سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر سورٺ

صفحو :5

 

 

 

تڏهن ڦڪيون

 

سُر سورٺ

 

داستان پهريون

 

(1)

اَللهَ جِي آسَ ڪَري، هَلِيو هِئائِين،

چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جهُوڙا ۽ جهائِين،

ڏولِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏوُران ڏِٺائِين،

وِينَتِي واحِدَ دَرِ، تِنهن دَم ڪِيائِين،

سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجهائِين راڳَ سين.

 

(2)

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هِتِ،

جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَجِيُون صدائُون هَڻي.

 

(3)

پَرَديسان پَنڌُ ڪري، هَلِي آئِيو هِيءُ،

مالُ نَه مَڱي مَڱڻُون، جاجِڪُ گهُري جِيءُ،

وَڍِ، وَهِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبَر نَه سَهان.

 

(4)

پَرديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هُون،

اُونچو تُون عَرشَ تي، آءٌ ڀورو مَٿي ڀُون،

ڪِئن تُسندين تُون، هِيءُ سِرَ سُوالِي مَڱڻُون.

 

(5)

پَرَديسان پَنڌُ ڪري، آيُس آڳاهِينءَ ماءِ،

جي وِهاڻِيءَ ويرَمَ ٿِئي، تَه مُون هِينئر ئِي هَلاءِ،

سُونهارا سورَٺِ وَرَ، ڳالهه هِينئين سين لاءِ،

سو مَڱڻَهارُ مَلهاءِ، جو وِچان ويرِينِ آئِيو.

 

(6)

پَرَديسان پَنڌُ ڪري، سُڻِي آيُسِ شانُ،

مَڱان ڪَهِڙيءَ مَتِ سين، نِسورو نادانُ،

سو ڪو ڏِيارِيين ڏانُ، جو طمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.

 

(7)

سَردي سالِمُ نَه رَهان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ،

اَمُنُ ڏيج اَمانَ تُون، سائِلُ هَڻي سازُ،

ربابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو.

 

(8)

سَرديءَ سالِمُ نَه رَهان، ڪوسِي سَهان ڪَانَ،

اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، دُورِ ڪَري ٻِيا دانَ،

پانڊَپ! کائِي پانَ، وِجهِجِ پِڪَ پينارَ تي.

 

(9)

تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، جاجِڪُ وَٺي جِيءُ،

ڪَنا نارُ حامِيہ، هاڻِ بَچائجِ هِيءُ،

والِي ڏِيارئي ويءُ، جِتِ آهِ جنّاتُ عَدنٍ.

 

(10)

تو دَر آيُسِ راڄِيا، هِهَڙو وَٺِي حالُ،

اُونائيجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها! سُوالُ،

اَڱڻِ مَٿي آنهِنجي، ڪَهي ڪي قَوالُ،

ڀَلا! ڪَري ڀالُ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.

 

(11)

تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻِيا دَرَ ڪَري دُور،

سائِلُ ٿو سَينَ هَڻي، هَردَمِ اُن حُضُور،

ٻِيو نَه مَڱِي مُور، اَمُنُ ڏيو اُنَ کي.

 

(12)

تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻيا دَرَ دُورِ ڪَري،

دُولَههَ تو دَرٻارِ ۾، آيُسِ پيرَ ڀَري،

مَڱِڻُون آئُون نَه مالَ جو، مُنهِنجو پَنڌُ پَري،

وَري ڪِينَ وَري، مَٿي ڌاران مَڱڻُون.

 

(13)

تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،

ڪَهان جو ڪُماچَ سين، سو سُڻَ سَٻاجهي ڪَنّ،

جا مَڱَ مُنهِنجي مَنِّ، سا توکي مَعلُم سَڀَڪا.

 

(14)

ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ، آيُسِ تُنهِنجي دَرُ،

سُونهارا سورَٺ وَرَ، ڪا مُنهنجِي ڪَرِ،

ڀَلا! ڀيري ڀَرِّ، پالَهو پاندُ پينارَ جو.

 

وائي

تُنهِنجيءَ تَندُ تَنوارَ، يار! مُون مَنُ موهِيُو،

مَلِهي آئِين مَڱَڻان، گَجِي ۾ گرنارَ،

يارَ! مُون مَنُ موهِيو.

سِرَ جِي صَدا ڇَڏِ تُون، ڏِيانءِ ڏيجَ اَپار،

يارَ! مُون مَنُ موهِيو.

دانَ ڏِيانءِ دُهِرا، هَزارين هَزارَ،

يارَ! مُون مَنُ موهِيو.

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

جاجِڪُ جهُوناڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،

تِنهن ڪامِلَ ڪَڍي ڪينرَو، ويهِي وَڄائِيو،

شَهرُ سَڄوئِي سُرَ سين، تَندنِ تَپايو،

دايُون دَرِ ماندِيُون ٿيون، ٻايُنِ ٻاڏايو،

ٻِيجَلَ ٻولايو، تَه آهِيان سُوالِي سِرّ جو.

 

(2)

ساري راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙه ڀَر ڳايائِين،

اُٺَس ماڻِڪَ مِينهن جِئن، هَٿِ نَه ڇُتائِين،

تي لائِقَ لَڌائِين، جِئن هو مِيراثِي مَڱَڻُون.

 

(3)

نِرِتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي،

راڄا رَتولَنِ ۾ وَرَنائِي وائِي،

ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارِٽُ ٻاجهائِي،

رَاڄا، راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.

 

(4)

نِرِتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻيجَل،

راڄا رتولَنِ ۾، اُونائي اَمُل،

رازُ ڪِيائين راءَ سِين، ڪِنهن موچاريءَ مَهَل،

انا اَحمَدُ بِلا مِيمِ، سَينَ هَنئِي سائِل،

ڪِنهن ڪِنهن پيئِي ڪَل، تَه هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.

 

(5)

ڪَنِين ڪَنين ماڙُهئين، پيئي ڪَلَ ڪائِي،

رَسيا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسي پائِي،

الانِسَان سِرُيَ و اَناسّـِره، وَرَتِي اِيءَ وائِي،

راڄا، راڳائي، هَرِدوئِي هيڪُّ ٿِيا.

 

(6)

راڄا رَنگِ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِين،

جا هَنيائِين هَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،

جِتِ اَچَنِ نَه اُردابيگيُون، اُت ڪو ڪوٺايو اَمينِ،

تازي ڏِيوسِ تَڪِڙو، جوهَرَ پائي زِينَ،

ٻِيو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيّدُ چَئي.

 

(7)

راڄا جو راضِي ٿِيو، تِنهن ڏِنا وَڏا ڏانَ،

موٽِي ڪارِيا مَڱَڻي، طَرَح تُنبي کي تانَ،

مُون وَٽ مالَ مَتاع جي، ڪَمِي آهي ڪانَ،

ڪارَڻِ رَبّ رَحمانَ، سِرُ وَڍي، سلطانَ ڏي.

 

(8)

سِرَ جي هُئائِين هَلِيو، چارَڻُ چِتائي،

سو مُوڙا جهَلي نَه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،

تو دَرِ آيُسِ تِي، جِئن تو ناهِ نَه سِکِيو.

 

(9)

پائي پَٽَ ڪَڻان، مُون تان مُور نَه مَڱِيو،

تَازِي طَبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گهَڻان،

هاٿِيءَ ڪارَڻِ هيڪَڙي، آن ڪا تَندُ هَڻان؟

جا مٿي تو مَڻِيان، تِنهن سِرَ جو آهِيان سيڪَڙُو؟

 

(10)

جي ميراثِي مَڱڻان، آئُون پُڻِ مَنجهان تَنِ،

ڪِين ڪَہُ مُنهِنجي ڪَنِ، اِرثَ مَنجهاران اُنِ جي.

 

(11)

ڪا جا ڳالهِه ڳَري، ٻِيجَلِئا ٻُڌاءِ مُون،

پيٺِين جِئن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،

ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جهَلِيندين مَڱڻان!

 

(12)

مَڱُ نَه جهَلِيان مُورِهِين، نَه مُون پَنڌُ پَري،

ڳِڻِي آيُسِ ڳالَهڙي، ڳُجهي تو ڳَري،

سا سَمُجهِجِ، سورَٺِ وَرَ، وِيندُسِ ڪِينَ وَري،

پَرِيان پِيرَ ڀَري، تو لَئي آئِيو آهِيان.

 

(13)

مَڱَ نه تُسي مَڱڻُون، نَه مِلڪَ، نَه مال،

ڏانِنئُون ڏُور ٿِئي، ڪا جا ڳِنِس ڳالهه،

آهي اِنَ خِيال، تَه ڏيٺِي ٿِيان ڏاتارَ سين.

 

(14)

سِرُ مَڱي، سِرَ گهُري، سِرَ ريءَ ٿِئي نَه صَلاحَ،

غَرِيبَنِئُون نَه گُذَري، ٿو ماري ميرَ مَلاح،

نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساهَ،

خالِقُ سَنجههِ صُباح، ڪونَ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.

 

(15)

موٽِي، مَڱَڻهارَ! شالَ مَ اَچِين ڪَڏهِين،

اَٺَئِي پَهَرَ اَجَلَ جو، ڪُنڍو مَنجههِ ڪَپارَ،

جِنهن تو سَڀَ ڄَمارَ، هَنِيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.

 

وائي

ڏِنو راءِ ڏِياچَ، هيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.

ڇَڏي هَلِيو هِتَهين، راڻِيُون پَنهِنجا راڄَ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.

اَگهيو دَر اللهَ جي، ڪوڙين پُنس ڪاڄ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.

مَڱِي وتو مَڱَڻي، ڪَهِي ساڻُ ڪُماچَ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.

 

 

داستان ٽيون

 

(1)

ڪِين جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ،

راڄا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،

آءٌ مَٿاهُون، مَڱَڻان! مُقابِلِ مَيدانَ،

گهورِيان لَکَ، لَطِيفُ چَئي، تُنهنجي قَدَمَنِ تان قُربانَ،

مَٿو هِيءُ مِزمانَ، هَلِي آءٌ تَه هِتِ ڏِيئِين.

 

(2)

آءٌ مَٿاهُون مَڱڻان، چَڙهِي ۾ چَوڏولَ،

توکي گهوٽَ گهُرائِيو، راڄا مَنجههِ رَتولَ،

ٻيجَلَ توسين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻ جِي.

 

(3)

محلين آيو مَڱڻُون، سازُ کَڻِي سُرَندو،

سِر جي صَدا سُرَ ۾، گهُورَ هَڻِي گهُرَندو،

مَٿي رِيءَ مَلوڪَ جي، چارَڻُ نَه چُرَندو،

جهُوناڳڙهَ جهُرَندو، پُوندي جهانءِ جهَروڪَ ۾.

 

(4)

مَحَلين آيو مَڱڻون، کَڻِي سازُ سِري،

لَڳِي تَندُ تُنبِيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِري،

هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنهنجِي، ٻِيجَل! دانهنُ ٻُري،

جهُوناڳَڙهه جهُري، پُوندي جهانءِ جهَروڪَ ۾.

 

(5)

ڏاتارَ ۽ مڱڻي، ڪِونَ وَسِيلو وِچِ،

سائِي تال تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،

جي هُتي، جي هِتِ، تَه ڳالِهه مِڙِيائِي هيڪَڙي.

 

(6)

جاجِڪَ! تو جَهارُ، ڏَهَ ڀيرا ڏِياچُ چَئي،

جِنهن ۾ مالَ نَه مِريءَ جيترو، تِنهن تُون طمعَداَرَ،

جي اَچِئي ڪَمِ ڪَپارَ، تَه وِيہَ ڀيرا وَڍي ڏِيئِين.

 

(7)

ٻيلِي ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهارِيا،

چوري رَکِيَمِ چِتَ ۾، ڏِسِينِ جا ڏاتارَ،

هِيءُ سِرُ توهان ڌار، ٻِيجي ڪِنهن نَه ٻولِيو.

 

(8)

سو جِيءُ، مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جِنهن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪيو،

جو مُون مُلِ مُورِ نَه سپڄي، تان جي سو گهُريوءِ،

تَه جُڳان جَڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگو ڏاتارَنِ کي.

 

(9)

مَٿو مَٿائِن گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،

سو مُون ٿِئي نَه هَٿان، جِنهن تُون لائِقُ مَـڱڻان.

 

(10)

مَٿو مَٿائِن گهورِيان، مَٿو تو مَٿانءِ،

هَڏو هِيءُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَهِلو جاءِ،

تُون سين آنيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهين.

 

(11)

سَو سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَرِ تورِيان،

اَٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي، جيڏانهن ٻِيجَلُ ٻُرائي،

سَکڻُون هَڏُ آهي، سِرُ ۾ سَڃَڻ ناهِ ڪِين.

 

(12)

مَٿي اُتي مُنهِنجي، جِي هُئا سِرُنِ سَوَ هَزارَ،

تَه تُنهِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، هَرَ هَرَ وَڍِيمِ هيڪَڙو.

 

(13)

مَٿي اُتي مُنهِنجي، جي ڪوڙين هُونِ ڪَپارَ،

تَه وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،

تَه پُڻِ تَندُ تَنوارَ، مُونهان مَٿائون، مَڱڻان!

 

(14)

جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اي سِرُ سَڀُڪو ڏي،

ڪِين ناه جِهَڙو ڏي، جو سَندَ ٿِئي سُواليين.

 

(15)

ڏِيَڻُ گهَڻُون ڏُهِلو، سِسِي ڏِيَڻُ سُکُ،

سو تان ڏِياچَ! ڏُکُ، جو تَعَلقَ رَکِي تَندُ سين.

 

(16)

جو تَعَلقَ رَکي تَندُ سين، سو ڪِين پَلؤ پاءِ،

مُون کي مَ موٽاءِ، آنءُ اَڳاهُون آئِيو.

 

(17)

پَسِي پاٽُ پَرِ ٿِيو، سَندو جادِمَ جُودُ،

مَڱَ وِهاڻِيءَ مَڱڻان! مَٿو هيرَ مَوجَودَ،

بَلڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ نابُودَ ۾.

 

(18)

چارَڻُ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، رَمِي رَهيو راتِ،

صدا جي سَيّدُ چَئي، وائِي ڪِيائِين واتِ،

ڏيههَ ڏِنا تنهِن ڏاتِ، مِيين مَڱڻهار کي.

 

(19)

چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پَري پاتا،

صَدا جي سَيّدُ چَئي، وائِي ڪِيائِين واتا،

تِنهن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وَڏيءَ داتا،

مَرڪي مَرُ ماتا، روُڙي راءِ ڏِياچَ جِي.

 

وائي

مَٿو ۾ کِنڪارَ، يارَ! ڏاڻَ ڏِيندوسَئِين، مَڱڻان!

جاجِڪَ! جهُوناڳڙهه ۾، هَلُ تَه ٿِيَهُون يارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

مَتان ڪا مُنهِنجِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

مَٿي اُتي مُنهِنجي، جي هُونِ سِرَ هَزارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

هَرُ هَرُ وَڍِيان هيڪَڙو، تُنهِنجِيءَ تَندُ تَنوارُ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

لَڄِيندي ٿو لاهِيان، ڪِينهي مَنجهِه ڪَپارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!

 

 

داستان چوٿون

 

(1)

رِيءَ مَصلِحَتَ مَڱَڻان، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ،

نُورَ تَجَلو نُورَ سين، نَمِيو نيڻَ پَسَنِّ،

خِيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊوُڻا چَمَڪَنِّ،

لَڌائِين لَطِيفُ چَئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ،

تيلانهن مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱڻهارَ کي.

 

(2)

مَرُ تَه آئين مَڱَڻان، مامَ پَروُڙي مُون،

جيڪا ڳاهَ ڳالهائين، سا سَڀَ سَمجهِيسُون،

تِنهن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِين پوئي پَٽَ ۾.

 

(3)

چارَڻَ! تُنهِنجي چَنَگَ جو، عَجَبُ آهِمِ اِيُّ،

هَڻِي اُڀو هَٿَنِ سين، جِئَرو رَکيو جِيُّ،

راتِ منهنجو ريُّ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.

 

(4)

تانُ نَه آهي تَندُ جو، روُن روُن ڪَري رازُ،

هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀُڪو چَئي سازُ،

سَٽُ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيءُ تَه ٿوڪُ پِرائِيين.

 

(5)

تَندُ تُنهِنجي تانُ، ڪَهِيو سو قَبوُلُ پِيو،

سِرُ تَه آهي سَٽِ ۾ پَرُ ٻِيو ڪِي مَڱجِ دانُ،

خاڪِ مِٽِيءَ جو بانُ، ڪاٽِيان پوءِ ڪُجههَ ناهي.

 

(6)

چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِين ٻِيو، جو گهُريُئِي سو گهورِيان،

گهَرُ، سورَٺَ نَه پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان،

ڳُجهِي آهِيم ڳالهَڙي، آءٌ اوري تان اورِيان،

ڪِ ڪُلَهِنئُون ڪورِيان، ڪِ، جاجڪَ! جُسي سين ڏيئين؟

 

(7)

چَارَڻُ چَنگ، ٻَنڱُ لَهي، وڄايو وَڏاڻُ

سِر تان هَڏِ اَسانُ، پَر مڱڻهارُ مَٿي وهِي.

 

(8)

ڳُجههُ پَنهِنجي ڳُجهَه سين، رِندَ! رَساڻي لاءِ،

اَجَلُ اُڀو آهِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِيو.

 

(9)

وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَهو، مَ ڪِين آءُ، مَ ڳاءُ،

جاجِڪَ! تو مَٿاءُ، مُلڪَ مِڙوئِي گهورِيان.

 

(10)

ٽيئِي پَرچِيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪَنڌُ،

تِنهن جهِوئِي ناهِ ڪِين، جو تو چارَڻَ ڪِيو پَنڌُ،

اِيءُ شُڪَرُ اَلحَمدَ، جيئن مَٿو گهُرِيُئِي، مَڱڻان!

 

(11)

ڪَنجهي ڪِيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتِي،

هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تِنهن پارِسَ پيراتِي،

ڏِسَندي ڏياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي،

ڪَڍي تِنهن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.

 

(12)

گُلَ ڇنو گِرنَار جو، پٽڻِ ٿِيون پِٽِينِ،

سَهَسين سورٺِ جِهَڙيُون، اُڀِيُون اوسارِين،

چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِيو ڏِينِ،

نارِيُون ناڏَ ڪَرِينِ: راڄا راتِ رمَگيو!

 

(13)

پاسَنگَ جِنهن پيشِ ڪِيو، تِنهِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ،

مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ، ڏُکَ ٿِيو.

 

(14)

ڏِنو ڪِين ڏِياچَ، ٿو سائِلَ سِڪائي،

مُنهَن تي موٽائي، مَٿو هَنيُسِ مَڱڻي.

 

(15)

سورَٺِ مُئِي، سُکَ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگهارَ،

ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳِي تَندُ تَنوارَ،

سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پَسو! راڄا راضِي ٿِيو.

 

(16)

سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما کَنيا کَنگهارَ،

نَه ڪو راڳُ نَه رُوپَ ڪو، نَه ڪا تَندُ تَنوارَ،

تِهان پوءِ مَڱڻهارَ، ڏنو سِرُ ڏِياچُ کي.

 

وائي

اَلوِداع! وو! اَلوِداع! وو! اَلوِداع! جانِي ڪِيوءِ جُدا،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

هَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جي، وو! واڄَٽَ سَڀِ واري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

سورَٺِ سَرَتِنِ وِچَ ۾، وو! اُڀِي اوساري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

ڏِيندوسانءِ ڏِياچُ چَئي، هِيءُ سِرُ سِينگاري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

هِيءُ جو آيو مَڱڻون، سو مَتارا ماري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

دوسَ دوسَنِئان دُورِ ڪِيو، ٿو ڏَيا ڏيکاري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

ڪَنڌُ مُنِهنجو ڪاٽِيو، نِينهن سَندي نَعِري،

هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.

پاسَنگَ جِنهن پيشِ ڪِيو، تِنهِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com