سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر ڪارايل

صفحو :27

 

 

 

 

 

سُر ڪارايل

 

داستان پهريون

 

(1)

وَحدَهُ وائِي، چَڙهندي چَيائِين،

سو لُڙُ لَنگهِيائِين، جِتي پارُک پَکيان.

 

(2)

ٻَگهن سين ٻاڻُ هَڻِي، اُڏاڻو آڪاس،

جِتي پِرِين سَنداس، سو سَرُ مَڻي هَنجهڙو.

 

(3)

اَکڙيُون اوڙاههَ ۾، اڀو تَڪي تار،

پِٿُون جي پاتار، هَنجههُ تَنِهين جو هيرئُون.

 

(4)

پِٿُن لئي پاتارَ ۾، وَڃِي نَه پيهِي،

ڪَنڌيءَ ۾ ڪيهِي، حاج تُنهنجِي هَنجهَڙا.

 

(5)

اونهُون جِتِ اوڙاههُ، هَنجههُ تَتِهِين هوءِ،

اِي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇَرِ ۾ ڇيروُن ڪَري.

 

(6)

ٿِيو حُضوري هاڻ، سوجها پِيَسِ سَرَ جِي،

کُنڊي لَڌي کاڻ، پَکِيڙي پاتار ۾.

 

(7)

اَڇو پاڻي لُڙُ ٿِيو، ڪارو ڪيو ڪَنگن،

اِيندا لَڄ مرن، تِنهن سَرَ مَٿي هَنجهڙا.

 

(8)

ويٺو جِئَن وِماسئين، حَيرتَ پَؤ مَ هَڏِ،

لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇپائي ڇَڏ،

آئُون، آسِين ڪَنِ جِي، پاسي تَنِ مَ اَڏ،

تَنُ طالبن گڏَ، ته ويجهو ٿِئين وِصال کي.

 

(9)

ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيرتَ پَؤ مَ هور،

اونهون جو اَڇو وَهي، گهِڙي تِئان ئِي گهور،

ڏَنِيُون هَڏ مَ ڏور، گهورِيو ڪَپَ ڪسِينَ جو.

 

(10)

ويٺو جِئن وِماسئين، حيرتَ پَئو مَ هاڻ،

لَلَنِ کي لَطِيفُ چَئي، اَڇي ساڻُ آراڻ،

ڪَنگن لَٿيس ڪاڻ، گَڏِيو هَنجُهه حَبِيبَ کي.

 

(11)

پَکِي پيهي نِڱيا، مَنجهان لَتاڙِيُنِ لَک،

ڪَنهِين ماڻِڪَ ميڙيا، ڪَنهِين رُتا پَک،

پُٺِيءَ لائي لَکَ، گَڏِيو هَنجههُ حَبيبَ کي.

 

(12)

هَنجهَن سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪَري نِهارِئين،

ٻَگهَنِ ساڻ ٻِيهارَ، هُوندَ ٻيلهه نَه ٻَڌين ڪَڏِهين.

 

(13)

هارِيا هَنجهَه ٻَگهَنِ سين، ڪيهِي ٻَڌين ٻيلههَ،

ميرو مَٽائيج تون، اَڇي ڪَر اُڪيلَ،

ڪَنگڻ ساڻ ڪُويلَ، لَلي جِئن لُڙَ پِئين.

 

(14)

اَڇو پِيو آڇاههُ، تَه اَڇائِيءَ اُبهَو،

وِهَڻ وَڙُ نَه اَنهنجو، پاڻِيءَ لُڙَ لَلاههُ،

سُسَر ڏِجي ساههُ، ڪُسَر ڪَنگَنِ قَبروُن.

 

(15)

ڪُسَر ڪَنگَن قَبروُن سُسر ساڱاهيج،

هَنجهه هِتِ جِي ڳالهڙي، ٻَگهَنِ مَ ٻوليج،

ماڻي تُون مَريج، چَئج مَ ڪَنهِين چُهنج سين.

 

(16)

سَرُ سُڪي سالَ ٿِيا، هَنجهه هَرِيوئِي پيرُ،

ڪَنگ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمز کي.

 

(17)

آءُ اُڏامِي هَنجهڙا، سَرَ ۾ سارِينَئِي،

مَتان مارِينَئِي، پاڙهيڙي پَهُه ڪَري.

 

(18)

سَرُ ۾ پَکِي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاه،

سَنديءَ آسَ الله، لُڏي لَهرِينَ وِچَ ۾.

 

(19)

هَنجههَ مِڙيئي هَنجهَه، ميرو مَجهِنِ ناهِ ڪو،

موتِي جي مِهراڻَ جا، سي پُورا چُڻج پَنجَ،

اَڄ ڪِ صُباح سَنجهه، ڍَٻِيءَ ۾ ڍيري ٿِئين.

 

(20)

پَکِي پَسِي آئِيا، دلبو مَنجههِ دَرِياهه،

ويچارا ويساهه، آڻي اُتِ آڙائيا.

 

(21)

جئن قَطَرُ چڻيو ڪُڙهه ڀَرئين، ٻول ٻَجهندين هَنجهه،

اَڄُ ڪِي صُباحَ سَنجهه، ٿو ڍَٻِيءَ ۾ ڍيري ٿِئين.

 

(22)

پَکِي جنهن پڄائيا، تِنهن ۾ ساه نَه ماهه،

مَنجهِه ڪَرنگهُر ڪاٺ جو، مَٿي پَکن گاهه،

ويچارن ويساهه، مَٿي پَکَنِ آئيو.

 

(23)

ڪَونرَ پاڙوُن پاتارَ ۾، ڀَنورُ ڀِري آڪاس،

ٻِنهِين سَندي ڳالهڙي، رازق آندي راسِ،

تنهن عِشق کي شاباس، جنهن مَحبَتِي ميڙِيا.

 

(24)

ڪَونرَ پاڙوُن پاتارَ ۾، ڀَونَرَ ڀِري ۾ سُڃَ،

ٻِنَهِين سَندي ڳالهڙي، عِشق اِي اُهڃَ،

توءِ نه لَهِين اُڃَ، جي پِيو پين پاڻ ۾.

 

(25)

ڪَنڌِيُنِ ۾ ڪوهُ ڪَرِئين، گَسُنِ ۾ مَ گُذار،

وَڃِي وَحَدتَ ويءَ ۾،گهُتُون ڇَڏي گهار،

شَرِيعُت جو سَرُ لَهِي، تَنُ تِنائِين تار،

حَقِيقتَ هَنجهَن سين، طَرِيقَتَ تَنوار،

مَنجهائِين مَعرفَتَ سين، اَندَرُ تُون اُجار،

هِدايَتَ جي هوءِ ۾، چُڻِيو تُون چُونگار،

ته پاڙهيري اِنَ پار، ڪونَه ڏِسين تون ڪَڏِهين.

 

(26)

جيهَرَ لوڪُ جهَپَ ڪَري، اوهير اُڏلَنِ،

پٿون جي پاتارَ جون، چيتارِيو چُڻُنِ،

ڪوههُ ڪُندا کي تَنِ، پاڙهيري پَههُ ڪَري.

 

(27)

ماڻِڪَ چُوڻو جَنِ جو، هَنجههَ حُضُوري سي،

ڇِلُرَ ۾ چَهنبَ هَڻِي، مَڃِي کِين نَه اي،

لوڪ نه لَکِيا تي، جيلانهن ڀُڻن ٻَگهن گَڏيا.

 

(28)

لَلي لَنئِي راتِ، سَرَ ۾ ڪيو سوجهرو،

ٻَگها ٻاتاڙا ٿِيا، وائِي ڪَنِ نَه واتِ،

جُنگَنِ پَنهِنجي ذاتِ، نيئِي رَساڻِي روهه کي.

 

(29)

هَنجهَه مِڙِيئِي هَنجهه، ميرو مَنجهن ناه ڪو،

جِتي رَهن سَنجهه، سو سر ڪَرِين سُرهو.

 

(30)

سَرَ اُهي ئي اَڳِيان، پَکِي ٻِيا پِيا،

جَن لَمِئو لاتِيُون ڏِنيُون، سي ويچارا وِيا،

پاٽوُندَرُ پِيا، وڃِي ڪِينجهُرَ ڪَنڌِئين.

 

(31)

وِيا مورَ مَري، هَنجهُه نَه رَهيو هيڪڙو،

وَطن ٿِيو وَري، ڪُوڙَنِ ڪانئيرَنِ جو.

 

(32)

سَرهو سَرُ وِڃائِيو، ڪُوڙَنِ ڪانئيرَنِ،

رُٺا روهه وَڃَن، ڪنهن هيڻائِيءَ کان هَنجهڙا.

 

وائي

جي مان چارائِينِ، جيڪَرُ جيڏِيُون، وو! ڪَرَهه سَندانِ چارِيان.

پيرين آئُون نَه پُڄَڻِي، ڪَرَهَل هوءِ نَه جهَلِينِ،

وو! ڪَرَه سَندانِ چارِيان.

ڳُجهِي آئُون نَه وَڃَڻِي، پَڌَرِ پِرِين نَه نِينِ،

وو! ڪَرَه سَندانِ چارِيان.

 

داستان ٻيو

 

(1)

وِياءَ واسينگَنِ جا، سَنها ڀانءِ مَ سَپَ،

جَنِين جِي جهَڙپَ، هاٿِي هَنڌائِين نَه چُري.

 

(2)

سَنها ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِين پيٽَ،

تَنِين جِيءَ جهَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿئي.

 

(3)

جن اوطاقُون آريج ۾، تَن جي وِههَ جو وَرَنُ پِيو،

پُرينَئان پَڌرو، تَن نانگن جو نِهو،

اُنِ جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِيو،

ڪلي ويل ڪِهو، جو سامُهُون ٿِئي سَپَن کي.

 

(4)

وِههُ هَٿين، وِههُ پيرين، وِهه جِن جي وات،

ڪاري ڪا جا ذات، جا مورن پُڻ مٽي ڇَڏي.

 

(5)

ڪِنهن ڪِنهن ڪاريءَ ذات کي، مور پِه مٽائِين،

جي چَتُرا چکيا ڪري، تَه وَڳ وَرائي ڏِينِ،

ساٿ سَمُورا نِينِ، جي مَٺين ڀانئي موٽيا.

 

(6)

پِهرِين ڪاري نانگ جِي، ڪو ڇِرِڪيل ڇيڙ ڪري،

جي هَڻِي ڏَنگُ ڏسائِيو، ته ويجهو تان نه وَري،

جيڪي ٽپ مَري، جيڪي سِڪي صحت کي.

 

(7)

واتان جَنِين وِههُ وَهي، سي آيا اوڳارِينِ،

جي آرَڻَ ٻَڌي آئِيا، تان نانگ نه نِهارِينِ،

ڏَنَيَرُ تَنِ ڏاڙِهينِ، ميل جَنِين جي مَنَ ۾.

 

(8)

کَپَرُ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌءُءِ ويرُ،

نانگ نَه وِيندين نِڪري، تو ڏَر مَٿي پيرُ،

هِيءُ تَنِين جو ڍيرُ، جَنِين جهُوناڳڙهه جَلائيو.

 

(9)

ڪارايَلَ جِي ڪوڏ، مُون ڪِينجهر سڀ نِهارِيو،

وَري واهيري نَه وَرِيا، لَلا لاکيڻِيءَ لوڏ،

هينئين جَنِ سين هوڏ، سي هَنجهَڙا سڀ هَلِي وِيا.

 

(10)

سو پَکِي، سو پِڃرو، سو سَرُ، سوئِي هَنجهه،

پيهِي جان پَروُڙِيو، مُون پانهِنجو مَنجههُ،

ڏِيلَ جِنهنجو ڏَنجههُ، سو ماري ٿو مَنجهه ڦِري.

 

وائي

ڪُوڙي راند، ڪوڙُو چَٽڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پَتو،

لَنيو جِئَن لامين چَڙهين، ڪَرِيو ڪارايَلَ ڪَٽڪو،

ڪُوڙي راند، ڪُوڙو چَٽڪو.

ڪِ تو ڪَنين نَه سُئو، شَهبازَ جو سٽڪو،

ڪُوڙي راند، ڪُوڙو چَٽڪو.

 

لَنيو جِئَن لامين چَڙهين، ڪَرِيو ڪارايَلَ ڪَٽڪو،

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com