سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر سريراڳ

صفحو :13

 

 

 

 

سُر سريراڳ

 

داستان پهريون

 

(1)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين چِتان لاههِ مَ چُرَ،

اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ، ته خالِي مَ ٿِيين.

 

(2)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاههِ،

پِرِيَنِ اڳِيان پاءِ، پَلؤ مَڱَڻَهارَ جِئن.

 

(3)

مانَ پُڇنِئِي سُپِرِين، چيتاريج چِتُ،

دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسين وِلاتُنِ وِتُ،

نيههَ نيکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏ مُعلِمَ سين.

 

(4)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرين، چِتَ ۾ رَکِجَ چيتُ،

سِينو ڌوئِي صافُ ڪَرِ، صابُڻَ ساڻَ سُپيت،

سامُونڊِي سُچيتُ، ٿيءُ ته پَهُچين پارَ کي.

 

(5)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ مَ چيتاريجِ،

ڪَڍِج ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيج،

وَڻِجُ وِهائيج، سَڀُ سوداگَرَ سَچَ جو.

 

(6)

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاههِ مَ چورُ،

ڪَڍِي ڇَڏِ تُون قلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ،

هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مَٿان تو مَعاف ٿِئي.

 

(7)

ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَه وَڻِجِيا،

سِيهي جو سَيدُ چَئي، وَکَر وِهايومِ،

هِهَڙو حالُ سَندومِ، توهَ تُنهِنجي اُبَهان.

 

(8)

ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳُمِ عهدَ اَللهَ جا،

پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائِين چُورُ،

معلومُ اَٿيئِي مَذڪُورُ، ڳُوڙها، اِنهيءَ ڳالهه جو.

 

(9)

ڪُوڙ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، اُٿِي اورِ اللهَ سين،

ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،

مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارج مَچَ،

اِنَ پَرِ اُٿي اَچُ، ته سودو ٿِيئيِ سَڦَرو.

 

(10)

سودو جو سَڦَرو، سو مون پَلَئَي پاءِ،

وَسُ ويچاريءَ ناههِ ڪو، تون آگا! عَرضُ اَگهاءِ،

ريءَ همراهيءَ هاديءَ جي، مُورِ نه ٿِئي ڪِي ماءِ،

لُطفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لاهُرو لَهرِنِ وِچَ مان.

 

(11)

لُڙ، لَهرِيُون، لَسَ، ليٽَ؛ جتي اَنتُ نه آبُ جو،

اَللهَ! اُتَ مَ اوليين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،

جوکو ٿِئي مَ جهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ،

لڳي ڪا مَ لپيٽَ، هِنَ غارِيبِي غُرابَ کي.

 

(12)

سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجُ،

ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ڀَري جُنگ جَهاجَ،

حاصُل ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.

 

(13)

سِڙههَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،

ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ،

جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکين ٻاجهَه سين.

 

(14)

مَنجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ پِڪَ،

وَکَرُ هَڻِي وُنڪ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِيو.

 

(15)

مَنجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بوندَ،

سيئي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِين وِڃائِيو.

 

(16)

وِهائِيندَڙ ويسَرا، وَکَرُ ڍيرئون ڍيرَ،

ڪَنِين وِهائي وَسُ ڪيو، وَکَرُ وڏيءَ ويرَ،

ڪَنِين گهُمندي سِيرُ، وَکَرُ وِڪامِي ويو.

 

وائي

سهسين شُڪرانا، ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

حَمدَ چَئج حَڪِيمَ کي، جورِ هَڻِي جانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تو ڏيکاري تو ڌِڻي، باطِنَ جا بانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

مَتان مَرد! وِساريين، صاحِبَ جِي ثَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

دوستُ رَکِي دِل ۾، پَڙهه لالَنُ لِسانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

جَفا ڏيئي جيءَ کي، ٿِي فِڪرَ مَنجههِ فَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تُسِي تو سين توههُ ڪَري، مَنَ آگو اِحسانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانهپَ سين ٻانها،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

صاحِب وَڻي سَچَ سين، ٿيءُ دانَہُ ديوانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

جي تَسليمَ سين تحقيقَ هُئا، سي ڪِئَن آمانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

جاڳِيا جي جَبارَ لَئي، سيئِي سَمانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

فَاذکُرُونِي اَذکُر کُم، ڪَهيو قُرآنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

واشکُرُوالِي وَلاَ تَڪفُرُونِ، ڪَڍ تو ڪُفرانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

سَڀِ سَنوارِيا سُپِرِين، ڪُوَلَ تو ڪَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

چَڱِي چَئجِ چاههَ سين، مَدحَ اِيءَ مَنا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، جوشان، جُوانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

تَه لَهين تُون لَطِيف کان، اَمنُ اِيمانا،

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

 

وائي

 

(2)

مون ۾ تون موجود! آءٌ ڳاهِين آهِيان!

آءٌ آ سونِهين آهِيان!

اَکِيُون اَکَڙِينِ کي، سِڪيو ڪَنِ سُجُودُ،

آءٌ آڳاهِين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!

تيلانهن رَسِيُون بُودَ کي، جيلانهن ٿِيُون نابُودَ،

آءٌ آڳاهين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!

ماڙُهِن جي موٽَڻَ جو، صاحِبَ هَٿِ سُجُودُ،

آءٌ آڳاهين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!

اِنَ دَرَ سيئي اَگهيا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،

آءٌ آڳاهين آهِيان!

آءٌ اَسُونهِين آهِيان!

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

جيڪي مَنجهِه جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳِي تُنهِنجي،

لَطفَ جِي لَطيفُ چئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَ،

عَدَلَ ڇُٽان آن نَه، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.

 

(2)

ساري راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،

اُن جِيءَ عَبداللطيفُ چَئي، مِٽيءَ لَڌو مانُ،

ڪوڙِيين ڪَنِ سَلامُ، اچيِو آڳَہِ اُن جي.

 

(3)

سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جَال،

سَئين سُپڄُن سَمُنڊَ ۾، ماڻڪَ، موتي، لالَ؛

جي ماسو مِليئِي مالَ، ته پُوڄارا پُرِ ٿئين.

 

(4)

سي پُوڄارا پُر ٿِيا، سَمُنڊُ سيوِيو جَنِ،

آندائون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواهَرِنِ،

لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لالُون مان لَهرِنِ،

ڪانهي قِيمَتَ تَنِ، مُلُ مَهانگو اُنِ جو.

 

(5)

سيوئو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تَنِ سين،

توبَههَ جي تاثِيرَ سين، تَري وِيا طُوفانُ،

ڏيئي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرُ لَنگهِيا آسانُ،

ڪامِلُ ڪِشتِيانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واهَرُو.

 

(6)

ساري راتِ سُڄاڻَ، سَودو ڪَنِ صاحِبَ سين،

ٻانهپَ ڀَري ٻيڙيُون، هَلِيا جوپَ جُوانَ،

پاڻِي پَهلِوانَ، لَحظي مَنجهِه لَنگهي وِيا.

 

(7)

ٻانهپَ جو ٻيڙِيَنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،

موتِي مَعَرفَتَ جا، سَچا سودِيائون،

اَلتَائِبُ مِنَ الذّنبِ، ايءَ کَٽِ کُٽِيائُون،

اُنين جِيءَ آئُون، بَرڪتَ بارُ لَنگهائِيان.

 

(8)

جَنِين سَودي، سَچَ جو، وَکَرَ وِهايو،

بَخِرو لَهُمُ البُشريٰ جو، اُنهين لَئي آيو،

اُنِ کي لالَنَ لَنگهايو، ساندارو سَمُونڊَ جو.

 

(9)

اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، جِئن سَمُنڊُ سوجهِيائُون،

پيهي منجههِ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون،

آڻي ڏِنائُون، موتِي لالَ هَٿَنَ سين.

 

(10)

اَڇارا عَميقَ جا، گَڏِيا غَواصَنِ،

جهَرِيُون جهاڳي آڻِيا، ڪاروُنڀار ڪُنَنِ،

سَمُنڊَ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اوليا.

 

(11)

وِيا جي عَميقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،

تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍيُون، پاتاران پيهِي،

پَسندا سيئِي، اَمُلهَه آکَڙِيَنِ سين.

 

(12)

آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنهِنجي موجَ نه سَهي مَڪُڙِي،

ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحدِ چاڙهِيُم بارُ،

چَوَڻَ چارو ناههِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ،

ڪَپَرُ ڪاروُنڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.

 

(13)

وير مَ لاهي ويههُ، مٿي آرَ اوڙاههَ جي،

پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِج آنديشو ايههُ،

وِيندو نه پَسين ڏيههُ، پَتَڻِ هُنَ پارِ مَڻي؟

 

(14)

اَٺئِي پَهَرَ اوڙاههَ  تي، مَنجههِ گُهرءِ گهاري،

وَسُ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندي مَڪُڙي.

(15)

هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،

دَنگي هِنَ درياهه مان، هَلائي هاڪاري،

تَرازُو تاري، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.

 

(16)

هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽي صاحِبُ،

ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَب،

اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِئَن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.

 

(17)

هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي جا ڪَري اللهُ،

پاڻهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻهين اُڪاري اوڙاههُ،

تنهن واحدَ کي واههُ، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪري.

 

(18)

هِڪِي ٻانهي مَنِ ۾، ٻِي جا الله ڪري،

پاڻهين وجهي ڪُن ۾، پاڻهين ڪنڌيءَ تي،

سُتَڙ سي ڍوئي، جي تَڙ توائي مَڪُڙ!

 

(19)

هِڪي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي ڪري جوڙَ جَبارُ،

ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِيءَ آگي جو آڌارُ،

جهازُ جوهَرِينِ جو، تنهن کي ڀَؤ نه ڏي ڀَتارُ،

نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀِ پَسندا پارُ،

جيڏانهن مُنهن مَديني جو، سُڄي مُحَمّدُ موچارُ،

سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀيئي ڪري.

 

وائي

ڪنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمُن اَمانَ!

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناهِ ڪو، اَپر ٿِيا عِصيانَ،

يا الاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

خَبَرَ ناههِ قَبَرَ جي، نِسورا نِسيانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

والِي! رَسِج وَهِلو، اَرکِ ٿِيا اِنِسانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين! نَعَرو، نِگهبانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

مَدِيُون پَسِي مُنهنجِيُون، شَرِمايا شيطانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

هِنَ مُنهنجي حالَ تي، هَئي هَئي ڪَنِ حَيوانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

سائِين! سُکاڻِي آهِيين، سامُونڊيءَ سُبحانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

تُرَهو ڇِنُمِ تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

ٻيلي جو ٻُڏَنِ جو، مون تي موٽي مانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

ويٺو پِني پِنڻو، ڪَرِ ڀيرو مٿي ڀانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

خالِقَ تان خُوبُ ڪِيا، گولَنِ جا گُذرانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

آئُون پُڻُ آنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

سَڀِ سُوالِي سَمَکِئا، داتا ڏيئِي دانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

وِلها سَڀ وَنَهِيان ڪِيا، تُنهنجي جُودَ، جُوانَ!

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

متان مُون کي ڇَڏيِين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

وِيرُ وَسِيلو آهيين، داڙوُ ۾ دِيوانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهن کي، خِيمُون اَڏِيو خانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

اُتي عَبداللـطِيفُ چَئِي، سُڻِج ڪا سُلطانَ،

يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.

 

 

داستان ٽيون

 

(1)

ٻيڙي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو،

تَري ۾ تُنَ پِيا، پاسنِئُون پاڻِي،

هي، هَڏ وِهاڻِي، ڪَڙهُ ڪالهُوڻي ڏِينهَن کي.

 

(2)

تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي،

کُوهو جهُر جهُنو ٿِيو، لاڄُو سَڀِ لَڙياسِ،

جيلان سَڌَرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وَههُ سامُهُون.

 

(3)

ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مُکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙي،

سَنباهي سَيّدُ چَئي، مَٿي نيڍوُءَ نِينسِ،

وَٽائي وڏَاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ،

آخَرِ اُهِرائِينسِ، تَه جوکو ٿِئي نَه جَهازَ کي.

 

(4)

تُنَ تُنِيندو آءٌ، مَکِ ڏِيهاڻي مَڪُڙي،

سانباهي سَمُونڊَ جي، مَنا مُورِ مَ لاه،

اَڄُ ڪِ سَنجهِه صُباح، اُهِرَندي اَتانگَ تَڙين.

 

(5)

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَنڌ پَنهِنجو ترهو،

اونهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏِيندُءِ ڪو ٻِيو.

 

(6)

وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئِي پُراڻُون نَه ٿِئي،

ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِئي نَه ضاءِ،

سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳُہِ جِنهن جي اُبهَين.

 

(7)

وَٺِي وِجههُ وَکَرَ جا، دَنگِي ۾ داڻا،

وِيرِ وِڙَهندِيَئِي، ويسَرا، وِهُ مَ، ويڳاڻا!

هِيءَ نِنڊَ، نَه ڄاڻان، ڪَڏِهن هَڻَندِيئِي تارَ ۾.

 

(8)

وَڻِجارا، ويٺي، تو نَه سَرَندي شاهَ ري،

مَکِ پَنهنجِي مَڪُڙي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،

پاسا پَاکَڙِيَنِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،

جي لُنڊا ۾ ليکي، وِير وِڙهندي تَنِ سين.

 

(9)

وَهَ تِکَ وَهَڪُرا، جيت نَنگَرَ نَه ٺُهِرَنِ،

وَڏاندَريُون وَهَ سامُهِيُون، جَجهي زورِ جُنبَنِ،

نيڍُوءَ ۾ ناتاريُون، وڻِجارا وِجَهنِ،

مُلا مُعلِمَنِ، مُون ڳَري سُئِي ڳالهَڙي.

 

(10)

جُتو وانءُ، جَهازَ، گَڏِيو غُرابنَ سين،

پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِج سازَ،

اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُونڊَ جا.

 

(11)

کُوها ڪالههَ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرِ آسَرِي،

آلا! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي آڻِي،

وَڻِجارَن وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِيين.

 

(12)

ٻيڙي تُنهِنجِي ٻاجههَ، وَکَرُ تِنهن وِصالَ جو،

کُوها، اولا، تو ڪِيا، سَڀِ سُونهارا ساجَ،

اُتِ ڪا مُعلِمَنِ حاجَ، جِتِ پُورَڻَ وارو پاڻِهينِ.

 

(13)

جَرَ ۾ ڦوٽو جِئن، لَهرِيُون لَڳَندي اَڌ ٿِئي،

تُون پُڻِ آهِين تِئن، دُنِيا ۾ ڪو ڏِينهڙو.

 

 

وائي

ساٿِيَنِ نَندا بارَ، وو! تَنِ پانڌِيَنِ نَندا بارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

پاتا پاڙيواريين، پَڳَههَ مَنجهِه پاتارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

پَتَڻَ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي تُهِجَڙي وارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين، کِيو منجهه خُمارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڪِ تو ڪَنين نَه سُئِي، هَلَڻَ جِي هاڪارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

تائِبَ ٿيو تڪڙا، سَچِي ايءَ سَنڀارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

نِنڊَ نه ڪَجي ايتَري، سُڻِجِ، اَدا يارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

سائِينءَ مُڪُئِي سَچَ کي، تون ڪوڙو مَنجهِه قَطارِ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

گهِڙان ٿِي ريءَ گهَڙي، اِلاهي تُهارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ، سَتارَ!

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڪُلُّ نَفِسِ ذَائِقَةُ المَوتِ، پَڙهو اِيءَ پَچارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجههِ شِڪارَ!

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

يَومَ يَفِرُّ المَرَءُ مِن اَخِيہِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون، اوسارَ.

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

لَکَ مِڙيئي لُٽيا، هُنهِين ويا هَزارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

ڏِنَئِي جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿيين پَرِيين پارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِي تُنهنجي دارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جِيئو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌي اِي آچار،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

وَٽيئِي ڪِينُ وِلِهَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

سا ڪِئن هَلي توسين، جا ڀَڳِي کان ڀَتار؟

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جِئن جالُ نَه نِبَهي، سُڻجِ، اِي سَنڀارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِنِ جِي ڀُلِڪارَ،

توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.

 

 

داستان چوٿون

 

(1)

مُون ٿي چَيَئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙي،

سِڙه پُراڻا پاندَ، لَهِريُون سَهِي لَڳَندِيُون.

 

(2)

اَڳَهِين اُتومانءِ، ته مَک پَنهنجِي مَڪُڙي،

ڀورا شَڪُ مَ ڀانءِ، لَهِريون سَهِي لَڳَنديون.

 

(3)

اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرَ سوءِ ڪَنَنِ سين،

سُتي لوڪ، لَطِيفُ چَئي، يادِ نَه ذرو ڪِئوءِ،

غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهه تي آندوءِ،

سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکين، جو پِيو پُراڻُون پوءِ،

جَهازُ ضَعِيفَنِ جو، پاڻِي ۾ پَرِتوءِ،

سَيّدَ! ساٿُ سَندوءِ، پُرِ بَندَرَ پَهُچائِيين.

 

(4)

پاڻَ پَرائو چاڙِهيو؛ وَکَرُ وَڻِجارا،

اَچِي لَهِريُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻِپارا،

جاڳو جي يارا، تَه تَڙِ تَوائي نه ٿِئي.

 

(5)

لَهرِيَنِ لِيکو ناههِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،

اَڇارا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،

اُٿي اَسارا، وِيرِ وِيڙهَنديئي ويسَرا.

 

(6)

وِيرِ وِڙهندِيئِي ويسَرا، اُٿِي توههُ طلَبَ،

سائِرَ ڪنهن سَبَبِ، ڪالَهه نَه وِڌئِي ڪُنَ ۾.

 

(7)

ڪالَهه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ،

تُنهِنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيَنِ ۾.

 

(8)

آهي آرَ اَکِينِ ۾، ناکُئا ڪِج نِگاههَ،

وڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئي ساههَ،

مُلاحِظو ملاحَ، ڪِجِ ڪو اِنهَي ڪُنَ جو.

 

(9)

دَنگِي وِچِ دَرِياههَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي،

هو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَنَ سَڀِ سَڙِيا،

مُعلَمِ ماڳ نَه اَڳِيين، ڦلِنگِي مَنجهِه ڦِرِيا،

مَلاحَ، تُنهِنجِي مَڪُڙي، اَچِي چورَ چَڙهِيا،

جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تاري تُنهِنجِي.

 

(10)

ٻيڙياتا ٻيئِي، تو نَه ڦَٻَندِيُون ڳالَهڙِيُون،

سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي،

صُباحَ سَڀيئي، پارِ پُڇَنَدَءِ خَبَروُن.

 

(11)

بَندَرِ جان ڀَئِي، تَه سُکاڻِيا، مَ سُمَهو،

ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي مَنجههِ مَهي،

ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَ نه ڪِجي، ناکُئا.

 

(12)

سَندي مُعلَمِ آسري، سُتا سَڀِ پَئي،

اَئِين پُڻِ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناههِ ڀَئِي،

جَنِ جي لائِقَ لَڄَ رَکِي، سي سَڀِ لَنگهِيندا لَڪِيُون.

 

(13)

اوريائِين آڻِينِ، ميڙيو مُعلمَ خَبَرون،

سا تان سُڌِ نه ڏِين، جِتي وَهُ ويڌَ ڪَري.

 

(14)

ناکُئو نِگَهبَانُ، مُعلِمَ مُنجي خَبَروُن،

جَنِ ساري کَنيو سَمُونڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ،

لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تَنِ لَنگِهيو طُوفانُ،

سَنڀاري سُبحانُ، وڃِي عادَنئُون اُکَتا.

 

(15)

مُلاحِظو مِهراڻَ جو، مُور مَ لاههِ مَناءُ،

سامُونڊي سَنڀال ڪِي، سُمهَڻَ آيئِي ساءُ،

جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.

 

(16)

تاري وانءَ ترازَ کي مَنجهان موجَ ملاحَ،

داهُون ڪَنِ دَرِيَاهه جِيُون، اُونهي جا آگاههَ،

سُونهَنِ جي صَلاح، وَٺُ تَه وِيرِ لَنگهي وڃَين.

 

(17)

سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، هِنَ ديواني دَرِياهَ جِيُون،

ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،

عِجِزَ جو اَڌ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِين،

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنَهِين سِيرَ مان.

 

(18)

تُون ويسَرو وِيرَ، ساٿِينِ سَنڀَتِ پَنڌَ جي،

جوڙي جُنگَ جهازَ کي، ڪوڏِ هَڻائجِ ڪِيرَ،

وِهي وَڻجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانهنَ بَهيرَ،

گهَرِ تَنِين جي کِيرَ، جَني لاڳيدارَ لَنگهائِيا.

 

(19)

قَرڦُلَ، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيٺَ پاتائُون،

ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُن،

لاڄُنِ مَنجههِ، لَطِيفُ چَئي، ٻيڙا ٻَڌائون،

نَذَر نَبِي ڄامَ جو، چَڙهندي چَيائون،

جي ڇُهي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجههَ سين.

 

(20)

وِچِين جان ويهي، جَرِ پَلَئو پائِيان،

تَڙِ ٻيڙا، گهُر سُپِرينِ، اوسَہِ اِي پيئِي،

جِئنَ وَڻجارو سين وَکرين، سَرَها سَڀِيئِي،

حرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جِي، سُونگِئا نه سيئي،

پاڻهي اُوءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائو آئيا.

 

وائي

عُمرِ سَڀِ عَبَثُ، ويلَ وِڃايم، وقت وڃايَم پانهِنجا.

ويٺي لِکِيو لوڙِيان، جيڪين ڪِئڙو مَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

اَچِي اَڀاڳِيَني کي رَسِجِ، اَچِي رَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

حالُ مُنهِنجو هِهَڙو جِهَڙو، تان تُون پِرِيمَ پَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

قَلبُ جو ڪارو ٿيو، ڪاتِبَ لاهيين ڪَسُ،

ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.

 

 

داستان پنجون

 

(1)

سَڀيئِي سَئِينءَ ڪَريِن، ڪو مَ مُنجهايين واٽ،

سَهکِي ڪِجِ سَچا ڌَڻِي، سُڄي جا صِراط،

سُپيرِيان جي ساٿ، لائو لَڱو ميڙِيين.

 

(2)

سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالِي ڪَمَ،

ٿِيءُ تحقيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ،

قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصُلُ ڪَري حاجَ تو.

 

(3)

چَڱَنِ ساڻُ چَڱائِيُون، اِينءَ سَڀُڪو هوءِ،

تو جِئن ڪَري نَه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيُون.

 

(4)

چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيُون مَٺَنِ،

جو وَڙ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئي ڪَنِ.

 

(5)

مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ،

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين.

 

(6)

وِتُ وِيمي جو جي لَهين، ته ٻي ڪارِ نه ڪَرِيين ڪا،

سا پَرُوڙِج ڳالهَڙي، وَڻِجارَنِ وَٽا،

موتِي جَنِ هَٿا، آندَئِي گهَڻي اَدَبَ سين.

 

(7)

اَمُلههَ آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِنِ مَٺِ،

جِتي گَڏِ جِيئي جوهَري، ماڻِڪُ تتِّهِين مَٽِ،

جَنِين سونَ سين سَٽِ، تَنِ هَڻي ري رَدِ ڪِيو.

 

(8)

سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاههِ مَ لَڏِ،

سودو سوئِي ڇَڏِ، جِنهن ۾ جَواهِرُ ناههِ ڪو.

 

(9)

سونا! وانءُ صَرافُ سِينءَ، لَڏو هَڏِ مَ لاههِ،

آهي تَنِ اُونداههِ، جَنِ جَواهِرَ ضايَع ڪِيا.

 

(10)

جو صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پُڻِ لَڏِجِ، سونَ!

قَدُرُ لَهَندُءِ ڪونَ، نيِئي گَڏِيندَئِي گَڏوءِ سين.

 

(11)

وَڃَنِ مَ وِينجهارَ! پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا،

ڪَنيرُ پايو اَکِيين، لَهَنِ سَڀَڪِنهن سارَ،

موتِيءَ جي مزاجَ جو، قَدرُ مَنجههِ ڪِنارَ،

صَرافِنَئوُن ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!

 

(12)

جي نه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وِههُ مَ تَنِين وَٽِ،

اَمُلهَه کي اَڌُ ڪَري، پاڻا هَڻَندا پَٽِ،

وَڃِي مُهرَ تَنِين وَٽِ مَٽِ، جي پارَکُو پارِسَ جا.

 

(13)

قَدَرَ وارا ڪَم ٿِيا، کُٽا خَرِيدارَ،

پاڻِيَٺ جي پَرَکڻا، وِيا سي وِينجهارَ،

عَينَڪَ پائي اَکيين، لَهَنِ سَڀَ ڪَنهن سارَ،

صَرافَنِئُون ڌار، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!

 

(14)

اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!

پَلَؤ پايو سَچُ، اَڇِيندي لَڄَ مَران!

 

(15)

ويا سي وِينجهارَ! هِيرو لَعلُ وِنڌينِ جي،

تَنِين سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نَه سارَ،

ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنهِين ڀيڻِيين.

 

(16)

ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهري،

ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وِٺي وَٽِ تَنِ،

سَندُسِ ئي سَيّدَ چَئي، ڪِهڙو قَدُرُ ڪَنِ،

پاڻِيٺ ئِي پَرکِنِ، ڪِ ڪَئنِچَلُ گُڏِن ڪَچَ سين؟

 

(17)

اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري! ڀَڳُئِي جِتِ،

ڪُہ نه رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.

 

(18)

اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري! ڀَڳَئِي جِيئَن،

وانءُ صَرافَنِ سِيئن، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.

 

(19)

اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري ڀَڳَئِي جان،

ٻَئِي اَڌَ هَٿَ ڪَري، سِري صَرافَن وانءُ،

ته سو تنهين تان، سَڄو ڪَرايين سيگهه ۾.


(20)

ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيتِيءَ ۾ پَرِزا ٿِيو!

سَڄو تان سَيّدَ چُئي، لَهي لَکُ سوا،

ڀَڳي پُڄاڻان، پَدَمانُ ئِي پَري ٿِيو!

 

(21)

جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،

سَنئُون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباهِيو.

 

(22)

چورُ اُڀو اِيئن چوءِ، ته آءٌ اُهوئِي آهِيان،

جي آسِي اَکِينِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونَه لَهي.

 

(23)

چوري پَهتُ ڳُجهه سين، پَڌَرِ ناههِ اَرَٿُ،

پوءِ لِڪائِج وَٿُ، پِهرِين لِڪائي پاڻَ کي.

 

(24)

جهَنگُ کامِي پَٽُ ٿِيو، لَٿِي چوران لِڪَ،

ويئِي وِجُودان نِڪري، جيڪا دَڙي دِڪَ،

هيڪُ سَڄَڻُ ٻِي سِڪَ، ٻَئِي پُهتا پاڻَ ۾.

 

 

وائي

جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻَ پَرنجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻَ پَرنجي.

هَلندي حَبيبَنِ ڏي، ويلو وِچَ نه ڪجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

مَٿا اُهِس اُسِري، پَتنگَ جئن پَئجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

ڪري نِيازُ نِڪَڻُون، واحِدَ ڏي وَرِجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

آهي موتُ مِڙِنِ تي، گوڙِيُون ڪيِو گَجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

اَجَلُ اِيندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سُڄي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

اَڳيان اُونداهِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

کَڻُ تون قُوتُ قَبَرَ جو، گَهڻو ٿو گهُرجي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

آگو عيبَ آنهجا، ڍَڪِيا ڳُجههَ ٻُجهي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمُجهي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

اَمُنُ آهي اُن کي، جو مَنجهِه اَللهَ اَجهي،

جاڳو جوشان، جيڏِيُون!

 

 

داستان ڇهون

 

(1)

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهِنجو تُرَهو،

اونهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏِيندُءِ ڪو ٻيو.

 

(2)

تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واهُڙ،

هَئي، ٻَرِ! اَتارُنِ، جِئن ڳَرا مَٿِنِ مولهيا.

 

(3)

ڏوري لُههُ ڏاتارُ، جِمَ وِهين ويسَرو،

هَڪِئو هوجِ هُشيارُ، کِوَڻِ کِوَندَئِي اوچِتِي.

 

(4)

سُتين ڪهڙيءَ سارَ، وِڄ کِوَندِيئِي ويسَرا،

تو جيڏا تو يارَ، لهَرِيَنِ لَهوارا ڪيا.

 

(5)

سُتين سَنجهيِئي، وِڄَ کِوَندِيَئِي ويسَرا،

وِير وَري ويئِي، اَسارَنِ تان اوچِتي.

 

(6)

کِوَڻِ کِوايو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڱَ جِي،

جَنِين نه ڀَئو ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.

 

(7)

سامُونڊي ٿو سَنبَهين، ساڄو جهَلِ سُکاڻ،

لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مهِراڻ،

جَنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.

 

(8)

نُڪو سُکُ نَکَٽين، نَه ويساندِ نَئين،

جيڪا اَچئي سامُهِين، ڀايين سا سَئين،

مُوڙي ڪوههُ مَئين، جِئن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.

 

(9)

اَهکِي راههَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِي ڀَتِ،

هوءِ جي ڏِهائِي ڏيههَ جا، تَنِ پُڻِ مُنجهي مَتِ،

آڇارانِ اُبَتِ، گِهِڙِجِ گهاٽي نِينهَن سين.

 

(10)

مَ ڪِين هيج، مَ هوجِ؛ تَرِسُ مَ، تاڻِ جَهازَ کي،

چَئو ڪَلِمُون مُحَمّدَ تي، تَه اَڳِيان اَچيئِي اوجَ،

سَهُکِيءَ ڀَتِ، سَٻوجُهه، تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙي.

 

(11)

تَنَ ۾ تَراز توههَ جِي، گهَڻُون لَههُ گهوري،

اَدَب ۽ اِخلاصَ جا، سِڙههَ ٻَڌَجِ سوري،

وَکَرُ وينَتِينِ جو، تِنهنِ ۾ پاءِ توري،

تَه عادَنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائِي نَه ٿِئي.

 

(12)

ثابت لنگهيا سِيرَ، لَهرِنِ لوڏِيا ڪِينَ ڪِي،

وِڃِي پهتا پارَ کي، نِرتُون مَنجهان نِيرَ،

ماءِ پهتا مِيرَ، ٻارِ لَنگهائُون ٻاجههَ سين.

 

(13)

ويههُ تُون وِساري، ڇَنڊا جي ڇُلَڻ جا،

جو لَکَ لَهِرِيُون ڏي، ڪَرِ ساڃاههِ تِنهن سَمُونڊَ جِي.

 

(14)

سَمُنڊ جي سيوِينِ، تَنِين ماڻِڪَ ميڙِيا،

ڇِلُرَ جي چوئِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيون.

 

(15)

توڻي تَوائي، توءِ تُنهِنجو آسَروَ!

سَڄَڻَ ڳَرِ لائي، کِيروُن ڏِيندِيَسِ جيڏِين.

 

وائي

هي جي، هو جي لَڪَ، مُون مارِيندا لَڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

يا والِي، ڪيچُ نَه اوڏي ڇَڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

اَنتُ نَه ڏِجي عامّ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

پاڻَ ۾ پارِيُون ڪري، نِينهَن وهائجي نِڪَ،

مُون مارِيندا لَڪَ.

 سَهُکِيءَ ڀَتِ، سَٻوجُهه، تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com