سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :1

ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

ايڇ آءِ سدا رنگاڻي

 

سنگتراشيءَ جي هن نقل – چتر ۾ اهو درشيه ڏيکاريل آهي، ته ٽي پيشگوئي ڪندڙ، ڀڳوان ٻڌ جي ماءُ راڻي مايا جي لڌل سپني جو ارٿ، راجا سڌو ڌن کي سمجهائي رهيا آهن. کانئن هيٺتي ويٺل آهي ليکڪ، جيڪو اهو ارٿ لکي رهيو آهي. ڀارت ۾ لکڻ جي ڪلا جو سڀ کان آڳاٽو چتر ليک شايد اهوئي آهي.

 

ذريعو: ناگار جنڪونڊا، ٻين صدي عيسوي

شڪريو: نئشنل ميوزم، نئي دهلي

 

چونڊ ڪندڙ طرفان

 هندستان جي آزاديءَ، سنڌي هندن جي آسن ۽ اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ورهاڱي نه فقط کين جاني ۽ بي انتها مالي هاڃو رسايو، بلڪ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع ڪرڻ لاءِ پڻ مجبور ڪيو. نقصان ته بنگال ۽ پنجاب وارن به اڪيچار سٺو، پر هڪ ۽ مکيه خيال کان ڀيٽ ۾ گهٽ، سندن پرڳڻا ٻه اڌ برابر ڪيا ويا پر پوءِ به سرحد پار ڪرڻ پڄاڻا، کين ڀارت ۾ رهيل ٻئي اڌ ۾ وسي وڃڻ جو موقعو هئو جتي سندن ماتري ڀاشا، سنسڪرتي ۽ رسم رواج ڦلجي ڦولجي رهيا هئا ۽ اجنبيت جو احساس سامهون نه هئن. انهي جي برعڪس، اکوڙجي آيل سنڌين جي حالت قياس جوڳي هئي. هنن لاءِ هيڏي وشال ڀارت ۾ نه فقط سنڌي ٻوليءَ سنسڪرتي ۽ ريتن رسمن واري ڪا زمين نه هئا، بلڪه اجهي لاءِ پڻ پريشان ۽ سرگردان ٿيڻو پين. ڀيڏا چال، ويا ٿي هلندا – پٽ پيءُ کان ڌار، ڌيءَ ماءُ کان جدا“ ۽ ڀاءُ ڀاءُ کان پري. ڪن ڪئمپن ۾ پناهه ورتي، ڪن جهڳا جهوپِڙا اَڏيا، ته ڪي سڙڪن ۽ پٽڙين تي وڃي پيا. ههڙيءَ اڻ رٿائتي لڏپلاڻ ۾ ڪنهن کي فرصت هئي جو سوچي ته وري پاڻ ۾ ملي به سگهنداسين يا نه، شاديءَ غميءَ ۾ شريڪ به ٿي سگهنداسين يا نه، ٻين ٻولين جي وچ ۾ رهي، پنهنجي ٻولي قائم رکي ان ۾ خط پٽ لکي حال احوال ڏئي وٺي سگهنداسين يا نه، سنڌي سماج جو ڇا ٿيندو، سنڌيت جو ڇا ٿيندو، وغيره وغيره.

اَجهي سان ڳنڍيل هئو پيٽ گذران جو منجهائيندڙ مسئلو، اگر تگر گنوائي آيا هئا، سو هاڻي ڇا ڪن؟ ’پرائي پنڻ کان پنهنجو پيهڻ ڀلو‘ ڄاڻي، پڙهيل ۽ نيم پڙهيل ته جتي، جيڪا، جهڙي نوڪري هٿ آين اُن تي وڃي چڙهيا، ڌنڌي وارا هاڪڙو ساڪڙو دڪان ڪڍي، گاڏو خمچو کڻي، ڦيري وغيره ڪري، روزي ڪڍڻ لڳا. مائرون نياڻيون سبي پري، يا ٻيو ڪو هٿ جو پورهيو ڪري، اپت وڌائڻ ۾ هٿ ڊگهيڙڻ لڳيون. نونهال کٽمٺڙا، ڪيلا، رومال، جوراب يا ڪي اهڙيون ٻيون هلڪي قيمت واريون شيون وڪڻي خرچ جو پورائو ڪرڻ کي جنبي ويا.

حالتن ۾ ٿورڙو ئي سڌارو ٿيو ته تعليمدانن ۽ اديبن جو ڌيان ٻارن جي پڙهائيءَ، ۽ اخبارن ڪتابن ڏانهن ويو. چوڌاري، خاص ڪري وڏن شهرن ۾، سنڌين جا اسڪول کلڻ لڳا، ۽ درسي ۽ ٻيا ڪتاب لکجڻ ۽ ڇپجڻ شروع ٿيا، اخبارون ۽ مخزنون وجود ۾ آيون، ساهت سنگتون، ڪهاڻي چٽا ڀيٽيون ۽ هلڪا مشاعرا پڻ منعقد ٿيڻ لڳا، ناٽڪ ڪري يا رنگا رنگ پروگرام ڏيکاري، مائٽن ۽ ٻارن جي دلين ۾ مادري ٻوليءَ لاءِ پيار ۽ اُتساهه جاڳايو ويو.

شاعر، حساس ۽ زماني جي ڌڙڪڻ ٿيندا آهن. ورهاڱي جي وَڍن ۽ بعد جي دردناڪ حالتن کان متاثر ٿي، ڪيترن ئي شاعرن رت جا ڳوڙها ڳاڙيا. کيئلداس ”فاني“ واتان ته ”او منهنجا وطن“ ۾ جنسي پٽ نڪري ويئي:

 

ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي، وطن!

ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي، وطن!

لڏي جن آ لڏايو مون کي، وطن!

جن روههُ رلايو مون کي، وطن!

فاني سي ڏسان دردن ۾ دکي،

سالن ۾ ٿين ساعت نه سکي.

ڪئمپن جي زندگيءَ ۾ گندگيءَ، ڀڳل ڀتين وَهندڙ ڇتين، ڪچن رستن اونداهين، پاڻيءَ لاءِ نلن تي ڊگهين قطارن، راشن جي دڪانن تي سيڌي گاسليٽ لاءِ ڀيڙ، مال جي ڪمي ۽ گهٽيا جنس وغيره تي اخبارن جا ڪالم ڪارا ٿيندا رهيا. لوڪ پريه ڪوي پرسرام ”ضيا“، اڪيلي سر هڪ ٻئي پٺيان، مذاق ۽ طنز سان پر اٽڪل ٻه سوَ نظم ”سوٽائيءَ“ جي نالي سان ”هندو واسي“ ۽ ”هندستان“ ۾ شايع ڪيا، جن منجهان ”پٽي ٿي پوهوءَ ماءُ“ چڱي شهرت حاصل ڪٿي:

لٽا نديءَ تي ڌوئي ويٺي – اڳواڻن کي لوئي ويٺي

منهن کي سڄائي سٽي ٿي ڪپڙا – تکو اٿس ڪو تاءُ

پٽي ٿي پوهوءَ ماءُ.

راشن ڪهڙو مئا ڏين ٿا – گند مٿي ۾ کنيو هڻن ٿا

هڪ شئي ملندي ٻي شئي کٽندي – ته به پيا ڪندا وڌاءُ

پٽي ٿي پوهوءَ ماءُ.

ڪاٺيون ملن ٿيون پاڻيءَ واريون، ڦوڪون ڏيئي باهه ٿيون ٻاريون

دونهين اکين جو نور وڃايو، ڪهڙو ڪريون اُپاءُ

پٽي ٿي وپهوءَ ماءُ.

سنڌ جي ياد ۽ سنڌيت تي پڻ شعرن جي ڌم مچي ويئي. مثلا ”سنڌ ۽ سنڌي“ ۾ ڪرشن ”راهي“ چيو:

 

وطن جي لءِ جان، گهوري پوءِ به ٿوري

سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آيا.

 

وطن ويو جن هٿان، ناهي تن آرام

ڪڏهن وسري ڪينڪي ڪنهن کان پنهنجو گام

نديون هت به جام، پر سنڌوءَ ۾ ڪو ساهه ٿين!

 

جيڪي هت ڄميا، سي ڀي سنڌي سڏبا

سنڌي ٿي، سنڌ کي ڏسڻ کان سڪندا

ڌارين وانگيان جڏهين سنڌ وڃي ڏسندا

ماڻهو ائين چوندا ”سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ.“

 

اندر ڀوڄواڻيءَ وري ساڳيءَ سرخيءَ واري شعر ۾ آٿت ڏنو:

 

انگ ڪٽيائون سنڌ جا، روح ته ڪٽيو ناهه

هت به مکن تي آهه ”لالئون لال لطيف چوي!“

 

سنڌي ٻولي رهندي يا اُٿي ويندي، انهيءَ شنڪا کان ستائجي نارائڻ ”شيام“ هڪ غزل جي مقطع ۾ خبردار ڪيو:

اَلا اِئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي:

هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

اهڙي انديشي کي دور ڪرڻ لاءِ ضيا ”شاهه سان سپني ۾ ڳالهيون“ نظم ڇپائي، ڀٽ ڌڻيءَ جي دعا سان تسڪين ڏني:

جو لڳايم باغ ريگستان ۾-

جنهنجي خوشبو ڦهلي هندستان ۾

هند ڇا، ڦهليو ولائت ۾ به واس-

اُنجو مٽجڻ ناهه ڪنهن اِمڪان ۾

جيسين قائم هيءَ زمين، هيءُ آسمان

تيسين هيءُ آباد رهندو بوستان.

ڀارت سرڪار، پٺيان ڇڏي آيل غير متحرڪ ملڪيت لاءِ معاوضو ڏيڻ بحال ڪيو ته ليکراج ”عزيز“ ”سنڌ جي سڪ“ ۾ ساريءَ سنڌ جو ڪليم وڌو. لکيائين:

منهنجو پڇو ٿا سنڌ جي املاڪ تي ڪليم؟-

املاڪ منهنجي سنڌ ٿي، حق سنڌ جو کپيم.

ماڻهن جا ڀريل من ۽ اداس چهرا ڏسي، سندن تتل سيني تي ٿڌو ڇنڊو وجهڻ لاءِ ڌرمي ڪتابن جو پڻ سهارو ورتو ويو، جن ۾ مکيه هئا ”ضيا“ جا سکمني جپ صاحب، ۽ گيتا جا منظوم ترجما.

ترقي پسند شاعري، جا آزادي ملڻ کان ٿورا سال اڳ وجود ۾ آئي هئي، وقت سان گڏ وئي پئي وڌيڪ ۽ وڌيڪ مقبول پوندي. لڏ پلاڻ کانپوءِ پيدا ٿيل سنڌين جي سماجي ۽ مالي حالتن – ڪئمپ جي زندگي، بيروزگاري، بي اِطميناني ۽ نراسائي، انهن مڙني اُن کي وڏي تقويت ڏني. نوان نوان موضوع، مطلب ۽ مقصد، روزمره جي عام زبان ۾ قلمبند ٿيڻ لڳا. جن شاعرن انهيءَ قسم جي شعر تي طبع آزمائي ڪئي، اُنهن ۾ مکيه هئا ارجن ”شاد“، ايشور ”آنچل“، سڳن آهوجا، ڪرشن ”راهي“ ۽ موتي ”پرڪاش“. سندن رچنائن مان جيڪي  خاص عام پسند پييون، اهي هيون شاد جو ”موديءَ جو بل“، آنچل جو ”پيار ۽ پئسو“، سڳن جو ”انڌير نگريءَ جو چوپٽ راجا“، راهيءَ جو ”آرام حرام آهي“ ۽ پرڪاش جو ”جهوپڙي.“ انهي وقت جو شعر سماجڪ يٿارت تي ٻڌل آهي، جنهن ۾، ڪنهن حد تائين، حقيقت شناسي ملي ٿي ۽ ڪلپنا واري اُڏام نه جهڙي.

ڌيري ڌيري حالتن ڪر موڙيا ۽ زندگي ۾ ٺاپر ۽ ڪي قدر خوشحالي وري ته گهڻن تڻن ترقي پسند شعرن ۾ وشين جي کوٽ، خيالن جو دهراءُ، کوکلائپ ۽ نعري بازي ظاهر ٿي.

هيستائين شعر، بحروزن تي پئي لکيو ويو، رڳو معنيٰ کي ترقي پسند رخ ڏنو ويو هو، گڏوگڏ رومانيت به هلي رهي هئي پر اُن کي اُڀرڻ لاءِ حالتون سڻايون نه هيون. ترقي پسنديءَ جو زور ٽٽو ته هيءَ ڌارا وڌي آئي.

رومانيت فلسفي جا ٻه مڪتب مڃيا ويا آهن: (1) جنهن ۾ شاعر جو رومانوي جذبو صرف سرير جي حدن تائين هجي، جنهن کي انگريزي ۾ Animal Love چوندا آهن؛ (2) جيڪو زمين جي سطح کان مٿي اڀري پنهنجو لاڳاپو سڌو قدرت سان ٿو جوڙي، جنهنکي Romance of Nature ٿا ڪوٺين. سڳن آهوجا کي پهرئين مڪتب ۾ خاص جڳهه آهي. هن ۾ شعوري قوت ڀرپور هئي. جنس (Sex) جي نازڪ ۽ نفيس جذبن کي رمز ۽ اشارن سان ادا ڪيو اٿائين. محاوري ۽ ٽيڪنڪ جي استاد ۽ روايتي شاعريءَ جي آخرين علمبردار ليکراج ”عزيز“ جي عشقيه ڪلام ۾ پڻ شدت جي گرمي محسوس ڪئي وڃي ٿي. پرم اَبيچنداڻيءَ جي انهيءَ راءِ کي ڪافي وزن آهي ته نارائڻ شيام ”يگانو شاعر آهي، جنهنجو شعر قدرت سان سڌو لاڳاپو ٿو جوڙي.

هُو هڪ اهڙي نيلي گل جي تلاش ۾ سرگردان ٿو رهي جو ڪٿي نه ڪٿي ٽڙي ضرور ٿو، پر شاعر کي هٿ نه ٿو اچي. هُو چاندنيءَ کي پنهنجن هٿن ۾ پڪڙڻ جي ٿو ڪري. ’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۾ هُو مندن جا جهروڪا ٿو کولي ۽ هڪ هڪ جهروڪي مان الڳ الڳ مند نڪري نروار ٿي ٿئي. هيءَ ڪلپنا جي هڪ اِنتها آهي جا شاعر کي سودائي بڻائي ٿي ڇڏي، پر پوءِ جيئن ڪو لرج چيو آهي: ڪلپنا به ته هڪ جيئري جاڳندي چيز آهي.“

غزل هاڻي مشهوريءَ جي انهيءَ اوج تي پهچي ويو جو هرڪو نئوخيز پنهنجي اندر ۽ امنگن جو اظهار اُنجي ذريعي ڪرڻ لڳو، جنهنڪري نه فقط غزلن جا خاصا ڪتاب، پر انتخاب پڻ ميدان ۾ آيا. ڪن ڪتابن جو ته نالو ئي ”غزل“ رکيو ويو.

هڪ ڳالهه جنهنجو هن هنڌ ذڪر ڪرڻ نهايت مناسب ٿيندو، اها آهي ته آزاديءَ کان اڳ، سنڌ اندر پارسي زبان ۽ ادب، تنهن ۾ به خاص شعر جو بول بالا هئو. مسلمان توڙي هندو، نه فقط علمي ادبي جلسن ۽ حلقن ۾، پر خود گفتگو ۽ خط و ڪتابت ۾، پهاڪن ۽ بيتن سان انجو مظاهرو ڪندا هئا. اِها ٻولي سڪول ۾ انگريزي چوٿين درجي کان وٺي سکبي هئي ۽ ڪاليج ۾ ته لڳ ڀڳ لازمي هئي. سنڌي فائينل امتحان ۾ پڻ بحر وزن تي سوال پڇندا هئا. نتيجي ۾، شاگرد ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ذوق وارا وري پنهنجو شعر عام عروض جي قاعدن تي جوڙيندا هئا. مشاعرا – طرحي خواه موضوع تي پڻ وزن قافيه تي ٿيندا هئا. اِهوئي ڪارڻ هو جو ان وقت جي جملي هندو شاعرن، بيوس، عزيز، ضيا، خادم، فاني، وفا، دلگير، شيام ۽ ٻين بحر وزن ۽ قافيه رديف تي شعر چيا. ڀارت ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا ته نه رهيون اهي بزرگن جون صحبتون ۽ محفلون ۽ نه وري پارسي جي پڙهائي يا اهڙو ماحول. نئين ٽهي ته علم عروض کان ڄڻ محروم رهجي وئي. هڪ طرف عروض تي شعر چوڻ جو ذوق ۽ رواج گهٽيو، ته ٻئي طرف پرانتڪ  وديشي ٻولين جو غلبو ٿيو ۽ شعر ۾ انهن جي طرزن تي تجربا ٿيڻ لڳا. بيت، دوهي، سورٺي، وائي، ڪافي، گيت وغيره لکڻ جو رواج ته اسان ۾ هلندو پئي آيو، هاڻي ٻيا فارم به وجود ۾ آيا. تاسيداس تاريجا چؤپايون چيون ۽ منجهن سارو تل سيڪرت رامائڻ سمايائين. شيام، آزاديءَ کان اڳ، وليم شيڪسپيئر جي طرز تي سانيٽ (چوڏسي) جو پايو وڌو هئو، تنهن وشوامتر ۽ مينڪا جو قصو ”روپ مايا“ نالي شعر سان سورهن ساليٽن ۾ آندو. سڳن، هري ”دلگير“ ۽ راهي پڻ انهيءَ صنف تي طبع آزمائي ۽ ڪامياب رهيا. دلگير ترائيل جو بنياد وڌو ۽ هريڪانت ڄيٺواڻي هڪڙو ئي شاعر آهي، جنهن ”پرهه کان پهرين“ نالي ترائيلن جو ڪتاب شايع ڪيو. جپاني هائڪو ۽ پنجابي ٽپو کي وري به شيام ئي لکي، سنڌي شعر کي تصويرن جي صورت ۾ مالا مال ڪيو. هاڻڪو اِندر ڀوڄواڻيءَ به جوڙيا، پر انهن کان وڌيڪ شاهه عبدالڪريم جي هڪ سٽ وارن بيتن جي طرز تي تنها مروج ڪيائين. پريو ”وفا“ پنجڪڙا جي نئين فارم جي ايجاد ڪري انهن کي پڪو پختو عروض جو رنگ روپ ڏئي، مفڪرانه مضمونن جي اظهار جو وسيلو بڻايو ۽ ”سرخ گلاب سرها خواب“ نالي پنجڪڙن جو ڪتاب پڻ ڇپرايائين.

وقت سان گڏ ٽيڪنيڪ ۾ پڻ تبديليون اينديون ويون. Blank verse يعني غير قافيه نظم، جنهنجي سٽن ۾ وزن يا ماترائن جو تعداد ساڳيو هو باقي قافيه نه – جئن نانڪرام ٿڌاڻيءَ جي 1922 ۾ شايع ٿيل ”ڀڳونت گيتا“ ۾ نظر ايندو. انهيءَ Free verse يا آزاد نظم جو روپ ڌاريو، جنهن جا ٻه مکيه قسم هئا: (1) ننڍيون وڏيون سٽون جن ۾ ڪو نه ڪو وزن هو ۽ (2) سٽون جي بنا وزن هيون. خادم ڪي اهڙا آزاد نظم به لکيا جن جي سٽن ۾ رباعيءَ جو وزن هلندڙ هو. مثلاً

فرقت جي رات

تهه سياري جي اماس

ٻاريان به کڻي بتي ته انجو ڪو سُود!

دوريءَ کي هٽائي ته نه سگهندو ڪو چراغ.

پاڻ لاءِ تخلص چونڊڻ، يا انجو مقطع يا ڪنهن ٻئي بيت ۾ آڻڻ جو رواج پڻ گهٽجي گهٽجي اچي نه جي برابر ٿيو ۽ شاعر جو شخصي نالو ئي سندس سڃاڻپ بڻيو. جن شاعرن گهڻن فارمن تي يا گهڻن قسمن جي شعر چوڻ ۾ نالو ڪڍيو، انهن مان شيام، دلگير، گوورڌن ڀارتي، ڪرشن راهي ۽ اندر ڀوڄواڻي تحسين لائق آهن.

چالو دؤر سائنس، مشين ۽ ٽيڪنالاجي جو آهي، جنهن ۾ عقليت کي وڏي اهميت آهي. اِنسان جو زندگيءَ ڏانهن رخ ۽ رهڻ جو طريقو بدلبو پيو وڃي. گڏوگڏ ڇيد واري پرک آهستي آهستي، پر يقيني سان، پنهنجون پاڙون پختيون ڪندي پئي وڃي. ظاهر آهي ته سنڌي شاعر انهيءَ اثر کان پاڻ بچائي نٿا سگهن.

سنڌي ساهت ۾ نئين ڪوٽا جو بنياد هن صديءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ پيو، جنهن جا مکيه ڪارڻ ٽي چيا وڃن ٿا: (1) جوان پيڙهيءَ کي ورثي ۾ مليل شعر جوڙڻ جا اوزار، ٻولي، بحروزن، عڪس، استعارا، وغيره، موجوده زندگيءَ جي ’سچ‘ کي ’بيباڪي‘ سان چٽڻ لاءِ مدي خارج، مڏا ۽ بيڪار محسوس ڪيا ويا؛ (2) اُديوگي اِنقلاب (Industrial Revolution) ، انساني قدرن ۾ بحران جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو هو؛ (3) معاصر شاعريءَ تي انگريزي ۽ هندي شاعريءَ جو پرڀلو، انهن مڙني اثرن هيٺ جيڪو شعر لکجڻ ۾ آيو اهو نئون، منطقي ۽ غير رواجي هو.

پهريون ڪم جو نئين ڪوٽا جي رچيتائن پاڻ تي هموار ڪيو، اهو هئو زندگي جي اُنهن پابندين کي ننگو ڪرڻ جنکي روايت پسند شاعر هيساتئين ڌيان ۾ آڻڻ جي جريت به نه ساري سگهيا هئا. نئين تهذيب جي کڙي ڪيل مونجهاري ۽ اُنجي نتيجي ۾ عظمت کوهڻ جي اَڻ ٽر تضادن ۽ زندگيءَ جي اُلجهنن کان پيدا ٿيل مانوي ماڻن جي جاڳرتا هاڻي وڏي اهميت حاصل ڪئي.

سڀاويڪ، شعرن جا عنوان بدليا، گل بلبل ۽ مزدور ڪسان بدران ويتنامي جنگ، نئون اتهاس، مهاتما سان مخاطب، نيشنل  ڪوڙ، انڌو ڪندڙ اَڻو، نروڌ، ائبارشن، پرش وئشيا ۽ ٻيا اهڙا موضوع ايندا ويا جن شاعر جو تصور ۽ توجهه ڇڪيو. شاعر کي نه ڪنهن ڳالهه جي منع هئي نه اُنجي ڀلي بري هجڻ جو تعصب ۽ نه وري ڪنهن خاص فلسفه جي ڦهلائڻ سان مطلب. هن کي سچ (Reality) پيش ڪرڻ جي ئي اون هئي، پوءِ اُهو سچ ڀلي ته ڪهڙو به عارضي هجي، بنسبت آدرشيءَ جي، جو کڻي دائمي هجي.

شروعاتي نئين شعر ۾ سماجڪ وابستگي (Social Commltment) نظر اچي ٿي، پر پوءِ رفته رفته اَلڳاءَ وارو ۽ انفرادي ٿيندو ويو جيئن اڄ جو نئون شعر آهي. هر شاعر الڳ الڳ ٻيٽ وانگر ٿي بيٺو آهي، پنهنجي پنهنجي ڇوٽڪاري جي ڳولا ۾.

جيتوڻيڪ اڄ جو شخص هر قسم جي عيش آرام پٺيان ڦري ٿو، پر ذاتي سک ۽ سلامتي جي جستجو ۾ پاڻکي ٿڪل، گهٻرايل ۽ الڳ ٿلڳ پيو محسوس ڪري. حالتن جو دٻاءُ گڏيل ڪٽنب وغيره کي ٽوڙيو ڇڏي ۽ فرد اُن گرداب ۾ اچيو گهوماٽيون کائي جنهن کان فراريت محال اٿس. اهڙن حالات ۽ حقيقتن کان باخبر هجڻ ۽ ڪنهن حد تائين منجهن مبتلا رهڻ (involved) نئين ڪوتا لکڻ جا پهريان ۽ لازمي شرط هئا.

نئين ڪوتا جوڙيندڙ جهونيون روايتي تمثيلون ۽ تشبيهون ترڪ ڪري، نت نيون ٿو آڻي، جيڪي ڪيترن وقتن تي اَجنبي يا، انهيءَ کان به وڌيڪ، کل جهڙيون ۽ ڀيانڪ ٿيون لڳن. هُو هر چيز ۽ زندگي کي ناڪاريندڙ ۽ هر مسئلي کي پنهنجي نقطئه نظر ۽ ذاتي رحجانات کان پيش ٿو ڪري. تاريخ کي به نه ٿو وساري ۽ ڪلاسيڪي يا لوڪ ڪٿا جي نائڪن ۽ ڪردارن جي معنيٰ اڄوڪي زندگي جي علامتن ۽ عڪسن ۾ ڪڍي، انهنکي نئون مفهوم بخشي، نئين زندگي ٿو ڏئي. هنجو اظهار ڇتو ۽ کهرو ٿو ٿئي ۽ ڪن کي خير ٿو وڻي. نزاڪت ۽ فني افضلت جي جاءِ سڌي ۽ بي اختيار بيان ورتي آهي. ڪوتا ۾ نه بحر وزن آهي ۽ نه سنگيت، پر هڪ قسم جي لئه پيئي محسوس ٿئي جا ويچار ۽ ڀاو جي نوعيت سان پيئي بدلجي. شروع شروع ۾ منجهس خواه مخواه انگريزي لفظن جي ٽنب ٽنب هوندي هئي (جيتوڻيڪ انهن جا هم معنيٰ لفظ سنڌيءَ ۾ موجود هئا) پر آهستي آهستي اُنجو فئشن گهٽبو پيو وڃي. ٻولي اڃا تائين ڪچي پيئي لکجي ۽ تلفظ ۽ هجي جو اونو ته ڪنهنکي به ڪونهي.

نئين ڪوتا جو آغاز نئين ڪلاسيڪي (Neo-classical) ڌارا کان پوءِ ٿيو ۽ هن اوسر نئين ڪويءَ کي تجربي جو هڪ ڪشادو ميدان ميسر ڪري ڏنو. گوورڌن ڀارتيءَ جي ”سئنيٽوريم ۾ پهرين رات“- 1959- جيتوڻيڪ هيئت جي لحاظ کان نئين ڪوتا جي فارم سان مشابهت ٿي رکي پر تجربي خواه ويچار (Concept) جي خيال کان اُنکي نئين ڪوتا ڪوٺڻ صحيح نه ٿيندو. ان کي نئين ڪوتا جي پيڙهه جو پهريون پٿر ڪوٺڻ شايد زياده موزون لڳي. هريش واسواڻي ۽ واشديو موهيءَ جو اِنهيءَ عمارت جي اوساري ۾ شروعات کان وٺي سٺو يوگدان رهيو آهي. سندن ڪي مثالي ڪوتائون آهن: هريش – ”هڪ ڏاهريءَ جو واپس نه ورڻ“، ”26 جنوريءَ کان پوءِ هڪ ڏينهن“، موهي – ”بي وقت وقت“ ۽ ”ڪارڪو“. موهن ڪلپنا اڪثر زندگي جي قدرن جي ذلت فاش ڪندو رهيو آهي، جيئن ”اگهاڙي تهذيب“ ۽ ”اڌ ڪلاڪي پريمڪائون“ ۾ ٿا ڏسون. ”نئون اتهاس“ ۽ ”جهاز جي ڊيڪ تي“ سندس مشهور ڪوتائن ۾ شماريون وڃن ٿيون. شيام جئسنگهاڻي ٿورو پوءِ ميدان ۾ آيو. ”زندهه آباد“ ۽ ”مفڪر“ سندس اعليٰ رچنائن مان آهن. هريش ۽ شيام جون ڪي ڪوتائون ته اُتي يٿارٿ واد (Surrealism) تي پڻ ٻڌل آهن، جيئن هريش جي ”پرش وئشيا“ ۽ شيام جي ”خون“. ڪرشن ”راهي“ ۽ ايم ڪمل، ٻه سجاڳ روايتي شاعر، پڻ وقت سان وک ملائيندا ڪجهه سالن کان انهيءَ ڌارا جا سهڻا مثال پيش ڪري رهيا آهن. هن سلسلي ۾ ڏسو راهيءَ جو ”رشتو اجنبيت جو“ ۽ ”ووٽ“ ۽ ايم ڪمل جا ”ڊيٿ سرٽيفڪيٽ“  ”سرڪس چالو آهي.“ اِنهن نئين ڪوتا لکندڙ شاعرن سان مان نامديو جو نالو به جوڙڻ چاهيندس. هن جي عڪس اندازي ”وقت“ ۽ ”سچ جي سزا“ مان ظاهر آهي.

نئين ڪوتا کي وجود ۾ آئي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي. لازم آهي ته هيڏي عرصي ۾ ڪي ويس به بدلائي، چتر جيان، هتان هتان جا پئچز يا چتيون گڏي بڻايل رچنائون، جن کي ’ڪولاز‘ ٿا ڪوٺين، ٿوري تعداد ۾، خاص طور وشنو ڀاٽيا طرفان ظاهر ٿيون پر منهنجيءَ نظر ۾ تجربو ناڪامياب ويو. نقلي ڪوٽائون يا چٽڪلا به بي انداز پڌرا ٿيا پر اڪثر ذائقو خراب ڪندڙ. ڪوتا جي مڃيل – چاهيل وصفن کي هڪ رٿيل انداز ۾ رد ڪري، بلڪل الڳ رچنا ڪرڻ جو ڪم خاص انند کيماڻيءَ ڪيو. انهيءَ قسم جي ڪوتا کي اُلٽ ڪوتا/ اَڪوتا ڪوٺيائون. اِها لهر هڪ نهايت ننڍي عرصي ۽ نهايت ئي ننڍي مقدار جي هئي جا هڪ هلڪو اثر پيدا ڪري گم ٿي وئي. انند کيماڻي واحد شاعر آهي، جنهن ان جو ”بيمار پيڙهي“ نالي سان ڪتاب ڇپايو. هن جون ٻه مکيه ڪوتائون آهن ”مان…“ ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾.“

پڇاڙيءَ ۾ مان شيام جئسنگهاڻيءَ جي هيءَ راءِ ڌيان تي آڻڻ چاهيندس: معنيٰ جي تهن جي هيءَ ياترا هڪ باهوش ياترا آهي. ڪوتا اڄ وڌيڪ ۽ وڌيڪ سڌي، ڇتي، تيز ۽ تلخ بڻجي، جديد زندگي جي اندرين ٻاهرين تهن جو فاش ڪندڙ روپ ڌاري، منزلون طي ڪرڻ لاءِ وڌندي پئي وڃي.

هر ڪنهن جي انتخاب جي اک پنهنجي ۽ ٻين کان نرالي ٿي ٿئي. مان دعويٰ نه ٿو ڪريان ته سڀني شاعرن جا جملي شعر پڙهيا اٿم يا انهنجو بهترين نچوڙ پيش ڪيو اٿم؛ پر اِها ڪوشش ڪئي اٿم ته هر قسم جو شعر ڏيان ۽ ساڳئي وقت شاعرن جا مختلف ۽ وقت بوقت ترقي ڪندڙ پهلو به ڏيکاريان. دائرو وسيع هو ۽ شاعر تمام گهڻا. انڪري هن چونڊ ۾ اُنهن کي ترجيح ڏني اٿم، جن جا شعرن جا ڪتاب نڪتل آهن ۽ جن جون شاعراڻيون خوبيون مونکي وڌيڪ وڻيون. هونءَ ته ستيئي روهڙا پريم پرڪاش، جينت ريلواڻي، برجمو هن، نند ڇڳاڻي، عاجز بيدي، ڪرشن لال ”يرديپ“ وغيره به يوگيه شاعر آهن ۽ نند جويري، لڇمڻ هردواڻي ۽ رتن آڏتاڻيءَ ته نئين ڪوتا جي شروعات ۾ ئي قلم کنيو هو پر هنجون رچنائون اخبارن ۽ رسالن تائين ئي محدود هيون، جي جيئن جو تيئن مون وٽ نه آهن، ان ڪري انديشو هو ته سندن شعر جي چونڊ خاطر خواه نه ٿئي. بهرحال-

جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پرين.

مارچ 1985            سدارنگاڻي ”خادم“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org