سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر يمن ڪلياڻ

صفحو :3

 

 

 

تڏهن ڦڪيون فَرقُ ڪَنِ، جڏهن اَمُر ڪريو اُنِ کي.

سُر يمن ڪلياڻ

 

داستان پهريون

 

(1)

تُون حبيبُ، تون طبيبُ، تون درد جي دواء،

جانبُ مُنهنجي جيءَ ۾، آزار جا اَنواع،

صاحبَ ڏي شفاء، ميان! مريضن کي.

 

(2)

تون حبيبُ، تو طبيبُ، تون درد جو داروُن،

دوا آهن دل کي، تنهنجيون تَنواروُن،

ڪريان ٿي ڪاروُن، جئن ٻُڪي ٻِئنئِون نه ٿئي.

 

(3)

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تونهين ڊَٺَنِ ڊَبُّ،

تون ڏِيين، تون لاهيين، تون هادي، تون ربُّ،

آهِم اِيءُ عجبُّ، جئن واريو ويڄَ وِهاريين.

 

(4)

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون داروُن کي دردن،

تون ڏيين، تون لاهيين، ڏاتَرَ کي ڏُکندَنِ،

تڏهن ڦڪيون فَرقُ ڪَنِ، جڏهن اَمُر ڪريو اُنِ کي.

 

(5)

جان ڪي ڪري طبيبُ، دارون هِن درد جا،

هڻيو سا حبيبُ، اُکوڙيو اَڌَ ڪَري.

 

(6)

هَڻُ حبيبُ هَٿُ کڻِي، ٿيڪ مَ، ٿورو لاءِ،

پِرين تنهنجي گهاءِ، مَران ته مانُ لَهان.

 

(7)

هَڻُ حبيبَ هَٿُ کڻِي، دل ۾ ٿِي دانهِيان،

ڪُڇان تان ڪُوڪَ ٿئي، صبر آءٌ نه سَهان،

ڪنهن کي اِيئن چَوان، ته مون کي ماريو سَڄَڻين.

 

(8)

هَڻُ حبيبَ هَٿُ کڻي، ٻَنگا لَهِي ٻاڻ،

ماڳهين مون مِنهُن ٿئي، جهولِيءَ وجهان پاڻ،

اِنّ پَرِ ساڄَنَ ساڻ، مانَ مقابلو مون ٿئي.

 

(9)

جِت حبيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهَن جِي،

تِتي طَبيبنَ، وِڄا وڃي وسرِي.

 

(10)

هَڻي جي حبيبُ، مَحبتي مَيا ڪري،

پڇان ڪونه طَبيبُ، هوند گهائَنِ سين ٿِي گهاريان.

 

(11)

چوري چنگُ، ٻَنگُ لَهِي، حبيب هَنيوسِ،

ٻُجهان ٻاڻُ لڳوسِ، ڪانارئو ڪَرَ کڻي.

 

(12)

ڪانارئا ڪُڻڪَنِ، جَنين لوههُ لِڱَن ۾،

محبت جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ،

پاڻهي ٻَڌن پَٽيُون، پاڻهي چِڪِئا ڪَنِ،

وٽان واڍوڙِينِ، رهِي اَچجي راتڙي.

 

(13)

رهِي اَچجي راتڙي، تَن واڍوڙين وٽاءَ،

جَن کي سورُ سريرَ ۾، گهَٽَ منجهارا گهاءَ،

لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهي ٻَڌنِ پَٽيون.

 

(14)

اَڄ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجهَه، واڍوڙڪي مَنهين،

جي پُڻ پِيَين سَنجهَه، هُوءِ پِنيُون، هُوءِ پَٽِيُون.

 

(15)

اَڄُ پُڻ ڪِهڙي دانَهن، واڍوڙڪي مَنَهين؟

ويڄَ وَرائي ٻانهن، چوري چاڪَ نهاريا.

 

(16)

ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪِرَ سُورَ سين،

تاڻِينِ پاسي توڙَ، اوري ڪَن نه آسرو.

 

(17)

سدا آهي سُورَ جِي، واڍوڙين وائِي،

جيڪا اَٿن مَن ۾، سَلنِ نه سائِي،

اوڙَڪِ اُهائِي، ڳوليو لَهنِ ڳالهَڙي.

 

(18)

سَگهنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ته گهايَلَ ڪِئن گهارينِ،

پِيلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙيلَ نه وارينِ،

پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لئي، هَئي! هنجهُون هارِينِ،

سَڄڻُ جي سارينِ، تَن رويو وهامي راتَڙي.

 

(19)

سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ٿا رُنڪَنِ رَنجُورِي،

پيا آهن پَٽَ تي، مَٿنِ مامُورِي،

لڳِيَنِ لؤن لطيفُ چئي، سدا جي سُورِي،

پِرتِ جَن پُوري، تَن رويو وهامي راتَڙي.

 

(20)

آيَلِ اُنِ نه وِسهان، هنجهُون جي هارِينِ،

آڻيو آبُ اکين ۾، ڏيههَ کي ڏيکارينِ،

سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي رُون نه چُون ڪِي.

 

وائي

وِرِسيا ويڄَ ويچارا، دل ۾ دردُ پِريَنِ جو،

اُٿو ويڄا، مَ وِهو، وڃو ڊَڀَ کِڻي،

دل ۾ درد پِرينِ جو.

ٻُڪِي ڏيندا ٻاجهَه جي، آيا سُورَ ڌڻِي،

آيا جيءَ جيارا،

دل ۾ درد پِريَنَ جو.

 

داستان ٻيو

 

(1)

تَنَ طبيبُ نه تُون، جو سُڌِ نه لهين سُورَ جي،

ڍَڪِ پنهنجون ڍَٻِيُون، کَڏ کڻِي ۾ ڀُون،

ڪانه گُهرجي مون، حياتي هوتن ري.

 

(2)

ڌاريئي دنيا ڪارڻِ ڍَٻِيُون، تَنَ جون تون نه طَبيبُ،

اِيندو اَڄُ عجيبُ، شادِي ڏيندو صِحَت جِي.

 

(3)

تَنَ طبيبَ نه گڏيا، ڪُٺِيَس ڪُويڄَنِ،

ڏيئي ڏَنَڀ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکوئيو.

 

(4)

آهي گهڻو آگَهنِ جو، تَرَسُ طبِيبَنِ،

ڪيو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِريءَ ري ڪِينَ ٿئي.

 

(5)

تَرَسُ طبيبن جو، جَڏَنِ ڪيو نه ذاتِ،

جو ويڄنِ جي واتِ، دارُونئا تنهن دُورِ ٿيا.

 

(6)

آگهائِي سَگها ٿيا، جي ويٺا وٽِ ويڄَنِ،

تَرَسِي طبيبنِ، چيٺي هُوندَ چڱا ڪيا.

 

(7)

ويڄَنِ سين وائيءَ پيا، ڪِريِ نه ڪيائُون،

جي پَندِ پاريائون، ته سِگهائي سَگها ٿيا.

 

(8)

ويڄَنِ سين وائيءَ پيا، ڪِري ڪَنِ نه پاڻِ،

آگها اِنَ اُهڃاڻِ، پَسو! سُورُ سِجهائيا.

 

(9)

پاڙي ويڄَ هُئامِ، تان مون مُور نه پُڇيا،

تيلاهين پيامِ، موريسَرَ اکين ۾.

 

(10)

هاريا تو هِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪِيو،

ڪَريين جي ڪِري، ته تون تَوانون ٿِئين.

 

(11)

جي ڀائين پِريَنِ مِڙان، سِک چوران ڪِي ڌاتِ،

جاڳڻ جَشَن جن کي، سُک نه سارِي راتِ،

اُڄِي ٻُڄِي آئِيا، وائي ڪَنِ نه واتِ،

سلِي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪنِ نه باتِ،

توڻِي ڪُسن ڪاتِ، ساڳي سَلَنِ ڪينڪي.

 

(12)

تَڙي طَبيبنِ، گهائِلُ گهَران ڪَڍيو،

چِڪيا چاڪَ چِهُون ڪري، ڪَڙيُون مُور نه ڪَنِ،

دوستَ جي درسَن سين، پُئي ٺارُ ٺَپَنِ،

وِرِچِيو ويڄَ وڃنِ، آءُ ته پِرينمِ اُبهان.

 

(13)

ويڄنِ ويٺي ئِي، دوسُ پيهي در آئِيو،

صِحت جِي سرير ۾، ڪَلّ ڪَرين پيئِي،

پِيڙَ پَري ويئي، اَچڻ ساڻُ عجيب جي.

 

(14)

وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وري ويڄَ ئِي سي ٿيا،

تُرت ٻَڌائون پَٽيون، روز ڪيائون راسِ،

هِينئڙا تَنين پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿئين.

 

(15)

هاريا ويڄَ، مُياسِ! سُڌِ نه لَهين سُور جِي،

پِريان کي چُوندياسِ، ته تَرَسُ طبيبنِ ڇڏيو.

 

(16)

ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا! چڱي مَ ٿيان،

سڄڻُ مانَ اچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪڏهين.

 

(17)

ويهڻ ويڄنِ وَٽِ، جي سِکين ته سَگهو ٿئين،

اَڳين عادت مَٽِ، ته اَگها! عاجِز نه ٿِئين.

 

(18)

هُئين ويڄنِ وٽِ، تون ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين؟

سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوه نه ڪَيَئي ڊَڀَڙا؟

 

(19)

دارون ۽ ڪارُونَ، جان ڪي ڪيا ويڄَ مون،

ٻڪي ڏيندا ٻاجهه جي، نهارِي ناڙوُن،

جَن سيڻَ لَهنِ سارون، تَنِ تان ڏُکندو ڏوُر ٿئي.

 

(20)

اَگهَنِ مِڙي اڄ، ڪيو سڏَ صِحَتَ کي،

ڏور ڏُکندا ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.

 

وائي

اَچي سارَ لَهيج، ساڄَن، سورَ توهانجي آءٌ مارِي،

سورَ تُنهِنجي جي مَران، تان مون ڏوههُ نه ڏيج،

ساڄَن سورَ تُنهنجي آءٌ مارِي.

ڊَڀَنِ ڀَري هَٿَڙا، دارون دوستَ ڪَريجِ،

ساڄَنَ سُورَ تُنهنجي آءٌ ماري.

 

 

داستان ٽيون

 

(1)

هَئي هَئِي! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي،

جيرا جوش جلائيا، بُڪِين ٻَري باههِ،

پَسو مَچَ مٿاءِ، جي ويساههِ نه وِسَهو.

 

(2)

هَئي هَئِي! وَهي هُوءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي،

جيرا جوش جلائيا، بُڪين مُڪِي بُوءِ،

اَچِي پَسو رُوءِ، جي ويساههِ نه وِسَهو!

 

(3)

ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئي،

جيرا جگر بُڪِيُون، سِيخُن ۾ ٽيئي،

ويڄَنِئُون ويئي، ٿِي وَهيِڻِي سَڄَڻين.

 

(4)

سَرُ جو سَڃيو سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏِيءَ ڏيئي،

ڪانَ ڪِرَنگهرُ ڪپيو، پَکَن سِرِ پيهي،

جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساريون ٻيئي،

ويڄَنِئون ويئي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.

 

(5)

سَرُ جو سَڃِيو سَڄڻين، ٻَنگا ٻاڻُ ڀَري،

ويو وُجودان نڪري، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪري،

پُڇو پيرَ ڀَري، ته ڪِ ٺريو هَٿُ حبيبَ جو.

 

(6)

سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري،

ڇمَڪيو سو ڇوههَ مان، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪَري،

جيرا جِگرُ بُڪِيُون، لنگهي پيو پَري،

لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻيان تِيرُ نه نڪري.

 

(7)

سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، سيڱَ منجهان سِيلو،

ٽِنگَرُ ٽِڪيو ڪينڪِي، پار لنگهيو پِيلو،

هڻڻ سين حِيلو، جانبَ جيڏو ئي ڪيو.

 

(8)

ڌڳايومِ ڌَئِين، ڄيرو اَندر جِندَڙي،

لڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سندِي نينهن نَئِين،

مُشَاهدي تَهِين، مون کي وڌو مَچَ ۾.

 

(9)

جي تَتو تَنُ تَنُور جئَن، ته ڇَنڊي ساڻ ڇَماءِ،

آڻي آڳِ اَدب جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،

بُرقئا اندر بازيُون، پنهنجون سڀ پچاءِ،

لُڇَڻُ، لَؤن لطيف چئي، پَڌر هڏ مَ پاءِ،

متان لوڪُ لَکاءِ، وِصالان وچ پَئي.

 

(10)

اَڃا تَنُوراءِ، ڪالهه ڪڍياسون سَڄڻين،

پُڻ تايائُون تڪڙو، وحدتَ جي وُڌاءِ،

مَحَبَتِينِ مَٿاءِ، مَچُ مُورائين نه لهي.

 

(11)

پَچائي پَهاڻُ، جَن رَساڻيو رُڪَ کي،

تَنِين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙينَ کي.

 

(12)

چڙهيو چَڪاسِن چاءِ، آڳ ٻَرندي آئيا،

وِهُسن واڙيءَ ڦُلَ جئن، مَحبَتِي مَچَ لاءِ،

آڻي پاڻُ آڙاءِ، کڻي کُوري وِچَ ۾.

 

(13)

ڌَنءُ ڌنءُ ڌَمَڻِ وارَ، اَڄ پڻ آڳَڙينِ جي،

ٻاري مَچَ مَجاز جو، اوتيائون آڱارَ،

ڌُوڌِيا ٿيءُ مَ ڌارَ، جِمّ ڪَچو رُڪُ ڪَڻيون ٿئي.

 

(14)

ڌُوڌا تون نه ڌَنئين، آڳِ اوڏو نه وَڃين،

اَلا جي عشق جا، سي تان تُون نه سَهين،

اُڀو اِيءَ چَئين، ته آءٌ آڳَڙيو آهيان.

 

(15)

سِرُ سانداڻِ ڪري، پُڇج گهَرُ لُهارَ جو،

ڌَڪن هيٺ ڌَري، مانَ گَڏِينئِي رُڪَ سين.

 

(16)

سَهِين جِئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌَڪڙا،

وَههِ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين.

 

(17)

هَئِي! ٻَرُ آڱارِن، ٻَڏاهين ٻَرن جي،

هِڪُ کوري کانئيا، ٻيو ڌُوڌي منجهه ڌَڳنِ،

پاڻان لُهارِن، ميڙي رکيا مَچَ لئي.

 

(18)

ٻاريو اُجهائِينِ، پِرينِ اُجهايو ٻارينِ،

مون کي ٿا مارينِ، لُئا لُهارنِ جا.

 

(19)

اَڄ آڳڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي،

پياري پاڻِي، تيغون ڪندا تِکيون.

 

(20)

اڄ آڳڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،

لاهيندا مورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پَڌرو.

 

(21)

سُرها ڏٺم سي، جن ساڃاءِ سِراڻِ سين،

تيغَ تَنينِ جي کي، ڪٽُ نه لي ڪَڏهين.

 

(22)

ڪَٽَ ڪَڙهي، لوهه ٻَري، ڌوڌا جِت ڌَڳن،

مُتَرڪن مُنهن ڪڍيا، سانداڻيون سَڪَنِ،

اَڄ پُڻ آڳڙين، ميڙو آهي مَچَ تي.

 

(23)

چَکي مَئي مَٽن جِي، آڳڙيا آيا،

ڪڙي قاتِلَ ڪوڏيا، ورنہ وڻايا،

گهوُرن سين گهايا، پِيَڻُ تان پري ٿيو.

 

(24)

کانئيا تن کَٽيو، اُجهائَڻ اُونداههِ،

جن اَندر ٻَري باههِ، سُڌ تَنِي کي سڀڪا.

 

وائي

جيءُ جِيارو، جيءُ جِياريو، ڪِينَ مُنهنجڙو هاريو،

منهنجو جيءُ جِياريو.

پِرينِ جِيءَ پَچارَ، سيڻَنِ جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جِياريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

اُڃيو تَنُ عَميقَ مان، پِرينِ پُوڄَ پِياريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

مَرضُ مَرِيضن تان، اِشَاري ساڻ اُتاريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

ڪَرمَ ڪريمن جي مون کي، اُهکِيءَ مان اُڪاريو،

منهنجو جِيءُ جيِاريو.

سَنئون مُنهن ڪري سُپرِين، آئِين نِرمل نُورَ نِهاريو،

منهنجو جِيءُ جِياريو.

سائِلَن جِئن سَڏَ ڪَري، اَئِين طالِحَنِ کي تاريو،

منهنجو جِيءُ جِياريو.

 

 

داستان چوٿون

 

(1)

ايڪُ پِيالو، ٻه ڄڻا، عشقُ نه ڪَري اِينءَ،

ليکيا جي لِکڻ ۾، سي قُربِ رَسندا ڪِينءَ؟

هُئَڻ ڪيا هِينءَ، وانجئِا پَسُ وِصالَ کان.

 

(2)

ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه اِئين ڪَري،

آٽِي سي ايڪُ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳَري،

دُئِي ڌارَ ڌَري، خُلّتَ خَنجر آئيو.

 

(3)

ايڪُ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪَري اَڌ،

اِيءَ جا ساعرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جا قَوالَ سين.

 

(4)

اَکيون اوڏاهين کڻي، جيڏانهن قاتِلَ ڪُلَّ،

مَٿو ڪَن نه مُلّ، پِڪَ برابر پانهِنجو.

 

(5)

جيڏانهن قاتِلَ ڪوڙَ، اکيون اوڏاهين کڻي؛

وِهُ تَنِين جِي ووڙَ، جَنِين سانگُ نه ساهَ جو.

 

(6)

قاتِلَ ڪمَائِي ڪري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِ،

وَٽان ويهي تَنِ، پِيجِ ڪي پِيالون.

 

(7)

هُوندو هَڏِ مَ رَکُ، لئي پِياڪن پانهِنجو،

وٽِي واٽاڙئِن کي، تان پياري پَرکُ،

سا لِکَ لهِي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندي اُنِ سين.

 

(8)

هُوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لئي پِياڪَن پانهِنجو،

پُوڄَ پِيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ،

ته هَٽُ تُنهنجي هَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَهي.

 

(9)

گهَٽَنِ ۽ گهُٽَڪَن، وَٽيون پِين وِهَ گاڏيون،

بَرخيز بِده ساقي، پيار کي پِريَن،

پڪين نه پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائون مَنجهِيان.

 

(10)

آڻي اُترَ واءَ، موکيءَ مَٽَ اُپَٽِيا،

متارا تِنهن ساءَ، اَچنِ سِرَ سَنباهِيو.

 

(11)

موکيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، اڇا اَڱڻ ڌارِ،

اِيندا تو دربارِ، وِهَ پئندا وَٽِيون.

 

(12)

موکِي مَنڌَ پِيار، اُونچو اُونچي مَٽَ مان،

ڏيندي ڏاتارنِ کي، وَٽيءَ وِجهه مَ وارِ،

سِرَ کَڻِي، سَردار، اڱڻ تُنهنجي آئيا.

 

(13)

موکِيءَ مَٺو نه گهُريا، وِهَ نه وِهاٽِيا،

سُرڪِيءَ ڪاڻِ سَيّد چئي، اُتي ٿي آٽِيا،

جي ڳالِنِ ڳَڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بٺُيون.

 

(14)

موکِيءَ سندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپَ پِيو،

قَضا ڪَم ڪيو، ڪونهي ڏوهه ڪَلاڙَ جو.

 

(15)

موکِيءَ سندي مَٽَ ۾، ڪو جو زهر ذَرو،

پِئندي پوشِيدنِ کي، پيو ڪونه پَرو،

مَٿو مَهايَنِ جو، ڪيو ڳَهَرِ ڳَرو،

ٿِئڙنِ کيپُ کَرو، ڪنهن جنهن ڳَهَر ڳَڱاٽِيا.

 

(16)

مُنهن وِجهيو مَٽَنِ ۾، موکِي اُڀي روءِ،

متارا مري ويا، اَڱڻِ اَچي نه ڪوءِ،

مَتارَنِئون پوءِ، مُٺا مَٽَ مِٽي ٿيا.

 

(17)

نه سي اڱڻ آڳڙيا، نه سا سَٽَ سَري،

ڪٽورا قاتِلَ جا، جن پِيتا پاڻَ ڀري،

اَٺئِي پَهر اُلٽَيا، ڌرتيءَ سِرُ ڌري،

ويئِي اُجهامِي اُن جي، بَٺي بَس ڪري،

ساريو سُورَ چُڙي، موکِي متارن جا.

 

(18)

وِجهج واٽاڙُئَنِ تي، ميخاني جِي ماڪَ،

ٿِيندي سُڌِ سڀ ڪنهن، هَنڌِ هَنڌِ پُوندي هاڪَ،

پِرهَ جا پِياڪَ، جُہ سي اَڱَڻِ آئيا.

 

(19)

سَري ڪِينِ ڪيو، ويڻ موکِيءَ جي ماريا،

ڪو جو سُخن ڪَلاڙجو، پِتي تي پِيو،

تِهان پوءِ ٿِيو، مَرڻ مَتارن جو.

 

(20)

جُہ سي اَڱڻِ آئيا، سَرو ڪندا سُڃَ،

سائِي ٿيندَينِ اُڃَ، هِي پِيتو، هُو اَڻِ ڪِين!

 

(21)

موکِي چوکِي نه ٿِئي، اَصل اوڇِي ذاتِ،

وَٽيُون ڏيئِي واتِ، متارا جنهن ماريا.

 

(22)

متارا مري وِيا، موکِي تُون نه مَرين!

ڪيهيءَ پَر پَرين، ڏُکِي ڏاتارنِ ريءَ؟

 

(23)

متارا مري وِيا، موکِي تُون ڀي مَرُ،

تُنهنجو وَسُ ڏَمَرُ، ڪونه سَهندو اُنِ ري.

 

(24)

اَڃا کُوري ماڳَ، مَٽَ، ڪُٽِڪا، ڪَٽ گهَڻا،

لاهي ويههُ مَ لاڳِ، موکِي متارِن جا.

 

(25)

ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهِن وَٽِي، عادت جَنين اِيءَ،

تَنِين تِڪُون ڏِنيون، جُنبِي منجهان جِيءَ،

سَرو تَنِ سبيءَ، جن حاصل ڪيو حالَ کي.

 

(26)

هَٿَ کَڻيو سَڏَ ڪَري، موکِي ماءَ ڳَري،

نه ڪنهن ماريا جَنگ ۾، نه ڪنهن سُورَ ٻُري،

اوري هئا ته آئيا، جُڪُسِ ويا پَري،

روئان ڪِيئَن ڪري، مادر متارن کي.

 

(27)

سِرُ ڏيئِي سَٽ جوڙِ، ڪنهن پَرِ ڪَلاڙن سين،

ڪاتِي، ڪَرٽُ ڪَپار ۾، خنجر آڻي کوڙِ،

مَرڻا مُنهن مَ موڙِ، وَٽِي ٿِي وَڌِ لهي.

 

(28)

وَٽ وَٽ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ پِيو،

قَدرَ ڪيفَ ڪَلاڙَ جو، پِياڪَنِ پيو،

اَچن دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قبول ڪِيو،

سُرها سِرَ ڏيو، چَکُنِ سُرڪَ سَيّد چئي.

 

(29)

اَٽِي ٿِيءُ اَڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين!

پَسين سي ڀَتارَ، پُرِ پِيتُهءِ جَن سين.

 

(30)

ڪَلاڙَنِئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکين مون هِينئان!

روُئندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون.

 

وائي

سيڻَنِ جي سَنڀَار، جڏو جيءَ جِياريو.

ڪَرَم ڪَريمَنِ جي، آهکِيءَ ويرَ اُڪاريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.

سالِيَن جِئن ساٺُ ڪَري، طَيرَنِ جِئن تَنواريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.

سَئون مُنهن ڪَري سُپُرين، تان نِرمل نور نِهاريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.

مرضَ مريضنِ تان، اِشاري ساڻ اُتاريو،

جَڏو جِيءُ جِياريو.

 

وائي

(2)

دوسُ پيهِي در آئيو، ٿيو مِلَڻ جو ساعيو،

ڏينهين پُڄاڻون آڻي اسان کي، مولي مُحب ملائيو،

ٿيو مِلَڻ جو ساعيو.

وِيو وِڇوڙو ٿيو ميلاپو، واحد واءُ وَرائيو،

ٿيو ملَڻ جو ساعيو.

هو جِنهين جو ڏَسُ ڏُورانهُون، اوڏو اَڄ سو آئيو،

ٿيو مِلَڻ جو ساعِيو.

عَبداللّطِيفُ چئي، اَچيِ عَجِيبن، پاڻ فضَلُ فَرمائيو،

ٿيو ملڻ جو ساعيو.

 

 

داستان پنجون

 

(1)

صُوفِي سالم سي وِيا، جي اڪثر سين اَڏيارَ،

بازِي بازندنِ کي، آهي اَويسارَ،

پريان سين پَهَڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا.

 

(2)

صُوفِيءَ سيرُ سَڀَنِ ۾، جِئن رَڳُنِ ۾ ساهُ،

سا نه ڪري ڳالهڙِي، جِئن پَريُون پَروڙي پَساهُ،

آهِس اِيءُ گُناههُ، جي ڪا ڪَري پَڌرِي.

 

(3)

صُوفِي چائِين، سَڌُ ڪِرين، صُوفِنِ اِيءُ نه صَلاحَ،

ڪاٽي رکُ ڪُلاهَ، اُڇلي وِجهه آڳِ ۾.

 

(4)

جي ڪُلاهَ رکين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالم ٿِيءُ،

وِهَ وَٽِي هَٿِ ڪري، پُر پِيالو پِيءُ،

هَنڌُ تَنِين جو هِيءَ، جَن حاصل ڪِيو حَال کي.

 

(5)

صُوفِيءَ صافُ ڪِيو، ڌوئِي وَرَقُ وُجودَ جو،

تِهان پوءِ ٿِيو، جِئَرِي پَسَڻُ پِرِينءَ جو.

 

(6)

صُوفِي لا ڪُوفِي، ڪونه ڀانِئسِ ڪيرُ،

مَنجهان ئِي منجهه وِڙهِي، پَڌرِ نه آهِسِ پِيرُ،

جَنِين ساڻَس ويرُ، ٿئي تَنِين جو واهَرُو.

 

(7)

ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضي رهيا،

صُوفِي تِئن ٿِيا، جِئن ڪِينَ کَنيائون پاڻ سين.

 

(8)

جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خيمون کوڙِ،

جَلِي تون زَبانَ سين، چارئِي پَهَر چورِ،

فِڪر سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اَعظمُ ڏورِ،

ٻيا دَر وَڃي مَ ووڙِ، اِيءُ اَمُلهه اِئائِين سِپَڄي.

 

(9)

عالَمَ آءٌ ساڻُ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪَري،

پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊ پَکيڙِيو.

 

(10)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اَندر روُمِيءَ راءِ،

ماڙهو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پَسين مَنڊِيو!

 

(11)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِيءَ رُوميءَ جيءَ روُءِ،

جَنِين ڏِٺي جُوءِ، تَنين ڪُڇيو ڪينڪِي.

 

(12)

طالِبُ ڪَثرَ، سُونهَن سَر، روُميءَ چيو آهي،

تاڙِي جي لاهي، ته مَنجهِين مُشاهِدو ٿئي.

 

(13)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِي روُمِيءَ جِي رِهاڻِ،

پِهرِينِ وِڃائِڻُ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پِرينِ کي.

 

(14)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَر، اِيءُ رُومِيءَ جِي راحتَ،

جَنِين ڏِٺي سَتَ، تَنِين ڪُڇيو ڪينڪي.

 

(15)

طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِيءُ روُمِيءَ جِي اوطاقَ،

جي ڀَڃي دَرُ فراقَ، ته مَنجهيين مُشاهدو ٿئي.

 

(16)

ظاهَر ۾ زانِي، فِڪرَ مَنجهه فَنا ٿِيا،

تَنِين کي تعليم جِي، ڪُڙِه اَندر ڪانِي،

حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِيائون دِل ۾.

 

(17)

جن کي دَورُ درد جو، سَبقَ سُورَ پَڙهنِ،

فِڪَر ڦَرهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪَنِ،

پَنو سو پَڙهنِ، جنهن ۾ پَسن پِرينَ کي.

 

(18)

وِسريومِ سَبَق، پهرين سِٽَ نه سَنڀران،

اَڃا هيءُ وَرقُ، هَئي مُطالع نه ٿِيو.

 

(19)

ڪيو مُطالع مون، هو جو وَرَقُ وِصَال جو،

تنهن ۾ تُونهِين تون، ٻِي لاتِ نه لَحظي جيترِي.

 

(20)

سا سِٽَ نه سارينِ، اَلفُ جنهن جي آڳَ ۾،

ناحَقُ نِهارِينِ، پَنا ٻيا پِريَنِ لَئي.

 

(21)

سا سِٽ سارِيائُون، اَلفُ جنهن جي اَڳ ۾،

لامَقصُودَ فِي الدَّارَينِ، اِن پَر اُتائُون،

سَڳَر سوٺائُون، ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين.

 

(22)

ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَر سُونهين جي،

آئيون تَنِين کي، واڌايون وِصالَ جِيون.

 

(23)

ٿيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَر سُونهيون جَنِ،

منجهان تَن جُسَنِ، حَرفُ نه سُڄي هيڪَڙو.

 

(24)

اَکَرَ پَڙهي اُڀاڳِئا، قاضِي ٿِئين ڪِئاءُ،

ڀيريين ۽ ڀائِيين، ايڏا اِيئَن نه آءُ!

اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پُڇج عَزازِيلَ کي.

 

(25)

عاشق عَزازيلُ، ٻيا مِڙئي سَڌڙيا،

مَنجهان سِڪَ سَبِيل، لَعنتِي لالُ ٿِيو.

 

(26)

جو مون پَڙهيو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقُ جو،

پِهرينِ سۡڃاتُم پانهنجي، نَفسَ جو نِهو،

جِت عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي روحَنِ روزُ ڪيو،

وَرِي وَرَقُ پِيو، گَڏيم وَڍُ وِصَالَ جو.

 

(27)

اَکَرَ ڇُٽِي هيڪَڙي، ٻَهُون جي نه ٻُجهَنِ،

ڪوهُ ڪبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالهڙِي.

 

(28)

پَڙهيو ٿا پَڙهنِ، ڪَڙهنِ ڪين قُلوُبَ ۾،

پاڻان ڏوهَ چڙهنِ، جِئن وَرقَ ورائِن وِتَرا.

 

(29)

پَڙهيو پڙهيجاهُ، سَبقُ اِنهيءَ سُورَ جو،

مِيمُ رَکجا مَنَ ۾، اَلِفُ تنهن اَڳياهُ،

چِتا چوريجاهُ، اِها لاتِ لَطِيفُ چئي.

 

(30)

اَکَرُ پَڙهه اَلِفُ جو، وَرَقُ سَڀ وِسارِ،

اَندرُ تون اُجارِ، پَنا پڙَهندين ڪيترا.

 

(31)

ڪوڙين ڪتابَنِ ۾، حَرفُ مِڙوئي هيڪَ،

جي تو نَظر نيڪُ، ته بِسم اللهِ ئِي بس ٿِئي.

 

(32)

جو اَلِفَ کان اوري ٿِيو، اَلفُ اُهوئِي آهه،

لوڪان تون لِڪاءِ، ته داخل ٿِئين نه دالَ سين.

 

(33)

جِئَن جِئَن وَرَقَ وَرائيين، تِئَن تِئَن ڏٺو ڏوههُ،

تنهن ڪَهِڻيءَ ڪِبو ڪوههُ، جي رَهڻِيءَ رَهيو نه سُپرِين.

 

(34)

ڪوڙين ڪِتابن پڙهِين، جُزون جان ڪي تان،

پهڻيءَ ريءَ پِريان، سُوڌِي ساڃاههَ نه ٿئي.

 

(35)

ڪاتِبُ، لِکِين جِئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين،

اَسان سَڄَڻُ تِئَن، رَهيو آهي رُوحَ ۾.

 

(36)

ڪوهُ ٿو ڪاڳرَ ڪورئين، ويٺو وِڃائين مَسُ،

ڏُورِ تِئائِين ڏَسُ، اَکرُ جِئائِين جُڙيا.

 

(37)

تِهڙا چاليها نه چالِيهُه، جِهڙو پَسَڻ پِرينءَ جو،

ڪِهڙي ڪاتِبُ، تون ڪريين، مَٿي پَننَ پيههَ،

جي وَرَقَ وارين وِيههَ، ته به اَکَرُ اُهوئِي هيڪڙو.

 

(38)

شَهرُ ڏسِي سَرهو ٿِئين، ڏِٺئِي نه بازارِ،

جو وَکرَ وَکارِنِ ۾، ڍَڪيو ڪهڙيءَ ڍارِ،

تون تَنِين سين گهارِ، ته لَهِين لَکَ لطيفُ چئي.

 

(39)

تَنُ کُڏي، مَنّ حُجرو، ڪِيمَ چالِيها رَکُ،

ڪُہ نه پُوڄيو پُوڄئين، اَٺئِي پَهرُ اَلَکُ،

تان تُون پاڻَ پَرَکُ، سَڀڪِنهن ڏانهن سامُهون.

 

(40)

سَڀ ڪِنهن ڏانهن سامُهون، ڪو هنڌُ خالي ناههِ،

اَحدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪائِر ڪِبا ڪاههِ،

مُحِب مَنجهِين مَنَ ماهِه، مون اَڄاڻنديءَ اُجهِيو.

 

وائي

وَٺَڙِيو هوتَ وَڃنِ، وو! جهَليان پَليان، هِينئَڙو نه رَهي!

آءٌ جَنِين جِي آهيان، ڪَڙي مَ ٿيان تَن،

جهَليان پَليان، هينئڙو نه رَهي!

گهورِيان گهَڻين ڀَتيين، سندِي ٻاجهه ٻِينِ،

جهَليان پَليان، هِينئَڙو نه رَهي!

مَرُ مَران، مارين مون، پُرزا پرزا ڪنِ،

جهَليان پَليان، هينئَڙو نه رَهي!

آءٌ ميائي گهورِئي، جي مان مُحِبُ مِلَنِ،

جهَليان پَليان، هينئَڙو نه رَهي!

 

وائي

 

(2)

وسارج مَ ويڻَ، جوڀَن ٻه ٽي ڏينهڙا.

لوٺِيون سَهنِ لوڪَ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻَ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

اَصلِ اَسارِنِ جا، ستِي وِيَڙا سيڻَ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

جيڏيون، جي مان وِسَهو، نِنڊَ مَ هيريو نيڻَ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

راتَڙيون جاڳنِ جي، سي آءٌ ڪندَڙي سيڻ،

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

آڌيءَ راتِ اُٿي ڪري، جهَلِ تون ننِڊان نيڻَ.

جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.

 

 

داستان ڇهون

 

(1)

دائودِي دَيُون ڪري، رَڪَنِ ڪونهي رنگُ،

گهوڙِيءَ هيٺ اَيَنگُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.

 

(2)

دائُودِي دَيُون ڪري، رَڪَنِ ڪونهي چيتَ،

گهوڙيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.

 

(3)

اوقابِيلُ! آکين ۾، توکي بارِي بانَ،

اُڀو آڳرايون ڪريين، ماڳِ هڻيو مستانَ،

جانِبَ تون زِيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين.

 

(4)

اوقابِيلُ اَکين ۾، توکي تِکا تِيرَ،

ساڄَن! اِنهي سِيڱ سين، ڦَٽِيئِي گهڻا فَقِيرَ،

ٻيو مَ مارجِ مِيرَ، تنهنجو پهريون ئِي پورو ٿيو.

 

(5)

اوقابِيلُ اَکن ۾، تِيرَ تِکا توکي،

ساڄنَ اِنهي سورِ جِي، ڪَل نه آ ڪنهن کي،

مارين ٿو مون کي، چاڙهي لوههَ لطيفُ چئي.

 

(6)

اوقابِيلُ اَکين سين، تِيرَ چَلايا تو،

پيو مَرُ ماري سو، جنهن جو پهريون پُورو نه ٿئي.

 

(7)

جِي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ رکُ،

مُنهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چٽَڪا چَکُ،

سُورِي ڀانءِ مَ شَڪ، عاشق ٿِيءُ ته اُبَهين.

 

(8)

جي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ ڏيجِ،

مُنهن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿِي جهَليجِ،

پاهان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشق ٿِيءُ ته اُبهين.

 

(9)

جي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته نَئِي ڏج سِينو،

ڪجي نه ڪِينو، وڃِي در دوستن جي.

 

(10)

پائي ڪانُ ڪمانُ ۾، مِيان! مار مَ مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي.

 

(11)

ڪيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،

ٿيا جي نِيشانَ، ته پهرئين سان پورا هئا.

 

(12)

لورِي جِت لڳومِ، اُت اُڀوئِي آهيان،

سورههُ پِرِين سندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻيو هڻي.

 

(13)

محبت جي ميدان ۾، عاشق، ٿيءُ آچامُ،

سَمُهان سَلَ سَيدُ چئي، ڪّندئِي تِيرَ تمامُ،

ڪَهِجِ ڪومَ ڪلامُ، جِمَ دوسنِئُون دُور ٿئين.

 

(14)

محبت جي ميدان ۾، اچي پيرَ پِيانِ،

سِرَ وَڍڻُ، ڌَڙ ڌار ڌرڻُ، اِي سينگار سندانِ،

ڏيندا مون ڏٺانِ، مٿا محبوبن لئي.

 

(15)

محبت جي ميدان ۾، ڪر پڙاڏو پَٽُ،

سِرُ سورِيءَ، ڌَڙ ڪُنگِرين، متان ڪُڇئين ڪَٽُ،

عشق نانگ نِپٽُ، خبرَ کاڌنِ کي پوي.

 

(16)

محبت جي ميدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪِر،

لاهي سِرُ لطيف چئي، دوسنِ اَڳيان ڌَرِ،

عشقُ نانگُ اَپَرِ، خبرَ کاڌنِ کي پوي.

 

(17)

محبت جي ميدانَ ۾، سِر جو ڪر مَ سانگُ،

سورِيءَ سُپرين جي، چڙهه ته ٿئين چانگُ،

عشق آهي نانگُ، خبر کاڌنِ کي پوي.

 

(18)

محبت جي ميدان ۾، ڪُڏِي پئو ڪاهِي،

ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتِي لاهي،

عشقُ نانگُ آهي، خبر کاڌنِ کي پوي.

 

(19)

عشق نه آهي راندِ، جِئن کيِلنِ ٿا ڳَڀَرُو،

جيءَ جُسي ۽ جانِ جي، ڀڃي جو هيڪاندِ،

سِسي نيزي پاندِ، اُڇل ته ٻه اَڌ ٿئي.

 

 

داستان ستون

 

(1)

عاشقَنِ اَلله جِي، مَحبَتَ رَکِي مَنِ،

سَندِي سِڪَ پِرينَ، تَن ۾ آهي تَنِ جي.

 

(2)

عاشقن اَللهَ جِي، سدا وائِي واتِ،

فاذڪرُونِي اَذڪُرڪُم، تَنَ ۾ اِها تاتِ،

اُنهن کان ڪِي ساتَ، سَڄڻُ ويلَ نه وسري.

 

(3)

عاشقَنِ اَلله، ويرو تارِ نَه وسري،

آههَ ڪَرِيندي ساههُ، ڪڏهن ويندو نڪرِي.

 

(4)

عاشقَنِ آرامُ، ڪڏهن تان ڪونهَ ڪيو،

طعني ڪيا تمامُ، حَبيباڻي هيڪڙي.

 

(5)

عاشقَ اِيئن نه هُونِ، جئن تون سَڄين آڱڙين،

وڃِي درِ دوستن جي، رَتُ ڏيهاڻِي رُونِ،

ٻِيءَ پرِ ڪنهن نه پُونِ، ماڪُرِ محبوبنِ سين.

 

(6)

جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعويٰ ڪري مَ نِينهَن جِي،

سائو مُنهن، سُونهن وِئي، سڪڻَ اِيءُ شَرَط،

نه ڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مٿان سِرَ سَؤدا ڪري.

 

(7)

اَڃا تو منجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،

مُنهن ۾ محبوبَنِ جا، ڪئن جهليندين گهاءَ،

سو تُون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪڻ جون سَڌُون ڪرين.

 

(8)

سِڪَڻَ اِيءَ نه سَڌَ، جئن لِڪيو لياڪا پائيين،

پِئي پِريان جي نه ٿِيين، مٿَي اَڱڻَ اَڌ،

اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جئن کِليو کايو سُمهين.

 

(9)

سِڪُ نه آهي سُٿَرِي، کَڻ پَروڙي پيرُ،

ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪري سَڌَ سِڪڻ جي.

 

(10)

دَردُ نه اَٿئي دل ۾، ته سِڪَڻُ ڪر مَ سَڌَ،

پَئِي پِريانُ جي نه ٿئين، اَڱَڻ مَٿي اَڌَ،

اِيءَ تان ڪوڙي سَڌَ، جئن کِليو کايو سُمَهين.

 

(11)

سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻِئي اکَرِ هيڪڙي،

وِهَڻُ واٽَڙَينِ تي، ڪارڻ ضَرُورِي،

ٻِنهِين جِي پُورِي، جِيءَ ڏني ريءَ نه ٿئي.

 

(12)

جي ڪِين سِڪَڻُ سِکُ، تاتَ پَسُ سِڪنديُون،

پاسي تَنِين مَ لِڪُ، نِينهنُ نه سُڃاڻَنِ جي.

 

(13)

جي لِياڪا لوڪَ جا، جان جان سي نه لِياءِ،

تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پَسڻ پِرينِ جو.

 

(14)

عاشِقَ، معشوقَن جي، وٺِي ويههُ ڳُري،

جِم وِرِچي ڇڏيين، سَندِي دوستَ دَري!

ڏيندا ٻُڪِي ٻاجههَ جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَري:

اَسان تان نه سَري، تو ڪِئن سَري سُپرين؟

 

(15)

عاشقَ! معشوقنِ جو، وٺي ويهج سَيرُ،

اَچِي پُڇندَءِ پاڻهي، پِرتان ڀَري پيرُ،

ڀلائِنِ جو ڀيرُ، رهبر ٿيندءِ راهه ۾.

 

(16)

عاشق! معشوقِن جو، وٺِي ويهج دَرُ،

اَچي پُڇندءِ سُپرين، لَهندءِ سَرُ سَڀَر،

ڀَلائِيءَ جو ڀَرُ، رهبرُ ٿِيندءِ راههَ ۾.

 

(17)

عاشقَ! معشوقَنِ جو، وٺي ويهه دُکانُ،

پَئجِ پيش پِرينِ جي، پَٽِيءَ وجهِي پاڻُ،

ته تون تَنِين ساڻَ، سدا رهين سُرخرو.

 

(18)

عاشق! معشوقَنِ جو، وٺِي ويهجِ گهَٽُ،

جِمَ وِرِچِي ڇَڏيين، موکِيءَ سَندو مَٽُ،

ڪري سِرَ جي سَٽُ، پِيِجِ ڪِ پِيالِيون.

 

(19)

عاشِق! معشوقَنِ جو، وَٺي ويهجِ رَندُ،

پياريندءِ پاڻَهِي، ميخاني جو مَندُ،

ڪِيمَ ڪَڍجِ تون ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُن کي.

 

(20)

عاشِقُ چؤ مَ اُن کي، مَ ڪِي چؤ معشُوقُ،

خالِقُ چؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چؤ مَخلُوقُ،

سَلِج تِنهن سُلُوڪُ، جو ناقِصِيائِي نِڱيو.

 

وائي

سُپرِيان جي سونهن جي، ڳالهه ڪِينَ وڃي،

وڃِي در دوسن جي سورِيءَ سِر هِڄي،

عاشق انگهُنِ چڙهيا، ٻيو سڀڪو ڀَڄي،

پُڇج پوءِ پريتڻون، پِهرين سِرُ سَڃي،

عاقِلَ ئي اوڇون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀُڄي.

 

 

داستان اٺون

 

(1)

هَرَ هَرَ هَرائي، وڃڻ دَرِ دوستن جي،

پاڙي ڏانهن پِرينِ جي، اُڄُ مَ اَوائي!

اَلڙِ ٿِي مَ آڇ تون، واٽاڙُنِ وائِي،

لائِندءِ لطيف چئي، سُوران سَرَهائِي،

ڳُجهو ڳالهائي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.

 

(2)

جان جان ناهِ ضرورُ، تان تان ناهِ طبيبُ ڪو،

جُہ سو سَرِيو سُورُ، ته ڪَرَ ويڄُ وَرِ پيو.

 

(3)

سُورُ جَنِين کي سَرِيو، سَرِي تَن صِحتَ،

مِٺِي مصيبتَ، آهي عاشقنِ کي.

 

(4)

سي ئي سُورَ طبيبَ، جَنين سُورَنِ سَڃَ ڪِي،

جو لِکيو هُتِ لطيف چئي، سوئِي ڪَنِ قريبَ،

جي نوازيا نصيب، داروُنءَ سي دُرستُ ڪِيا.

 

(5)

جي پياري پاڻَ، ته ڪَرَهو ٿي پاڻِي پيين،

آڳي اِنَ نِياڻَ، اَڻَ ڪوٺيو ڪونَ گهِڙي.

 

(6)

اَڻَ ڪي عَيان نه ٿئي، ڪِي پَروڙي ڪونَ،

سَچِي جِيهيِ سونَ، مُنهِن نه پيئي ماڙُهين.

 

(7)

اَڻ ڪِي عيان نه ٿئي، ڪِي پَروڙي ڪونَ،

سا سُهِين ٿِيي سونَ، اَمرُ عَطا جِنهن جو.

 

(8)

جيڪِي ڏنائون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿيو،

مون کي پُڇيائون، ٺوڪي اِنهي ٺوڪَ سين.

 

(9)

جيڪِي ڏنائون، سو سِرُ ڏيئي سَههُ ڄِندَڙا!

مَ چَئو ڇِنائون، اِي پُڻ ڳَنڍيو سَڄَڻين.

 

(10)

جيڪي ڏنائون، سو سَڀوئِي صِحتَ،

مَ چَئو آزارَ اُن کي، مَ ڪي مُصِيبتَ،

ڪُهَڻُ قَريبت، جو ڪوٺَڻُ پر پرِيَنِ جي.

 

(11)

ڇِننِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميري اُن سين،

جي هو اَوڳُڻَ ڪَنِئي، اَسُنِهين! تون ڳُڻانَئِي ڳِنُّ،

پاندُ جهَليو تون پِنُّ، هِنَ سُنهاري سَڱ ۾.

 

(12)

نَمِي کَمِي نهار تون، ڏَمَرُ وڏو ڏُکُ،

مَنجها صَبُرَ سُکُ، جي سنواريا! سَمُجهين.

 

(13)

نَمِي کَمِي نهار توُن، ڏَمَرُ ڏولائو،

ٿِيئي ساڃائو، جي اُڀِيين اِنهِين پيرَ تي.

 

(14)

ڏمَو پاسو ڏُکَ سين، کاندِ کَٿُورِي هوءِ،

واللهُ مَعَ الصّابِرينِ، آگو ايهين چوءِ.

 

(15)

کَمُ! کَمندنِ کَٽيو، هارايو هوَڙَنِ،

چُکيو نه چُوندَنِ، هو جو ساءُ صَبَر جو.

 

(16)

کَمَندڙنِ گهَرِ کِين، چوندَڙَ چڱا نه ٿيا،

ويڻنِئونُ ويڌُ پئي، هَٿِ نه اچي ڪين.

 

(17)

هو چُون ئِي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي،

اَڳِہ اَڳَرائِي جو ڪِري، خطا سو کائي،

پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِي.

 

(18)

هو چُونِ ئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي ويڻُ،

سَڀَنِي سين سَيّدُ چئي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،

کانڌِ وڏيائي کيڻُ، ڪِينِي منجهان ڪِينَ ٿِئي.

 

(19)

ڪَنِين ڪِينَ پِرائيو، ڪِيني منجهان ڪِين،

جِي هو سٽاڻي سِيڱ، ته زِهه ڇِني جوکو ٿِئي.

 

(20)

سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سين، وَرائج مَ وَري،

هادِيءَ جي هِدايت جي، آهي اِيءَ ڳَري،

تَنِ سَڄِي ساهِه سَري، جَنِ ماريو نفسُ ماٺِ سين.

 

(21)

چَونَدَنِ ڪيمَ چَئيج، ويڻَ ورائي سامُهُون،

ڪا مَت قيمتَ جهِڙي، روزُ ڏمرَ کي ڏيج،

ويڻُ مَ ورائيج، ته سڀَ دَرِ سُهاڳِي ٿِئين.

 

(22)

اَڻَ چُوندَنَ مَ چَئو، چُوندَنِ چيو وسارِ،

اَٺ ئِي پَهرَ ادبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ،

پايو مُنهن مُونَنِ ۾، غَربت ساڻ گذارِ،

مُفتِي منجههِ وِهارِ، ته قاضِيءَ ڪانيارو نه ٿئين.

 

(23)

ڪِيئن مائيندا مَنَ ۾، خُودِي ۽ خُداءِ،

ٻِن تَراڙينِ جاءِ، ڪا آهي هڪ مياڻ ۾!

 

(24)

جَنِين سَندِي ٻوڏَ ۾، ڀَتو ڀَتين جِيءُ،

تون! تَنِين سين پيءُ، اوڏا اَڏي پَکڙا.

 

(25)

ويٺي جَنين وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿئي،

سا مجلسَ ئِي مَٽِ، جي حاصلّ هوءِ هزارَ جو.

 

(26)

ويٺي جَنين وَٽِ، ڏُکندو ڏور ٿئي،

تون تَنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

 

وائي

يارَ سَڄَڻ جي فِراق، ڙِي جيڏيون آئُون مارِي!

در دوسَنِ جي ڪِئين جو هوندا، مون جيها مُشتاقَ،

ڙِي جيڏيون آئون مارِي!

جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آهه حُسن جِي هاڪَ،

ڙِي جيڏيون آئون ماري!

سرمو سَهِي ڪر آکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ،

ڙِي جيڏيون آئون ماري!

 

 

داستان نائون

 

(1)

پَتَنگـَنِ پَههُ ڪيو، مِڙيا مَٿي مَچَ،

پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَ،

سَندا ڳِچِيُنِ ڳَچَ، ويچارُنِ وِڃائِيا.

 

(2)

پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،

سَهائي سُپيرينِ جي، گهِڙُ ته ٿِيين گهوٽُ،

اَڃا تون اروٽُ، کوري خبر نه لَهِين.

 

(3)

پَتنگ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پَئو ڄاڻِي،

تان تان تاڻجِ تَوَ ڏِي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي،

وِسَههُ وِهاڻِي، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.

 

(4)

پَتنگُ چايين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجهاءِ،

پَچَڻ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پچاءِ،

واقف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏجي عامَ کي.

 

(5)

پُڇَ پَتَنگنِ کي، سَندِيَون کامَڻَ خَبرونَ،

آڻِيو وِجهَنِ آڳِ ۾، جِيءُ پنهنجو جي،

جيري جَنهِين جي، لَڳا نيزا نِيهَن جا.

 

(6)

پَري پَتَنگ آئيا، سِري وَٽِ ساهي،

اَچي پيا آڳ ۾، ڪُڏي سڀِ ڪاهي،

لاڳاپا لاهي، کاڻان کوري وِچَ ۾.

 

(7)

پُري پَتنگَ آئِيا، سِري سَهائي جَهلَ،

ڪندا ڪَنڌَ اُڇلَ، مٿو ڏيندا مَچَ کي.

 

(8)

پري پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙي،

وِيندا تان ته ڦِري، مٿو ڏيندا مَچَ کي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com