سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :10

 

ٻه غزل

(1)

نئين آهه نت ناز وارن جي ٻولي

نگاهن، اَدائن، اِشارن جي ٻولي!

نه سمجهي سگهيو ٻيو ڪوئي حسن ڌاران

تمنا ڀري نينهن وارن جي ٻولي!

مٽيءَ جي ذرن جو ته ڪجهه راز سل تون

ڏکي ناهه سمجهڻ ستارن جي ٻولي!

خزان حال اوري ته ڪنهن ساڻ اوري

سڀيئي سکيا جي بهارن جي ٻولي!

اَلا، اَئن نه ٿي جو ڪتابن ۾ پڙهجي

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!


 

 

(2)

هڪ ئي اشارو پائي    ڪل ڪائنات چمڪي

نوري نگاهه پوندي             کن ۾ حيات چمڪي!

 

تنهنجي سنڀار آئي           دل جو ڪنول ٽڙي پيو

نڪتو ڪو ذڪر اهڙو  جو بات بات چمڪي!

 

آواز رنگ لاتو          ورتي خيال صورت

ڏاتر جي ڏات چمڪي شاعر جي تات چمڪي!

 

آڌيءَ سمي اچانڪ            جرڪي پئي خموشي

اِئن مسڪرايو تارن             اي شيام رات چمڪي؟

 

 

تصويرون

دونهيون دکن پرار،     4- رات، سڙڪ سنسان،

چڻڪن مينهن جا چڙا     پاسن کان بنگلا اُڀا

پهر نه ڪا هن پار!                روشن روشندان!

شنک ڌنيءَ جي گونج،        5- ڪليءَ ڪڍي سرهاڻ،

نما شام مندر مٿان              ڪيڏي ڏورانهين لڳي

هيءَ اڪيلي ڪونج!      چنڊ چٽي نيراڻ!

3-  پايل جي جهنڪار،        6- اکيون اڌوريوُن بند

پراڻ پون ڄڻ ڀوُنءِ ۾      اهڙي ڪائي ڪلپنا!

پير کڻي جئن نار!                 اهڙو ڪو آنند!

 

سڳن آهوجا (1921 – 1966)

غزل

(1)

زندگي! تنهنجي اَدائن کان ٿيو بر آهيان

غم جا پهلو ته بدل، نيٺ به شاعر آهيان!

 

ڇا وَٽيندين ڏسي فوٽو ۽ پڙهي خط منهنجا

مان جو آهيان سو رڳو شعر مان ظاهر آهيان!

 

زندگي اهڙيون تقاضائون ڪري ٿي مون کان

ڄڻ ته هوُءَ ڄاڻي نه ٿي مان به ڪو شاعر آهيان!

 

منهنجيءَ ڪارنهن تي ڪندا سجدا گلابي جذبا

چپ تي پاڪيزه جوانيءَ جي مٺو تِر آهيان!

 

منهنجي نخئيل، تصور جو ڪرشمو ته ڏسو

مان رڳو پاڻ ٺڳڻ ۾ ٿيو ماهر آهيان!

(2)

ڪا نه ڪا سڀني کي لڳل آهي

ساري دنيا جو سک ڦٽل آهي!

 

ڪنهنکي ڪنهنکي منائجي آخر

هر خوشي پاڻ کان رٺل آهي!

 

هاءِ! ماڻهو جئڻ جي نالي ۾

ڏس ته سوچڻ ۾ ئي رڌل آهي!

 

موت کانپوءِ جي به هيءَ پياري

زندگي آس تي ٻڌل آهي!

 

نڪته چيني خود آگهي ٿي ڪري

آدمي پاڻ کان ڊنل آهي!

 

تنهنجي منهنجي خوشي اِنهيءَ ۾ آهه

آدمي پاڻ کان لڪل آهي!

 

ڄاڻندي ڀي نه ڪنهن ڏي دنيا آهه

عقل کي دل جي شهه ڏنل آهي!

 

تنهنجي واتان ٻڌڻ ۾ اِئن ٿو لڳي

ڄڻ ٻڌل ڳالهه اَڻٻڌل آهي!

 

پڇ نه تنهن ڳالهه جي ڪوشش جو سبب

جنهنجو پڻ سلسلو ٽٽل آهي!

 

حسن ٻاهر ٿو نڪري پردي کان

شاعرن جي دعا پُنل آهي!

 

عشق ۾ حاصلات ٻي نه سهي

دل کي جهوري سٺي لڳل آهي!

 

توکي پائڻ جي ياد اِن آهي

خواب ڄڻ خواب ۾ لڌل آهي!

 

چرچي کي ايڏي اهميت نه هئي

جيڏو هي تنهنجو منهن لٿل آهي!

 

ماءُ ۽ پٽ (سانيٽ)

مار کائي ماءُ جي، پٽ ڪنڊ ۾ ويٺي رنو،

حرف ماڻس کي پٽي ڪجهه مان لڳس پٽ کي کڻڻ،

 

پيار جي ٻچڪار تي هن منهنجي هٿ ۾ چڪ وڌو،

۽ ڇڏائي پاڻ، ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو رئڻ.

 

هيءَ هلت، ۽ شان ۾ منهنجي، ڏٺي هن کان نه ٿي،

جوش، غصي ۾ اچي هوُءَ، اُلري آئي پٽ مٿان،

 

منهنجي روڪڻ تي رڪي، جهڳڙڻ وري مونسان لڳي،

ماءُ پيءُ جو جهڳڙو هي چپ ۾ ٻڌو پٽ خوف مان.

 

دير سان اُن رات جو هرڪو ستو ٻئي کان جدا،

کڙڪي تي، اڌ رات جو، جاڳي مون هي منظر ڏٺو:

 

ڀر ۾ سمهندي، ماءُ کي ڀاڪي ٿي پاتي پٽ اڃا،

جو ڦري، سڏڪو ڀري، هن پٽ کي ڇاتيءَ ڏي ڇڪيو!

 

مون کي ڀاسيو، ماءُ پٽ کي پنهنجو هڪ جمهور آهه!

کين، تنهن ۾، ڪنهن ٽئين جو دخل نامنظور آهه!

 

چاندني رات جا تارا

چاندني رات جا تارا!

چاندني رات جي تارن جو ٽمڻ!-

ڄڻڪ مشرق جي شهنشہ جي حرمخاني ۾،

ڪي ڪنيزؤن – ڪا ڪٿي ڪنڊ وٺي، ڪا ڀر ۾-

با ادب بيٺيون هجن حسن جوانيءَ کي کڻي،

عمر گذري وڃي تن جي اِئين بيٺي بيٺي،

اک نه شاهيءَ جي اَڊمبر جي کڄي!

پيدا گرمي نه ٿي سانسن ۾، نه ڌڙڪن دل ۾،

پو به ڄڻ لٽجي وڃي حسن جواني تن جي!

چاندني رات جا تارا!

چاندني رات جي تارن جون اکيون!-

ڌرمشالا ۾ جئين ڪوئي مسافر ٿڪجي،

تنگ ڪمري جي هٻس، بوءِ ۾ لڇندي لڇندي،

منگهڻن کي ڳڻي، ماريندي، ورائي پاسا،

ذهن تي زور ڏئي ننڊ کي ڪوٺيندو هجي،

ننڊ جي بدلي مگر اُڀري اچن سي چيزون

(چاندني رات جي تارن وانگر)

جن سڄي شام ڏٺو هو هن کي،

پنهنجي ڀرپور نظر سان، ائين شوڪيسن مان،

ڄڻڪ عرصي کان هئن اوسيڙو،

جئن اچي هي نه مٿس چٿرون ڪري

هن جي جيون جي اگهاڙپ جو اڏائن ڪو مذاق!

 

چاندني رات جا تارا!

چاندني رات جي تارن جون ڦڪايون گهريون!

پنهنجي ڇاپي جي ڪا چادر ڏسي اُن ۾ سڪندي،

ڪنهن ڪلارڪ ۽ سندس زال کي ڄڻ ياد پوَن

چند ماڻهو ۽ سندن عرصي جون دهرائجندڙ

ڪجهه غرض، قرض جون مڪروه تقاضائون، جيئن:

بي زبان ڀنگي، جو پاروُٿو خوشيءَ سان کائي

ڪجهه نه ڪجهه گند، پٺيان صاف ٿيڻ لءِ ٿو ڇڏي!

بد زبان مودي، جو ناڪار ڪندي هر هفتي

لالچي، آسري تي ڏيندو رهي ٿو هر بار!

۽ هوُ مائٽ-

دوُر جو رشتو جتائيندي جو ٿڪبو ناهي

ٿوري ٿوري، ۽ جو زوريءَ به مدد ڏيندو آهه،

جنهنجي بدلي ۾ مگر

ڌرم آچار جي ڳالهين سان گڏوگڏ، پاپي

سيني ۾ دوڏا چڀائيندو آهه!

چاندني رات جا تارا!

چاندني رات جي تارن جو هجوم!-

ڪارخاني ۾ جيئن ڪار ۾ مشغول هجن،

ڪسمپرسي ۽ غريبيءَ جا انوکا شهڪار

جن تي سک چين حرام آهه ۽ محنت لازم

جنجي جيون کي ڇهي ورلي ڪوئي خواب، اُمنگ، جنجي هستيءَ کي ڪا معنيٰ، ڪوئي مطلب ناهي،

۽ جي آهي ته اِهوئي آهي:

ڪنهنجي سرمايي جون بيدرد ۽ بيڪس ٻانهون،

تن جي نس کي نپوُڙي پل پل

زرد جسمن مان ڦڪي خون کي ڪڍنديون ئي رهن!

بت بڻيا ڪار ۾ مشغول ته آهن مزدور،

پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول هميشہ وانگر،

شڪ اُٿي ٿو ته سندن غير رواجي چُپ مان،

ڪوئي ڀنڀٽ ته نه ٻرڻو آهي؟

ڪوئي ڀنڀٽ ته نه ٻرڻو آهي؟

 

ارجن شاد (1924)

ڇا ڪجي؟

جي زندگيءَ مان نڪري وڃي چاهه، ڇا ڪجي؟

۽ دل کي ڀي جي پيارو لڳي ساهه، ڇا ڪجي؟

 

سرڪار پنهنجي ساڻ بغاوت ٿي ڊوهه، پر

جي ڏينهن رات بک ۾ ٿجي پاهه، ڇا ڪجي؟

 

نيڻن جي نير ساڻ وسايان ته دل جي آگ

ٻاري جي آه ڪو ٻيو آڙاهه، ڇا ڪجي؟

 

 

جي ڪجهه ملي ٿو يار کان، هڪ درد ٿو ملي

وسري تڏهن به ڪين ٿو دلخواهه، ڇا ڪجي؟

 

منٿن کي مان ڇڏي ٿو وٺان بي رخيءَ جي واٽ

پر پوءِ به جي نه يار ڪري ٺاهه، ڇا ڪجي؟

 

محنت جو ڦل جي هن نه ته ٻئي جنم ۾ ملي

جنمن ۾ پر ڄمي نه جي ويساهه، ڇا ڪجي؟

 

 

اَنڌو دوُنهون

هوائن مان آڪسيجن کڻندي

پنهنجي جسم کي ته هلائيندو آيو آهيان

پر

روح جي زخم جي اونهائي

جنهن گهرائيءَ تائين پهچي ويئي آهي

تنهن جي علاج لاءِ

ڪهڙيون هوائون ڳولهيان؟

زمين تي رهندي به

زمين کي پنهنجي دل اندر جاءِ ڏئي نه سگهيو آهيان

ديوارين جي اندر محفوظ هوندي به

هميشہ پاڻ کي

کليل سڙڪن تي سمهيل محسوس ڪيو اٿم

هيءَ راهه به هڪ اهڙي راهه آهي

جتي

جئن جئن اڳتي وڌندو وڃان ٿو

تئن تئن

منهنجن اَرمانن جي لڪير

ڇڪجندي ڇڪجندي

خون جون بوندون ٽپڪائيندي

دراز ٿيندي ٿي وڃي

ڪٿي ٽٽڻ جو اِمڪان ئي نظر نٿو اچي

بيگانيت

بي حس اکيون کڻي

طوفان ۾

ڪکن پنن جيان

هتي هتي ٿڦيڙون کائيندي رهي ٿي.

هي سڙڪون مونکي ٻيو ڪيڏانهن به وٺي وينديون

پر منهنجي گهر ڏي رخ نه رکنديون

هيءَ زمين

باغ باغيچا

سامونڊي ڪنارا

واريءَ جا ميدان

منهنجي حوالي ته آهن

پر خبر ناهي ته ڇو

اُهي به مونکي

پنهنجائيءَ جي احساس ڏيڻ کان

قاصر آهن.

 

نه زمين تي پهتو آهيان

نه هوا ۾ لٽڪيل

آهيان اَلائي آهيان ئي ڪونه

منهنجو وجود ڇاهي

نه تصوف نه ويدانت

ڪوئي ساٿ نه ٿو ڏئي

تاريخ ته ڄڻ

پنجن هزارن سالن جي تبديل جو

وڏي ۾ وڏو بک

مونکي بڻايو آهي

وقت جي گردش سان

اِتهاس جي راڪيٽ مان ڇوڙجي

اچي پيو آهيان الڳ الڳ ٻيٽن تي

جتي

چوڌاري

ڪاري سمنڊ جون ڪئين بلائون

پنهنجون ڄڀوُن

ڪارتوسن جي باهه جيان ڪڍي بيٺيون آهن.

منهنجو هر سواس

هر گهڙيءَ

بجلي جي کليل تارن ۾ جڪڙجي

اِليڪٽرڪ شاڪس ۾ وڪوڙجي ويو آهي

هڪ جسم جا ڪئين حصا

سڀيئي جيئرا آهن – چهري کان سواءِ

آواز آهي

پر ڪٽيل ۽ چچريل

مان پنهنجي پوري زور سان

آواز کي

معنيٰ جي آڪار ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو

آواز

ڪنن جي اوٽ وٺڻ بدران

منهنجين اکين سامهون سوال بڻجي

غصي مان گهوُر ڪري نهاري ٿو

مان جڙتو آواز جو

سهارو وٺان ٿو

پر جڙتو آواز سان

اِنسان

ڪيستائين ڪجهه ٻڌائي سگهندو؟

شڪست

ڦٽڪن جي سزا کاڌل

بي ڏوهيءَ جيان

بدن کي گهليندي گهليندي

زمين تي ڦان ٿي ڪري پوي ٿي

ڳوڙها

از خود

اکين مان ٽپڪي پون ٿا

دل جي دانهن

پنهنجو سڪوُن

پنهنجي

دل جي دانهن ۾ ئي ڳولهي ٿي.

وڇوڙو

هڪ اهڙو درد آهي

جو ڏيکاري نه ڏئي به

ڪڏهن اهڙي ڏيکاري ٿو ڏي

جو اِنسان اِئين ٿو محسوس ڪري

ته هيءَ درد

ڪهڙيءَ به خوشيءَ جو مفهوم

اُجاڙي ختم ڪري ٿو ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org