سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :11

 

پيار ڪرڻ وقت

مونکي اِها خبر ٿورو ئي هئي

ته مان پيار ڪري رهيو آهيان

اِها خبر به تڏهن پيئي

جڏهن مونکي توکان ڌار ڪيو ويو

هنئر ته بس آهي خالي ماضي

۽ ذهن ۾ اُڪريل

تنهنجون پياريون تصويرون

جيڪي زندگيءَ ڀر

تصويرون ئي رهنديون

۽ منهنجي لاءِ ڪڏهن به

حقيقت جو روپ نه وٺنديون.

عام طرح ته ماءُ ئي ڪنهن ٻار کي

گود ۾ وٺندي آهي

هتي مون پاڻ کي پاڻ اڇلايو آهي

نئين ماءُ جي گود ۾

سڳيءَ ماءُ جو سنيهه ڪٿان آڻيان؟

هن دک جون گهرايون ته فقط

پنهنجي ماءُ ئي پروڙي سگهندي

ڌاريءَ کي ڪهڙي ڪل

درد ۾ ڇليل دل جي،

ڪيئي سال گذري ويا آهن

اڄ توکان جدا ٿئي

تون پنهنجي ڇاتيءَ ڏي اُڇلايل

منهنجن ننڍڙن ننڍڙن

اَڇن اَڇن

نرم پيرن جي ڇهاءَ کان

سڪيل آهين

مان هتي

گرم گرم گود جي

اَبدي آرام کان محروم

بنا زمين ڀٽڪي رهيو آهيان

 

قوميت جي جذبي جو اُسرڻ

پهريائين پنهنجي گهر سان ٿئي ٿو

’سب ليٽ‘ ٿيل گهر ۾

مان مالڪيءَ جو ڪهڙو دم هڻي ٿو سگهان؟

حقيقت ۾ مان فقير ئي ته آهيان

جو هر دفعي

هٿ ڦهلائي

ڪجهه گهران ٿو

پر تضاد ته اِهو آهي

جو مان پنهنجي شرم کي پرچائڻ لاءِ

۽ ڪمتريءَ جي احساس کي لڪائڻ لاءِ

پنهنجي خودداريءَ جي

جهوني تصوير کي

رنگ روغن هڻي

فخر سان پيش ڪريان ٿو

شايد مان رستي جو پٿر ئي آهيان

پٿر کي ڪائي قومي صفت نه ٿيندي آهي

اُن کي ڪنهن به پرڳڻي جي نالي سان نه پڪاريو ويندو آهي.

 

زمين کي ڀاڱا ڪرڻ آسان آهي

دل کي ڀاڱا ڪرڻ سان

بجلي جو قهر پيدا ٿي سگهي ٿو

زلزلو برپا ٿي سگهي ٿو

هيءَ جا جلاوطني آهي

تنهن ۾ وطن ته پري رهيو

تاريخ ۽ تهذيب جي هزارن سالن جي

تصوير کي ئي مونکان کسيو ويو آهي.

مان هڪ سياسي نڌڻڪو بڻجي

ڪڏهن ڪنهن راه تي

ته ڪڏهن ڪنهن راه تي

ڀٽڪندو رهان ٿو

خبر ناهي آخر

انجام ڪهڙو ٿيندو؟

منهنجو روحن جي ڀٽڪڻ ۾ اعتبار نه آهي

پر اڄ محسوس ڪريان ٿو

ته روح پڻ ٿيندا آهن

۽ هڪ منهنجو روح آهي

جيڪو هر طرف ڀٽڪي رهيو آهي

۽ شايد هميشہ ڀٽڪندو رهندو.

 

هيءَ فرياد به هڪ اهڙي فرياد آهي

جنهنجي ٻڌڻ واسطي

ساريءَ دنيا جي ڪورٽن جا منصف

انصاف ڏيڻ کان عاجز ٿي ويندا

جوابدار ڪنهنکي ٺهرائجي

سياست جي سؤديبازيءَ کي

يا ڌرم ۽ مذهب جي

صدين کان گمراه ڪندڙ

حرفت بازين کي

جوابدار کي شڪل هوندي به

شڪل ڪانهي

اِنڪري

هوُ هٿ ۾ تلوار کڻي

بي لغام قتل ڪندو رهي ٿو

ڪڏهن ڪنهن اَبهم کي

پيءُ ماءُ کان جدا ٿو ڪري

ته ڪڏهن ڪنهن نؤ ورنيءَ کي

پنهنجي گهوٽ کان الڳ ٿو ڪري

ڪڏهن ڀيڻ کي ڀاءُ کان

ته ڪڏهن پريتم کي پريتما کان

پري ٿو ڪري

انڌي دونهين جيان

چوڌاري ڦهلجندو رهي ٿو

۽ ڪنهن جي پڪڙ ۾ نه ٿو اچي

ميدانن يا مندرن ۽ مسجدن مان نڪري

انسان جي ساري جسم ۾

زهر ڀري ٿو ڇڏي.

 

اڄ منهنجي سر تي ماءُ جو سايو نه آهي

اِنڪري مان

آواره گردي جو شڪار بڻجان ٿو

منهنجي آواره گردي

فقط ديس تائين محدود نه آهي

اها انتر راشٽريه حدن ۾ پکڙيل آهي

منهنجي حالت به

خبر ناهي ته

’جيسين‘ جهڙي حالت ئي رهندي

يا مونکي به ڪٿي

ساهه پٽڻ جو موقعو ملندو،

مون ڪيئي دفعا پنهنجي هستيءَ بابت

پاڻکي خاطري ڏيڻ لاءِ

پنهنجين حاصلاتن جي نمايش ڪئي آهي

مگر اَندر کاڌل اٿم

اها به ڪا هستي چئبي

جيڪا دنيا جي نقشي تي

ڪنهن به هنڌ

پنهنجي واقفيت نه ٿي ڳولهي سگهي!

پنهنجي تصوير کي

ٻين جي تصوير مٿان اَٽڪائڻ مان ڇا وَرندو؟

آئيني ۾ ڏسان ٿو ته

پنهنجين حاصلاتن جي باوجود

مونکي سڃ ئي سڃ پيئي نظر اچي

اِن سڃ جي صورت ڏسي

مونکي اِئين ٿو لڳي

ته مان ’مان‘ نه رهيو آهيان

۽ منهنجي عيوض

منهنجي سامهون آهي

هڪ بي جان پاڇو

جنهن جي سڃاڻپ

خود منهنجين ئي اکين کان

غائب آهي

مان ان ائيني کي ڀڃي

ٽڪريون ٽڪريون ڪري

ڦٽو ڪري ٿو ڇڏيان

۽

چپن ڪنن ۽ اکين واري

ساڌارڻ چهري کي

ڏسڻ شروع ڪريان ٿو

پنهنجي چرڻ پرڻ واري جسم کي

هٿ لڳائي خوش ٿيان ٿو.

هنئر مان پنهنجو پاڻ کان پري

ڪائي دنيا ڏسڻ لاءِ

تيار نه آهيان

ڇو جو اِئين ڪرڻ سان

مان پنهنجيءَ مليل عمر جو

معياد ختم ڪري سگهان ٿو

اِها آهي منهنجي جسماني عمر

جنهنکي ٻيو جنم وري نه ملندو

ٻيو جنم به ڇا تي ملندو؟-

روح کي ٻيو جنم وٺڻ لاءِ به

ٻاهريون قالب نه گهرجي ئي

مونکي

ٻاهريون جسم جو قالب

هوندو ئي ڪو نه

ته روح ڇا ۾ داخل ٿيندو؟.


 

 

 

ايم ڪمل (1925)

ڊيٿ سرٽيفڪيٽ

ڳتيل ڳوڙهي اونده

گهاٽي، گندرفي تيزابي ماٺ

مڪمل قبر جو ماحول

ڇا مان مري چڪو آهيان؟

ڪنهن ڇپ هيٺان دٻجي

يا ڪنهن گولي هڻي

هتي پوُري ڇڏيو اٿم،

ته پوءِ

مون ۾ سمايل روح جو ڇا ٿيندو؟

هاءِ هي ڪڙهائيندڙ احساس:

ڪجهه سوچيان – ذهن تي زور ڏيان-

آتما جي شانتيءَ لاءِ

ويدانتي فيلسوفيءَ جي اوٽ وٺان

گيتا جي گيان جي ڇانو ڳولهيان

پر…

هن کي منهنجو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ

ڪيئن ملندو؟

منهنجي اِنشورنس جو ڇا ٿيندو؟

هوءَ ڇا ڪندي!

هوُ ڪئن پڙهي سگهندو!

اڙي ڪوئي

مون کي قبر مان کوٽي

منهنجي موت جي ثابتيءَ لاءِ:

ڪو مردي کي،

جيئري لاءِ دان ڏئي.

ڪو جلد مون کي کوٽي ڪڍي،

مان تڪڙي رفتار سان

پنهنجي سڃاڻپ کوهي رهيو آهيان.

 

اسان جي بلندي

مان،

اُنهن مان نه آهيان

جن جي عزت ۽ ياد ۾

اڌ منٽ اُٿي بيهجي.

مان

ڪنهن به درسي ڪتاب جي سبق جي

اين – بي

پئرا نه آهيان

جا ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾

سالياني امتحان ۾

سوال ٿي دهرائجي

۽ ڪوئي،

مون کي ڪرئم ڪري اڳاري،

يا ڪوئي،

مون کي،

سوچي سمجهي لکي.

منهنجي ڌنڌ جي

ڌنڌلي ياد به

ممڪن ناهه.

مان هئس

نه هئڻ جهڙو.

مان هئس به ڇا!!

مان،

انهن مان هڪ آهيان

جن کي هر پل

لتاڙي گذري ٿو.

مان

راه جي ڌوڙ جان اڏامان ٿو.

مون سان گڏ

مون جهڙا ڪروڙين آهن

اسين سڀ گڏجي غبار ٺاهيون ٿا

۽

مئل وقت جي سناٽي ۾

پاڻ کي بلند ڄاڻون ٿا.

 

اسين مظاهرا ڪندڙ

نظر،

عينڪ کي وڪڻي ڇڏيسين.

ڪَن،

خاص جملن وٽ گروي آهن.

زبان جي جاءِ تي

ٽيپ رڪارڊر آهي.

دماغ

سوچ جي عيب کان آجو رکيو اٿئون.

اسان جي جذبن ۽ احساسن تي

خاص پلاسٽڪ ليپ لڳل آهي.

نادان اسان تي کلن ٿا

پر،

اسانجو قدر ۽ قيمت

اُنهن کان پڇ

جن جي نعري جو

اسين پويون حصو آهيون.

جن جو نعرو

اسان کانسواءِ

اڌورو آهه

بي معنيٰ آهه.

 

سفارش

وقَت،

صبر جي سفارش ڪئي آهه،

صبر،

وقت جي.

انهن ٻنهي جي وچ ۾

منهنجو وجود

طوفان جي ريت جان

ڦهلجي ويو آهي.

هڪ اتهاس جو واءُ

کيس پکيڙي ويو هو

ٻيواتهاس جو واءُ

کيس سميٽي هڪ جاءِ ڪندو…؟

وقت،

صبر جي سفارش ڪئي آهه،

صبر،

وقت جي.

 

غزل

(1)

خوشيءَ جا رنگ کاري ڇڏيندي آ

اِها ”نه نه“ تنهنجي ماري ڇڏيندي آ

 

ڪٺل آهيون اُنهيءَ مرڪ جا جيڪا

مئل دل کي جياري ڇڏيندي آ

 

اسان کي حسرتون ٿيون رکن جئرو

ڏکي جيوت ته ماري ڇڏيندي آ

 

کلائيندي اٿم پنهنجي مجبوري

ٻئي جي پر رئاري ڇڏيندي آ

 

جئڻ جي آرزو خون جا ڍڪ ڇا

ڪمل وه ڀي پياري ڇڏيندي آ.

(2)

هر گهڙي انتظار جان ڇو آ؟

زندگي پنهنجي بار جان ڇو آ؟

 

زندگي جي خوشي اسان جي لاءِ

اوپروءَ جي نهار جان ڇو آ؟

 

تارو تارو لڇي ٿو درد ۾ ڄڻ

چنڊ ڪنهن دلفگار جان ڇو آ؟

 

گل جهڪي خار کان پڇيو ٿي، ڪمل:

تنهنجي نفرت به پيار جان ڇو آ؟

(3)

بوءِ بانس جو احساس رهيو هاڻ ڪٿي آ؟

ڏيکاءُ ڪبو آهه فقط نڪ کي ڍڪڻ جو.

 

پڪ ڄاڻ ته ڪنهن دوست جي گل ختم ڪيو کيس

نه ته هوُ ته هو دشمن جي ڇري سان نه مرڻ جو.

 

هن سال ڪٿي قحط ڪٿي ٻوڏ ٿي ڏسجي

هاڻي ڪو نئون رستو ڪڍون دان وٺڻ جو.

 

سرڪاري عمارت جي گهڙي بيهجي وَئي آ

آ بحث ڇڙيو: ڪنهنکي حق آ چاٻي ڏيڻ جو؟

 

مالڪ سان وفاداري ڪري ڀي وهي شايد

هوُ نقل ڪري ٿو ڪتي وانگر ته جيڻ جو.

 

(4)

پاڻ کان وير وٺڻ چاهيان ٿو

ها، مان ديوانو ٿيڻ چاهيان ٿو.

 

سچ مهانگو مان ڳنهڻ چاهيان ٿو

ڪاڻي کي ڪاڻو سڏڻ چاهيان ٿو.

 

شڪر ۽ ماٺ جي ڀونءِ کي کيڙي

دانهن جي ٻج کي ڇٽڻ چاهيان ٿو.

 

ڪوڙ سان ڪوڙ کي ڪيسين ڍڪبو؟

رهبرن کان هي پڇڻ چاهيان ٿو.

 

زندگي چنڊ هجي پر بي داغ

آس ڪهڙيءَ سان جيڻ چاهيان ٿو!

 

سج چڙهيو، صبح ٿيو، رات وَئي

اهڙو افواه ٿيڻ چاهيان ٿو.

 

چاندنيءَ ساڻ گهڻو کيڏي چڪس

چنڊ کي هاڻ ڇهڻ چاهيان ٿو.

 

منهنجي باري ۾ ٻڌو ڇا اَٿئي؟

تنهنجي واتان ئي ٻڌڻ چاهيان ٿو.

 

آس جا پرزا ته اِئن ٿو ميڙيان

ڄڻ اڃا ڀي مان جئڻ چاهيان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org