سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :25

 

ڪئنٽين ۾

ٻي ڪئنٽين ۾

بيهوديون شڪليون –

هڪ ٻئي جي ريزي ۾ اک رکندڙ ڪلارڪ

فراخدليءَ جو ڍونگ ڪرڻ وارا

نوان واقفڪار.

گهر جو گرم کاڌو ۽ ٿڌي زال ياد ڪندڙ ٻڍا –

اڌ ٻڍا

ٿڌو ٽفن کوليندي، کائيندي

گرم لڳندڙ ڪلارڪ ڇوڪرين کي

ڏسندي

مٽڪي ۾ ايندڙ انگ تي ڊسڪس ڪندڙ.

هٿ ڍلو.

چٻڻ آهستي.

ڳالهائڻ ۾ تيزيءَ جي عدم موجودگي

اکين ۾ اُتساهه جي چمڪ

خلاص ٿيندڙ بئٽري…

هيءَ ڪئنٽين ڄڻ پوسٽ مارٽ ۾ ڏسي رهي آهي

سرڪاري عملي جو.

پنهنجن سپيريرس جون دٻون کائيندي

تيز ڪم (ڪڏهن ڪڏهن)

شروع ڪن ٿا

ڄڻ هڪ مرض جا مريض

ٻئي خطرناڪ مرض جا سمپٽس ڏسي

همٿ ڪري

اُٿي ڊاڪٽر ڏانهن وڃن.

 

ڍولڻ ”راهي“ (1949)

ٻه وايون

(1)

مونکي تنهنجي تات – اَزل کان آهي، ڍوليا…!

رئندي گذري رات – مٿان پرڀات

اچي ٿي ڪاهي، ڍوليا…!

آءُ برهه جي بات – ڪريون هر رات

رسڻ ۾ ڇاهي، ڍوليا …!

تڙڦائي جذبات – لڇائي لات

جئڻ جس ناهي، ڍوليا …!

سوُرن جي سوغات – ڏکن جي ڏات

ڏني تو آهي، ڍوليا …!

نينهن نه ٿيندو مات – نه ٿيندو مات

ڀلي جڳ چاهي، ڍوليا …!

مونکي تنهنجي تات – اَزل کان آهي، ڍوليا!

لنوَ لنوَ ۾ پڻ لات – اَزل کان آهي، ڍوليا!

 

(2)

قول ڪيئه، جي، ياد ڪجانءِ،

او اچجانءِ!

پوپٽ جان اُڏري آءُ، جيءَ ۾

گل جان جايون ڏينديسانءِ،

او اچجانءِ!

بدن بڻائي سرکنڊ – سيجا

وارن ساڻ ڍڪينديسانءِ،

او اچجانءِ!

وَل جان وڪڙي، جيءَ سان جڪڙي

ساهه اَندر سانڍينديسانءِ،

او اچجانءِ!

تولءِ بڻجي رات جي راڻي

وک وک کي واسينديسانءِ،

او اچجانءِ!

مونکي پتنگ جيان عرش اُڏائج

ڏور مگر ڏاڍي جهلجانءِ،

او اچجانءِ!

ميڻ بتيءَ جان رجندي رجندي

جيءَ کي جرڪائينديسانءِ،

او اچجانءِ!

سپ جان سانڍي بوند پيار جي

مٺڙا! موتي ڏينديسانءِ،

او اچجانءِ!

سرها سرها سواس گلابي

گهڙيءَ گهڙيءَ گهورينديسانءِ،

او اچجانءِ!

ڪيڏيون ڳالهيون سانڍيم تو لءِ

ساري ارت سلينديسانءِ،

او اچجانءِ!

توکي ساري روز پڪاري

دل جي ڌڙڪن، جيءَ جي جهانءِ،

او اچجانءِ!

 

غزل

تنهنجي نظرن ۾ ئي برو آهيان

ور نه سڀ ٿا چون چڱو آهيان!

مونکي تو ئي نگاه مان ڪيريو

تنهن لءِ جڳ ۾ ٿيو ڏٺو آهيان!

اي پرين! مان تلاش ۾ تنهنجي

پاڻ کان دوُر ٿي ويو آهيان!

توسان اهڙي ته آشنائي ٿي

لوڪ لءِ اجنبي بڻيو آهيان!

مون ڏي حيرت منجهان تڪين ڇو ٿو؟

مان ته تنهنجو ئي آئينو آهيان!

منهنجي دل آ سراءِ سوُرن جي

بي اَجهن لاءِ ڄڻ اَجهو آهيان!

سنگدل مون کان بدگمان آهن

درد وارن لءِ دل – گهريو آهيان!

نانوَ، آڪار، رنگ کان پرتي

مان ته صدين جو سلسلو آهيان!

اڄ تماشائي سي گهٽيون آهن

جن ۾ ٻچپڻ کان مان پليو آهيان!

 

نئون جهان

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين اڄ گڏجي نئون جهان!

تن پالڻ لءِ تن جو سودو، ڌن تي ٿئي اڄ من جو سودو،

هن واپاري دنيا ۾ ٿئي، هاءِ! ڪلا ۽ فن جو سودو،

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين هڪ اهڙو نئون جهان،

ڳڀي ڳڀي لءِ ڪين ڳهي جت بکيو ڏکيو اِنسان!

اڄ مذهب نفرت ڦهلائي، اُلفت کي ڪلفت ڳرڪائي،

عصمت تي وحشت ٿي غالب، غربت کي طاقت ڌمڪائي

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين هڪ اهڙو نئون جهان،

مذهب جي ڪوٽن ۾ قيدي هجي نه جت ڀڳوان!

هاءِ! غريبن جي مجبوري، روز سهي ڌن جي مغروري،

قدم قدم تي دوکو، جوکو،

رت جي رت کان ڪيڏي دوري!

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ! اسين هڪ اهڙو نئون جهان

جت هرڪو پنهنجو حق ماڻي، سڀڪو هجي سمان!

هن دنيا جو سنگ پراڻو، روُپ پراڻو،رنگ پراڻو،

ريتيون، رسمون، راڳ پراڻا، آهه جئڻ جو ڍنگ پراڻو،

آءُ اَڏيون، اي ڀاءُ، اسين هڪ اهڙو نئون جهان،

جت نه رواجن تي اِنسانن کي چاڙهن ٻليدان!

 


ڀائرن سان ڀاءُ ٿيڻ ڏي!

ڇا فرمايهءِ؟

ڪوڙ نه ٻوليان؟

رشوت دوکي کان منهن موڙيان؟

ڇڏيان ملاوٽ

سؤدي سان ايمان نه وڪڻان؟

ليڪن تو وٽ

اِن جو ڪوئي آهه جواب ته –

مونکي ڇا لءِ قدم قدم تي

ٺڳيو وڃي ٿو؟

ڀرشٽاچار جا ڪُن چوڌاري

سمنڊ ۾ رهندي

ڪيئن پسڻ کان پاڻ بچايان؟

واگهن سان ڪئن وير رکان، ۽

ڪيئن ڪنن کان پاڻ ڇڏايان؟

مان ڀي سمنڊ جي لهر بڻيس جي

ڏوهه ڪيم ڇا؟

ڪوڙ ڪپٽ جي چڪر ويوهه ۾ گهيريل آهيان

پاڻ بچائڻ لاءِ

ڪو روَن ساڻ ڪيم جي ٺاهه ته

ڪوئي ڏوهه ڪيم ڇا؟

ڪورو ڪي ڌاريا آهن ڇا؟

پنهنجا ئي مٽ مائٽ آهن

جي منڊن جي ملڪ ۾ رهندي

مون به رکي هڪ ٽنگ ڪلهي تي

ڏوهه ڪيم ڇا؟

منهنجي آ مجبوري، ليڪن

مجبوري بهبودي آهي

ڏاهپ آهي لاچاريءَ ۾

منهنجا مٺڙا!

جيئڻ خاطر جيئڻ جو سامان ته گهرجي،

آدرشن جي روٽيءَ مان بک لهڻي ناهي،

اڃ اصولن جي پاڻيءَ مان ٻجهڻي ناهي،

نيڪيءَ مان ڪو اَجهو نه ٺهندو،

اخلاقن سان انگ نه ڍڪبو،

گهٽ ۾ گهٽ، ته به اَڻڀي روٽي،

سادو ڪپڙو ۽ ڀاتين لءِ

ننڍڙو ڪچو مڪان ته گهرجي،

جيئڻ خاطر جيئڻ جو سامان ته گهرجي.

وقت ڦرڻ سان

جيون جا ڪي قدر ڦرن ٿا،

قدر ڦرڻ سان جيڪو ڦرندو

۽ قدرن سان ٺهڪي هلندو

سوئي جڳ ۾ جالي سگهندو،

جيڪو هلندڙ قدرن سان سنگهرش ڪندو

سو گانڌيءَ وانگر گوليون سهندو

عيسيٰ وانگر ڪراس تي چڙهندو

جام شهادت جو پي ويندو

صدين لاءِ اَمر تي ويندو.

توکي ٿيڻو هجي امر، تون ڀلي امر ٿي.

ڀارت کي اڄ

گانڌيءَ جي آ سخت ضرورت

عيسيٰ جهڙو ڪو ته مسيحا بڻجي

مرده قوم جياري.

هرڪو گانڌي يا عيسيٰ ٿئي

ممڪن ناهي.

توکي ٿيڻو هجي امر، تون ڀلي امر ٿي.

توکي تنهنجي بقا مبارڪ!

مان فاني آهيان

تون مونکي فنا رهڻ ڏي!

ڏاهپ ڏک جا ڏنگ سهڻ ڏي!

زهر پيئان ٿو، زهر پيئڻ ڏي!

جيئن جيان ٿو، تيئن جيئڻ ڏي!

ڀاءُ ڀائرن سان ٿيئڻ ڏي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org