سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر ڪوهياري

صفحو :19

 

 

 

ٿِيُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، ته ڀوري ڪنهن ڀاَل مِڙين.

سُر ڪوهياري

 

داستان پهريون

 

(1)

لَيلَ نَه جاڳِئن لِکَ سِيئَن، ڪُلِي نوم ڪياءِ!

قُم ٿِي پُهچ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَه جُڳاءِ،

مُٺِي! مِهمانن سين، ويهِي راتِ وِهانءِ،

جيلانهن نِنِڊ ڪياءِ، تي روزُ رهين ٿِي راهَ ۾.

 

(2)

لَيلَ نَه جاڳِئن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتيئَن سَڀ رات،

اوڳِي اوٺِيَڙَن جا، ٿِي پَہَ پُڇين پِرِڀات،

ٿِيُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، ته ڀوري ڪنهن ڀاَل مِڙين.

 

(3)

لَيلَ نه جاڳِئن لِکَ سِيئن، سُتيئن راتِ سُڄِي،

هِتان هوتاڻِينِ جِيوُن، وييُون خُرزينُون کَڄِي،

ڀوري تُون ڀَڄِي، سَڳَرِ ٿِئين نَه ساٿ جي.

 

(4)

اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ،

نَوم نوَازِئن، اُنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ،

رِڙهِي رَسُ روڏَنِ، اَليومَ سِيرُوا، سَسُئِي!

 

(5)

غافِلِ! غَفَلت ڇوڙ؛ تُون ڪِئن، اَڻاسِي اوجهَرِين؟

چُپاتا چَڙهي وِيا، وَڃِي پَهُتا توڙِ،

نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَريين.

 

(6)

نِنڊَ ويرِياڻِي هوءِ، جيڏِيوُن جِمَ سُمَهو،

مَتان مُون جِئن پوءِ، وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِيو.

 

(7)

الوڙو اَکِينَ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي،

هاڻِي هِنَ ڀَنڀَور ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،

اَدِيُون! اوٺِيَڙَنِ، هِينئين سين هاڃو ڪِيو.

 

(8)

جَڏهِن سُتِيُون جي، پَٿَرِ پيرَ ڊِگها ڪَري،

تَڏهِن تَنِين کي، ساٿَ سُتيِئي ڇَڏِيو.

 

(9)

سُتِئين پيرَ ڊِگها ڪَري، وَڏي جاڙَ ڪِياءِ،

دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسَ جي، تَه سُرِپُرِ هُوندَ سُياءِ،

اَصل آريءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَه سِياءِ،

پُنهوُنءَ سين پِياءِ، ٿِي نِڀاڳِي نِنڊوُن ڪَريين!

 

(10)

اِيّ ڪَمُ ڪَمِيڻِينَ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪَري،

لوچين ڇونَه، لَطِيفُ چَئي، هاري لَئي هوتَنِ،

ننڊان نِڀاڳِنِ کي، اوڀالا اَچَنِ،

سي پُنهوُن ڪوهُ پُڇَنِ، جي سَنجهي ئي رَهَنِ سُمهي.

 

(11)

سُتِيئن سَواري، مُنهُن ويڙهي مُئِن جيئن،

اوجاڳو اَکِيَنِ کي، ڄاتوءِ نَه ڏيئِي،

هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَريين.

 

(12)

سُتِيئَن سَواري، مُنهُن ويڙهي مُئَن جِئَن،

ڏِٺَئي نَه ڏيرَنِ جا، چوڌاري چاري،

تيلان ويچاري، ساٿ سُتيئِي لَڏِيو.

 

(13)

اوجاڳو، اَڄاڻِ! ڪيَئِي نَه ڪَمِيڻِيَن جئَن،

آساري اَهِڙيءَ پَرِ، پيئِي ڪيچِيُنِ سين ڪاڻِ،

ٻانهي چايو پاڻ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين!

 

وائي

گِلا ڪا مَ ڪَري، لِکِيو تان نَه ٽَري،

ٻَڙي! جيڏِيُون! مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀورَ ۾.

جو سِينگارُ سَرَتيين، سو مُون ناهِ ڳَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جِهَڙي تِهَڙي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جِنهن وَڻَ هيٺان هَلِيا، سڄَڻَ سانگُ ڪَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

لامُون تِنهن وَڻ سَندِيُون، لوڏِيان، لايان ڳَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، ڪِنهن تان ڪِينَ ٽَري،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جيڪِي لِکِيو لوحَ ۾، پاڙِيان، سو پَڙي،

مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

ڏوُنگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايُون ڪَرين،

مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو،

اِيُ ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرُ پَنڌَ ڪَري.

 

(2)

ڏوُنگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجان ته چَوان،

ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِيا وِنگا وَرَ سَنداءِ،

چَڱِي ڪانَ ڪِياءِ، پيرُ وِڃايُئي پِرِينءَ جو.

 

(3)

ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِينِ جو، قافُ نَه ڏِيين ڪو،

قَطارِيا ڪالهه وِيا، توڏا وَٽان تو،

هوتُ مُئِي جو هو، ڪو ساجَنُ اُنهِيءَ ساٿَ ۾.

 

(4)

ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرينَ جو، ڪافَ نَه ڏيين ڪَلَ،

قَطارِيا ڪالَهه وِيا، توڏا توهِين جَهلَ،

سُڻِي هوتُ هَڪَلَ، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وَري.

 

(5)

ڏُونگَرَ ڏوراپو، پِهرِين چُوندِيَسِ پِرِينءَ کي:

پَهڻَ پيرَ پِٿُون ڪِا، تِريُون ڇنِيوُن تو،

رَحُم نه پِيئِي رُوحَ ۾، قَدر مُنهنجو ڪو،

واڪو ڪَندِيَسِ وو، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.

 

(6)

ڏُونگَرَ مُون نَه ڏُکوءِ، آن اڳ ڏُکوئي آهِيان،

سارِيان ڪونَ سُکوءِ، سُورَ گهَڻِيئِي سَنڀَران.

 

(7)

ڏوُنگَرَ ڏکوِيِنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ،

گهَڻُون پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان هوتَ وَڃَنِ،

تُون ڪِئن سَندا تَنِ، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئيين.

 

(8)

ڏوُنگَرَ ڏُکِ پَئِي، ڪَيمِ تو سين ڳالَهڙي،

پاڻان آئُون مُئِي، سُورُ سُڻائي پِرِينءَ جو!

 

(9)

ڏوُنگَرَ مُون سين رو، ڪڍي پارَ پُنهوُنءَ جا،

سَڄَڻُ هُومَ هيڪَڙو، ويو ڦوڙائي سو،

ڪِنهن کي ڏِيان ڏوه، مُون سين ايرادي اِيئَن ڪيو.

 

(10)

ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آئِيُون،

جِي اَچنِ ڦوڙائِيون، ڏِجَن دِلاسا تَنِ کي.

 

(11)

ڏوُنگَرَ ڏُکويَن کي، ڳَلِ نَه سُڪا ڳوڙها،

هو جي پَهَڻ پَٻ جا، ڀَڄِي ٿِيا ڀورا،

گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪيو.

 

(12)

ڏوُنگَرَ ڏِيهاڻِي، پاڻُ مَٿان تو گهورِيان،

تو مَنجهِه رِهاڻِي، سَدا ٻاروچَنِ جِي.

 

(13)

ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،

سُڻِي سا تَنوارَ، مِروُن پِيا مامِري.

 

(14)

ٻَئِي ويٺا روُنِ، ڏُکِي ڏوُنگَرَ پاڻَ ۾،

ڪنهن کي ڪِينَ چُونِ، مَنجهِنِ جو پِرِيتَڻُون.

 

(15)

اَڄُ پُڻِ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻ ۾،

ڪوهياري جو ڪوءِ، اَچِي سُورُ اُڌَمِيو.

 

(16)

ڏُونگَرَ ڀُونِينِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏونگَرين،

هِهَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهَندِيئن ڪي ٻِيا.

 

(17)

تَپِي ڪَندين ڪوهُ، ڏوُنگَر ڏُکوُين کي،

تون جي پَهڻ پَٻ جا، ته لِڱ منهنجا لوه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوه، آمر مون سين اِئين ڪيو.

 

(18)

ڏوُنگَرَ، تَه ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلَينِ ري،

ڪانَ ڇُلَندي ڇَپَرين، ساڻُسِ سَهيلِي،

چوٽِيُون چنبيلي، جِئَن تِئَن جهاڳي اُکَتِي.

 

(19)

ٻَڙي! ته ٻيلِي گهَڻان، ساٿِي پُڇي سُکُ،

رفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَرَ ڪاري ڏُکُ،

آريءَ جو آهُکُ، مون رَهنما راهِ ٿِيو.

 

وائي

آهِيان جَنِ سَندي، ڙي آڙي مِيان!

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

پَهائِيندِيَسِ پُنهُونءَ کي، آئُون ڳِچِيءَ پائي گَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

ويٺِي آهِيان واٽَ تي، آهِيان آسَرَوَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

پِرِينءَ پُڄاڻان هِتَهِين، آئُون رَتِي تان نَه رَهَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

ڪَرمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پِرِينءَ مِلَندي،

مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.

 

داستان ٽيون

 

(1)

رويو ويٺِي راڳِ، آمَڙِ اورِيان نِجهُري،

لاٿو مُون ڏيههَ وَڻَنِ سان، لاڳاپو ۽ لاڳ،

ڏوُنگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَن اَندَرِ ٻَري آڳ،

هوتاڻِي هِنَ ماڳ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

 

(2)

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، هِتِ، هوتاڻِي هاڻِ،

اوڏي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ،

پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻ، اَڳيان آريچَنِ جي.

 

(3)

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هوتاڻِي هِنَ هَنڌِ،

توسين پُوندِيَسِ پَنڌَ، ڏِيندِيَسِ باهِ ڀَنڀورَ کي.

 

(4)

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻي،

توهِين لَئي کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏونُگرين.

 

(5)

مُون کي ڇَڏِيائون ڇَپَرين، پوءِ رَهايَسِ پاڻَ،

جي ڀُلايُون ڀاڻ، تَنِ کي رَسُ رَسِيلا راهَ ۾.

 

(6)

سُتِي پُونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ، ٻاروچَنِ جا،

وَمَ وِهاٽِي، ووءِ ڙي! ڪوهِياري ڪِرِڪَ،

ڌَڙُ ڌوڻِيو تِنهنِ ڌَڪَ، جَڏيءَ جِيڻُ نه ٿِئي.

 

(7)

سُتي پُونِ ڇِرِڪَ، آيلِ! ٻاروچَن جا،

پُنهُونءَ جِي پَيڪانَ جِيُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،

هَنَيم هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوهُ نه نِڪَري.

 

(8)

جيهِي جي تِيهي، تَپِ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻيءَ ڪيهي،

اَصلِ آريءَ ڄامَ جي، پَلَءِ آئُون پيئِي،

هُوءِ جا پائِن پيرَ ۾، تِنهن جُتِيءَ نَه جيهِي،

وِساري ويهي، تَنِ ڪيچِينِ کي ڪِئن رَهان.

 

(9)

هُئِي، جي نَه هُئِي، تَپُ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،

هُن تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻُ هوتَ ڏي.

 

(10)

ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهِي، ٻانهوٽِي،

ٻَئِي ٻاروچي هَٿَ ۾، چَڳُنِ سِرِ چوٽِي،

ٻانڀَڻِ کي موٽِي، پاڻهي پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.

 

(11)

ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهوٽِي، ٻانهِي،

سي ڪِئن وَڃَنِ وِسَري، جي جِيءَ اَندرِ جانِي،

اَڱَڻِ آمانِي، شالَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِئي!

 

(12)

صَدا وِڌيَمِ سور جي، اڳئان ڪوهياري،

جو نِجس نِکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.

 

وائي

مُون کي نِيندا ساڻُ، ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي، آلو! آلو!

ڏيندا مُون ڏُکِيءَ کي، اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻُ،

ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.

لاتَقَنطُوا مِن رَّحمَةِ اللهِ، پِرِينَ چَيو پاڻُ،

ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.

اِنَّ اللهَ يَغفِرُ الذنوبَ جَمِيعاً، سَچو اِي پَرِياڻُ،

ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.

 

داستان چوٿون

 

(1)

ڳائو، نَه وائو، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو،

لَنگهي پَٻُ پَري ٿِيا، ڇَڏي رِڻَ رائو،

ڏيئي ڦوڙائو، وِيا ويچاريءَ سُپِرِين.

 

(2)

ڳائِي، نَه وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي،

ڪِنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِهيان، جَبَلَ جهاجهائي،

جيڪُس واجهائي، هاڻي مَرَندِيَس هوتَ لئي.

 

(3)

هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيان،

هُونِ هَميشَہَ هِتَهِين، تَه ڏُونگَر ڪُہَ ڏورِيان؟

اَکِينِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي!

 

(4)

هَلَڻَ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻَ مُون نَه وَسِ،

اَللهَ! آرِيچَنِ جي، گولِي ميڙِيين گَسِ،

پِرِين، پَنهُوارَ تو پُڇان، ڏُونگَرِيا مُون ڏَسِ،

اَکِيَنِ جي آرَس، مُنڌَ جيهائِي جوڙَ ڪِي!

 

(5)

هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ مَ ورايو،

رَهو راتِ ڀَنڀورَ ۾، ڪا گهَڙي هِتي گهارِيو،

مَعذوُر کي مَ ماريو، سِڪي جِنهن سَڱ ڪيو.

 

(6)

مُون کي جَنِهين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي،

تَنَ ۾ طاقَتَ ناهِ ڪا، اَدا اُنِهين ري،

سُورُ سُلِتم تي، جيلانهن ڳالهِه ڳَري ٿئي.

 

(7)

مُون کي جَنِين ماريو، سُڃاتَم سيئِي،

پُنهُونءَ پَيڪانَ پُڇَنڊِيا، ٻَلن تان ٻِيئي،

ويڄَنِئُون ويئي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.

 

(8)

مُون کي جَنِهين مارِيو، سُڃاتُمِ پاڻان،

لوهُو لِڱَن ناهِ ڪِي، سَنڌَ مِڙَئِي ساڻان،

داروُنءَ جا داڻان، ڏِنَمِ هوتَ هَٿَنِ سين.

 

(9)

پَرتوو پُنهُونءَ جو، ڪِي ڇانئين ڪِي اُسَ،

قَرِيباڻِي ڪُسَ، آهي ڪَرَ ٻَڪَرَڙي.

 

(10)

پَرتَوو پُنهُونءَ جو، سُهائِي، سِياه،

مُنهُن ڏيئي مُون آئِيو، رنگا رَنگِي راه،

پِهرِين ڏِيندا پاه، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ سين.

 

(11)

پَرتَوو پُنهونءَ جو جهُڙَ جِئن جهالا ڏي،

آئُون تِنهن آريءَ کي، وَٺِيو راهَ، رُئان گهڻُون.

 

(12)

پَرتُوو پُنهُونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ،

ڀايان ڏِينهن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،

مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آريءَ ڄامَ جِي.

 

وائي

ٻاروچي ساڻُ، ٻَڙي! اي جيڏِيُون! هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

چَڙهِي نَه سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان، دِلِ ماندي!

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

پَهُچائِجِ پُنهُونءَ کي، هِيءَ پِيادَڙي، پانڌي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

ڀينَرُ هِنَ ڀَنڀَورَ ۾، آئُون ايرادي آندي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

پورِهَيتَ پُنهُونءَ ڄامَ جِي، باندِين جِي باندي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌي،

هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.

 

داستان پنجون

 

(1)

ريءَ قَرِيبَن قُوتُ ڪيو، ويٺِي وِرِهَ چَران،

اِنَ عَذابان آڳهِين، مادَرِ ڇونَه مَران،

اَدِيُون! جو نَه اوهان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.

 

(2)

ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِيو، وِرِهَ چَران ويٺِي،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،

تو پُڄاڻان سُپِرين، آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،

جا مَرضَنِ مَروٽي، سا سَرَتِيُون ڪِئن سَگهِي ٿِئي.

 

(3)

سَرَتِيُون! ڪِئن سَگهِي ٿِيي، ويڙهِي جا وِرِهَنِ،

چِتُ جنهن جو چُورُ ڪِيو، ڏُکويو ڏُکُن،

پُڄاڻان پِرِينَ، اَدِيُون اَگهِي آهِيان.

 

(4)

اَدِيون اَگهِي آهِيان، پِرِينَ پُڄاڻان،

سي ڪوهِيارا ڪيڻ وِيا، ساجَنَ سياڻان،

جي سَسُئِي سيباڻان، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.

 

(5)

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَري،

لَڳي ماٺَ مِرُن کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَري،

وَڃَنِ وَڻَ ٻَري، اوڀَڙ اُڀڙي ڪِينَ ڪِي.

 

(6)

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زبانَ،

لَڳي ماٺِ مِرُن کي، رَسي سُورُ شَبانَ،

ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلَ سَڀِ جلي وڃي.

 

(7)

جي حَبِ نَه هَلَڻُ سِکِيا، سي جڏا ميڙِ جَلِيلَ،

لنگهائي لَطِيفُ چَئي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،

وِساري وَسِيلَ، مَتان مارَڳِ ڇَڏِيين!

 

(8)

سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تقصِيروُن پاڻَ ڏي،

متان مون کي ڇڏِيين، آري ڄامَ اَصِيلَ،

وَرُ، وِلِهنِ جا وَسِيلَ، رَسُ رَهَبَرَ راهَ ۾.

 

(9)

اَچِيو اَچِيو چُونِ: وِهُ، ويا تان گهورِيا،

سَرَتِينَ سانگَ سُکَنِ سين، مُون جِئن رَتُ نَه رُونِ،

اومَرَ ويٺِيُون هُونِ، مُون ساڱاتُو سُورَ ٿِيا.

 

(10)

سَرَتِيُون سُوراتِينِ جي، ڪوهُ ٿِيُون پَٿَر پُونِ،

گهاءُ نَه لَڳُنِ گهَٽَ جو، ريا مان ٿِيُون رونِ،

چيتارِيو نَه چُون، پارَ مُنهنجي پِرِينءَ جا.

 

(11)

ڪَڏِهن ڏِٺيَمِ ڪانَڪا، سَرِتِيُون! سَراهِي،

ڏِيهاڻِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي،

جي آئُون نَه ڄائِي، ته عَيبُ نَه لڳو هُوندَ اوٺِئين.

 

وائي

توڻي نِينِ، نَه نِينِ، اَلو! مِيان! آءٌ اُنِهين جِي آهِيان.

زورو هِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوهُ ڪَرِين.

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

جَتُ پَنهنجِي جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽِينِ!

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳري، سُرڪِي مانَ سَڃِين!

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

ٻانهِي ٻاروچا پانهنجِي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ!

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

پيرين آئُون نَه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هو نَه جهَلِينِ،

اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.

 

داستان ڇهون

 

(1)

ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَه ڄاڻان،

مَٿي ڪِيو ڀُڻان، هَنجُنِ هاڻان هَٿَڙا.

 

(2)

ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرِ ناهي اُساٽَ،

لوهُو ڪا لَڪَنِ ۾، ويري مَٿي واٽَ،

ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويِنِ جا.

 

(3)

ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناهِ پَچارَ،

اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجههِ خُمارَ،

گِرِئِي جي گفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.

 

(4)

ڪهن پَر رُئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پَنڌُ،

ڪيچِيَنِ ڪارڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿي نَعرو هَڻان.

 

(5)

ڪِنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پيرُ،

ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِيو، سُورَنِ لايو سيرُ،

آريءَ لَئي اُليرَ، رَقصُ ڀاڱي رَن جي.

 

(6)

ڪِنهن پَرِ رُئان پِرينءَ کي، رُئَڻَ مُون رِياءُ،

بَرَنِ مَنجههِ بُڪاءُ، پيءَ ڀَتِ ٻُڌُم جيڏِيُون.

 

(7)

سُڃَ وَسندي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،

طالِبَ جِي تَحِقِيقَ جا، نِينهُن تَنهِين وَٽِ ني،

ٽيڏي پَسي ٽي، هُو تان آهي هيڪَڙو.

 

(8)

ٻِيُون ڏيئي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ،

وَرُ نَه سَهي ويڪَ، تُون ٽيڏي ٽِئايُون ڪَريين.

 

(9)

اَڃان تُون اَواٽ، واٽان پاسي ويسَري،

سُونهِين ٿِي سُواٽَ، تَه منجهان دِلِ دَڳُ لَهين.

 

(10)

پانهِين، پَسِي پَٻُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڏيين،

اَڳِيان ڪَؤُ مَ ڪَٻُ، اِي قالِي آڏو ڪيچَ کي.

 

(11)

ڏاڍي لُڪَ لَڪَن جِي، پَٽَن پوءِ پَچاءِ،

ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، هَرِيا تو نيڻَ ڪِيا.

 

وائي

 

(1)

زاري سا زاري، آلو! ڀَلو! ڪوهِياري ساڻُ،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

ڪِينَ جِيئَندِيَسِ، جِيڏيُون! سُورَ پِرِيان جي آئُون ماري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

اُٺَ گُنگائي هَلِيا، بوتا هُئڙَنِ باري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

ڪَري ڪوهِيارو هَلِيو، مُون سين قِيامَت ڪاري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

مانَ وِرَمن وِچَ ۾، اولاڻِي، آري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

هِندوئَنِ جِئن هولِي ڪَري، مُون ڌوُڙِ مَٿي تان واري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

لالَنِ لَڳِ، لَطِيفُ چَئي، واجهائي ٿِي ويچاري،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.

 

وائي

 

(2)

جِنهن جي آهِيان ڏوُنگَرَ ڏوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

آئُون تان گهوري گهوٽَ جي، ماڙُهو چُونِمِ ڀوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ڇَپَرِ ڇَڏِيو مَ ڇوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

روئِي رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ساڻُ چئاڪَنِ چوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

روئِي رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ساڻُ چئاڪَنِ چوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

اَدِيُون! آرِيچَنِ جو، لَہُ لڳو مُون لوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

ڪَشي ڪانُ ڪَمانَ مان، لائي وِئُڙا لوري،

تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com