سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :22

 

 

ويهين صديءَ جي هڪ پڌرائي

يوجنائن جي هن يگ ۾

گناهن کي ختم ڪرڻ لاءِ

قيد خانا سڌاريا ۽ وڌايا ويندا

انسانن کي آجو رکيو و يندو

صرف احساس ۽ ايمان گرفتار ڪيا ويندا

پابند ۽ چئيوان

ايمان ۽ احساس

مهانگين قيمتن تي خريد ڪري

چڙيا گهرن ۾ سجايا ويندا

جتي جئڻ جي دائرن جا

سڀ نقل ميسر هوندا.

رليل ۽ ڀٽڪيل

ايمان ۽ احساس

(جي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ

ڪنهن مالڪ جو نالو ڏيئي نه سگهندا)

آوارا گرديءَ جي اِلزام ۾

ڍڪن ۾ قيد ڪيا ويندا

جن کي اونده سوڙهه ۽ گهٽ ۾

بيجان بڻائي

معمولي قيمتن تي نيلام ڪيو ويندو

پوءِ جن مان ڪن کي ”زندگيءَ“ کان بهتر موت

بخشيو ويندو

۽ ڪن کي موت کان بدتر زندگي

بخشي ويندي

آزاد صرف ڪي چهبوڪ ۽ پهرا رهندا

جيئن قيد خانا آباد رهي سگهن.

 

ڪجهه شخصي

منهنجن هٿن مان شبد ڇڻي ويا آهن

خزان جي ڪنهن ڪنگال وانگر

صفتون سڙي ويون آهن

ڪنهن لاءِ ڪتب آڻيان؟

اسم خاص جون خاصيتون پڻ

ختم ٿي چڪيون آهن

اسم عام آهن

جن سان مونکي نفرت آهي

هڪ ضمير آهي - مان

(ٻين کي ياد ڪرڻ جي ڪنهن کي فرصت آهي)

ڪي فعل آهن – ناڪاري سوالي متعدي (ڪرم هيڻ)

خالي فعلن جو ٻوجهه ڍوئي

ضمير ٿڪجي پيو آهي

۽ چئني طرفن

حرف ندا جي حالت وڃي بچي آهي.

انتظار

وهنوار جي وئشاليه ۾

لفظن جا سڀ جسم جوُٺا پئجي چڪا آهن

پهرين اسان اُنهنجي آتمائن سان زوري ڪئي

پوءِ زر ڏيئي وڀچار.

هاڻ اُنهن جي معنائن جا

صرف مکيل چکيل سرير باقي آهن

جن جي خريد فروخت لاءِ به هوڪا ڏيڻا ٿا پون

مان (ادب جي) چؤراهي وٽ اچي بيهي ويو آهيان

۽ انتظار ڪرڻ لڳو آهيان

اَرٿن جي هڪ نئين ناجائز پيڙهيءَ جو

جي وئشيالن جي سنتان هوندي به

پنهنجي ناجائزي جي خلاف بغاوت ڪندا

۽ قيمتن لاءِ پنهنجا چرتر نه چڪائي

جائز ٻارن جا جائز پتا بڻبا

 

پرش وئشيا

شهر يا ته ڪي سڙڪون آهن

يا صرف ڪي چار ديوارون.

سڙڪون ڇڏجي وڃڻ جو ماڌيم آهن

چار ديوارون لڪي وڃڻ جو

جتي هر قسم جي ننگائپ کي پناه ملي ٿي

۽ جي هر ننڍي وڏي قد کان اوچيون اڏيل آهن

هر رات

سڃاتل سڙڪن کي مرده پيرن سان پار ڪري

جڏهن چار ديوارن ۾ سمائجي ٿو وڃان

ته ڪنهن غلط ۽ اَڻ ڄاتل هنڌ تي پهچي وڃڻ جو

گناه ڀريو ڊپ وڪوڙي ٿو وڃي

هر صبح

رستو ڀلجڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان

پر سنجها جو

سڙڪون دوکو ڏيئي

ساڳئي هنڌ تي پهچائي ٿيون ڇڏين

[سڙڪن ۽ چوديوارن جي وچ۾ ڪو

ڪميڻو سمجهوتو ٿيل آهي]

غلط هنڌن کان بچڻ جي اِن ناٽڪ ۾

سڙڪن تي مونکي روزي ڏيئي

چار ديوارن ۾، منهنجي تن ۽ من سان وڀچار ڪري

هي شهر

مونکي ڌيري ڌيري

پرش وئشيا جو روپ ڏيندو ٿو وڃي.

 

بنا عنوان

پڇتاءَ لاءِ

هاڻ اسان جي زندگين ۾ ڪا جڳهه باقي نه رهي آهي

(شفي نظريو رکندڙ هڪ قوم لاءِ انجو وجودي سود آهي.)

اسان پنهنجن آزمودن مان ثابت ڪيو آهي ته:

اسانجو ڊپ اصلي هو، مطلب اسين ڊڄي سگهون ٿا

اسان جي چپي به اصلي هئي، مطلب اسين چپ به رهي سگهون ٿا

پر اسانجن چهرن جي زردي اصلي نه هئي

اُها اسان محض ڇاپي رکي هئي

ڪارڻ – ڊپ کان راحت ملڻ بعد به:

اسان جون رڙيون (جيڪي اسين نه ڪري سگهياسين)

نقلي ثابت ٿيون

اسان جا نعرا (_جيڪي نه لڳائي سگهياسين) ڪتابن مان اُڌارا ورتل ثابت ٿيا

چپي ٽٽڻ بعد، وري هڪ دفعو

اسين آڪاش ۽ پاتال پاڻ سان گڏ کڻي سهڪندا رهياسين

آڪاش جي اوچائي ۽ پاتال جي گهرائي کان وڌيڪ

اسان کي اُنهن جي نه هئڻ سان پيار هو.

ڌرتي جي سختي جيڪا اسان انڀو ڪئي هئي

اُنکي وري پيرن سان ٽڪرائڻ جي اسان ۾ همٿ ڪانه هئي

اسان جا اصلي ڊپ، چپيون ۽ ويدنائون

اندروني سجاوٽ جا حصا هئا

فضا بدلجڻ تي اُهي به اسانکي بي معنيٰ لڳا

ڪتابي نعرن جي سهاري ئي اسان اُنهن جي قيمت لڳائي

۽ چند اڏائڻ لائق شين ۽ ڪن فئشنبل سوترن جي بدلي

اسان پنهنجا اصلي ڊپ، چپيون ۽ ويدنائون وڪڻي ڇڏيا.

آزاد ۽ باغي هئڻ جي پنهنجي ترشنا به پوري ڪري ورتي.

وري ويچارگيءَ جي اوسٿا آهي

جو اسانجو هڪ قديمي سنسڪار آهي

۽ اسانجون پلڪون حسب معمول

قدامت شناسن جي قدردانيءَ جي راه ۾ وڇايل آهن.


 

 

واشديو ”موهي“ (1944)

مهاتما سان مخاطب

تو چيو:

سچ ڳالهائڻ پنهنجو ڌرم آهي –

مون خوشيءَ سان سان قبوليو.

تو چيو:

اَهنسا پنهنجو پرم ڌرم آهي –

مون چپ چاپ اِهو به قبولي ورتو.

تو چيو:

ايمانداري آتم – سنتوش آهي –

مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

تو چيو:

دان پڃ جو ڪم آهي –

مان دين اکين سان تو ڏانهن نهاريندو رهيس.

تو چيو:

نئڙت اِنسان جو زيور آهي –

مان تنهنجن پيرن تي ڪري پيس.

تو چيو:

ديش – شيوا تنهنجو فرض آهي –

منهنجي دل ٿي مان آتم – هتيا ڪري ڇڏيان.

 

بي وقت وقت

ڪئلينڊر جو ڦاڙي هي پويون مهنو

ڇو نه وقت کان اڳ

وقت کي پوُرو ڪجي.

لڳائي ۽ ڦاڙي ڇڏجن

ڪيترا اَڻ ڄاول سال

پهچي وڃجي

ڪنهن پهاڙي ديش –

چنڊ تي، هوا ۾ هلجي

ڪيميڪل کاڌو کائجي

ڀاڙي تي ڪجي – وٺجي پيار

يا ڳولهي اَچجن مئل سالن جون تاريخون

آدم ٿي پئجي

کائجي جيڪي ملي

ڪجهه پيار

جتي ملي جهڙو پيار

واپس هلجي غفائن ۾.

ڪجهه ڪجي

جو هر نئون صبح ۽ شام

ٻڏي وڃي ٿو ڪافي ۽ چانهه جي پيالن ۾

ڪؤڙي ڪؤڙي مٺي مٺي سواد ۾

ڪُميءَ جيان چرندي چرندي.

ڪجهه ڪجي

ڏينهن ٿي پوي سهو جئن

سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي

اک ڇنڀ ۾.

 

ڪارڪون[1] *

هنن جو ڪجهه نه ”بڻجڻ“

خالي

”هئڻ“ ۽ ”هئڻ“

حقيقتن جا نڪيلا پٿر

هستين ۾ چگهه

ننگن وڻن واري ٻيلي ۾

چاندني سمهيل نيم بيهوش

چنو ڏنل اونچون ديوارون

اَرمانن جون و حسرتن جون

بندرا اِنسان.

دماغ ۾ سٿيل فائيل

آڱرين ۾ چڀندڙ ٽاچڻيون،

ٽريلن جي خميص هيٺان

ليئاڪا پائيندڙ

کسيل گنجيءَ جا وڏا سوراخ

ڪامنائن جي چنڊ –

کي لڳل، حالتن جو گرهڻ.

واچ جي ڪانٽن جيان –

جيون – گول ۽ گول ڦرندڙ

هڪ ايراضي – گول ۽ گول

ٿڪل سپنا اکين ۾ -

ڏتڙيل فرشتا هي

سرڳ ته دوُر، سرڳ جي

هلڪي جهلڪ به مشڪل

ڏتڙيل فرشتا هي

پيشو هننجو ڪارڪوني.


[1]  ڪارڪن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org