سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :14

 

سرد سفر

سهائي رات

اڪيلو – ننڊاکڙو رستو…!

مريض خواب جان

رستي تان گهر ڪندي ٿي وڃي

اٿاهه بار سان ڀرپور

هڪ ڍڳي گاڏي…

پراڻي ريت يا روايت جان

ڍڳا به پاڻمرادو چُري رهيا آهن:

اٿاهه بار – ڄڻ ته غم آهن،

غمن جي بار مٿان ئي

ٿڪل ٽٽل گاڏير

مزي سان پير ڊگهيري ستو پيو آهي

حقيقتاً

هوُ ڪڏهوڪو مري چڪو آهي،

آڻي رهي آ سرد رات

چاندنيءَ جو ڪفن…


 

 

اڄوڪي دؤر جو دستور

رات – رشوتخور آفيسر هئي

سج جي سي. بي. آءِ مخفي جاچ ۾

کيس سڳ سوڌو جهليو

۽ ڏينهن جي سرڪار جهٽ هنکي ڪيو ڊسمس،

تڏهن ڀي

رنج ٿي بلڪل نه رات،

هن لڪي سج کان

هلائي ڪنڊ ۾ ڪاري بزار،

هن مشيني دور جو دائم مريض

ننڊ جون گوريون وٺڻ لءِ

رات جي هٽ ڏي هليو

ننڊ جي گوريءَ جو ملهه

پئسا ستارن جا ٻه ٽي

هن رات جي هٿ تي رکيا!

رات نڪ موڙي،

گهنجائي منهن ڪيو اِنڪار –

ٿي لاچار ۽ بيزار ويچاري مريض

جئن افق جي تنگ ۽ ٽانڪي لڳل، کيسي منجهان

چنڊ جو رپيو ڪڍيو

تئن پشاچي رات

اک ٻيٽي

اڄوڪي دؤر جي دستور تي

مرڪي ڏنو!

 

خون

شهر جي شاهي سڙڪ تي

ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿيو!

راهگيرن ڀي ڏٺو

ڀر ۾ دڪانن تان

منيبن، نوڪرن ۽ مالڪن –

مشغول هوندي ڀي ڏٺو

ليڪن وَڌي اڳتي نه ڪنهن

قاتل کي روڪيو يا جهليو!

قاتل –

مزي سان جهوُمندو ويندو رهيو

۽ لاش جي چوگرد

ڪئلين جان اچي ماڻهو مڙيا!

نيٺ –

پنهنجيءَ مهل تي

پنهنجيءَ سهولت

رعب ۽ انداز سان آيا سپاهي

۽ پڇا ٿي وئي شروع –

”خون ٿيو آ -؟“

”ها – برابر خون ٿيو آ“،

”ڪنهن ڪيو آ؟“

”قبلا! مون مسڪين کي ڪهڙي خبر.“

        …    …

 

”خون ٿيو آ - ؟“

”ها، يقيناً ٿيو آ“

”سچ ٻڌايو ڪنهن ڪيو آ“

”پاڻ کي ڪوئي پتو ناهي

اسين ڌنڌا سنڀاليون

يا سڙڪ تي چوڪسي رکندا رهون؟“

رت ٻڏل ڌرتي لڇي ٿي

آسمان ڦاڙي اکيون ڦٿڪڻ لڳي ٿو

۽ سڙڪ جو ساهه ٿو گهٽجڻ لڳي –

ڇو ته جن کي آ زبان

سي ڀو سبب خاموش آهن

۽ اُهي جيڪي ٻڌائڻ لاءِ آهن منتظر

تن کي زبان ڪانهي!

اَلا! هيءُ خون ڪنهن اِنسان جو ناهي

مگر هي خون آ  - اَخلاق جو!

 

 

ارجن ”حاسد“ (1930ع)

غزل

(1)

1- دل لڇي پر نه چشم تر آهي

درد آهي ۽ هي جگر آهي!

 

2- ماجرا ڇاهي، حال هي ڇو آ؟

آهي آهي مونکي خبر آهي!

 

3- ٺيڪ منهنجي اکين جي سامهون ئي،

هي جو لٽجي ٿو، منهنجو گهر آهي!

 

4- دانهن ڪهڙي ڪجي؟ ٿو ڪير ٻڌي؟

سڀ هتي ڪرڻو درگذر آهي!

 

5- صرف روٽيءَ ٽڪر جي لءِ، اي دوست!

اڄ جو اِنسان دربدر آهي!

 

6- ڪوئي ڳولهي خوشي ته ڏيکاري،

هت ته غمگين هر نظر آهي!

 

7- هن نئين يگ جي شام ڇا ٿيندي؟

خون ۾ تر جي هئن سحر آهي!

 

8- ڪجهه ته، حاسد! تون دل کي ڏاڍو ڪر،

ظلم سهڻو هي عمر ڀر آهي!

 

(2)

1- ڇڏ، اسان جي خبر نه پڇ، اي دوست!

حال دل ۽ جگر نه پڇ، اي دوست!

 

2- سمهندا فٽ پاٿ تي ڏٺا هوندءِ،

پنهنجو ڪهڙو آ گهر، نه پڇ، اي دوست!

 

3- ڪڻڪ ڳاڙهي ۽ مڱ ڦليءَ جو تيل،

دال جو اگهه مگر نه پڇ، اي دوست!

 

4- بيوسيءَ خودڪشيءَ جي راهن تي،

زندگيءَ جو سفر نه پڇ، اي دوست!

 

5- ذات اِنسان جي، ۽ قتلِ عام،

ڪر کڻي درگذر، نه پڇ، اي دوست!

 

6- دين منهنجو ۽ ڇا ڌرم منهنجو؟

شرم ڪجهه ئي اگر، نه پڇ، اي دوست!

 

7- ملڪ منهنجي آبرو، حاسد!

ڳالهه مون سان نه ڪر، نه پڇ، اي دوست!

(3)

1- تو ڪنهنجي تصوير ڏٺي پئي،

يا پنهنجي تي سونهن پسي پئي!

 

2- گهوُري گهوُري آئيني ۾،

ڇا تو مرڪ جي مهڪ سنگهي پئي؟

 

3- آڏيون اُبتيون ليڪوُن پاتيهءِ،

من ۾ تنهنجي چڻنگ دکي پئي!

 

4- ساهه کڄيهءِ ٿي تڪڙو تڪڙو،

ڇاتيءَ ۾ ڪا لهر اُٿي پئي!

 

5- مون چپ چاپ نهاريو ٿي، تو

وار سنواري سينڌ ڪڍي پئي!

 

6- هن دنيا ۾ هر ڪنهن، حاسد!

ڪئن ڪئن دل جي ڳالهه چئي پئي!

 

(4)

1- اِئن ته توسان آ ڪيڏي پنهنجائي!

ڳالهه چوندي ٿي پو به لڄ آئي!

 

2- اهڙو چؤڻو هو نيٺ ڇا، جو مان

چوندي هٻڪيس ۽ هوءَ شرمائي!

 

3- ڪيڏو ڳؤرو لڳو ٿي سناٽو!

ڪي گهڙيون دل جي هيءَ اڪيلائي!

 

4- چاهه گهرو چڀي آ ويئي، نه ته

ايڏي چهري تي ڇو آ لالائي!

 

5- تنهنجي اکڙين ۾ اڄ نه رونق آ،

آهه لڄ کي به پنهنجي سرهائي!

 

6- لڳي ٿو اڄ وري به ڳالهين ۾،

ڳالهه ڪالهوڪي مون آ دهرائي!

 

7- تو لءِ واجهائي، ڇاکون، حاسد! مون

اَهم پنهنجي کي چوٽ پهچائي!

 

(5)

1- نظر بچائي نهارن ٿا مهربان چهرا!

ڏسان ٿو روز ڪي اهڙا نوان چهرا!

 

2- لڳائي بندي نرڙ تي ۽ چست چوٽو ٻڌي،

اچي ٿا ڀيڙ ۾ ٽڪرن هتان هتان چهرا!

 

3- دڪان هِن تي ۽ هُن تي چٽيا رکيا آهن،

ملن جي سستا ڊزن کن ڳنهي وٺان چهرا!

 

4- چپن تي طنز ڀري اهڙي مرڪ ٿا آڻن،

وٺن ٿا ڄڻ ته ڏکيو ڪنهن کان امتحان چهرا!

 

5- ڪچلجي راه ۾ بي موت جي مئا آهن،

ڪڏهن ته جئرا ٿي پوندا سي بي زبان چهرا!

 

6- رکن ٿا موُن ڪي، ۽ ڪي ٿا صرف ڀاشڻ ڪن،

گمان ڪيڏا اُٿارن ٿا بي گمان چهرا!

 

7- مٽائين تون به ته ٿو روز ڪيترا، حاسد!

لڌا تو ايترا آهن ڪٿان ڪٿان چهرا!

 

(6)

1- مان رلان جنهن لءِ اُهو پاڻ ٿو مون لءِ ڀٽڪي!

ڪير ڄاڻي ته هتي ڪير ٿو ڪنهنکي ڳولهي!

 

2- چاهنا پنهنجي نگاهن جي ٿي ڳولهڻ چاهيم،

پر ٻڌم، ڪجهه ته ٿي ڀڻ ڀڻ ۾ چيو آئيني!

 

3- ڳالهه ٿوريءَ کي وڏو آهه بڻايو مون ئي،

هئن ننڍي ڳالهه ڀلا ڪير ٿو ڪنهنجي سمجهي!

 

4- ڪنهن پرائي کي ڏيڻ چاهي ٿي مون پنهنجائي،

اهڙي پرچيز اَجائي، ڪوئي ڪنهن کان ڇو وٺي!

 

5- اچ ته ٻڪ ۾ ئي ڀري پيئندا وڃون خاموشي

شور هيڏي ۾ ڪٿي ڳالهه ئي وسري نه وڃي!

 

6- مون رهي گڏ آ ڏٺو ڪنهن ته اڪيلائيءَ سان،

صرف هاڻي ٿي اُنهي جي ڪا سڃاڻپ گهرجي!

 

7- رات هڪ اڄ جي ئي ڀٽڪڻ لءِ ملي آ، حاسد!

شهر هن ۾ ئي ڏسون: ڪير ٿو ڪئن ڪئن جاڳي!

 

ڇا ڇا آڇون!

ڇا ڇا آڇون، ڇا ڇا وڪڻون؟

ٽهڪ به آهن، لڙڪ به آهن!

 

1-  لڙڪ جي وٺندا، ملهه ڇا ڏيندا؟

آنسن کي ڇا ۾ توريندا؟

ياد کي ڏيندا جاءِ به دل ۾

يا ڪنهن جا سپنا ٽوڙيندا؟

پياسا آهيون، پيار لءِ تڙڦون!

2-  ٽهڪ نه هر ڪنهن کي ايندو آ،

ڀاڳ هي ڪنهن ڪنهن جو ٿيندو آ،

هر ڪنهن جي وس ٽهڪ نه آهن،

پاڳل ئي اڪثر ڏيندو آ،

ڪير ڳڻي ڳالهيون پاڳل جون!

3-  احساسن جو سؤدو آهي،

ڏيندو وٺندو ڪو ڪو آهي،

جن وٽ آ احساس ڀري دل،

تن کي ڏيڻو وٺڻو آهي،

ڪس ڪسر لءِ ڪهڙو سوچون!


 

هولي آئي

 

آئي آئي هولي آئي!

ڦاڳ ڦٽو، موسم لهرائي!

 

1-  ڪليءَ ڪليءَ تي جوڀن آيو،

مکڙين منهنجو من ڀرمايو،

ويٺي ويٺي نيڻ جهڪيا اِئن،

ڄڻ تو مرڪيو، مون شرمايو،

دل جي اڌمن دل ئي دل ۾،

گويا آهي آگ لڳائي!

 

2-  اڄ ڄڻ سڀ ماڻهو اَلبيلا،

مرڪ چپن تي، نيڻ نشيلا،

هر ڪنهن جي هٿ ۾ پچڪاري،

هر ڪنهن جا منهن ڳاڙها پيلا

سڀني جي چهري تي رونق،

سڀني جي دل ۾ سرهائي!

 

3-  لابارا آهن کيتن ۾،

هاري ناري سڀ اُمنگن ۾،

ياد نه ڪنهنکي اڄ مجبوريون،

سپنا سڀني جي نيڻن ۾،

ٻانهن ۾ ڪنهنجي چوڙيون کڙڪن،

ڪنهن جي اک آهي شرمائي!

 

باغي

مونکي شاعر ٿي سڏين؟ - منهنجي اُڏائين ٿي مذاق،

اڄ کان شاعر نه، مان باغي  آهيان!

 

حسن تننجي تي فدا ڪين مان ٿيندس هاڻي،

هاڻي توسان نه محبت آهي،

 

تنهنجي زلفن سان، ادائن سان، نگاهن سان هاڻ،

ڪائي رغبت نه ڪا چاهت آهي،

 

منهنجي خوابن ۾، خيالن ۾، ۽ ارمانن ۾،

ڪي به آهي، ته بغاوت آهي!

 

ديس هن کي مان سڏيان ڪئن پنهنجو؟ -

بت اُگهاڙا ۽ بکيا پٽڪن جت،

ڀور روٽيءَ تي وڪامي عصمت،

ڌرم ۽ دين ٻئي اٽڪن جت،

جت گلي ڪوچي ۾ پلجي غربت!

 

هتي حاڪم به ٿا کائن رشوت!

ڊاڪو آهن، هي ته افسر ناهن،

هت پٽيوالا پتائن سؤدا،

ڪير چوندو ته هي دفتر آهن!

 

در تي موٽو هي محل ڪنهن جو آ؟

ڪنهن ته اڳواڻ جو سالو هوندو،

هي ته مالڪ جو ڪو نوڪر آهي،

شان آقا جو نرالو هوندو!

هي ٿلها ڳل، هي ٿلها پيٽ وڏا،

نيڻ بي نوُر، هوُ پيلا چهرا،

ديس منهنجي ۾ اِئين ڇو آهي؟

ديسواسي ته سڀي هڪجهڙا!

سچ پڇين مون کي ته هن ديس کان نفرت آهي،

ڀلي پو مونکي تون غدار سڏين،

ترس، شايد مان ڪا غلطي ٿو ڪريان، سوچڻ ڏي!

ها، هوا زهر هتان جي آهي،

هتي کيتن ۾ حسد اُپجي ٿو،

تنهنجي ۽ منهنجي دلين ۾ اڄ ڪلهه ساڙ ۽ وير رڳو پلجي ٿو،

خود غرض هرڪو هتي، هرڪو وطن جو دشمن،

متان تون ڪنهن کي وفادار سڏين!

 

هي ڪلارڪ، ۽ هي هاري مزدور،

هي سڀي منهنجا ئي ساٿي آهن،

جن جي چهري تان پسينو ٿو ڳري،

باغي آهن، ها، هي باغي آهن!

 

رات جو ويلو نه جن کاڌو هو،

اک گهڙي ڀر جي لڳائي نه سگهيا،

ڏسين ها رات گذاري ڪئن تن،

ٿڪ کان جي ننڊ ڦٽائي نه سگهيا!

جن جو هن ديس تي ڪو حق ناهي،

ڇا ڪندا نيٺ، بغاوت ئي ڪندا،

جي سندن حق به ڦٻائي ويٺا،

تن سڀن سان، ها عداوت رکندا!

نه هي گوتم جو، نه هي گانڌيءَ جو،

هت نه سچ، ۽ نه اهنسا آ ڌرم،

هت صدين کان، ها سوَن سالن کان،

پئسو ۽ پئسي جي پوڄا آ ڌرم!

 

ديس هن، ههڙي حڪومت جي لءِ،

ڪجهه به چئجي، ته ڀلا ڇا چئجي؟

ڪيسين چپ رهجي ۽ ڪيسين سهجي؟

ٿيندو بهتر ته بغاوت ئي ڪجي،

زهر ڍڪ ڍڪ ڪري پئجي، تنهن کان جام هاري ڇو نه باغي بڻجي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org