سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر بروو سنڌي

صفحو :22

 

 

 

 

سُر بروو سنڌي

 

داستان پهريون

 

(1)

ڇاکي وَڃِيو ڇو، ٻيلي ٿِئين ٻِيَنِ جو،

وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو،

سَؤکو هُوندو سو، جِنهن جو عِشقُ الله سين.

 

(2)

جِئَن ڪا ڪانِي ڪانهَن، لُسَندي لاتِيُون ڪَري،

اَچي پيئي اوچِتِي، دَردَ پِريان جِي دانهَنَس،

ويڄَ ڏَنڀئين ڪُهه ٻانهَن، سُورَ هِينئين کي سامُهان.

 

(3)

پَرَوَسِ ٿِيُمِ پِراڻ، پِرِين وَسِ نَه پانهِنجي،

لَڳي ڪِينءَ لَطِيفُ چَئي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻ،

پِرِين ڏيکاري پاڻ، خُوش ڪَري وِيا خوابَ ۾.

 

(4)

اَچِين جي هيڪارَ، مُون سارِيندي سُپِرِين،

پيرين ڌَرِيان پِنبِڻيُون، هَنڌ وِڇايان وارَ،

ساڄَنَ سَڀِ ڄَمارَ، هُوندَ گولِي ٿِي گُذارِيان.

 

(5)

مُون سارِيندي سُپِرِين، اَچِين جي تُون هاڻِ،

ڪَريان رُوحَ رِهاڻِ، هُوندَ لَڪَنِ مَنجههِ لَطِيفُ چَئي.

 

(6)

دَرَ تي دُونهِينءَ جِئن، سَڙان سُپيرِيَنِ جي،

لَڳو آهي لَطِيفُ چَئي، تَنُ پِرِيان ڏي تِيئَن،

جي حاصُلُ ٿِيئي هيئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو.

 

(7)

لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چَئي، نَڪو قالُ نَه قِيلُ،

لِکِئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَهي نِيلُ،

هِينئڙا ٿِيءُ سُڌِيرَ، ڪالَهه قُرِيبَنِ لَڏِيو.

 

(8)

ڀَلي ڪِيَئي، ڀَلا پِرِين، هِيئَن نَه مُناسِبُ هوءِ،

لائي چِتُ، چَرِيو ڪَري، پاڻُ ڪَڍي وِئين پوءِ،

توڻي حُبَ نَه هوءِ، تَه بَه هوتَ نَه ڪِجَنِ هيڏِيُون.

 

(9)

ڀَلِي ڪَيَئي، ڀَلا پِرِين، هِيءُ نَه شانُ سَندوءِ،

پِهرِين لايو پِرِيتڻُون، ڪِينَ پُڇين ٿو پوءِ،

قادِرُ شالَ ڪَندوءِ، ميڙو هينَ مِسڪِينَ جو.

 

(10)

ڀَلِي ڪَيئي، ڀَلا پِرِين، مُون نَه ڄاتو اِيئَن،

هِينئُون هيرائي هَٿِ ڪَري، هَليو ويندين هيِنئَن،

سا سِڪَ سَلان ڪِيئن، جِنهن اَندَر آهيرا ڪِيا.

 

(11)

اَڄُ پُڻ اَکَڙِيَنِ، سَڄَڻَ پَنهنجا سارِيا،

ڳَلَنِ تان ڳوڙَهن جُون، بُوندوُن بَسِ نَه ڪَن،

سَندي سِڪَ پِرِيَن، لوڪَ ڏِٺي نَه لَهي.

 

(12)

اَڄ پُڻ اَکَڙِينَ سين، ڪوٺي ڪُٺائُون،

ماسُ وِراهي هَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون،

وَتَوا صَوابِالحَقّ وَتواصوابِاالصَبَّر، اِيئن اُتِيائُون،

مُئِي مارِيائُون، کِلي گهايو سَڄَڻين.

 

(13)

ڪي اوڏائِي ڏُور، ڪي ڏوُر به اوڏا سُپِرِين،

ڪي چِت نه چَڙهن ڪَڏهين، ڪي نَه وِسَرَنَ مُور،

جِئَن مينهن ڪُنڍِڙيءَ پُور، تِئن دل وَراڪو دوسِتَ سين.

 

(14)

ماڻُهو گهُرَن مالُ، آءُ سَڀِ ڏِينهَن گهُران سُپِرِين،

دُنيا تِنهن دوستَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،

ڪِيَسِ نانءُ نِهال، پَسَڻ تان پَري ٿِيو.

 

(15)

هيرائي هَٿِ ڪِيو، هِينئڙو حَبِيبَنِ،

ٻَڌي ڪَچِيءَ تَندَ ۾، سَلهاڙِيو سيڻَن،

وِجهِي پيچَ پِرِينِ، هِينئڙو هَٿِيڪو ڪيو.

 

(16)

جَڏَهانڪُر جانِي، سَڄَڻَ سانگِ سِڌارِيا،

راتِيان راحَتَ ناههِ ڪا، ڏِيهان حِيرانِي،

آئُون پانهِنجي پِرِينءَ تان، ڪوڙين قُربانِي،

رَضا رَبّانِي، نات ڪَيمُ وَسِ وِصالَ کي.

 

(17)

جَڏَهانڪُرَ ٿِيامِ، ساڃاءِ سُپيرِيَنِ سين،

تَڏهانڪُرَ تِرَ جيتَرو، ويرَ نَه وِسَرِيامِ،

اَندَرِ روُح رَهِيامِ، سَڄَڻَ اوطاقون ڪَري.

 

(18)

جي مُون گَهر اَچين سُپِرِين، هوڏَ ڇَڏي هيڏي،

ڳالهِيُون ڳُجهه اَندَرَ جُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،

جي وِهين گَڏُ گوڏي، تَه دَورَ سُڻايَئِين دِل جا.

 

(19)

ڪَڏهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا، ڪَڏهِن طاقِيُون ڏِينِ،

ڪَڏهِن اَچان، اَچَڻ نَه لَهان، ڪَڏهِن ڪوٺِيو نِينِ،

ڪَڏهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏهِن ڳُجهاندَرُ ڳَرُهِينِ،

اِهڙائي آهينِ، صاحِبُ مُنهِنجا سُپِرِين.

 

(20)

ڪَڏَهِن دَرَ ڪُشادا دِلبَرَ سَندا، ڪَڏهِن پُورِيو ڏِين،

ڪَڏهِن وَڃان، وَڃِي نَه سَگهان، ڪَڏهِن سَڄَڻَ پاڻِ سڏِين،

ڪَڏهِن ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي، ڪَڏهِن ٻاجهُه مَنجهان ٻولِين،

ڪَڏهِن قولَ ڪَرِين، ڪَڏهِن حَرفُ نَه ڪُڇَن هيڪڙو.

 

(21)

آثارو تنهن عِشقَ جو، ڪَڏهِن ڪونَه ٿِيومِ،

مَحبُوبَنِ مِنٿُون ڪَري، سِڪُڻُ سيکارِيُومِ،

تِهان پوءِ ٿِيومِ، آرو پَسَڻَ پِرِينءَ جو.

 

(22)

تُون صاحِبُزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نوڪَر،

بيحَد ڪَرِيان بَندگِي، هَٿَ ٻڌي حاضُر،

ڇِنَ ڇَڏِيندس ڪِينَ ڪِي، دوست اوهان جو دَرُ،

مُون تان مِهَر نَظرَ، پِرِين لاهِ مَ پانهنجو.

 

وائي

هوتُ نيڻان دا دِلبَندُ، لو، ڀَلو جيڏِيُون!

هيڏانهن هوڏانهن سُپِرِين، ڪاڏي وارِيان ڪَنڌُ؟

لو، ڀَلو جيڏِيُون!

چَڙهِي ڏاڍين ڏوُنگَرين، راهَ پُڇايان رَندُ،

لو، ڀَلو جيڏِيُون!

ساڄَنُ سَڀَنئِان سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوگَند،

لو، ڀَلو جيڏِيُون!

 

داستان ٻيو

 

(1)

آهِيين شانَ شعورَ سين، جانِبَ تُون جيڏو،

مُون تي ڪَر، مُنهِنجا پِرِين، توهُ تُسِي تيڏو،

اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو، جي نَوازِينم نگاه سين.

 

(2)

جانِبَ مُنهنج جِي ۾، جي تو طَمعَ پوءِ،

تَه کَڻُ ڪاتِي وَڍِ اَنگڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ،

ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ سَنئُون نِهارِئين.

 

(3)

جانِبَ، ايئن نَه جُڳاءِ، جِئن مارِيو، موٽِيو نَه پُڇِين،

رَتِي رَتُ نَه سِنجُري، سِڪَ تنهنجي ساءِ،

اسان توهينِ لاءِ، ٿي پَرَ ۾ پُڇائُون ڪِيُون.

 

(4)

جَڏهِن پَوي ٿِي يادِ، صُحبَتَ سُپِيرِينِ جي،

فَرِيادوُن فَرِيادَ، ناگَهه وَڃَنِ نِڱِيو.

 

(5)

جِئن لُهارَنِ لَپيٽِيو، ڪَڙو مَنجههِ ڪَڙي،

مُنهِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيَنِ سوگهو ڪِيو.

 

(6)

نازَ مَنجهاران نِڪَري، جَڏهِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،

ڀُون پُڻ بسمِ اللهَ چَئي، راهَ چُمي ٿي رَندُ،

اُڀين گهڻي اَدَبَ سين، وَٺِي حُوروُن حيرتَ هَنڌُ،

سائِينءَ جو سوگَندُ، مُنهِنجو ساڄَنُ سَڀَنئان سُهڻو.

 

(7)

ساڄَنَ! سِپاهي، آئُون اوهان جو آهِيان،

اَچان ويلَ سَڀَڪنهِين، وَڃان واجهائي،

لالَنَ تو لائي، کِينڪارِيُمِ کَرَن کي.

 

(8)

فانِي ئي فانِي، دُنِيا دَمُ نَه هيڪَڙو،

لَٽي لوڙُهه لَتُن سين، جوڙِيندَءِ، جاني!

حَرَفُ پُڇندءِ هيڪَڙو، ظاهر زبانِي،

ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آهي سِرِ سَڀَڪهِين.

 

(9)

ڀَرِ ڀَنجوءَ ويهِي، ڪِهڙي ڪَندين ڳالهَڙي،

ڄاڃي ماڃِي موٽِيا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئي،

خَبَرَ نَه پيئِي، تَه ڏيجُ ڏِنائُون ڪيترو.

 

(10)

نيڻَ صَقِيلا سُپِرِينِ، ڀَونرَ ڀِروُن ڀالا،

چِڪِيا ڦَٽَ فِراق جا، اَندَرَ ۾ آلا،

يارُ مِيڙئين يالا! جِنهن جِي صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي هِينئُون.

 

(11)

ويٺو ڏِسان راهه، اَڄُ پُڻ آيا ڪِين ڪِي،

ساڄَنَ لاءِ سِڪي گهَڻُون، مُنهِنجو سارِيو ساه،

آڻين شالَ اَلله، تَه اَڱَڻَ ٿِينُم اُجرا.

 

(12)

اَڄُ پُڻِ اَکڙِيُون، سارِيو روَن سَڄَڻ کي،

جانِبَ جي جَمالَ ڏي، تاڻِينِ ٿِيُون تَڪَڙِيُون،

جي وَهَمَ پِرِيان وَڪَڙِيُون، تَنِ اُڃَ اکِين کي نَه لهي.

 

(13)

اَڄُ پُڻ ڪِيا اَکِينِ، اَبر جِئن آگَم،

ڳوڙهَنِ ڪِيو ڳَلَنَ کي، نائي پاڻِي نَم،

بُوندُنِ بَس ڪِي ڪانَڪا، دوسِتُ پُڄاڻان دَم،

حَبِيباڻا هَم، ساڙيندا سَرِيرَ کي.

 

(14)

اَڄُ پُڻ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو،

سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، محَڪَمُ ڏِنِي موڙَ،

جا پَرِ کَٽِيءَ کور، سا پَرِ سُورَنِ سين ٿِئي.

 

(15)

اَڄُ پُڻ اَنگِيَم اَنگَ، هَٿان حَبِيبَنِ جي،

جا پَر سوٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئي.

 

وائي

مَولو ڪَندو ماڙ، مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ،

هادي! ڏيئِي هَٿَڙا، اَچِي چِڪَڻِ مان مُون چاڙِه،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

ڪِشتِي ڪَمِينَنِ جِي، اَللهُ لَڳِ اُڪارِ،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

هُو جو ويري واٽَ جو، سائِين! نيئِي ساڙِ،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

ڪَرَمَ ساڻ ڪَرِيمَ جي، سَڀَ لَنگهِيندا پارَ،

مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

 

داستان ٽيون

 

(1)

عِشقُ اِهڙي ذاتِ، جو، مانجهِي مُنجهائي مَيَنِ کي،

ڏِيهان ڏورڻ ڏُونگَرَين، رُئڻ سَڄِيائِي راتِ،

اُٿِيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.

 

(2)

ڀيڻِي ناهي ڀَنڀَور ۾، جِنهن جِي ڌَڻِيان ڌارَ،

تِنهن ڪَمِيڻيءَ جِي ڪانَ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،

آءُ عالَم جا آڌارَ، واري واڳَ وِلَهِيءَ تي.

 

(3)

يارُ سَڏائي سَڀڪو، جانِي زَبانِي،

آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ڪَلَ پَوي.

 

(4)

آدمِن اِخَلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪيو،

ڪونَه کائي ڪِنهن جو، سَندو ماڙُهوءَ ماسُ،

دِلَبَر هنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَهَندو واسُ،

ٻِيو سَڀ لوڪ لِباسُ، ڪو هِڪدِل هُوندو هيڪڙو.

 

(5)

سُورَنِ سانگهيڙا ڪِيا، مَٿي مُون مَعذُورِ،

آئُون هِت ويٺِي وِجهلان، مَران نِتُ مَهجور،

جي دوستَ مُنهِنجا دُور، سي وَالِي وهلا آڻئين.

 

(6)

منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي،

ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي،

ساڄَنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون.

 

(7)

دِل جو دِلبَرُ هيڪَڙو، گَهڻان تان نَه ڪِجَنِ،

دِل ڏِجي کي هيڪڙي، توڻي سَوَ سِڪَنِ،

سي چِلولا چَئجَنِ، جي دَر دَر لائِن دوستِي.

 

(8)

شُڪُر گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِئَري يار،

ويٺي جَنِين جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرار،

ڌَڻِيمَ! ڪَر مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَن جو.

 

(9)

ڪِٿان سِکِئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪار؟

تِکِي ڪاتِي هَٿ ڪَر، مُڏيءَ سين مَ مارِ،

چوري چاڪَ نِهار، سُورَنِ سانگهيڙا ڪِيا.

 

(10)

کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيئي تان کوڙِ،

عادَتَ جا اَکِينِ جي، سا نيئِي نِڀائِج توڙِ،

مُون ۾ عَيبَن ڪوڙِ، تُون پاڻَ سُڃاڻِجَ سُپِرِين.

 

(11)

ڏاتَر مُون ڏيکارِيو، هوتَنِ جو حُضُورِ،

پِرين پَرَچَڻَ جو ڪَيو، موٽائي مذڪُورُ،

اِيُ دوسِتَنِ دَستُورُ، جِئن ڇِنين ڇِڄَن ڪِينَ ڪِي.

 

وائي

وَٽان وَڃُ مَ مُون، مُنهِنجو تُونهِين تُون،

ڪونَه سُڻي ڪو ٻِيو، وَٽان وَڃُ مَ مُون.

مُون تڏهانڪر مڃيِي، جَڏهن ڪُن فَيَڪُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

اَهُکيءَ رَسِجِ اَحمَدا، اَڳِيان سوڙهِي ڀُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

رَس مُحمّدَ ڪارَڻِي، جِتي هُونگَ نَه هُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

آڳَهُه هِنَ اُمَتَ جو، آهِين تُونهِين تُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

اِيُ دوسِتَنِ دَستُورُ، جِئن ڇِنين ڇِڄَن ڪِينَ ڪِي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com