به ڪو قاتل و خونخوار آهين

ظلم ۽ جور تي تيار ۽ هشيار آهين

رحم جو انگ نه، بيرحم! ڪو دل ۾ ٿو ڌرين

ڪهڙا ڪهڙا نه ستم مون لءِ ٿو ايجاد ڪرين

 

تنهنجي اک مست جو ٻيهر نه فدائي ٿيندس

وات واگهوءَ جي ۾ ازخود نه ڪهي مان ايندس

عشق تنهنجي تي نه قربان ڪري سر ڏيندس

تو هٿان زهر نه ترياق ڪري کائيندس

زلف تنهنجي مان جو هڪوار ڪيم دل آزاد

ڪين موٽي سا انهيءَ قيد جو سهندي بيداد.


 

 

تنهنجي ظلمن جي چڱي طور مڪافات ڪندس

ملڪ ساري ۾ ڦري خوب حڪامات ڪندس

گاه بيگاه، اُٿي ويٺي، اِها تات ڪندس

بيوفا آهين وڏو، وائي اِها وات ڪندس

ساري سنسار ۾ بدنام گهڻو توکي ڪندس

بدگمان، خلق خدا جي کي، گهمي توڏي ڪندس.

 

حسن تنهنجي جو ڪچهرين ۾ نه ٿيندو مذڪوُر

تنهنجي شهرت کي ڪندس روُءِ زمين تان ڪافُور

ڪنهنجي دل ۾ نه تنهنجي عشق جو پوندو ڪو پُور

تنهنجي بلڪل نه پڇا ٿيندي نگر ۾ يا دوُر

ڪو به ويسر کان ڪڏهن تنهنجو نالو وٺندو

نانگ زهريءَ جو ٻڌي نام پريان تي ڀڄندو.


 

تنهنجي بازار جي رونق کي گهٽائيندس ائن

حسن جي ناز ۽ نخوت کي وڃائيندس ائن

جو وڏائو ٿو رکين، تنهنکي ڦٽائيندس ائن

خلق کي تنهنجي محبت کان ڇڏائيندس ائن

حسن بيقدر کي ارمان گهڻو ٿيندو پوءِ

اِن طرح دهر ۾ نقصان گهڻو ٿيندو پوءِ.

 

سچ چوان: تون رڳو دلدار سمنبر ناهين

جنس اِنسان جي ٿي، ڪنهن کان به بهتر ناهين

جنهنجو ثاني نه هجي، اهڙو ڪو دلبر ناهين

حسن جي شان ۾ بي مثل ۽ مهتر ناهين

سارو سنسار حسينن سان ڀريل آهي ڏس

حسن هر چيز ۾ تو جهڙو ڌريل آهي ڏس.


 

 

توتي عاشق ٿي، ڪيم پنهنجي حياتي برباد

ٿو ڪريان تنهنجي محبت کان تڏهن وا فرياد

تنهنجي هن حسن ڪيو مون سان گهڻوئي بيداد

آب ۽ گل جي ٿيس شوق ۾ ناحق ناشاد

سهڻي صورت کي ڏسي تنهنجو طلبگار ٿيس

بي بقا جنس جو دوکي ۾ خريدار ٿيس.

 

معنوي رمز نه هن حسن مان معلوم ڪيم

نقل ڪوڙي ۾ عبث پاڻ کي معدوم ڪيم

هن مجازيءَ مان حقيقت کي نه مفهوم ڪيم

ڪوڙ جي عشق ۾ پئي پاڻ کي محروم ڪيم

حسن ازليءَ جو شناسا نه ٿيس توکي ڏسي

هُن سچي نور جو شيدا نه ٿيس توکي ڏسي.


 

 

قطرو هڪ آهين تون، ڪُل آهه فقط هُو قلزم

ڪل ۾ هڪ جهڙو وسي سو ئي ٿو بي مثل صنم

عشق ۾ ڪل جي وڃي ٿيندس هاڻي بي غم

ڪري فانيءَ کي ڦٽو، ٿيندس باقي سان بهم

مجتمع منهنجا خيالات پريشان ٿيندا

حسن ڪوڙي جا هَوَس دور ٿي دل تان ويندا.

 

ڪل جو عاشق ٿي هنئر ڪل ۾ فنا کائيندس

مثل قطري جي ڀريل بحر ۾ گم ٿي ويندس

بزم عرفان ۾ اِئن پاڻکي آخر نيندس

ساري سنسار کي اُن عشق سندو ڏس ڏيندس

هرڪو چوندو ته عزيز آهه سو همت وارو

عشق جي واٽ ۾ جو نيٺ ٿيو سوڀارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org